ساراهيان سنسار
هاڻي اسين اياز جي ان ڳالهه ڏانهن ٿا اچون
ته جيڪڏهن سڀ مايا آهي ته پوءِ ڇا ماڻهوءَ سان
ٿيندڙ ظلم ۽ پورهيتن جو استحصال ڪندڙ هي سماجي
سرشتو به مايا ۽ نظر جو فريب آهي؟
ماڻهو ماڻهوءَ جو هزارين سالن کان استحصال ڪندو رهيو
آهي. سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي
ته جيستائين انسان شڪاري زندگي ٿي گذاري تيستائين
هو ظلم کان آجو ۽ آزاد هو. مشهور روسي انارڪسٽKropotkin
جو
نظريو هو ته تاريخي دور کان اڳ واري دور ۾ انساني
سماج ۾ طبقا نه هئا ۽ سوسائٽي انساني برادريءَ جي
اصول تي قائم هئي. پر پوءِ جڏهن زرعي انقلاب آيو،
ماڻهوءَ هر هلائي ان اُپايو
۽ درياهن جي ڪنارن تي وسنديون قائم ڪيون، تڏهن هن
ڪوٽ اڏيا ۽ هٿيار
ٺاهيا ۽ انهن هٿيارن سان ڌرتيءَ تي قبضو ڄمايو ۽ پاڻ کان هيڻن کي
غلام ۽ عورتن کي پنهنجي مڏي بڻايو. مشهور سوشل
سائنسدان
Ancient Society Morgan. H. Lewis (1877) نالي ڪتاب لکيو، جنهن
۾ هن تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته اوائلي سماجن ۾
ابتدائي ڪميونزم رائج هئي.سماج ۾ ڪي به طبقا نه
هئا ۽ سوسائٽيءَ جي معاشي وسيلن تي سڀني جو هڪ
جهڙوحق هو. ڪنهن کي به ڪنهن تي برتري ۽ اختيار نه
هو. ڪارل مارڪس مورگن جي
تحقيق تي نوٽس تيار ڪيا، جن جي آڌار تي اينجلز
مورگن جي
تحقيق
جو تجزيو ڪيو ۽ پنهنجي ڪتاب
Property and the state private,The origin of
family
۾
هن تاريخي ماديت سان ان جو تعلق ڏيکاريو. زراعت
واري دور ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ صورتحال لاءِ روسيو
لکيو:
”پهرين ماڻهوءَ جنهن زمين جي ٽڪري تي
دائرو ڪڍي چيو
ته هيءَ زمين منهنجي آهي ۽ هن کي اهڙا ماڻهو به
ملي ويا، جن مٿس ويساهه ڪيو، اهو ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ پهريون ماڻهو هو
جنهن سول سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو. ماڻهو هونئن ته
ڪيترن ڏوهن، خونن، لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعن ۽ جنگين
کان بچي وڃي ها،
جيڪڏهن ان وقت ڪو ماڻهو سندس حدبنديءَ لاءِ کوڙيل ڪلا پٽي يا
سندس کوٽيل کڏ ڀري، وڏي واڪي پنهنجي ساٿين کي چوي
ها ته هن هٿ ٺوڪئي کان خبردار ٿيو. جيڪڏهن اوهان
اها ڳالهه وساري ته هن ڌرتيءَ جو ثمر اسان سڀني
لاءِ آهي ۽ زمين ڪنهن جي به ملڪيت نه آهي ته اوهين
ختم ٿي ويندا.“
اهو استحصالي سرشتو جاگيرداراڻي نظام جي
صورت ۾ ڏهه هزار سال هليو. ماڻهوءَ کي ان استحصالي
نظام مان نجات ۽ جاگيراداريءَ جي، چوپائي مال جهڙي
ملڪيت ٿي وڃڻ واري ذلت آميز سماجي حيثيت مان ڪڍي
کيس ماڻهپي واري مان ڏيڻ ڪيتريون ئي مذهبي ۽
غيرمذهبي تحريڪون هليون. ڪيترائي نبي سڳورا،
اولياءَ، رشي ۽ مُني، سنت ۽ صوفي ذاتي ملڪيت کي
ختم ڪرڻ جي تعليم ڏيندا ۽ ان تعليم تي عمل ڪرڻ
لاءِ عملي جدوجهد ڪندا رهيا. صوفي شاهه عنايت جو
مثال اسان جي سامهون آهي، پر ان ساري جدوجهد مان
ڪجهه ڪونه وريو. تان جو ارڙهين صديءَ ۾
James Watt نالي هڪڙي هنرمند ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ
ايجاد ڪئي ۽ هڪ نئين انقلاب جي شروعات ٿي. اهو
صنعتي انقلاب هو. انقلاب سدائين اوچتا ايندا آهن ۽
پُرتشدد هوندا آهن پر هي انقلاب پرامن ۽ ايڏو ته
ڊگهي عرصي تائين پکڙيل هو جو اڃا تائين هلندو ٿو
اچي. ان انقلاب سان ماڻهو، هاريءَ، رعيت ۽ مال ۽
مڏي هجڻ واري سماجي حالت مان نڪري، هڪ نئين سماجي
حالت ۾ آيو. هاڻي هو جاگيردار جي رعيت نه پر ملڪ
جو شهري هو ۽ رياست پاران کيس ڪي حق مليل هئا. هن
کي فرد واري حيثيت ۽ آزادي حاصل هئي. صنعتي انقلاب
ماڻهوءَ کي جاگيرداراڻي نظام مان نجات ته ڏياري پر
هڪ نئين غلاميءَ ۾ ڦاسايو. اها غلامي پورهئي جي
اجوري جي غلامي
Wage Slavery
هئي
Carl Barker نالي هڪڙي سوشل سائنسدان چيو آهي ته
1930ع
واري ڏهاڪي ۾ انگلنڊ جي ڪپهه جي ڪارخانن جي مالڪن
کي مزدورن سان معاهدي ڪرڻ جي آزادي هئي پر ڪارخاني
۾ ڪم ڪرڻ واريون عورتون ۽ ٻار
جيڪي اڻ پوري خوراڪ جي ڪري هيڊا، پيلا ۽ نٻل هئا،
انهن کي ان معاهدي نه ڪرڻ جي آزادي نه هئي ڇاڪاڻ
ته معاهدي نه ڪرڻ جي صورت ۾ هو بُک مرن ها.
جاگيرداراڻي دور ۾ زمين
جي مالڪيءَ زميندارن کي اختيار ڏنا
ته هو پورهيتن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت ۽ ذاتي غلام
سمجهن. سرمائيداري نظام ۾ سرمائي جي مالڪيءَ
سرمائيدارن کي پورهيتن جي استحصال جي آزادي ۽
اختيار ڏنا. ان صورتحال ۾ ماڻهوءَ جي آزاديءَ جو
نئون تصور اڀريو ۽ ساڃهوند ماڻهن ماڻهوءَ کي
استحصال ۽ اُجوري جي غلامي مان آزادي ڏيارڻ لاءِ
جدوجهد شروع ڪئي. ڪارل مارڪس ساري دنيا کي
ڌوڌنڌاڙي ڇڏيو. پورهيتن جي حاڪميت جو انقلاب اڻٽر
ٿي پيو. اهو تاريخ جو فيصلو ۽ ماڻهوءَ جو مقدر هو.
روس ۾ زار جو زوال آيو. چين آفيم جي پڻڪين مان اک
پٽي ڪر موڙيا ته استحصالي دنيا دهلجي وئي. ڪوريا ۾
ڪوس ۽ ويٽنام واري جنگ سان ادب ۾ هڪ نئون ورق
وريو. رئيس زادن ۽ رئيس زادين جي جاءِ، ڏتڙيل
لتاڙيل ۽ ڌرتيءَ ڌڪاڻل هيروز ۽ ڪارين ڪوجهين ۽
ڪُوڙين هيروئنز والاري. ڪلاسيڪي ادب جي نين معروضي
۽ زميني حقيقتن جي حوالي سان تشريح ڪئي وئي.
ڀٽائيءَ جي هن بيت جو ڄام، پنهنجي تاريخي ۽ عشقيه
لوڪ داستان جي هيرو واري پس منظر مان نڪري، انقلاب
جي علامت ٿي پيو:
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇَڄَ،
پاند جنهين جي پاند سين، لڳو ٿئي لَڄ،
سمو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.
ڌرتيءَ ڌڪاڻل عام ماڻهوءَ جي سماجي
صورتحال کي سامهون رکي اياز سوال اٿاريا ته هي
جيڪي ڌرتيءَ جا ڌاڙيل ۽ ڏيهه جا ڏاڍا ماڻهوءَ جي
رت سان تيل، ڦليل ٿا ڪن، بکايل ماءُ جي سڪل ڇاتين
سان چنبڙيل ٻار، بک جي ڪڙهه ۾ ڪاتي ۽ پنڊيءَ تي
ماني، ڇا اهو سڀ نانهن ۾ موجود نرگڻ جو کيل ۽ مايا
ڄار آهي؟
ڇا هي ڏاڍا ڏيهه جا، ڌرتيءَ جا ڌاڙيل،
جيڪي ماڻهوءَ رت سان، ڪن ٿا تيل ڦليل،
سڀ انهيءَ جا کيل، هو جو نرگڻ نانهن ۾؟
هو بکايل ماءُ جي، ٿڻن مٿان ٻار،
ڇا هي اَبهم ٻارڙو، آهي مايا ڄار،
انهيءَ کان انڪار، ڪيئن ڪيو تو، ڪاپڙي؟
ڇا ڪوڙي آ بک ۾، ڪڙهه اندر ڪاني،
ڇا هي مايا آهه، ڙي، پنڊيءَ تي ماني،
آهي ناداني، جهيڙو ان لئه جڳ ۾؟
غريبي گلزار؟ مينگها تنهنجي مت مئي،
ڏکن ڏڌي ڏيهه کان، آڌوتي، انڪار؟
ٻوڙو ٻجهڻهار، دانهن نه ٻڌي ديس جي.
اڙي او ويدانتي، انهيءَ کان انڪار،
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مٿان، هي جو اتياچار،
هي پڻ مايا ڄار، مون تي ڪڙا ڪوٽ جا؟
هاڻي اسين اياز جي ان ڳالهه ڏانهن ٿا اچون
ته هيءَ ڪائنات ۽ ان جي سونهن برهم جو پرتو يا
اظهار ۽ روپ نه آهي پر آدجگاد کان موجود مادي جو
ڪرشمو آهي ۽ اياز پنهنجي ان نظريي سان ساميءَ جي
ويدانت ۽ مايا کي رد ڪيو آهي.
ماديت واري نظريي مطابق مادو ازلي ۽ ابدي
آهي. مادو ازلي دائري ۾ گردش ڪندو ٿو رهي. ان
دائري ۾ سڀ ساهوارا ڪيميائي ۽ غير ڪيميائي شيون
گردش ڪنديون ۽ تبديل ٿينديون رهن. مادو ارتقا جي
ڪنهن مقام تي پڄي شعور جي صورت ٿو اختيار ڪري. هن
ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ غيرفاني نه آهي. رڳو مادي جي
گردش ۽ مادي جي بدلجڻ وارو قانون غيرفاني آهي. اها
اڻويهين صديءَجي سائنسي سوچ هئي. پر اهڙي سوچ قديم
هندستان ۽ يونان ۾ به ملي ٿي. عيسوي سن کان سوين
سال اڳ هندستان ۾ ڪيترا رشي ۽ يونان ۾ ڪيترا
فلاسافر پيدا ٿيا، جيڪي ماده پرست دهريا هئا.
هندومت جي ڇوٽڪاري وارن ڇهن متن مان سانکيه مت سڀ
کان پراڻو مت آهي. ان مت جو اڳواڻ ڪپل نالي هڪڙو
ديومالائي رشي مڃيو ويندو آهي. ڪپل مادي کي ازلي ۽
ابدي سمجهندو هو. سندس چوڻ هو ته هن ڪائنات کي
ڪائنات کان ٻاهر واري ڪنهن طاقت نه خلقيو آهي پر
خود
مادي ۾ اهڙي قوت آهي جنهن سان مادو ارتقا جون
منزلون طيءِ ڪندو، ڀڄندو، ڊهندو، ٺهندو، هڪ صورت
مان ٻيءَ
صورت
۾ ايندو ٿو رهي. ماڻهوءَ جي ذهانت، خود آگاهي،
حواس، ڪائنات جا بنيادي عنصر، آسمان، زمين، روشني،
هوا ۽ پاڻي مادي جون ئي ارتقائي صورتون آهن.
گوتم ۽ مهاوير جي دور ۾ به ڪيترا ماده
پرست فلاسفر هئا، جن کي مهاوير ۽ گوتم چارواڪ يعني
چالاڪ ۽ مڪار سڏيو. هنن کي لوڪايت يعني ماده پرست
به سڏيو ويو. انهن ماده پرست فلاسفرن چئني ويدن کي
رد ڪيو.چيائون ته اهي چارئي ويد پنڊتن ماڻهن کي
ڦرڻ لاءِ لکيا آهن. ٻانڀڻن کي قربانيءَ واري ڀت
جون دعوتون کارائڻ جي رسم به پنڊتن ماڻهن کان ڏنڊ
اوڳاڙڻ لاءِ گهڙي آهي. علم حاصل ڪرڻ جو وسيلو حواس
آهن. حواسن کان سواءِ علم حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو
وسيلو ڪونهي. مادي کان سواءِ هر شيءِ غير حقيقي
آهي. انساني شعور به مادي جي ئي شڪل آهي. هيءَ
دنيا ۽ هيءَ زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي. ان کان اڳتي
ڪجهه ڪونهي، انڪري ماڻهوءَ کي گهرجي ته خوش رهي.
اها ڳالهه غلط آهي ته هر خوشيءَ جو انت ڏک آهي، پر
جيڪڏهن خوشي ماڻڻ لاءِ ٿورو ڪي گهڻو ڏک سهڻو به
پوي ته سهڻ گهرجي ڇو جو خوشي نيڪي آهي. خوشيءَ سان
ڏک ائين آهي، جيئن مڇيءَ سان ڪنڊا. چارواڪن مان
هڪڙي ڏاهي جو شعر آهي:
ماڻهو جيترا ڏينهن جيئي، خوشيءَ سان جيئي،
قرض وٺي به گيهه پيئي،
ڇا ڪاڻ ته جڏهن جسم رک ٿي ويندو،
ته پوءِ اهو ٻيهر ڪيئن جيئرو ٿي سگهندو؟
مهاتما ٻڌ ۽ جين مت جي اڳواڻ مهاوير
جيتوڻيڪ سندن نظرين کي رد ڪيو، پر تنهن هوندي به
هو سندن سوچ کان گهڻو متاثر هئا. چارواڪن وانگر ٻڌ
به ويدن کي نه مڃيو، قربانيءَ جي دعوتن کي رد ڪيو
۽ موت کان پوءِ واري حياتي ۽ آواگون کان انڪار
ڪيو، انڪري پنڊت چارواڪن، وانگر ٻڌ کي به دهريو
چوندا هئا. رامائڻ ۾ ٻڌ کي دهريو چيو ويو آهي.
چارواڪن جا ڪتاب ناپيد ٿي ويا آهن ۽ سندن
نظرين جي ڄاڻ سندن مخالفن جي ڪتابن مان ملي ٿي، جن ۾ کين ننديو ۽ چارواڪ سڏيو ويو آهي. ان وقت جا مذهبي
اڳواڻ، خود مهاتما
ٻڌ
۽ مهاوير سندن عقيدن کان ڊنل هئا جو سمجهيائون ٿي
ته سندن منطقي دليل ۽ نظريا سماج جا بنياد لوڏي
ڇڏيندا. چارواڪن مان رڳو هڪڙي ڏاهي جو ڪتاب هٿ آيو
آهي، جنهن جو نالو جيراسي آهي ۽ سندس ڪتاب جو
عنوان
”تت دوپا ٻَلوا“
يعني مذهب جي سچ کي ختم ڪندڙ شينهن آهي. ان ڪتاب ۾
هن مضبوط دليلن سان پنهنجي دور جي مذهبن جي بنيادي
تصورن کي غلط ثابت ڪيو.
گوتم ۽ مهاوير جيتوڻيڪ ديوتائن کان انڪار
نه ڪيو،
پر هنن ديوتائن کي بيوس بڻائي ڇڏيو. ٻنهي جو چوڻ
هو ته هن ڪائنات جو ڪو خالق ڪونهي اها ازل کان آهي
۽ ابد تائين قائم رهندي. ان کي هلائڻ وارو ڪو
ڪونهي. اها پنهنجي فطري قانونن مطابق پئي هلي ۽ ان
۾ ڀڃ ڊاهه پئي ٿئي.
گوتم ۽ ٻڌ جي دور ۾ ئي گوسال نالي هڪڙو
مذهبي ڏاهو هو، جنهن اجيت نالي فرقي جو بنياد وڌو
هو. هن جا پوئلڳ ڏاس جو اُڻيل کٿو پائيندا هئا. انڪري کين ڪيس
ڪمبلين چوندا هئا. گوسال ماده پرست
هو
۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ کي نه مڃيندو هو. چوندو
هو ته ماڻهو فطرت جي چئن بنيادي جزن باهه، پاڻي،
مٽي ۽ هوا مان ٺهيو آهي؛ ماڻهو جڏهن مري ٿو تڏهن
چارئي جزا وکري ٿا وڃن؛ چار ماڻهو سندس مڙهه کي
ڪلهو ڏيئي مساڻ ڏانهن کڻي ٿا وڃن؛ مساڻ تائين سندس
باري ۾ ڳالهيون ٿا ڪن ۽ مساڻ ۾ سڙڻ کان پوءِ سندس
هڏا ڳيري جي کنڀن واري رنگ (رک) جهڙا ٿي ٿا وڃن؛
جيڪي ماڻهو مرڻ کانپوءِ فوتيءَ جي ڪنهن غير مادي
شيءِ (آتما) جي قائم رهڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن،
اهي ڪوڙا آهن.
جسم جي مرڻ سان سڀ ماڻهو، ڏاها توڙي بخيل، زندگيءَ
کان ڇڄي ٿا وڃن. گوسال ڀڪشن جو ٽولو ٺاهيو ۽ انهن
جا جهنگ ۾ مَٺَ قائم ڪيا. ماده پرست هوندي به
هو
تياڳ جو قائل هو. گوتم کيس ننديندو هو.
چوندو هو هن جو تياڳ اجايو ۽ بي مقصد آهي.
يونان جا ماده پرست فلاسفر به مادي کي
ازلي ۽ ابدي سمجهندا هئا. مادي شيون فنا ٿينديون
رهن ٿيون پر جن
مادي
جزن مان اهي شيون ٺهن ٿيون اهي ڪڏهن به
فنا نٿا ٿين. انهن جزن جي ميلاپ سان نيون شيون
وجود ۾ اچن ٿيون ۽ وري جزن جي جدا ٿيڻ سان ختم ٿي
ٿيون وڃن. انهن کي
Atomist
چوندا
آهن. انهن مان
Empedocles نالي فلاسفر جو چوڻ هو ته مادي ۾
پنهنجي ليکي ڪنهن شيءِ جي صورت ۽ پوءِ ٻي صورت
اختيار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ قوت ڪانهي پر
مادي کان ٻاهر ڪا قوت آهي جيڪا مادي کي جدا جدا
شڪليون ڏيندي آهي. جهڙيءَ طرح مادي شين جو ٺهڻ ۽
ڊهڻ ٻه متضاد عمل آهن. تيئن مادي کي ٺهڻ ۽ ڊاهڻ
واري ٻاهرين قوت به هڪ نه پر هڪ ٻئي کان جدا ۽
متضاد ٻه قوتون هئڻ گهرجن. هو انهن متضاد قوتن کي
محبت (ڪشش) ۽ ڌڪار واريون قوتون چوندو هو. محبت
واري قوت مادي کي ڪنهن به شيءِ جي صورت ڏيندي آهي
۽ ڌڪار واري قوت ان کي ڊاهي منتشر ڪندي آهي.
ماديت جي ان نظريي کي مڃيندي اياز مايا ۽
ويدانت کي رد ڪيو آهي. هي سنسار ۽ ان جي سونهن سچ
آهي. اهو ازل کان قائم آهي ۽ ابد تائين قائم
رهندو. اهو برهمانڊ بنان ڪنهن برهما جي جڙيو آهي.
اهو برهمانڊ ئي برهما آهي ۽ اي سامي، جي پرڄڻو
اٿيئي ته ان برهمانڊ کي نمسڪار چئه. هن سنسار ۾
روز جنسار مري امر ٿيندو ٿو رهي. هي جنسار پاڻ ئي
پاڻ مان جڙيو آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجو شاهد آهي. جنسار
جو کٽهار گل الائجي ڪهڙي اسرار مان ٽڙيو آهي. شايد
ته هي جنسار پولار مان گل جيان کڙي پيو. ڪو ازلي ۽
اَبدي
سُر آهي، جيڪو بنان ڪنهن ڳائڻي جي گونجندو ٿو رهي:
ساراهيان سنسار، جو سچو آهي سونهن ۾،
جنهن جو انت نه آد آ، جنهن جو آر نه پار،
جنهن ۾ ٿو جنسار، مري روز امر ٿئي.
جُڙيو
هي جنسار، آهي پنهنجو پاڻ مان،
ڪُهه
ڄاڻان ڪنهن ڳُجهه
مان، کڙيو کٽڻهار،
پاڻ منجهان پولار، کڙيو ڪنول گل وانگيان.
ڪنهن
نه
جوڙي جوڙ، آهي هن جنسار جي،
ڪنول پاڻ ٽڙي پيو، پهتو پنهنجي توڙ،
جر جي جيءَ ولوڙ، ڪهه ڄاڻان ڪهڙي هئي.
سامي هن سنسار جو، انوکو اسرار،
آهي
پنهنجو پاڻ تي، ساکي سرجڻهار،
يعني نمسڪار، ڀورا، ڪر
برهمانڊ
کي،
برهما بن برهمانڊ کي، نِوڙي سيس نواءِ،
۽ ماڻهوءَ
جي پيار ۾، پنهنجي مڪتي پاءِ،
سڀ سان ڏک ورهاءِ، آجو ٿي انبوهه ۾.
سامي، هن سنسار جيئن، ناهي ڪو ستگر،
گائڪ بنان گونج ۾، آهي آدي سر،
ٻڌي تان، مڌر، جهومي پئي جندڙي.
سپنا تنهنجا، سنڌڙي
اياز جي قومپرستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ
اسان کي ڏسڻ گهرجي ته قومپرستي ڇا آهي. قومپرستي
ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ پيدا ٿيندي آهي، ۽ حب
الوطني
۽ قومپرستيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. حب الوطني ماڻهوءَ
جي فطرت ۾ شامل آهي. ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن
جاگرافيائي ۽ سماجي صورتحال ۾ جيئي ٿو. جاگرافيائي
ماڳ، وڻ ٽڻ، ڍنڍون، ڍورا، انساني لاڳاپا، ريتون
رسمون، ڏند ڪٿائون، لوڪ گيت ۽ داستان، پير فقير،
قبرستان، اهي سڀ هن جي وجود ۾ اُڻيل
هوندا آهن. مارئي جڏهن پنهنجي حب الوطنيءَ جو
اظهار ٿي ڪري، تڏهن مارن سان گڏ هوءَ
ٿر جي اُڃ ۽ رُڃ،
ڀٽن، کوهن، کٿن، لوئين، گگرن، گولاڙن، کارن کٻڙن،
ڏٿ ۽ ساڳ سان به محبت جو اظهار ٿي ڪري، صحرا مارن
جو ستر آهي ۽ مارو پنهنجن نياڻين کي ڏاج ۾ صحرا جي
سُڃَ ڳڻائيندا آهن:
ٿڌي وسائج ٿر جي، مٽي مئيءَ مٿان
گور منهنجي، سومرا، ڪج پنهنوارن پاس،
ڏيج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولين واس.
پنهوارن ِ پاٻوهيو، ڪي واهوندن وس،
و ِلين، وڻ ڦلاريا، لُلُرنڱَيو لس،
آڻيو وجهن آهرين، سندا ٽوهن ٽس،
ميوا، مڃر، ماکيون، سڀ ڪا چکن چَش،
قومپرستي به حب الوطنيءَ جي ٻي صورت آهي
پر ان ۾ وطن جي
محبت سان گڏ وطن لاءِ ڪو سياسي ۽ سماجي مقصد ۽
پروگرام به هوندو آهي. قومپرست پنهنجي قوم کي ٻين
ذاتين، برادرين ايستائين جو ٻين سڀني انسانن کان
مٿاهون سمجهندا آهن. انڪري چيو ويندو آهي ته
قومپرستيءَ ۾ تنگدليءَ جو عنصر هوندو آهي، جوش ۽
ولولو وڌيڪ هوندو آهي ۽ علم ۽ دانش واري گهرائي
گهٽ هوندي آهي. ڪن دانشورن جديد قومپرستيءَ کي
خالي ڪُني
سڏيو آهي جيڪا اُڀامندي
گهڻو آهي.
اها قومپرستي جديد دور جي پيداوار آهي.
جنهن بيٺڪي راڄ، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ صنعتي
سرمائيداريءَ جي ڪري قوميتن جي استحصال ۽ سندن
ثقافت، ٻولي ۽ شناخت لاءِ پيدا ٿيندڙ خطري مان جنم
ورتو. انڪري قومپرستيءَ جو بنياد، پنهنجي قوم سان
محبت سان گڏ استحصال ڪرڻ وارين قوتن لاءِ ڪاوڙ،
ڌڪار ۽ چڙ به هوندو آهي.
قومپرست چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي سڃاڻ رڳو ماڻهو
هجڻ واري سندس
Biological
حقيقت
نه آهي پر جاگرافي، تاريخ، ٻولي ثقافت، ڏند ڪٿائن
۽ لوڪ ادب واري به آهي. ڪنهن به جاگرافيائي
علائقي
سان ماڻهوءَ
جو تعلق سندس ٻولي، ثقافت، ڏند ڪٿائن ۽ تاريخ جي
حوالي سان هوندو آهي. جرمني جي سوشل سائنسدانن ان
کي
Volksgeist
چيو
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
Essential spirit of particular people
يعني
ڪن مخصوص ماڻهن جي بنيادي، اُمنگ، قومپرستيءَ جا
ٻه رخ مڃيا ويا آهن: هڪ سياسي ۽ ٻيو ثقافتي،
قومپرستيءَ جو سياسي رُخ
اهو
آهي
ته ڪنهن به خطي جي ماڻهن کي خود
اراديت جو حق (right
of self determination)
حاصل هئڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي
مقدر جو پاڻ فيصلو ڪن. ثقافتي رخ اهو آهي ته سندن
علائقي جون سرحدون ايتريون مضبوط هجن جو هو ڌارين
جي ثقافتي يلغار کان پاڻ بچائي سگهن. مشهور آمريڪي
شاعر
Roberl Frost
چيو
آهي ته
good fences make good neighbour
يعني
گهرن جي چؤديواري مضبوط هوندي آهي ته پاڙيسري به
سٺا هوندا آهن.
Welsh
دانشورن
قومپرستيءَ جي تشريح ڪندي چيو ته، قومپرستيءَ جي
معنيٰ آهي زبان ۽ ثقافت جو تحفظ، سياسي ۽ ثقافتي
خودمختياري، سياسي آزادي ۽ اتحاد، زبان قوميت جو
بنياد آهي جو زبان ماڻهوءَ کي سندس تاريخ، ثقافت ۽
ڌرتيءَ سان ڳنڍيندي آهي. انڪري تاريخ جي اجتماعي
شعور، اجتماعي ثقافت، ڏند ڪٿائون، هڪ مذهب ماڻهن کي قوم جي حيثيت ڏيندا آهن.
مان مٿي چئي آيو آهيان ته تاريخي لحاظ کان
قومپرستي جديد دور جي پيداوار آهي. جنهن معنيٰ ۾
اڄڪلهه قوم
Nation
اکر
استعمال ٿو ٿئي آڳاٽي زماني ۾ ان معنيٰ ۾ استعمال
نه ٿيندو هو پر ڪنهن قبيلي يا ڪنهن برادريءَ لاءِ
استعمال ٿيندو هو. اطالوي زبان ۾
Nationem
قبيلي
۽ ذات کي چوندا آهن. اسان وٽ قوم لفظ قبيلي
۽ ذات لاءِ استعمال ٿيندو آهي. انگلينڊ ۾ ڪنهن،
خاندان کي به
Nation
چوندا
هئا. انگلينڊ ۾ شاهي خاندان کي
Royal Nation
چيو
ويندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي اهو اکر ڪنهن به
لساني، ثقافتي ۽ تاريخي وحدت وارن ماڻهن لاءِ
استعمال ٿيڻ لڳو. پهرين عالمي جنگ کان پوءِ
1920ع ۾Leauge of Nations
جو
پايو وجهڻ لاءِ ٻائيتاليهه ملڪ گڏ ٿيا ۽ هڪ نئين
دور جي شروعات ٿي ۽ قوميت کي ئي رياست جو بنياد
تصور ڪيو ويو. اهڙيءَ
طرح وچ يورپ ۽ اوڀر يورپ جي وڏن ملڪن جي ٽٽڻ سان
ننڍيون ننڍيون قومي رياستون وجود ۾ آيون. ڪن تاريخ
نويسن جهڙوڪ
Carlton Hayes
(نيويارڪ
1931ع) ۽
Hans kohan
(نيويارڪ
1944ع) جو چوڻ هو ته قومپرستي ارڙهين
صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وجود ۾ آئي. نشاة الثانيه (Renaissance)
جي ڪري نئين سوچ پيدا ٿي. سياست ۽ مذهب هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا.
فرانس ۽ آمريڪا جي انقلابن کان پوءِ آزادي، فرديت
۽ شهريت جا نوان تصور اُڀريا جن سان ماڻهن ۾ علائقي، ٻولي،
ثقافت، تاريخ ۽ لوڪ ادب جي حوالي سان نئون شعور
پيدا ٿيو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ قومپرستيءَ کي
وڏو ڌڪ رسيو. جرمنيءَ ۾ قومپرستيءَ فاشزم، نازي
ازم ۽ سامي نسل کان نفرتAnti-Semetic
جي
صورت اختيار ڪئي. قومپرستيءَ کي ٻيو ڌڪ ڪميونزم جي
ڪري رسيو جو ڪميونزم قومپرستيءَ جي خلاف ۽ بين
الاقواميت وارو نظريو آهي.
1968ع ۾
Miroeslav Hroch
نالي تاريخ نويس. وچ يورپ ۽ مشرقي يورپ جي
ملڪن ۾ قومپرستيءَ جي اُسرڻ
جي سببن ۽ ان جي اوسُر جي جدا جدا مرحلن (stages)
جي باري ۾ تحقيق ڪئي. هن جو چوڻ هو ته قومپرستيءَ
جا ٽي مرحلا آهن. پهريون مرحلو غيرسياسي
apolitical
هوندو آهي. ٻيو رومانوي ڏند ڪٿائن وارو ۽
ٽيون پروپئگنڊا وارو هوندو آهي، جنهن ۾ قومپرستيءَ
جي تشهير ٿيندي آهي ۽ اها عوامي تحريڪ جي صورت
اختيار ڪندي آهي.
1977ع
۾Tom
Nairn
قومپرستيءَ جا سبب ٻڌائيندي چيو ته
قومپرستيءَ جو سبب صنعتي سرمائيداريءَ جو عالمي
سطح تي پکڙجڻ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ غيربرابريءَ
واري ترقي آهي.
سنڌ ۾ قومپرستيءَ جي شروعات ون يونٽ خلاف
ردعمل سان ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي مسلمانن جو
خيال هو ته هن
ننڍڙيءَ
کنڊ جا سڀ مسلمان هڪ قوم آهن ۽ ان بنياد
تي ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي سان ڌارين ماڻهن سان گڏ
ڌاري ٻولي ۽ ڌاري ثقافت سنڌ ۾ آئي، جنهن جي يلغار پهرين ريڊيو، پريس ۽ پوءِ
ٽي وي چينلز تان شروع ٿي، سنڌ جي مالي وسيلن،
نوڪرين ۽ زمينن تي قبضا شروع ٿيا، سنڌ ڌارين جي
ثقافتي، لساني ۽ معاشي بيٺڪ ٿي وئي. آخر اهڙو وقت
به آيو جو سنڌ جو نالو کڻڻ به ڏوهه ٿي پيو (سنڌڙي
تنهنجو نانءُ وتو، ڪاريهر تي پير پيو-
اياز) ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو ويو.
تاريخي لحاظ کان سنڌ هڪ جدا، آزاد ۽ خودمختيار ملڪ
رهيو هو، جنهن جي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ ڏند
ڪٿائون هيون، پنهنجا بندرگاهه هئا جن تان ڏيساورن
سان پرڏيهي واپار هلندو هو. انگريزن سنڌ سان جيڪي
عهدناما ڪيا سي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت
۾ ڪيا، ۽ پوءِ باقاعدي لشڪر ڪشي ڪري سنڌ کي فتح ڪيو. انگريزن جڏهن هندستان ٿي ڇڏيو، تڏهن
اصولي
طرح کين سنڌ ائين موٽائي ڏيڻي هئي جيئن هنن لشڪر
ڪشيءَ سان اسان کان کسي هئي. يعني هنن کي سنڌ هڪ
آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ واپس ڪرڻي هئي.
پر ائين نه ٿيو ڇاڪاڻ جو اسان جي ليڊرن سنڌ کي
خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ واپس وٺڻ جي بدران سنڌ
کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ جڏهن
پاڪستان ٺهيو ته مسلمان ڀائرن سنڌ جو نالو نشان مٽائي
ڇڏيو. ان صورتحال سنڌين کي هندستان جا مسلمان هڪ
قوم هجڻ واري خود فريبيءَ مان ڪڍي پاڻ هڪ جدا قوم
هجڻ جو شعور ڏنو ۽ سنڌين کي خبر پئي ته هو هڪ جدا
قوم آهن، جنهن جو پاڪستان جون ڪي ٻيون قومون هر
سطح تي استحصال پيون ڪن. ان شعور قومپرستيءَ کي
جنم ڏنو ۽ سنڌ جا شاعر، اديب ۽ دانشور ميدان ۾ لهي
پيا ۽ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلايائون.
انهن سڀني جو اڳواڻ ۽ اتساهه ڏياريندڙ شيخ اياز
هو.
مان مٿي هڪڙي دانشور جو قول ڏيئي آيو
آهيان ته قومپرستيءَ ۾ جوش ۽ ولولو ته هوندو آهي
پر دانش جي گهرائي ڪا نه هوندي آهي، پر اياز جي
قومپرستيءَ جوش ۽ ولولي سان گڏ عقل ۽ دانش واري
آهي. اياز وڏو پڙهيل ماڻهو هو ۽ هن ذري گهٽ ساري
دنيا جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ادب پڙهيو هو. هن
جذبات ۾ اچي قومپرستي اختيار نه ڪئي هئي.
پر هن سوچي سمجهي قومپرستيءَ جي چونڊ ڪئي هئي. هن
لاءِ دنيا ۾ اُسرندڙ نت نوان فلسفياڻا نظريا، نت
نئين ڏاهپ پنهنجيءَ جاءِ تي سچ
آهن پر سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان پهريون ۽ آخري
سچ ڌرتيءَ ماءُ جي ٿڃ جو سچ آهي، فرانس جي مشهور
فلاسفر سارتري جنهن الجزائر جي آزاديءَ جي جدوجهد
جي کلي
طرح ۽ ڀرپور حمايت ڪئي هئي اهو به جيڪڏهن سنڌ ۾
پيدا ٿئي ها ته کيس وجوديت واري نظريي جي چونڊ ڪرڻ
مهل سنڌ ماءُ جي ٿَڃَ ضرور ياد پوي ها. اياز دنيا
جي ڏاهپ
کي پرکي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ديس جي
ڏکويل ڏاهپ ۽ ڏات جي چونڊ ڪئي. هن سارتري کي مخاطب
ٿي چيو:
هت ڄمين ها سارتري، ٿي سنڌي اولاد،
چونڊين ها پوءِ مون جيان، سوچي هستي واد،
پل پل توکي ياد، ٿڃ اچي ها ماءُ جي.
پرجهي هر پرڏيهه کي، ڏات کنئي مون ڏيهي،
پيڙا جي هر پور ۾، ڏيهه ڏٺم پيهي،
سنڌڙي تو جيهي، ڌڻ نه آ ڪنهن ديس ۾.
اياز جي شعري مجموعي، ”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري“ ۾ قومپرستيءَ جا مختلف رنگ ملن
ٿا. ڪو رنگ سنڌ جي سورن وارو آهي ته ڪو
وري سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ تي ساهه ڏيندڙ سنڌي سورهين
جي سورهيائيءَ جو آهي. ڪٿي هو ديس واسين کي
آزاديءَ ۽ آجپي لاءِ اتساهي ٿو ته ڪٿي وري هو سنڌ
لاءِ پنهنجي جيءَ ۾ جوڙيل سپنن جي ساڀيا جون
اڳڪٿيون ٿو ڪري، شاهه سائينءَ ماڻهوءَ جي روحاني
سربلنديءَ واري سفر ۾ ايندڙ مرحلن جو نقشو چٽيندي
چيو آهي:
بندر جان ڀئي، ته سکاڻيا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مهي،
ايڏو، سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.
اڄ سنڌ جو سماجي ۽ سياسي نقشو
شاهه جي اِن بيت جي منظرنامي جهڙو آهي.
بندر ڀوائتو آهي، ڪپر ڪن ٿو ڪري ۽ ڪپر وٽ پاڻيءَ ۾
اهڙي ولوڙ آهي ڄڻ ماٽيءَ ۾ مهي پئي ولوڙجي ۽ صدين
جا سور سهڻ کان پوءِ به ناکئا ننڊ ۾ آهن. اياز کي
سنڌ ۾، انساني کوپڙين جو هار پائي پنهنجي ڪاري ڪٺ
بت تي رک ملي، ماڻهوءَ جي لاش تي بيهي، ناچ ڪندڙ
موت جي ديوي ڪالي نظر آئي سندس وات مان انساني رت
پيو ٽمي ..... ديس تي ڪاري رات لٿي آهي. اُڀ ۾ نه ڪو تارو آهي ۽ نه ڪٿي ڪا لاٽ ٿي
نظر اچي. سنڌ صدين کان تاريخ جي لتڙ ۾ رهي آهي پر
سنڌ جيئن هاڻ پئي لتاڙجي ائين ڪڏهن ڪا نه لتاڙي
وئي:
اڳ نه اهڙو سنڀران، ڪوئي ڌرتيءَ دک،
هي جو ڪاليءَ مُک، هيل ڏٺو مون ڏيهه ۾.
ڪيڏي ڪاري رات، ڍول، لٿي آ ڍٽ تي،
نه ڪو تارو اُڀ ۾، نه ڪا ڏيئي لاٽ،
اوشل جرڪي جاٽ، چارڻ، تنهنجي چنگ مان.
صدين کان سڀ جي رهي،
لتڙ ۾ هيءَ لُوءِ،
هينئن لتاڙيو ڪونه ڪنهن، ان کي اڳ ابوءِ،
اڄ اسان جي ڀاڳ ۾، پيارا، ڪانهي پوءِ،
اچ اچ ڍونڍ نه ڍوءِ، ويڙهه سڏي ٿي واهرو.
ڪٿي ڪٿي اياز اوائليت پرست (Primitivist) شاعرن وانگر ٿر ۾ اوائلي دور ۾ جيئڻ وارن ٿر واسين کي
romanticise
ٿو ڪري. هو ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي، جنهن
کي هو ”تون مُور نه منهنجو مـِٽُ“ ٿو چئي، ٿر جي
منظرنامي ۾ وٺي ٿو وڃي جتي صبح جو
سوير ساڏوهين تي ماڪ ٿي مهڪي. ٿر جي ولين جي
ٿڌڪار، جنت جي ٿڌڪار جي تصور کا به وڌيڪ آهي. اُتي جي ڪُنيءَ
۾ رڌل سائن جو مزو بي مثال آهي ۽ مارئين جي لوئيءَ
جي لڄ جو ڪو مٽ ڪونهي:
تون ڇا ڄاڻين، اوپرا، ٿر جي ولين ٿڌ،
تنهنجي سوچيل سرڳ کان، منهنجي وستي وڌ،
منهنجي ڪُنيءَ رڌ، جي تون سائون چکئين.
تون ڇا ڄاڻي، اوپرا، تن جي لوئيءَ لَڄَ،
هي جي منهنجون ماريون
منهنجي
ڌرتيءَ ڌڄ،
ڇڻي پنهنجا ڇڄ، اُجارين ٿيون باک ۾.
اياز جو سنڌ سان عشق وحدة والجودي عشق
آهي. ساري سنڌ سندس اندر ۾ سمايل آهي ۽ سنڌ
سان جيڪي به ظلم ۽ ڏاڍايون ٿيون آهن ۽ هينئر به ٿين پيون،اهي
سڌوسنئون ساڻس ٿيون آهن ۽ ساڻس پيون ٿين، مدد خان
به کيس ئي ڪُٺو ۽ سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي پيڙا ۽ ايذاءُ
سندس اندر مان گيت بڻجي ٿو گونجي:
مون کي ئي هن ڏيهه ۾، مدد خان ڪُٺو،
لهوءَ مينهن وٺو، سارو منهنجي ساهَ تي.
جيئن صوفي چوندا آهن ته رڳو الف جو اکر پڙهه ۽
ٻيا ورق وسار ۽
پڙهي
پڙهندين ڪيترو، ائين اياز به سنڌ جي حوالي سان
صوفين واري ڳالهه ٿو ڪري ته ان پڙهائيءَ مان ڪجهه
ڪونه ٿو وري،
جنهن مان ماڻهوءَ ۾ پنهنجي ديس جي حوالي سان شناس
پيدا نٿي ٿئي. ماڻهو جڏهن ڪڙهائيءَ ۾ ڪڙهي پاڻ کي
پرکي ٿو تڏهن منجهس اهڙي
شناس پيدا ٿئي ٿي.
آءُ ڪڙهائيءَ ڪڙهه، آءُ ته پرکيون پاڻ کي،
هونءَ ته پيو پڙهه، پڙهڻ مان ڇا ٿو وري.
جي تو سگهه سرير ۾، آءُ چڪڻ تان چڙهه،
هونءَ ته پيو پڙهه، پڙهڻ ٻوڙيا ڪيترا.
هن جي اندر ۾ سنڌ لاءِ ڪو سپنو سرجيل آهي.
هن جي ساهن ۾ سپنا
مورن وانگر ستل آهن، جن لاءِ ڪارونجهر جي ڪور
آسائتي آهي. هن جا سپنا چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾
کاروڇاڻ ٿي کڙي بيٺا آهن:
سپنا منهنجي ساهه ۾، ڄڻ ڪي ستل مور،
ڪارونجهر جي ڪور، آ جن لاءِ آسائتي.
سرتا، سنڌوءَ تي جڏهن، جر ڏيئا جهپڪن،
سپنا منهنجي ساَه ۾، لهرن جيان لٽڪن،
تات انوکي تن، جهپ
نه
ڏئي جيءَ کي.
اياز پنهنجي اندر جي ڪارونجهر جي ڪور ۾
سنڌ جا ستل مورن جهڙا سپنا ڏسڻ جي ڏوهه ۾ ڏاڍو
ڀوڳيو، ٿاڻا، وارنٽ، ضمانتون، جيلن جون صعوبتون. اهي ڏاڍايون سرڪاري سطح تي هيون
۽ سماجي سطح تي ساڻس ڏاڍائيون ائين ٿيون جو هو
پراڻي سکر ۾ رهندو هو ۽ انتهاپسند
مهاجرن ۽ مذهبي جنونين سندس ۽ سندس فيمليءَ لاءِ
جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. سندس گهر جي ڀتين تي کيس
مارڻ
۽
سندس خاندان کي تباهه ڪرڻ جا نعرا لکيل هوندا هئا،
کيس ڪافر، دهريو، ملحد، ملڪ دشمن قرار ڏيئي سندس
لاءِ واجب القتل هجڻ جون فتوائون ڏنيون وينديون
هيون. سندس ٻارن کي اسڪول ۾ دهريي، ڪافر، ملحد ۽
ملڪ دشمن پيءُ جي اولاد هجڻ جا طعنا ملندا هئا. ان
ساري ايذاءَ ۽ اذيت ۾ اياز اڪيلو هو. ايذائن ۾
اڪيلي هجڻ ۽ اڪيلائيءَ جي ايذائن جو احساس اياز جي
سموري شاعري، خاص ڪري سندس قومي شاعريءَ مان جهلڪي
ٿو:
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، کڙيو کارو ڇاڻ،
سپنا منهنجي ساهه ۾، ڇا ڇا سنڌوءَ ساڻ،
پائي پنهنجو پاڻ، سڙهه سنڀاهيم هيکلو.
ٻيهر آءٌ اڪيلو، ۽ اونچي ديوار،
ڏڪي ويا ڏاڍ کان، ڪلهي ڪوڏيا يار،
هينئان، مَڃَ
نه هار، هيل به وڙهه تون هيکلو.
تون جو ڏيهه ڏري وئين، ڏسي ڏکيو پنڌُ،
آءٌ هلان ٿو هيکلو، ڪوري پنهنجو ڪنڌ،
هي ته منهنجو هنڌ، ڀل مران مان ماڳ ۾.
سنڌ سان وحدة الوجود واري عشق ۽ سنڌ جي
سورن، ڏکن، ڏولاون ۾ هن پنهنجو پاڻ کي ڳولهي لڌو ۽ ڌرتيءَ جي درد ۾ ئي امرتا
ماڻيائين. ان ڪيفيت ۾ هو هيکلو هو پر پوءِ هن
محسوس ڪيو ته
هو
اڪيلو نه آهي، ان سفر ۾ صديون هن سان ساڻ
آهن:
متان ڀانئين هيکلو، صديون توسان ساڻ،
رهي رهندو ڪيترو، مندائيءَ جو ماڻ،
پائي پنهنجو پاڻ، آءُ امرتا اوڏڙو.
آءُ ائين اسٿر، جيئن هو تارو اُڀ ۾.
تو در پهتس ديسڙا، گهوري پنهنجو گهر،
تون ڀيڻي، تون ڀر، هانءُ منهنجو هيکلو.
مون سان باندي بند ۾، منهنجا ڪيئي گيت،
جرڪي جن ۾ جيت، هر هر منهنجي هار ۾.
اياز جو اهو ايمان هو ته هن سنڌ لاءِ جيڪي
سپنا سرجيا آهن، انهن کي ضرور ساڀيان ملندي ۽ انهن کي ساڀيان ڏيڻ وارا سنڌ جا
اُهي مڙس آهن، جن جا ڪنڌ ڪهاڙيءَ جا هيراڪ
آهن. اهي ئي هن
ديس جي ڀيڻي ۽ ڀر آهن، ديس ۽ ديس واسين جي حالت تي
هنن کي جيڪو جهٻو ايندو، اهو سنڌ کي امر ڪندو، اُهي
هن ديس جا هاري ناري ۽ پورهيت آهن ۽
اُهي
ئي ڏاٽا ۽ هر آهن:
ايندو سو انسان، ڏمري، ساري ڏاڍ تي،
آءٌ متان اڳ ۾ مران، ناهه اهو ارمان،
ڏسندو نيٺ جهان، جيڪي منهنجي جيءَ ۾.
تون ڏاٽو تون هَرُ،
ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان،
آهين منهنجي ڏيهه ۾، تون ڀيڻي تون ڀَرُ،
ڪندو سنڌ امر، جهوٻو تنهنجي جيءَ
جو.
چنڊ جيان چمڪن، ڏاٽا منهنجي ڏيهه جا،
جهنگ ۾ جهونجارن جا، جهريندي جهمڪن،
تارا ٿا ٽمڪن، مولهين مٿان ماڳ ۾.
اياز سدائين پنهنجو پاڻ کي ٻيجل سان
Identify
ڪيو ۽ پنهنجي قلم کي ڪينرو سمجهيو. هن جڏهن تند
تنواري ته ان مان سنڌ لاءِ سڀاڻ جو سپنو تڙپي پيو. اهو سپنو اهڙي
پيار جو سپنو آهي. جيڪو سنڌ تي ڇانوَ
ڪندو ۽ سنڌ ۾ هر ماڻهو ٻئي جو ساٿي ٿيندو، ڪوئل جي
آواز ۾ ڪو نئون سانوڻ پيو سرجي ۽ سانوڻ جي باک ڦٽڻ
لاءِ، پئي ڄرڪي ۽ ڪوئل جي ڪوڪ ۾ هر هڪ وڻ ويڻا ٿي
پيو وڄي ۽ جهومي.
ٿڙپي اُٿي تار مان، سُڀان جو سپنو،
جنهن ۾ ڇپر ڇانوَ ٿي، پيار ڪري پاڇو،
ماڻهو ماڻهوءَ جو، ساٿي ٿئي ساڻيهه ۾.
سدا ڪوئل ڪنٺ ۾، سرجي ٿو سانوڻ،
برکا رت جي باک ڪا، جرڪي پئي ڄڻ،
وينا ٿي وڻ وڻ، جهومي جنهن جي جهانءِ ۾.
ڏس، هو ڪويل ڪنٺ مان.، ڄرڪي نڪتي باک،
جيئن مون لوئيءَ لاک، تيئن هو سامهون سوجهرو. |