سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شيخ اياز صدين جي صدا

 :شيخ اياز

صفحو :1

شيخ اياز صدين جي صدا

آغا سليم

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”شيخ اياز- صدين جي صدا“ سنڌي ٻوليءَ جي معروف ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ نقاد آغا سليم جي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ مصنف جديد سنڌي شاعري جي مَهان ڪويءَ شيخ اياز جي شاعري ۾ عشق جي لذت ۽ محبوب جي حُسن و ادا جي موضوع جو فني ۽ فڪري اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هِن ڪتاب ۾ ڪل اَٺَ مضمون ڏنا ويا آهن، جن مان هر هڪ مضمون موضوع جي اعتبار کان دلفريب انفراديت جا حامل آهن. جديد سنڌي شاعريءَ جي سرواڻ شيخ اياز جي تخيل جي مَڌُ ۾ ڀِنل شاعريءَ تي معروف افسانه نگار ۽ نقاد آغا سليم باريڪ بينيءَ سان تجزيو ڪري، ننڍڙي کان ننڍڙي منظر کي جَهٽي فوڪس ڪري هڪ وڏي ۽ گهري پسمنظر ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن سان شيخ اياز صاحب جي شخصيت ۽ ان جي شاعريءَ بابت ڪنهن پڪي پختي راءِ جو تعين ڪري سگهجي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن شاعرن جي شاعري جي فني ۽ فڪري اڀياس تي مشتمل معياري ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نَوَن ڪتابن جي اشاعت سان گڏوگڏ پڙهندڙن طرفان گُھر ٿيندڙ ريپرنٽ ڪتاب به شايع ٿي رهيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب ”شيخ اياز- صدين جي صدا“ جو هيءُ ٻيو ڇاپو شيخ اياز جي سؤ ساله جنم ڏينهن جي حوالي سان بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش اوهان پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

28- رجب المرجب 1444هه                        سيد سڪندر علي شاهه

20- فيبروري 2023ع                      سيڪريٽري

 

ڪَنوَرُ پاڙون پاتار ۾

 

ڪنهن به قوم کي پنهنجي تهذيبي ورثي کي ڳولهڻ ۾ صديون لڳي وينديون آهن. اسان کي پنهنجي مُهن جي دڙي جي تهذيبي ورثي کي ڳولهڻ ۾ هزارين سال لڳي ويا ۽ اڃا تائين انهيءَ تهذيب جا ڪيترائي تَهه اسان کان لڪل آهن ۽ اسين پنهنجي تهذيب جي عظمت جا راز ڄاڻي نه سگهيا آهيون. مغرب جا دانشور اڃا پيا شيڪسپيئر کي ڳولهين. اسين به گذريل اڍائي سو سالن کان ڀٽائيءَ کي پيا ڳولهيون ۽ اڃا تائين کيس پوريءَ طرح ڳولهي نه سگهيا آهيون. اياز کي ته اسان اڃا ڳولهڻ شروع ئي نه ڪيو آهي. اسان کي عام طرح اياز جي رڳو ايتري خبر آهي ته اياز ديس جي درد ۽ ان درد مان جنم وٺندڙ قومپرستيءَ جو شاعر آهي، جڏهن ته اياز جي شاعريءَ  جا ڪيترائي رُخ آهن ۽ انهن مان هڪ رُخ هن جو ماضيءَ  ڏانهن موٽ وارو آهي.

دنيا جي ادب ۾ شاعرن ۽ اديبن جا ماضي، حال ۽ مستقبل ڏانهن ٽي رويا رهيا آهن. هڪ ماضي پرستيءَ وارو رويو، ٻيو ماضيءَ جي شعور سان حال ۾ جيئڻ وارو رويو ۽ ٽيون مستقبل پرستيءَ وارو رويو. هونئن ته دنيا جو هر پراڻو نسل پنهنجي ماضيءَ واري دور کي نئين نسل جي دور کان وڌيڪ سٺو سمجهندو آهي پر صنعتي انقلاب کان پوءِ صنعتي ثقافت ۾ جيئڻ وارو ماڻهو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن ۽ خود پنهنجو پاڻ کان ڇڄي، پنهنجي انفراديت جو اسير  ٿي ويو. هن کي ماضيءَ جو اهو دور ڏاڍو حسين لڳو، جنهن ۾ ماڻهو اجتمائي زندگي گذاريندو هو، فطرت جو فرزند هو ۽ فطرت جي هنج ۾ جيئندو هو. فطرت جيتوڻيڪ نامهربان، اڻ گهڙيل ۽ کهُري هئي پر زندگي ڏاڍي پُرسڪون هئي. ان دور کي حضرت آدم جي زوال کان اڳ جي جنت وارو دور سڏيو ويو. شاعرن ۽ اديبن شهر جي ڪرپشن، نفعي خوري، ڏيتي ليتي ۽ هڻ وٺ واري حياتيءَ کان فرار اختيار ڪري ان چراگاهي زندگيءَ ڏانهن موٽ ٿي کاڌي. ڪيترن شاعرن ماڻهن کان منهن موڙي فطرت ڏانهن رُخ رکيو ۽ فطرت پرستي اختيار ڪئي. اها فطرت پرستي هڪ نئون تصوف ٿي اُڀري، جنهن کي فطرت جو تصوف Nature Mysticism چوندا آهن. اڻويهين صديءَ جو انگريزي شاعر William words worth فطرت واري تصوف جو ڄڻ ته پيغمبر شاعر هو. هن جو مشهور نظم World is too much with us جي هيٺئين بند مان هن جي پنهنجي اڪيلائي ۽ ويڳاڻائيءَ جي حوالي سان فطرت ڏانهن موٽ جو ڏس ملي ٿو:

سمنڊ، چنڊَ آڏو، پنهنجي ڇاتي اگهاڙي ڪئي آهي

هر گهڙي گهوگهٽ ڪندڙ هوائون، ننڊاکڙن گلن وانگر سانت آهن.

اِهي ۽ ٻيون ڪيتريون شيون اسان لاءِ اوپريون آهن

۽ اهي اسان تي ڪو اثر نه ٿيون ڪن

اي عظيم خدا، مان اهڙي ڪافر ٿيڻ کي ترجيح ٿو ڏيان، جنهن جي پرورش اوائلي عقيدن ۾ ٿي هجي ته جيئن.

مان هن سبزه زار ۾ بيهي اهي نظارا پسي سگهان، جيڪي منهنجي اڪيلائيءَ ۽ ويڳاڻائيءَ  کي گهٽائي سگهن.    

چراگاهي زندگيءَ جو نمائندو ڪردار چارڻ هو، جيڪو فطرت جي هنج ۾  ويهي، سانت ۾ ٻَرندڙن سُرن، ڌَڻ جي چڙن ۽ ٽلين جي آواز سان، پنهنجي بنسريءَ جا سُر ملائي نغما وکيريندو هو. اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي هڪ صنف وجود ۾ آئي جنهن کي Pastorals  چوندا آهن. لاطيني زبان ۾ Pastoral جي معنيٰ  آهي چارڻ واري. ان صنعتي دور ۾ ئي Primitivism يعني اوائليت واري تحريڪ هلي،جنهن جي پوئلڳن تاريخ  کان اڳ واري غير مهذب دور کي مثالي ۽  آدرشي دور ڪري  پيش ڪيو. اوائليت واري تحريڪ بنيادي طرح نئين تهذيب ماديت، مادي ترقي ۽ صنعتڪاريءَ جي خلاف ۽ اڻ گهڙيل فطرت جي پرستاريءَ جي تحريڪ هئي. اوائليت وارن جو چوڻ هو ته جهنگ واسين جي زندگي شهر جي مهذب زندگيءَ کان وڌيڪ سٺي آهي ڇو جو جهنگلي ماڻهو قدرت جي قانونن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به قانون جو پابند نه آهي، جڏهن ته شهري ماڻهو سوسائٽيءَ جي هٿرادو قانونن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اوائلي دور ۾ جيئڻ واري فطرت جي فرزند کي Noble savage چيو ويو.

     ماضي پرستن جي بنهه اُبتڙ ڪن اديبن ۽ شاعرن ماضيءَ جي سموري ادب، آرٽ، ثقافت ۽ عملي ورثي کي رد ڪيو ۽ مشين ۽ تيز رفتاريءَ کي نئون ديوتا ڪري مڃيو. اُهي مستقبل پرست (Futurist) سڏجن ٿا. اٽليءَ جي فيوچرسٽ تحريڪ جي اڳواڻ T Marinetti .F مستقبل  پرستن جو منشور لکيو، جنهن ۾ هن ماضيءَ جي سموري ورثي کي رد ڪرڻ ۽ تيز رفتاريءَ کي خدا مڃڻ جو اعلان ڪيو:

Time and space died yesterday, we already live in the absolute,  We will destroy the museums, libraries  and academies of every kind, We say that world's magnificence has been enriched by  a new beauty, the beauty of speed.

ترجمو: زمان ۽ مڪان ڪالهه  مري ويا ۽ اسين رهون ئي مطلق ۾ ٿا، اسان هر قسم جي ميوزمن، لئبريرين ۽ علم- گهرن کي تباهه ڪنداسين. اسان چئون ٿا ته دنيا جي شانداريت هڪ نئين حسن سان مالا مال ٿي آهي ۽ اهو حسن آهي تيز رفتاري.

ماضي پرستيءَ جو هڪڙو رويو اهو به هو ته ماضيءَ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي خزاني کي ماضيءَ جو ورثو سمجهي سنڀالي ۽ استعمال ۾ آڻي زنده رکڻ گهرجي. انگلنڊ ۽ فرانس جي ليکڪن محسوس ڪيو هو ته صدين تائين غير مهذب رهڻ کانپوءِ هنن مس مس Augustan period ۾ يونان ۽ روم واري تهذيبي بلندي حاصل ڪئي هئي. هاڻي ضروري هو ته ان ورثي کي محفوظ ڪجي. صنعتي تهذيب کان اڳ واري ماضيءَ ۾ ماڻهو تخليق جو سرتاج هو، احسن التقويم ۽ اشرف المخلوقات هو، پر صنعتي تهذيب هن کان اها عظمت ۽ برتري کسي ورتي ۽ کيس مشين کان به ننڍڙو بڻائي ڇڏيو. مشينن جي مالڪن جو چوڻ هو ته هڪ مزدور جي جاءِ تي ٻيو مزدور ملڻ سولو آهي پر هڪ مشين جي جاءِ تي ٻيو مشين ملڻ ڏکي آهي. Darwin ان اشرف المخلوقات کي باندر بڻائي ڇڏيو، ۽ هڪڙي شاعر چيو:

Darwinian man thought well behaved,

At best is only a monkey shaved?

ڊارون وارو ماڻهو گهڻو ئي خوش اخلاق آهي،

پر آهي ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل باندر.

ماڻهو جيتوڻيڪ پنهنجي اشرف المخلوقات واري رتبي تان ڪري باندر بڻجي ويو هو پر هن وٽ اڃا هڪڙي شيءِ هئي، جنهن کيس ٻي مخلوق کان برتر بڻايو هو، اها هئي هن جو ماضي جيڪو تاريخ هو. هو پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ  جي پس منظر ۾ بلند ۽ قدآور نظر ٿي آيو ۽ صنعتي دور جي شاعرن ۽ اديبن اها سربلندي حاصل ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي.

انگلينڊ ۾ آرٽسٽن جو هڪڙو طبقو پيدا ٿيو، جنهن کي Pre-Ra-Phaelites سڏيندا هئا. هو فن ۾ جديديت جا مخالف هئا ۽ مشهور آرٽسٽ Ra-Phael (1530-1483) کان اڳ وارين فني هيئتن  جا قائل هئا. هنن پراڻين هيئتن ۾ نئون روح ٿي ڦوڪيو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ جنسي جذبن جو کليو اظهار ڪندا هئا، انڪري ڪن نقادن کين ”گوشت جي شاعريءَ واري اسڪول (school of Poetry Fleshy)  جا شاعر سڏيو.

پنهنجي دور کي ماضيءَ جي پس منظر ۽ ماضي جي منظرنامي کي پنهنجي دور جي پيش منظر ۾ ڏسڻ واري رويي پوءِ قوم پرستيءَ جي صورت اختيار ڪئي. ان قوم پرستيءَ ڪنهن ٻي قوم طرفان ٿيندڙ سياسي ثقافتي ۽ معاشي استحصال جي شعور مان جنم ورتو. اهڙي قوم پرستيءَ جو هڪڙو مثال آئرلينڊ جي celtic قوم جي، پنهنجي ماضيءَ جي عظيم ادبي ورثي جي اهميت جو شعور آهي، جنهن کي Celtic Twilight  ۽Celtic Revival  چوندا آهن. اها هنن جي ادبي نشاه الثانيه (Renaisance) هئي. هنن انگريزي ادب جي استحصالي اثر اندازي ۽ برتريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوڪ ادب، ڏند ڪٿائن، قديم تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن ۽ انهن جي ڪردارن، ماضيءَ جي ڀَٽن، ڀانن، چارڻن ۽ سورمن کي، ماضيءَ جي سردخاني مان ڪڍي حال ۾ آڻي بيهاريو. 1898 ۾ W.B.Yeats نالي مشهور  ڊراما نويس ۽ شاعر لوڪ ڪهاڻيون گڏ ڪري انهن کي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ ان جو نالو Celtic Twilight (جنهن کي جيمز جوائس ٽوڪ مان Cultic Twelette چوندو هو) رکيو.

ايذرا پائونڊ جو به اهو ادبي عقيدو هو ته ساري دنيا جو ادب، آرٽ ۽ فڪر انسان جو گڏيل ورثو آهي. اسان کي گهرجي ته اسين ان گڏيل ورثي جي حفاظت  ڪريون ۽ ان کي وقت بوقت استعمال ۾ آڻي زنده رکندا اچون. هن جي هڪ مشهور نظم جو بند آهي:

What thou lovest well remains,

The rest is dross,

What thou lovest well shall not be reft from thee!

What thou lovest well is thy true heritage.

شيخ اياز سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن شعوريءَ طرح ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي ۽ حال جي قومي ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ ماضيءَ کان پنهنجي قومي عظمتن جا راز سلايا. اياز جي ماضيءَ ڏانهن موٽ جو سبب هن جي قومي عظمت جي مجروح احساس مان جنم وٺندڙ شدت پسنديءَ واري قومپرستي هو.اياز جيڏو وڏو شاعر هو ايڏو ئي پڙهيل به هو. هن دنيا جي ادب کي آگهاريو هو ۽  هن کي دنيا جي نت نون ادبي ۽ فني لاڙن جي ڄاڻ هئي پر هن پنهنجي جيءَ جون جڙون سنڌ جي مُهن جي دڙي تائين پکڙيل تهذيب، ڪلاسيڪي شاعري، تاريخ، سنڌ جي ٿرن برن ۾ گونجندڙ لوڪ گيتن ۽ سنڌ جي هانءَ مان ڦٽندڙ لوڪ داستانن ۾ لڳايون. هن سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف وانگر سنڌي لوڪ داستانن جا سُر به لکيا ته لوڪ گيتن جي تضمين ۾ پنهنجي دور جي درد ۽ ڌرتيءَ جي دک جا گيت به چيا.

لوڪ گيت ڪنهن به قوم جي اجتماعي احساسن جي نغمگيءَ جو اظهار هوندا آهن. اهي ماڻهن جي احساسن جا آثار قديم نه پر سندن زنده احساسن ۽ اُمنگن جا آئينا هوندا آهن. اسان جو حال اسان جي ماضيءَ جو ئي تسلسل آهي. جنهن گهڙيءَ ۾ اسين زنده آهيون، اها گهڙي پنهنجي ليکي،پنهنجي جاءِ تي پنهنجو پاڻ ۾ الڳ نه آهي پر ماضيءَ جي انهن گهڙين جو تسلسل آهي،جن گهڙين جي ڪُک مان انهن گيتن جنم ورتو. اياز لوڪ گيتن جي تضمين ۾ گيت لکي، ماضيءَ جي احساساتي منظرنامي ۾ پنهنجي دور جي طرزِ احساس   (sensibility)  جو اظهار ڪيو آهي. اياز جي شعري مجموعي”وڄون وسڻ آئيون“ ۾ ٿري گيتن جهڙوڪ لوڏ ۽ لمڪي سان ڏٿ چونڊيندڙ وينگس جو گيت ”لمڪيان ڙي لو “، سانوڻ ٽيج جي سهائي پَکَ ۽ اونداهي پَکَ ۾ نو ورنين جو گيت ”سانوڻ ٽيج“، ڪٺمال وڪڻندڙ پڃاري جو گيت ”مڻهيار“، ٿر جي ڀٽن ۽ ڏهرن ۾ اُٺ تي سفر ڪندڙ مسافر جو گيت ”ڪرهو“، ۽ ٻين ڪيترن گيتن جي تضمين ۾ لکيل گيت شامل آهن. انهن گيتن کي اياز نئين احساساتي نغمگي ۽ نئين طرزِ احساس ڏني. سندس شعري  مجموعي ”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪَري“ ۾ مهراڻي علائقي  جو مشهور لوڪ گيت ”همرچو“ جي تضمين ۾ لکيل هڪڙو گيت شامل آهي. همرچو اصل ”همراهه اچو“ آهي هي لاباري جو گيت آهي، جنهن ۾ ساٿين کي لاباري لاءِ سڏڻ جا آلاپ آهن، سُرن جي ترتيب جي لحاظ کان هي گيت موسيقيءَ جي تاريخ ۾ دنيا جي قديم ترين گيتن مان آهي، جو هي گيت چئن سُرن ۾ ڳائبو آهي. اياز جي همرچي ۾ نئين احساساتي نغمگي ۽ سمبالزم آهي،

                 هيل گهٽا گهڻگهور الا.

                ساوڻ زوران زورالا،

                همرچي جو ويلوڙي.

 

                رم جهم رم جهم رات الا،

               گهنن گهنن برسات الا،

               همرچي جو ويلو ڙي.

ساري دنيا جي ادبي فڪري لاڙن جي ڄاڻ ۽ پنهنجي ديس جي پاتار ۾ پاڙون هجڻ واري صورتحال جي تمثيل اياز کي ڀٽائيءَ جي هن سـِٽَ ۾ نظر آئي:

ڪنور پاڙون پاتار ۾، ڀنئور ڀري آڪاس.

۽ اياز پنهنجي پهرين شعري مجموعي جو عنوان ”ڀنئور ڀري آڪاس“ رکيو.

اياز جي شاعريءَ جي ڪنول جون پاڙون ته سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ادب ۽ صدين تائين پکڙيل ثقافت جي پاتار ۾ هيون پر هن جي سوچ جو ڀنئور جديد دور جي جديد سوچ ۽ جديد فڪري لاڙن ۽ ادبي روين جي آڪاس ۾ ٿي ڀريو. دنيا ڪيترو اڳتي وڌي چڪي هئي پر سنڌ ڪيترو نه پٺتي رهجي وئي هئي ۽ وقت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي هئي، پراڻيون رسمون، پراڻا رواج، مدي خارج ۽ اڏوهي کاڌل عقيدا، روحاني پاٿاريداريون ۽ روحاني ڀُنگ، ساري سنڌ يرغمال هئي. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي نئين فڪر سان سنڌي سماج کي ڌوڻيو ۽ ماضيءَ جي ڪيتري ورثي کي رد ڪيو. اياز جي ”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري“ تائينءَ واري شاعري ترديد ۽ انڪار واري شاعري آهي.

ان دور ۾ هن لطيف سائينءَ جي ڪيترن تصورن کي نه مڃيو، ساميءَ جي ويدانت جي نفي ڪئي ۽ مذهب کي روايتي انداز ۾ مڃڻ کان انڪار ڪيو. ان دور ۾ ئي اياز پاڻ کي لا مذهب صوفي به سڏيو ۽ سچل واري لهجي ۾ ”ڪافر مومن ناهيان،وو،ڪافر مومن ناهيان“ جهڙي شاعري به ڪئي، انڪار جي  ان دور واري هن  جي شاعريءَ ۾ انڪار ۾ اقرار ۽ نفيءَ ۾ اثبات اِئين ٿا محسوس ٿين،جيئن لطيف سائينءَ کي پنهنجي پنهونءَ جو پرتو جهڙ ۾ جهالا ڏيندو محسوس ٿيو هو. ڏٺو وڃي ته اياز جي سموري شاعري انڪار کان اقرار ۽ نفيءَ کان اثبات ڏانهن سفر جي شاعري آهي ۽ لطيف سائينءَ جي آديسيءَ جو نانهن ۾ ناٿ کي ڳولهي لهڻ جي سفر جو سفرنامو آهي، شايد ته اقرار جي سفر جي شروعات انڪار سان ٿيندي آهي. اسان جو ڪلمه شهادت به ”لا“ سان شروع ٿو ٿئي. سرمد لاءِ چوندا آهن ته ڪلمون پڙهڻ وقت هن لا کان اڳتي پڙهڻ کان انڪار ڪيو. پڇيائونس ته اڳتي ڇو نه ٿو پڙهين، چيائين ته مان اڃا انڪار ۾ ئي پڪو ناهيان ته اقرار ڏانهن ڪيئن وڌان. ويدانتي به ”نيتي نيتي“ ”هو هو به ناهي، هي به ناهي“ چوندا آخر اقرار تي پڄندا آهن. اياز جي شاعريءَ جي به انڪار کان شروعات ٿي، پر سندس انڪار واري اها شاعري به ڪڏهن جمنا جي گهاٽ گهاٽ تي ان هستيءَ کي ڳولهيندي ٿي نظر اچي، جنهن کي اياز هندي گيت جو شيام ٿو سڏي ته ڪڏهن لهر لهر ۾ کيس ان جو لڙاٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. پکين جي لات ۾ به ان شيام جي ئي تات آهي ۽ اياز جڏهن سهڻيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، تڏهن کيس پرار جي پراسراريت جي ٻُرندڙ چڙن جا آواز ٿا ٻڌڻ ۾ اچن:

 

ڪٿي ته آهين شيام!

ڄڻ جمنا جي لهر لهر ۾، تنهنجي آهه لڙاٽ.

گهمي ڏٺم سڀ گهاٽ،

ڪٿي ته آهين شيام!

ڄڻ پنڇيءَ جي گيت گيت ۾ آهي  تنهنجي تات،

ڪٿي لڪو آن ڪانَ،

ڪٿي ته آهين شيام!

چُور چُور ٿي  پئي هان تنهنجو،وٺي وٺي مان نانءُ،

هڄي پيو آ هانءُ.

ڪٿي ته آهين شيام!

ڪٿي ته آهين شيام!

 

يا هن جو هي نظم ته:

ائين نه مون کي رول

تون ئي مون کي ڳول،

توکي ڳولهي آنءُ،

ڪڏهن ته پاتو ٿانءُ،

آءُ منهنجا ڍول،

تون ئي مون کي ڳول.

عمر جي آخري حصي ۾ هو سهڻيءَ وانگر ڪُنن مان ڪاهيندو پنهنجي ميهار ۽ پنهنجي پاڻ تائين پهتو ۽ دعائون لکيائين. ڪيترن ماڻهن لاءِ سندس اها ذهني ۽ روحاني ڪيفيت اعتراض جوڳي ٿي سگهي ٿي پر ماڻهوءَ جي اندر جي سفر جو سلسلو پنهنجي منزل پاڻ ڳولهي لهندو آهي ۽ ماڻهن جو محتاج نه هوندو آهي.

انڪار جي ان دور ۾ هن پراڻن پستڪن ۽ اڏوهي کاڌل ڏاهپ کي رد ڪيو:

ووءِ پراڻيون  پوٿيون، ووءِ اهي پُستڪ،

جن ۾ ڏاهپ – ڏکَ سان، صديون بڪيل بَڪَ،

جيءَ اچن ٿا جَڪَ، جيڪر سڀ ساڙي ڇڏيان.

 

هيءَ جا جهوني جَکَ، صدين کان سُڻندو رهين،

ڇا ڪو ڪندو جيئرو، مردي ڏيئي مَکَ،

ڪاريءَ وارا ڪَکَ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾.

 

تو جو ٻُڌا ٻَنڌڻين، ٻوٽ انهيءَ تي ڪَن،

هو جي ڳالهيون ڳجهه جون، سي سڀ ڏاڍي ڏَنَ،

ڇڏي ماضيءَ کَن، ڀڀ ڀريائون ڪوڙ مان.

 ڪوريئڙي جا ڄارَ، ڪوڙَ ڪسابن جي اُڻيا،

ماڻهو مکن واِنگيان، ڳڀرو، ٻڍا، ٻارِ،

تار نه ملي تار، جي تون ڇنين ڇڪ مان.

انڪار ۽ ترديد جي ان دور ۾ جيتوڻيڪ اياز ڀٽائيءَ لاءِ چيو ته:

 ڪهڙي ڪُنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنان ٿانءَ،

آهي تنهنجيءَ ٻاجهه سان، ميان، منهنجو نانءُ،

ڪٿي هجان آنءُ، جي نه هجين تون  جُوءِ ۾.

پر اياز ڀٽائيءَ جي ڪيترن بيتن سان اختلاف ڪندي انهن جا جوابي بيت لکيا. ڀٽائيءَ کي اسين ڪيترا به کڻي مارڪسزم ۽ سوشلزم جا ويس وڳا پارايون پر حقيقت ۾ ڀٽائي بنيادي طرح روحانيت واري طرزِ احساس (spirit-tual sensibility) جو شاعر آهي. هن سُرُ سارنگ ۾ ٿر جي اڃايلن تي مهر جا مينهن وسايا آهن ۽ اسين ڏسون ٿا ته رحمت جي وسڪاري سان اُڃين ۽ بکين ٿرين جي اڱڻن ۾ تازي گهوڙا بيٺا آهن ۽ ٻاهر ڪَنڍين جا ڌڻ ٿا چرن، سرهي سيج تي ونيءَ پاسي پرين آهي ۽ مينهن پيا وسن، ۽ وري سر ڪاموڏ ۾ ڪاريون ڪوجهيون، ڪُوڙيون مهاڻيون، ککيءَ جون کاريون کڻي واٽ تي ويٺيون آهن: سندن پاند به پاند سان لڳي ته جيڪر اُٻٿايون اچن. ڀٽائيءَ سنڌ جي سمي سلطان ڄام تماچيءَ کي سندن اڱڻ آندو ۽ هو بادشاهي تخت تان لهي ڄار ڪلهي تي ڪري مهاڻن سان مڇي مارڻ لڳو ۽ مٿن مڇيءَ جي ڇلرن وانگر ماڻڪن جي ڇَٽ ڪئي. انڪري ڀٽائيءَ کي ڪٿي به ڪڙاڻ نظر نه آئي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪڙاڻ نظر آئي به ته چيت ڪري چکڻ سان اها مڙئي مٺائي تي پئي:

پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،

ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

پر اياز جي اُڃايل زندگين کي لُڪن ۾ لُوساٽيل ڏٺو ۽ هنن تي مهر جي ڪا بوند نه برسي، ککيءَ هاڻين کارِين ۽ ڇڇيءَ هاڻن ڇڄن وارين ڪارين ڪوجهين مهاڻين وٽ ڪنهن تماچيءَ کي ايندو نه ڏٺو ۽ هن ڀٽائيءَ جي بيت جي جواب ۾ چيو:

ڪير چوي ٿو ڏيهه ۾، مڙئي مٺائي،

مون آ چکي چيت ڪري، ساري ڪڙائي.

آهي آجائي، ڳالهه پريان جي پار جي.

ڀٽائيءَ پنهنجي عقيدي جي حوالي سان چيو:

ستر ڪج ستار، آءٌ اگهاڙي آهيان،

ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.

پر اياز ان تصور کي رد ڪيو جو سندس لاءِ اوگهڙ اهڙو سچ آهي، جنهن کي پناهه جي پاند سان ڍڪڻ مٿس ميار آهي:

ڍڪَ نه ڍڪڻهار، آءٌ اگهاڙو ئي چڱو،

مٿان سچ ميار، هر ڪو پاند پناهه جو.

اياز

نمي کمي نهَار، تون، ڏمر وڏو ڏک،

منجهان صبر سک، جي سنواريا سمجهين.

ڀٽائي

ڪير چوي ٿو، بانورا، صبر وڏو سُک،

آءٌ چوان ٿو مٽبو، هن ڌرتيءَ جو دُک،

هي جو ماڻهوءَ ڏک، ڏونگر ڏاري ٿو وجهي.

اياز

ساراهيان سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم.

ڀٽائي

ساراهيان سنسار، جو سچو آهي سونهن ۾.

اياز

شاعر سدائين علامتن ۾ ڳالهائيندو آهي، ڏٺو وڃي ته اسين عام گفتگو به علامتن ۾ ڪندا آهيون، جو ٻوليءَ جو هر اکر معنيٰ جي صوتي علامت آهي. صوفي ۽ ويدانتي شاعر جيئن ته عام ماڻهوءَ سان هم ڪلام هوندو آهي، انڪري هو عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ پکڙيل  شين کي علامتن طور استعمال ڪندو آهي. انهن شين جي معنيٰ جون ٻه سطحون هونديون آهن. هڪ اها سطح جنهن ۾ اها شيءِ پنهنجي اصلي حالت ۽ اصلي لغوي معنيٰ ۾ موجود هوندي آهي، ۽ ٻي اها سطح جنهن تي اها شيءِ پنهنجي لغوي معنيٰ کان مٿڀرو ٿي ڪنهن ٻي معنيٰ، مفهوم ۽ تصور جو مظهر ٿي ويندي آهي.  مثال ڀٽائيءَ جي ڪاپائتي رڳو آتڻ ۾ سُٽ ڪتيندڙ ڪاتار نه آهي پر ڪنهن ٻئي تصور ۽ مفهوم  جي مظهر به آهي. ائين ئي سُٽُ، سٽ جو خريدار صراف، ائٽ، آتڻ، ٽڪُ، مال، پنهنجي اصلي معنيٰ سان گڏ ٻي معنيٰ ۾ به استعمال ٿيل آهن. اسين ڀٽائيءَ جي سُر ڪاپائتيءَ جي منظر نامي ۾ داخل ٿا ٿيون ته اسان کي اهڙيون ڪاپائتيون به ٿيون نظر اچن جيڪي ڪتن به ٿيون ته ڪنبن به ٿيون، جو اڳيان تورڻ وارا تکا آهن. ڦوري ڦولڻ سان متان ڪي عيبَ عيان ٿين ۽ صرافَ دُڪوئي داخل نه ڪن، انهن ڪاپائتين ۾ وري ڪا اهڙي ڪاتار به نظر ٿي اچي، جنهن سنهون سٽ ڪتڻ سکيو ئي نه آهي پر هن کي صرافن پاران اجازت مليل آهي ته ڀل رنڊائي روڙي ۽ هن جي ٿلهي ۽ ٿوري سٽ کي به مٿڀرو سمجهي صراف تارازيءَ ۾ نه ٿا تورين. جيڪي پنهنجي هنرمنديءَ تي غور ڪري سنهون سٽ ٿيون ڪتين، تن جو صراف دڪو به داخل نٿا ڪن. پر جيڪي من ۾ محبت رکي رنڊا ٿيون روڙين، تن جو صراف اڻ توريون ئي ٿا اگهائن:

جا سنهون نه سکي، سا مَرُ رنڊائي روڙي،

سُٽ تنين جو سڦرو،  ويا ترازيءَ توري،

ٿلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙ ٿيو.

 

جنين ڪتيو ڪال، سي پاڻان پيون مامري،

جنين ٽڪ نه مالَ، سرهيون سي صراف سين.

  

چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،

تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.

 

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.

اياز، ڪاپائتي ۽ صراف واري ان ساري تصور کي رد ڪيو. اهو انياءُ ۽ ناانصافي آهي ته جن رنڊا روڙيا اهي صرافن آڏو سرهيون آهن، ۽ جن جو سٽ سنهون ۽ سڦرو آهي تـِن جو صراف دڪو داخل نه ٿا ڪن، اياز جي ڪاپائتي رڳو ڪتي ۽ ڪنبي نٿي پر صراف سان سينو ساهي، کيس ڦورو ڦولي، سُٽ پرکي پوءِ اگهائڻ لاءِ اصرار ٿي ڪري:

 

توري پوءِ اگهاءِ، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان،

سُٽ اِن کان سڦرو، جي ڪو آهه ٻڌاءِ،

وونئڻن هوندي واءِ، مون پڄاڻان، پارکو!

 

اڻ تورئي جو آسرو، ڪڏهن مون نه ڪيو،

 مون اوريندي اَرٽ سان، لهي ڏينهن ويو،

چڱو مَڃُ چيو، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان.

 

ڦورو  ڦولهه ته مان وڃان، تند ترازيءَ پاءِ،

مون کي ئي ڪَسُ لاءِ، نه ڪسر هيرئين،

 

سون سريکا هٿڙا، گهُرن ٿا انصاف،

جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولهه ته مان وڃان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org