آءٌ اهو اسرار
ڪو زمانو هو جو ماڻهو اوطاقن ۾ گڏ ٿي پنهنجن
انفرادي توڙي اجتماعي احساسن ۽ آدرشن، اهنجن،
عذابن، ۽ خوابن جي اظهار لاءِ گيت ۽ داستان تخليق
ڪندا هئا يا وري اڳ ئي تخليق ٿيل گيت ڳائيندا ۽
داستان دهرائيندا هئا. انهن اڳ چيل گيتن ۽ داستانن
جا تخليقڪار ڪير هئا. ان جي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي،
پر جن گيت ڳايا، ٻڌايا ۽ جن ٻڌا اهي پاڻ ئي انهن
گيتن ۽ داستانن جا تخليقڪار هئا، انڪري ئي مان
لوڪ ادب کي ماڻهن جي اجتماعي احساساتي آپ
بيتي چوندو آهيان. پر
پوءِ
زمانو بدليو، وقت سُسڻ
شروع ڪيو، اظهار جا نت نوان وسيلا ايجاد ٿيا ۽ لوڪ
داستان جا اهي ڪردار، جن سان گڏ ماڻهو جيئندا ۽
مرندا هئا، ادبي آثارِ
قديمه ٿي ويا. لوڪ داستانن جي انهن ممي بڻجي ويل (mumified) ڪردارن ۽ ويساهه ۾ نه ايندڙ واقعن جو نئين دور جي سماجي
حقيقتن سان ڪو تعلق نه رهيو. اسان کي شايد مومل ۽
مارئي ياد به نه رهن ها جيڪڏهن اسان جا ڪلاسيقي
شاعر انهن کي اظهار جو وسيلو نه بڻائن ها. ڏٺو وڃي ته لوڪ داستان، ديومالائون ۽
ڏند ڪٿائون ماضيءَ جي ماڻهن جي احساسن ۽ آدرشن جي
تاريخ هونديون آهن. عام تاريخ ماضيءَ جي بادشاهن
جي جنگي ڪارنامن، فتحن ۽ شڪستن جو داستان هوندي
آهي، جڏهن ته لوڪ داستان پنهنجي پنهنجي دور ۾ جيئڻ
وارن انسانن جي اخلاقي قدرن، عقيدن، روين، آدرشن،
مادي ۽ روحاني اُمنگن
۽ سماجي جوڙجڪ جا دستاويز هوندا آهن. سوال آهي ته
ماضيءَ جي اُنهن دستاويزن جو نئين دور سان ڪهڙو
تعلق آهي. ان جو جواب اهو آهي ته، ماڻهو جنهن
گهڙيءَ ۾ جيئي ٿو. ان گهڙيءَ جو پنهنجي پاڻ ۾ الڳ
ڪو وجود ڪونهي، اها گهڙي ماضيءَ جي انهن گهڙين جو
تسلسل آهي، جن ۾ اهي داستان وجود ۾ آيا. سڀني
ساهوارن ۾ ماڻهو ئي اهڙو ساهوارو آهي ، جيڪو حال
سان گڏ ماضيءَ ۾ به جيئندو آهي ۽ جنهن جي ڪري وٽس
تاريخ آهي. ڪي تاريخدان ته اهو به مڃن ٿا ته
ماضيءَ جون تاريخي فوتون حال ۽ مستقبل ۾ پيش ايندڙ
واقعن جو سبب بڻجنديون آهن. ماضيءَ جي حوالي سان
ئي ماڻهوءَ کي وجود جو اهڙو خانه بدوش سمجهيو ويو
آهي، جيڪو پنهنجي ماضيءَ کي ڪلهن تي کڻي مستقبل
ڏانهن
سفر ڪندو ٿو رهي.
Yeats
جو
چوڻ آهي ته ڏند ڪٿائن، ديومالائن
۽ لوڪ داستانن جي واقعن کي تاريخي واقعن جهڙي ئي
اهميت آهي.
اولهه جي صنعتي تهذيب ۽ تيز رفتاريءَ ۾
جيئڻ وارن اديبن ۽ شاعرن لاءِ ڏند ڪٿائن،
ديومالائن ۽ لوڪ داستانن جا ڪردار ۽ واقعا جيئريون
حقيقتون آهن، جن جي حوالي سان هو پنهنجي دور جي
انفرادي توڙي سماجي حقيقتن جي تشريح ڪن ٿا،
يوليسيس (Ulysses)
ٽراءِ جي جنگ تان موٽندي سالن جا سال سامونڊي سفر
ڪندو يونان پهتو. ان سفر ۾ هن سان عجيب و غريب
واقعا پيش آيا. هن جي ان سفر جي حوالي سان جيمس
وائس يوليسيس
جي عنوان سان ناول لکيو ۽ پنهنجي دور جي سماجي
صورتحال ۽ ان ۾ جيئندڙ انسانن جي اهنجن، ايذائن ۽
اڪيلائن جي تشريح ڪئي. يوليسس
ناول
جا ٻه هيرو آهن ۽ نقادن جو چوڻ آهي ته
اهي
ٻه ئي
ڪردار
هومر
جي ايپڪ جي ٻن ڪرارن Ulysses
۽
Telemeters
جا متوازي ڪردار آهن ۽ جوائس پنهنجي ناول
جا واقعا به، هومر واري ايپڪ جي واقعن سان، متوازي
بيهاريا آهن.
يوليسيس جو جهاز
Aeaea
نالي
ٻيٽ تي لنگرانداز ٿيو. ٻيٽ ڏاڍو سهڻو هو. اهو ٻيٽ
Circe
نالي هڪڙي جادوگرياڻيءَ جو هو. جادوگرياڻي
پنهنجي جادوءَ سان يوليسيس جي ماڻهن کي جانور
بڻائي ڇڏيو. هن يوليسيس تي به جادو هلايو پر هو
اٽڪل ڪري پاڻ بچائي ويو. هن جي جهاز جا خلاصي
ٻاهران ته جانور بڻجي ويا پر اندران
انسان هئا ۽ جيڪي هنن سان وهيو واپرايو ٿي، اهو سڀ
ٿي محسوس ڪيائون. يوليسيس حرفت هلائي پنهنجن ماڻهن
کي جانورن مان ماڻهو ڪرايو. ان کي انساني تهذيب جي
حيواني حرص ۽ اونداهي قوتن تي فتح سمجهيو ويندو
آهي. جديد دور جي هڪڙي آمريڪي شاعر
Duane Lock
هڪڙو
نظم لکيو آهي، جنهن ۾ هن يوليسيس جي خلاصين مان
پاڻ کي هڪ خلاصي سمجهي ان جادوگرياڻيءَ کي مخاطب ٿي صنعتي تهذيب ۽
مارڪيٽ واري معيشت جنهن ثقافت کي جنم ڏنو آهي ان
جو روئڻو روئي. کيس عرض ڪيو آهي ته هوءَ وري کيس
جانور بڻائي ڇڏي جو هن تهذيب ۾ جيئڻ واري ماڻهوءَ
جي زندگيءَ کان جانور جي زندگي هزار درجا بهتر
آهي. جانور جي زندگي معصوميت ۽ گرمجوشيءَ واري
هوندي آهي. هن پابندين کان آزاد ۽ فطرت سان هم
آهنگ هوندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ انسان فطرت کان ڇڄي
جنهن تهذيب ۾ جيئي ٿو، ان ۾ بيمار ڪندڙ بوٽ، ميز ۽
ڪرسيءَ جي نوڪري جنهن جي نتيجي ۾ موڪن جي بيماري.
فاسٽ فوڊ، ڦُريون،
ويڪائو مال جهڙا جنسي لاڳاپا، موت جي آگاهي،
نيوڪليئر پلانٽس، بيچز تي گندگي، بيئر جا خالي دٻا
۽ چمڙيءَ جي رنگ کي
پڪي ڪرڻ لاءِ واريءَ تي ستل ذري گهٽ اگهاڙيون
عورتون. اها آهي اڄ جي انسان جي تهذيب ۽ ثقافت، ۽
ناقابل برداشت ڳالهه
اها
آهي ته
اهڙي
تهذيب جي باوجود ماڻهوءَ جي اها خوشفهمي ته هو
اشرف المخلوقات آهي. اي سرس، مهرباني ڪري مون کي
وري جانور بنائي ڇڏ.
زندگيءَ کي لايعني (absurd) سمجهڻ وارن دانشورن پنهنجي نظريي جي تشريح
يوناني ديومالا جي ڪردار سيسيفوس جي حوالي سان ڪئي. سيسيفوس روز صبح جو هڪڙي وڏي ڇپ کي
ڌڪيندو پهاڙ جي چوٽيءَ تائين نيندو آهي ۽ جڏهن
چوٽيءَ تي پهچائيندو آهي
ته
اها ڇپ سندس هٿن مان کسڪي پهاڙ جي پاڙ ۾
اچي ڪرندي آهي ته زندگيءَ جي سموري هڻ هڻان
سيسيفوس جي ان عمل جهڙي لايعني آهي.
اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن به سنڌي لوڪ داستانن جي ڪردارن ۽ واقعن سان
دنياوي ۽ دنيا کان ماورا حقيقتن، زندگيءَ جي ڪڙن
مٺن واقعن، فراق جي غم ۽ وصل جي طلب جهڙن احساسن
جو اظهار ڪيو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي وحدة
الوجودي سوچ جي اظهار لاءِ انهن داستانن کي بدلايو
به آهي. مثال مومل راڻو داستان جو انجام ائين ٿو
ٿئي جو مومل راڻي کان مايوس ٿي ڏاگهه تي ٿي چڙهي ۽
سسئي لاءِ ڌرتي ڦاٽي
ٿي ۽ سسئي ڌرتيءَ ۾ هلي ٿي وڃي.
پر ڀٽائيءَ جي مومل ڏاگهه تي نٿي چڙهي، هن
کي اُن راڻي جو عرفان ٿو حاصل ٿئي، جنهن جو چوڏس
چٽاڻو آهي ۽ هوءَ چئي ٿي:
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار،
منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين باغ بهار،
ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
۽ سسئي پنهنجي وجود جي وڻڪار ۾ پُڄي پنهنجي ذات جو عرفان ٿي حاصل ڪري:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سورَ هئا.
اهڙيءَ طرح ٻيجل رڳو ميراثي مڱڻو نه آهي پر هو پنهنجي لوڪ داستان واري شناخت
وڃائي هڪ نئين شناخت سان سامهون ٿو اچي ۽ سئن ٿو
هڻي ته ”انا احمد بلاميم،“ يعني مان ميم کان سواءِ
احمد آهيان:
نرتي تَندُ
نياز سين، ٻُرائي
ٻيجل،
راجا رتولن ۾، اونائي اَمُل،
راز ڪيائين راءِ سان، ڪنهن موچاريءَ مَهَل،
انا احمد بلا ميم، سين هنئين سائل،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪَلَ،
هر دوئي هيڪ ٿيا.
اياز به اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن وانگر لوڪ
داستانن جا سُرُ لکيا آهن ۽ انهن داستانن جي
ڪردارن ۽ واقعن سان پنهنجي دور جو درد بيان ڪيو
آهي. هن ڀٽائيءَ جي ذري گهٽ سڀني لوڪ داستانن جي
سُرن وارا سُر لکيا آهن ۽ جيئن ڀٽائيءَ سسئي کي
ٻين سڀني لوڪ ڪردارن کان وڌيڪ ڳايو آهي، ائين اياز
وري سڀني لوڪ ڪردارن مان ٻيجل کي وڌيڪ ڳايو آهي ۽
ٻيجل کي پنهنجي شناخت سمجهيو آهي.
اياز جو ٻيجل نه لوڪ داستان وارو ٻيجل آهي
۽ نه ڀٽائيءَ جي سُر سورٺ وارو، پر هي
ڪو ٻيو ٻيجل آهي، جنهن جي چنگ ۾ پيڙهين جي پيڙا جا
پڙلاءَ پيا ٻُرن، جنهن جي چنگ مان گهايل گهوٽ پيا
گهورن ۽ جنهن جي سُرن
۾ صديون پيون سڏڪن ۽ روز لتاڙيل لُوءِ
جون درديليون
دانهون پيون اچن:
چارڻ، تنهنجي چنگ مان ، گهورن گهائل گهوٽ،
هو جي واريا ديس تي، مڙس الا، اڻموٽ،
ڪيري ويا ڪوٽ، سورهيه سُر جي سَٽَ سان.
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، پيڙهين جا پڙلاءَ،
هن دکياري ديس جا، گهرا گوندر گهاءَ،
سارا تتيءَ تاءَ، سارا پيرين پرڪڻا.
چارڻ، تنهنجي چنگ ۾، صدين جا سڏڪا،
آڌيءَ جا اُڊڪا، نِنڊَ نهوڙيل راتڙيون،
چارڻ، تنهنجي چنگ ۾، لويون ليڙون ليڙ،
چاڪ سَڀَن
ِ جي چِت
جا، سڀني چَڳن
چيڙ،
پيڙهيءَ
پيڙهيءَ پيڙ، ٻُري تنهنجي ٻول ۾.
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، اونده ۾ آهون،
هن دکياري ديس تي، ڪاهن تي ڪاهون،
درديليون دانهون، روز لتاڙيل لوءِ جون.
اهو چارڻ اياز پاڻ آهي ۽ ٻيجل وارو چنگ،
ڪينرو ۽ ڪماچ اياز جي شاعري آهي، جنهن ۾ آرڻ جا اُڌما آهن، جنهن مان ڪوپا ڪَنڌَ
۽ ڪٽاريون پيون ڏسجن، راتين جا راڙا پيا ٻڌجن ۽
جنهن جي بيتن باهه لڳائي ڇڏي آهي.
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، آرڻ جا اُڌما،
ڪوپا ڪَنڌَ،
ڪٽاريون راتين جو راڙا،
ٻول ٻُريا
ڇا ڇا، جا جڪ، تنهنجي جيءَ مان!
چارڻ، تنهنجي چنگ مان، باهه لڳائي بيت،
ڪنڌ، ڪهاڙيون، کيت، ڇا ڇا چڻڪو چت ۾.
ڀٽائيءَ جي ٻيجل گرنار جو رڳو هڪ گُل ڇڳو هو ۽ ٻائين ٻاڏايو هو پر اياز گرنار جي
هڪ
هڪ گل ۾ آڳ سمائڻ ٿو چاهي، درِ درِ سئن هڻي اهڙو رنگ رچائڻ
ٿو گهري جو هن ديس جي ڌرتيءَ لاءِ سمورو ڏيهه سِر جو دان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي اچي. هن نئين دور ۾ گذريل دور ڦاٽل سڙهه وانگر آهي، جنهن جا تُنَ نئين دور جو انسان تُني پيو: ۽ هاڻي چارڻ جي ڪيتري جي تارَ مان اهڙو طوفان تڙپي
اٿي جو پراڻا سڙه ڦاٽي پون ۽ نئين دور جو انسان
نئين طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ نوان سڙه سنوان ڪري:
هي جي گل گرنار جا، تن ۾ آڳ سماءِ،
هڪڙي سِرُ
مان ڇا وري، دَرِ دَرِ سئن لڳاءِ،
اهڙو رنگ رچاءِ، ڏيهه سڄوئي دان ڏي.
تڙڦي اُٿي تارَ مان،
سو
سارو طوفان،
جنهن ۾ گذريل دور آ، ڦاٽل سـِڙه سمان،
اڄوڪو انسان، جنهن جا تُن تُني پيو.
اياز کي ان ڳالهه جو به احساس آهي ته جنهن
نموني سان هن چارڻ ٿي سنڌ کي ڳايو آهي. ائين ڪو
ٻيو اڄ تائين ڳائي نه سگهيو آهي:
تنهنجيءَ تَندُ
تنبيريا، ماريو آهي مون،
جيئن ٿو ڳائين تون، ڪيئن ٻيو ڳائي سنڌ کي.
آزاديءَ لاءِ چنگ کي چورڻ سان چارڻ کي
چيئن چڙهڻو ٿو پوي، سُر ۽ سوريءَ جو
ناتو ازل کان آهي پر جيڪڏهن ڪنهن به مام سان ٻيهر
جندڙي ملي وڃي ته هي چارڻ پنهنجن ديس واسين لاءِ
ايئن ئي چنگ چوريندو ۽ ديس جي آزاديءَ لاءِ سِر جي
سِين هڻندو جيئن هاڻي ٿو هڻي:
ٻيهر توکي جندڙي، ملي جي ڪنهن مامَ،
تو تي ايندا ڪونه ڄڻ، آزاديءَ الزام،
ڪيَنُر آڇي عام، چڙهندين ساڳئي چيئن تي.
چارڻ، ڀلي چيئن کي، چاهي نه چاهي،
ناتو سوريءَ سڏ جو، ازل کان آهي،
متان ڪو لاهي، آزاديءَ مان آسرو.
ڀٽائيءَ چيو آهي ته سُرَ جو سفر ڄڻ ته رڻ جو سفر آهي،
جنهن ۾ منزل
ڪانه
ملندي آهي، پر چارڻن جي اندر ۾ به عجيب آنڌ مانڌ
هوندي آهي، جيڪا کين سُکَ سان ويهڻ نه ڏيندي آهي ۽ هو ڪينرا ڪلهن
تي رکي رڃن ۾ راهه پڇندا آهن. اهو چارڻ جو وڙ ئي
ناهي ته هو ساز ڪليءَ ۾ ٽنگي سمهي رهي:
ايءَ نه ڀانن ڀير، جيئن ڪَينُر ڪيريءَ ٽنگيو،
سونهاري صبوح سين، وجهي ويٺين وير،
توکي چوندو ڪير، ڪيرت ڌاران مڱڻو؟
جنين سُک ناهه ڪو،
چارڻ سي چئجن،
رُڃُن
راه پڇن، مٿي ڪلهن ڪيَنُرا.
اياز به ديس جي چارڻن سان ڪينر ڪيريءَ نه
ٽنگڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. چنگ چورڻ سان ئي باک ڦٽندي
۽ اوندهه اُجري ٿيندي:
اُٿو
آڌيءَ رات جو، ننڊ نه ڪيو، ڙي،
ڪوٺي پيو ڪنيرو اوڳا، اوهان کي،
اُٿو
ديس سُتي
تاڻيو پنهنجيءَ
تند کي.
اُٿو
اُڀاريو،
اوري آڻيو چنگ کي،
اُٿو
نيڻن ڏيئڙا، ٻنڀي ۾ ٻاريو،
اوندهه اُجاريو، تاڻي پنهنجيءَ تند کي.
اُٿو
آڌيءَ رات جو ڪيو ڪينر تات،
تن کان اڳ ۾ ئي اُٿو، پکي جي پرڀات،
رهڻي ناهي رات، تاڻيو پنهنجيءَ تَندَ کي.
چارڻ پنهنجي ديس لاءِ جيڪو سپنو ڏٺو آهي، اهو ڪينر جي
تند مان تڙپي نڪرندو، جنهن سان ڇپر ڇانوَ وانگر پيار ڌرتيءَ تي پاڇو ڪندو ۽ هن ساڻيهه ۾ ماڻهو
ماڻهوءَ جو ڀرجهلو ۽ ساٿي ٿيندو:
تڙڦي اُٿي تار مان، سُڀان جو سپنو،
جنهن ۾ ڇپر ڇانوَ ٿي، پيار ڪري پاڇو،
ماڻهو ماڻهوءَ جو، ساٿي ٿئي ساڻيهه ۾.
ٻيجل جو اهو تصور ذهن ۾ رکي اياز سُر سورٺ
لکيو. سُر سورٺ ته ڀٽائيءَ به لکيو آهي، پر اياز
جو سُر سورٺ ڀٽائيءَ سُر سورٺ کان ائين مختلف آهي،
جيئن ڀٽائيءَ جو سُر سورٺ لوڪ داستان سورٺ راءِ
ڏياچ کان مختلف آهي. لوڪ داستان سڌوسنئون داستان
آهي، جنهن ۾ علامتن واريون ڪي پيچيدگيون ڪونهن،
جڏهن ته ڀٽائيءَ جي سُر سورٺ جو هر ڪردار
۽ هر واقعو علامت ۽ تمثيل آهي ۽ ڀٽائي انهن ڪردارن
۽ واقعن کي نئين معنيٰ ڏني آهي. ڪٿي ڪٿي ڪردار
پنهنجي
لوڪ
داستان واري واقعن شناخت وڃائي ڪنهن ٻي هستيءَ جي
علامت ٿي ٿا وڃن. ٻيجل ميراثي مڱڻو نٿو رهي پر
ڪنهن ٻي هستيءَ جي علامت بڻجي ٿو پوي ۽ ڪنهن
موچاريءَ مهل ۾ راجا سان راز ٿو ڪري ته ”انا احمد
بلا ميم“ يعني ته مان بنا ميم جي احمد آهيان ۽
پوءِ ”راجا راڳائي،
هردوئي هيڪ ٿيا“ واري صورتحال پيدا ٿي ٿي وڃي.
ڀٽائيءَ جي سُر جو تت ئي آهي ”بلڪ آهي بود، ناڪسيءَ نابود ۾.“ ڏياچ جي سُر جو وڍجڻ
به ناڪسيءَ نابود
مان بود ۾ اچڻ واري ڪيفيت جي سمبالزم آهي.
ڀٽائيءَ جي ساري سُر جو ماحول ۽ مزاج روحاني
اسراريت وارو آهي. ٻيجل جي ساز ۾ ڪو راز آهي. جيڪو
پيو ٻُري
۽ ڏياچ سان پيو سلجي ۽ ڏياچ ساري مام پروڙي
”سو
سرن پائي تند برابر توريان“ لاءِ تيار ٿو ٿي
وڃي:
مَر
ته آئين مڱڻا، مام پروڙي مون،
جيڪا ڳالهه ڳالهائين، سا سڀ سمجهي سون،
تَنهنِ
۾ تون، جيڪي پوئي پٽ ۾.
اياز جو سُر سُورٺ ماڻهوءَ جي احساساتي
status quo
۾
ارتعاش پيدا ڪري کيس هڪ حالت مان ڪڍي ٻي حالت ۾ ۽
هڪ جوڻ مان ٻي جوڻ ۾ آڻڻ وارو سُر آهي ۽ ماڻهوءِ ۾
اهو احساساتي ارتعاش سورٺ جي سونهن ۽ ٻيجل جي سُر
سان پئدا ٿو ٿئي ۽ ٻيجل سُرن
جي ورکا ڪرڻ کان پوءِ ڏياچ کان پڇي ٿو:
ڏس تون پنهنجو پاڻ کي، ڇا تون ساڳيو راءِ؟
سورٺ ِ سورٺ ِ آ اڳين، لالڻ تنهنجي لاءِ؟
ڪَنڌُ
ڪپائي پاءِ، هاڻي پنهنجو پاڻ کي.
هي به ناڪسي نابود مان بود ۾ اچڻ واري ڪيفيت آهي، پر ڀٽائيءَ ۽ اياز جي نابوديءَ مان بود ۾ اچڻ جو پسمنظر مختلف آهي.
اياز جي سُر سورٺ جي پهرين داستان ۾ سورٺ جي جوڀن جي
چانڊاڻ
کڙيل آهي ۽ ان چانڊاڻ مان خوشبويون پيون ڦٽن، چندن
سان واسيل چوٽا، سورٺ جي سون ورني بدن جي جي آڏو
ڪُندن ڪاڻيارو ٿو لڳي ۽ سندس بدن جي پيالن
جهڙيون پياليون اڄ تائين ڪنهن سوناري نه پلٽيون
آهن؛ ٻانهن کي چپ ٿا ڇهن ته ساري بدن ۾ ارتعاش ٿو
پيدا ٿئي، جنهن ۾ بازو بند ٿا لڏن؛ هٿن چمڻ سان
ننهن مان نور ٿو ٽمي. ڏياچ جي اُڃ
اُجهامي ئي نٿي:
چوٽا چندن واسئان، ويروتار ورونهن،
سورٺ ساري سونهن، اُڃ اُجهامي
ڪين ٿي.
سورٺ! سونارن پياليون هيئن نه پلٽيون،
آڌيءَ رات اوڀارَ ۾، ڇا ڇا تنهنجي
تَن ِ،
وني، تنهنجي ون، ڪندن ڪاڻيارو لڳي.
ٻانهن مٿان چپڙا، بازو بند لڏن،
ڳچيءَ منجهه ڳراٽڙيون، ڳل-پٽ ڪارون ڪن،
ٽمي نور ننهن، هٿ چمندي مُنڌَ جا.
ڀٽائيءَ جي سُر سورٺ ۾ ٻيجل جي ساز ۾ ڪو
راز آهي، جنهن جي خود ٻيجل کي ساڃهه ڪانهي. پر
ٻيجل جو ساز ڏياچ سان ڄڻ ته هم ڪلام ٿي ٿيو، سُرن
سان ساڻس ڪو راز ٿي سليائين ۽ ڪو ڳجهه ٿي
ڳالهايائين.
تان نه آهي تَندُ
جو، رون رون ڪري راز،
تند تمهاري تان، ڪهيو جو قبول پيو.
ڳجهه منهنجي ڳجهه سين، رند! ساڻي لاءِ ڪهيو؟
مَرُ
ته آئين. مڱڻا، مام پروڙي مون،
جيڪا ڳالهه ڳالهائين، سا سڀ سمجهي مون،
تنهن ۾ تُج تون، جيڪي پويئي پَٽَ
۾.
ڏياچ کي حيرت ان ڳالهه جي هئي ته ٻيجل جي
تند ته سندس هانءُ ۽ سندس اندر کي ٿي وڍيو پر ٻيجل
تي ڪو اثر ئي ڪونه ٿي ٿيو:
چارڻ! تنهنجي چنگ جو، عجيب اثر ايءُ،
هڻين اُڀو هٿن سين، جيئرو رکيو جيءُ،
رات منهنجو ريءُ، ڪاٽيو ڪماچ سين.
اياز جي ڏياچ سان به ٻيجل جو ساز راز ٿو
سلي پر ڏياچ اهو راز سمجهي نٿو سگهي. سائل جي صدا
ڪٽاريءَ وانگر سندس اندر ۾ وڃي ٿي لڳي. اهو ڪير هو
جنهن هن
جي اندر ۾ وَڍَ
ٿي وڌا ۽ هن کان هن جو ڏڍ ٿي کسيو؟ اهو
شايد هن جي پنهنجي ئي اندر جو آواز هو،
جيڪو چوڌاري ٿي گونجيو. هن اها سئن ۽ اها صدا
پهرين به ڪٿي ٻڌي هئي ۽ ان صدا پهرين به هاڻي
وانگر هن جو چئن کسيو هو.
ٻڌ ٻڌ ٻيهر ٿي اچي، سورٺ، ساڳي سئن،
اڳ به انهيءَ چئن، چايا منهنجي چت مان،
هي جاسين وڳي، سورٺ توبه سئي اُها،
ڄڻ ڪا ڪوڪ ڪٽار جيئن، منهنجي جيءَ لڳي،
ڄڻ ڪنهن ڀت ڀڳي، آڌي رات رتول جي.
اها ڀت ڀڄڻ جي ڳالهه انانيت، خودپسندي ۽ خودپرستي
جي ڪوٽ جي ڪنگرن جي ڪرڻ جي ڳالهه آهي، انفرادي جي
اسيريءَ مان نڪرڻ جو مامرو آهي. ڀٽائيءَ جي ”بلڪ
آهي بودناڪسي نابود ۾“ وارو معاملو آهي. ساز جا
سُر ڏيئي جي لاٽ وانگر ٽمڪن ۽ پوءِ ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿا
ٿين:
هو جا سدا ساز جي، ڄڻ ڪا ڏيئي لاٽ،
ڌيري ڌيري ٿي وئي، ڀنڀٽ جا ڀڙڪاٽ،
ڪيڏي ڄَر ڄراٽ، آهي ان آواز ۾.
اهو ساز، اهو آواز، اها ڏات، اهو ڏانءُ
اوچتو ڪونه ٿو پيدا ٿئي پر جڏهن ڪو ساز صدين جي ڄر
۾ جرڪندو آهي، تڏهن ان ۾ اهڙو اعجاز پيدا ٿيندو
آهي:
سورٺ، ڇا هيئن اوچتو اڀري ٿو آواز،
ڄر ۾ ڄرڪي ٿو پوي، صدين کان پوساز،
اڳ اهڙو اعجاز، مون نه ڏٺو ڪنهن مڱڻي.
اهو راڳي، اهو مڱڻهار ۽ مڱڻو، جنهن صدين
جي سانت ۾ وڏي جيءَ ولوڙ کان پوءِ جنم ورتو آهي،
اهو اياز پاڻ آهي، اسين بيشڪ هن جي ڳالهه نه مڃون
پر اياز ائين ٿي مڃيو. هن پنهنجي لاءِ ئي چيو آهي:
صديون رهي سانت ۾، اُڀري ٿو آواز،
ڪيڏي جيءَ ولوڙ سان، جُڙي ٿو هي ساز!
راڳي سارو راز، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي،
صديون سرجي ٿو پيو، رڳن منجهه رباب،
صديون پنهنجي خواب ۾، گهاري ٿو ڪو خواب،
تڏهن اهڙو تاب، اچي ٿو آواز ۾.
اياز جو ڏياچ لوڪ داستان وارو ڪردار نه هو
پر سنڌ هو جنهن کي هن خود ناشناسي ۽ خود بي شعوري
مان خودشناسي ۽ خودشعوريءَ واري نئين جُوڻ ۾ ٿي آندو. ان پهرين حالت ۾ مري ٻي جُوڻ ۾ جيئڻ ئي جيئاپو آهي.
جي تون ڪنڌ ڪماچ سان سرچائين، سائين،
جيئين
سدائين، جهوناڳڙهه جي جُوءِ ۾.
جي تو ساڃهه ساز جي، ملهه مهانگو ناهه،
مون سان ساٿ نڀاهه، جهونا ڳڙهه جرڪي پوي.
تنهنجو گل گر نار ۾، جي مان ڇنان هاڻ،
گهر گهر گلڙا ٿي وڃي، سڀڪو ٿئي سرهاڻ،
ڪنڌ ڪڪوري آڻ، آجو ٿي اقرار ۾.
جنهن به ٻڌو هڪ وار، تڙڦي منهنجيءَ تند کي،
تنهن جي وَسِ نه هينئڙو، تنهن تي ڪنڌ ميار،
موٽي سڀ ڄمار، رئندين رت رتول ۾.
ڪَنڌَ
نه تنهنجو ڪَنڌَ،
هاڻ مان ان جو ڌڻي،
پيرن ۾ پينار جي، پارک، تنهنجو پنڌ،
چئن نه ڏيندو هنڌ، سک نه ايندءِ سيج تي.
هاڻي ناڪسي نابود مان بود
۾ اچڻ وارو عمل مڪمل ٿي چڪو هو. ڏياچ پراڻي جُوڻ
مٽائي نئين جُوڻ ۾ آيو هو:
ڏس تون پنهنجو پاڻ کي، ڇا تون ساڳيو راءِ؟
سورٺ سورٺ آ اڳين، لالڻ، تنهنجي لاءِ،
ڪنڌ ڪپائي پاءِ، هاڻي پنهنجو پاڻ کي.
اها ساري علامت ۽ تمثيل نگاري تصوف جي محاوري واري آهي.
تصوف
۾
ماڻهو پاڻ وڃائي پاڻ پائيندو آهي. رومي جو شعر
آهي:
نيم جان بستاند و صد جان دهد،
آ نچ در وهمت نه مايد آن دهد
(يعني: هو هيءَ اڌوري حياتي وٺي ٿو ۽ سو
حياتيون بخشي ٿو ۽ جيڪي وهم ۽ گمان ۾ نٿو هجي اهو عطا ڪري ٿو .)
اسين نه به کڻي مڃون ۽ مڃڻ لاءِ اسان وٽ
ڪو دليل ۽ ڪو جواز به ڪونهي پر ڪيترا فلاسفر
مڃيندا آهن ته ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڄائي ڄم کان علم
پوشيده هوندو آهي پر هن کي ان جو شعور نه هوندو
آهي ۽ جڏهن هن کي ڪا ڄاڻ ملندي آهي تڏهن کيس ائين
محسوس ٿيندو آهي ته اها ڄاڻ هن کي پهريان به هئي
پر ان تي اڻ ڄاڻائيءَ جو پڙدو
پيل
هو. پڙدو پري ٿيو ۽ اها شيءِ يا ڳالهه جنهن جي ڄاڻ
حاصل ٿي آهي، سا ڄڻ ته روشنيءَ
۾ اچي وئي. حضرت داتا گنج بخش
انڪري ئي پنهنجي ڪتاب جو نالو
”ڪشف
المحجوب“
يعني پڙدن جو پري ٿيڻ رکيو هو. جيڪي سندن ڪتاب ۾
آهي اهو سارو علم ماڻهوءَ جي اندر ۾ پهرين ئي موجود آهي پر ان
تي
پڙدا پيل آهن ۽ ان ڪتاب سان اهي پڙدا هٽي ويندا. ٻُڌ
لفظ جي معنيٰ به ساڃهه وند ۽
awakened
آهي. اياز کڻي ان پس منظر ۾ هيٺيان بيت نه لکيا
هجن پر انهن بيتن مان
معنيٰ ۽ مفهوم جو اهوئي پهلو نڪري ٿو. ماڻهوءَ ۾
پنهنجي ذات جو شعور ۽ پنهنجي ساڃهه پيدا ڪرڻ وارو
محرڪ سدا موجود هوندو آهي، پر هن کي ان جي
موجودگيءَ جو شعور نه هوندو آهي:
تو ڀانيو مان اوچتو، تو وٽ آيو هان،.
ويرو تار ٻران پيو، تند تپائي مان،
پر ها تو مون کان، ٻوڙيءَ ٻوجهه لنوايو.
آءٌ اهو اسرار، جنهن کي تو ڳوليو پئي،
مون کان وانجهي ٿي ويو، تو ڀانيو سنسار،
تنهنجو قول قرار، مون سان ڄائي ڄم کان.
جت ڪٿ آءٌ ٻران پيو، تون ويندين ڪيڏانهن؟
آءٌ
هلي هيڏانهن، واري ڪنڌ ڪماچ تي.
جي تون منهن موڙي وئين، مون کان سورٺ وَرَ،
مون لئه ٻيا ڀي سِرَ گهڻا، ڪيئي دانيءَ دَرَ،
مون کي ٽاري پر، رئندين رت رتول ۾.
ڏياچ جي ڪنڌ ڪپجڻ کان پوءِ هڪ نئين صورتحال ٿي
سامهون اچي، جنهن ۾ خبر ٿي پوي ته ماڻهوءَ جو مٿو
سڀ کان مٿاهون آهي. اهو ماڻهوءَ جو مٿو ئي آهي
جنهن ۾ مڱڻهار جي آلاپ، آواز ۽ پڪار جي پرک آهي ۽ ان پرک ۽ ساڃهه جي
ڪري ئي ڪنڌ تڙڦي ڪري ٿو. تند رڳو لوهه آهي پر
ماڻهوءَ ۾ تند لاءِ جيڪو موهه آهي، اهوئي
تند کي
تند
ٿو بڻائي
۽ هاڻي جڏهن اهو مٿو ڪپجي ويو تڏهن ان کي تند سان
تورڻ اجايو آهي:
آهي پرک پڪار جي، مڱڻها، هي مٿو،
جيڪو اڄ لٿو، تڙڦي تنهنجيءَ تند سان،
تند ته رڳو لوهه، مٿو گل گلاب جو،
مٿو جنهن ۾ موهه، ايڏو آهي تند سان.
ٻيجل،
ٻيجل، تو جيان، ڪيئي ڪينر پَٿ،
پر هي مٿو ڪورجي، سڀ کان آهي مٿ،
چارڻ ملهه نه ڪٿ، ان کي توري تند سان. |