نواز انصاري
ورق به ساهه کڻن ٿا
سنڌي ۽ اردو جي نامور ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار سدرة
المنتهيٰ جيلاني لکڻ جي شروعات 13/14 سالن جي
ننڍڙي عمر ۾
اردو ادب کان ٻارن لاءِ افسانا
لکڻ سان ڪئي، باقاعدي ادب ۾ مارچ 2004ع کان قدم
رکيائين، سندس پهريون افسانو
”ماهوار
آنچل“
۾ ڇپيو، جيڪو اردوءَ ۾ هو، ان
کان پوءِ
هن اردوءَ ۾ ڪيترائي افسانا ۽ مضمون لکي پنهنجي
هئڻ جو احساس ڏياريو، ان کان پوءِ ماهوار
”صدرنگ“
۽
”دوشيزه“
۾ 2 سال تسلسل سان لکيائين، 2008ع کان 2010ع تائين
”ڪرن“،
”پاڪيزه“
۾ لکيائين. ان
کان پوءِ
هن سنڌيءَ
۽
لکڻ شروع ڪيو، 2010ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي
”ٻئي
جهان ٻوڙينداسين“
”ماهوار
امرتا“
۾ قسطوار ڇپي. 2011ع ۾ هڪ بهترين افسانو
”رُڪجي
ويل صدي“
لکيائين، جيڪو ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن کي سنڌي
ادب ۾ سُٺي موٽ ملي. هيءُ افسانو هڪ شاهڪار آهي،
جنهن ۾ پوري زندگيءَ جي سفر کي نهايت ئي سچائيءَ
سان پيش ڪيو ويو آهي، محبت جا رنگ جيتوڻيڪ پيلا
پئجي ويل آهن، پر محبت جي رنگ ۾ صديءَ کي رُڪجندي
ڏيکاريو ويو آهي. هن مري ويل سماج جو پورو نقشو
چِٽيو ويو آهي، جيڪو سندس قلم جي ڪاڪ محل جو ئي
ڪمال آهي. سندس ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ جِدت ۽ نواڻ آهي
۽ انهيءَ نواڻ ۾ محبت جو ڦڪو پئجي ويل رنگ به
خوبصورت لڳي ٿو، انساني زندگي به مشين وانگر آهي،
جيڪا هلندي هلندي، سفر در سفر، پنهنجي منزل تي
پهچڻ کان اڳ ۾ بيهجي ٿي وڃي ۽ پوري صديءَ جو سفر
اڌ ۾ رُڪجيو وڃي.
”چيائين: اسان هتان
ڀڄي هلون، محبت کي ته بچائڻو آهي نه هر حال ۾، هل
سمنڊ جي تري
۾ لهي پئون، ڪير به نه ڏسي سگهندو اسان کي.
چيو مانس: چريا سمنڊ جون مڇيون ڳهي وينديون اسان
کي.
چوڻ لڳو: ته پوءِ خلائن ۾ هلون، اُتي ڪير به نه
ايندو اسان جي پُٺيان.
چيو مانس: خلا ۾ ساهه گُهٽجندو ۽ هونئن به اسان
زمين کي ڇڏي ڪيڏانهن وينداسين.
چوڻ لڳو: سئو سالن
کان پوءِ
محبت ڪريون ها ته ساڳيو
خلا ۾ سياري تي وڃڻ جي خواهش هجي
ها، سيارن تي گهر ٺاهيون ها.
سمجهايومانس: ڏس خِلا ۾ سيارن تي اسان کي وڻ،
ٻوٽا، ڪڪر، برسات، پاڻي نه ملي سگهي ها ۽ محبت جو
قحط لڳي ها، هونئن به انسان جون سموريون مستيون
زمين تي سٺيون آهن، ٻيو ڪو سيارو ايڏي قُوت برداشت
ڪري نه سگهندو، انسان کي اُڇلائي ڦٽو ڪري ها.“
ڪهاڻيءَ جي هن پيراگراف مان اسان انسان جي خواهشن
جو اڀياس ڪري سگهون ٿا ته محبت جي حُسن کي به
سمجهي سگهون ٿا ته محبت جو حُسن تڏهن ئي پروان
چڙهي ٿو، جڏهن اُهو فطري حُسن پسي ٿو ۽ اُهو فطري
حسن زمين تي آهي.
يا وري هن پيراگراف کي پڙهي ڏسجي.
”عمر هلي پئي، پر
لڳي ٿو صدي جهٽڪو کائي رُڪجي وئي آهي، ماڻهو چون
ٿا اسان سئو سالن کان هڪ جڳهه تي ويٺل آهيون پٿر
تي ۽ زندگيءَ جي باري ۾ سوچيون ٿا“
هيءَ
ڪهاڻي اهڙي ته وڻندڙ انداز ۾ لکي وئي آهي، جو پوري
ڪائنات، چنڊ، سمنڊ، خِلا، سيارو ۽ سرزمين جو نقشو
وڏي مهارت سان چِٽيل آهي. اهڙيءَ طرح ليکڪا ٻين
سنڌي افسانن؛
”خوابن
جي ساڀيان ٻڌائيندڙ“،
”ورق
به ساهه کڻن ٿا“،
”تريءَ
تي خواب“،
”ڪهاڻي
سفر ۾ آهي“،
”ون
لائنر“،
”هر
سفر ڪهاڻي آ“
۾ به خوبصورت احساس سمايا آهن ۽ هڪ خوبصورت
زندگيءَ جو حقيقي حُسن سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. ايئن سندس ڪهاڻين جو سفر مهراڻ، سرتيون،
ڪهاڻي ڊائجسٽ، پرک، سارنگا، ڪينجهر ۽ لوڪ ۾ هلندو
رهي ٿو. سندس تخيل فڪشن جو محتاج نٿو لڳي، هن جا
اردوءَ ۾ ڊزن کن افسانا ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن.
سنڌيءَ ۾ به ڪيترائي افسانا لکيائين ۽ ڪيترن اردو
افسانن جو ترجمو ڪيائين، جيڪي سنڌي ادب جي جهول ۾
بي بها اضافو آهن. حالانڪه اسان وٽ سنڌي ادب ۾
ترقي پسند تحريڪ جي عروج واري زماني ۾ اردو ادب،
سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو، جنهن سنڌي ادب ۾ نواڻ آندي،
ان
کان پوءِ
هيءُ سلسلو آهستي آهستي گهٽجندو ويو، پر هن نوجوان
ليکڪا ڪنهن حد تائين اُن خال کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. سندس ترجمو ڪيل افسانن ۾:
”دوزخ“
(عميره احمد)،
”وقت
جي وِٿي“
(حامد سراج)،
”رائيٽنگ
ٽيبل“
(دردانه نوشين خان)،
”ناٽڪ“
(عنيزه سيد)،
”ٻوٽو“
(عنيقه محمد بيگ)،
”ديوار
برلن“
(خالد قيوم تنولي)،
”محبت
ڪهاڻي-زندگي ڪهاڻي“
(سائره رضا)،
”سفر
ڪهاڻي“،
”ڪئلينڊر
کان چورايل هڪ رات“،
”سَم
ٽيڪسٽ مِسنگ“
(سائره غلام نبي) اهم جاءِ والارين ٿا. هنن افسانن
۾ حقيقي زندگي ليئا پائيندي نظر اچي ٿي، هوءَ پاڻ
فڪشن رائيٽر آهي، جنهن ڪري ترجمو به شاهڪار ڪيو
اٿس.
سدرة المنتهيٰ هن وقت تائين ڊزن کن افسانا لکيا ۽
ترجمو ڪيا، 14 کن ناولٽ ۽ هڪ لانگ اسٽوري،
”اِڪ
جهان اور هي“2013ع
کان ماهوار
”حنا“
۾ ڇپي، بعد ۾ روميل پبليڪيشن پاران ڪتابي صورت ۾
پڻ ڇپجي منظر تي آيل آهي. سندس هڪ اردو افسانن جو
مجموعو
”محبت
ڪي شام“
خزينه علم و ادب لاهور پاران 2013ع ۾ ڇپيو، ٻيو
مجموعو
”پِريت
نگر ڪا شهزاده“
جي نالي سان ڇپيل آهي، ٽيون مجموعو شريڪ حيات جي
نالي سان ڇپيو. اهڙيءَ طرح
ان
طارق عالم
ابڙو
جي جڳ مشهور ناول
”رهجي
ويل منظر“
جو اردو ۾
”جو
منظر
رہگیا“
جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڪُجهه
شاعري، ترجما، ڪهاڻيون، تاثر، ناولٽ ۽ ناول سنڌي
توڙي اردوءَ ۾ اڻڇپيل وٽس موجود آهن.
جويريه ملڪ/لعل خاتون
سيرم لڳائڻ جا فائدا
اسان مان ڪيتريون ئي عورتون اڻڀن، بي جان ۽
گهنڊيدار وارن جي ڪري پريشان هونديون آهن. هزارين
روپيه خرچ ڪري وارن کي سيلون ٽريٽمينٽس جي ذريعي
نرم ملائم ۽ چمڪدار بڻائڻ هر ڪنهن لاءِ ممڪن ناهي.
انڪري وارن لاءِ مخصوص سيرم عورتن لاءِ ڪنهن نعمت
کان گهٽ ناهي. ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته سيرم ۽
تيل هڪ ئي طرح جون مصنوعات آهن. جڏهن ته ائين بلڪل
به ناهي.
هر پروڊڪٽ ڪنهن مخصوص مقصد لاءِ ٺاهي ويندي آهي.
جيڪو ڪم شيمپو ڪري سگهي ٿو. اهو ڪنڊيشر نٿو ڪري
سگهي. اهڙي طرح جيڪي فائده سيرم مان حاصل ڪري
سگهجن ٿا. اهي فائده تيل جي ذريعي ممڪن نه آهن.
تيار سيرم بنيادي طور تي مؤثر ترين ڪيميائي جزو
سيليڪون مان تيار ڪئي ويندڙ پروڊڪٽ آهي. جيڪا بي
جان، اڻڀن ۽ گهنڊيدار وارن کي نرم ۽ چمڪدار بنائڻ
۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
سڄي ڏينهن جي دزي مٽي، آلودگي، سج جي تيز روشني ۽
موسم جي تبديليءَ جي سبب اسان جا وار مختلف مسئلن
جو شڪار ٿي ويندا آهن. سيرم اسان جي وارن لاءِ
حفاظتي تهه جو ڪم سر انجام ڏئي ٿو. جيڪو انهن کي
مختلف نقصانن کان محفوظ رکڻ ۾ مؤثر ثابت ٿيندو
آهي.
اهڙيون عورتون جن جا وار قدرتي طور سڌا، ريشمي ۽
چمڪدار آهن انهن لاءِ به سيرم جو استعمال فائدي
وارو آهي. ڇو ته ماحولياتي آلودگيءَ ۽ موسم جي
تبديلي کان علاوه وارن جي سارسنڀال جي ٻين مصنوعات
۾ موجود ڪيميائي شيون ۽ وارن کي سينگارڻ لاءِ
استعمال ٿيڻ وارا اوزار مثلاً
Straightener ۽
Hair Dryer
جي گرمائش سان به وار متاثر ٿيندا آهن. تنهنڪري
اهي عورتون جن جا وار گهنڊيدار آهن انهن لاءِ سيرم
جو استعمال تمام گهڻو فائدي وارو آهي. اهو وان جو
گهنگريالو پن ختم ڪري انهن کي وچڙڻ کان بچائي ٿو.
وارن جو رکوپن ختم ڪري ان ۾ چمڪ پيدا ڪرڻ لاءِ به
سيرم فائديمند هوندو آهي. هي وارن کي مضبوط ۽
صحتمند ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏهن توهان
ڪنهن دعوت ۾ وڃي رهيا آهيو ۽ هيئر اسٽائل ٺاهڻ جو
ٽائيم نه هجي ته صرف سيرم استعمال ڪري به توهان
وارن جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪري سگهو ٿا. روز روز
بلو ڊرائي ۽ اسٽريٽز جي استعمال سان وار ڪمزور ٿي
ٽٽڻ لڳندا آهن. ان لاءِ جيڪڏهن وارن کي سڌو ڪرڻ
کان پهرين سيرم استعمال ڪيو وڃي ته وار ٽٽڻ کان
محفوظ رهندا.
استعمال ڪرڻ جو طريقو:
وارن ۾ شيمپو ڪرڻ کان پوءِ ڪنڊيشنر استعمال ڪريو.
پنج/ست منٽن کان پوءِ آڱرين جي مدد سان وچڙيل وارن
کي سڌو ڪندا رهو. پوءِ سٺيءَ طرح ڌوئي صاف ڪريو.
هاڻي ٿورو سيرم هٿ جي تريءَ تي پکيڙيو/ وارن ۾
هيٺان کان مٿي طرف لڳايو. سيرم کي وارن تي سڌي طرح
استعمال ڪرڻ جي غلطي هرگز نه ڪريو. نه ئي ان کي
تيل وانگر لڳائڻ صحيح آهي. سيرم جو استعمال آلن
وارن ۾ گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي. تنهنڪري
جيڪڏهن توهان وار ٺاهڻ کان پهرين خشڪ وارن ۾ سيرم
لڳائڻ چاهيو ٿا ته ان کي گهٽ مقدار ۾ استعمال ڪريو
ڇو ته ممڪن آهي ته ضرورت کان گهڻو استعمال توهان
جي وارن کي سڻڀو ڪري ڇڏي.
احتياطي تدبيرون:
سيرم هميشه خوبصورتي جي ماهر جي مشوري سان استعمال
ڪرڻ بهتر آهي. ممڪن هجي ته شيمپو، ڪنڊيشنر ۽ سيرم
هڪ ئي ڪمپني جو استعمال ڪجي ته جيئن گهڻي کان گهڻو
فائدو ملي. جيڪڏهن سيرم کي استعمال ڪرڻ جي دوران
توهان کي پنهنجا وار ضرورت کان وڌيڪ خشڪ محسوس ٿين
ته پنهنجي سيرم جو برانڊ تبديل ڪريو ۽ پنهنجي وارن
جي قسم جي مطابق سيرم جو انتخاب ڪريو.
سيرم جو گهڻي عرصي تائين استعمال ڪرڻ صحيح نه آهي
ڇو ته ان ۾ موجود سيليڪون وارن ۽ ذهني صحت جي لاءِ
نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ بهتر آهي ته ان
جو استعمال وقفي سان گڏ ضرورت وقت ئي ڪيو وڃي.
سيرم لڳائڻ وقت خيال ڪريو ته هي مٿي جي چمڙي کي نه
لڳي ڇو ته ان جي ڪري سوڄ ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي.
ان لاءِ استعمال ڪرڻ دوران هميشه سيرم کي وارن تي
سڌيءَ طرح استعمال کان پرهيز ڪريو.
وارن جي حفاظت:
سمورو ڏينهن توهان ڪم ڪندا رهو ٿا ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل
وارن کي ڦڻي يا برش ڏيو ٿا خاص ڪري شام جي وقت يا
جڏهن ڪو مهمان اچڻ وارو هجي ۽ توهان کي تيار ٿيڻو
پوي. پر رات جو وقت اهڙو آهي جڏهن توهان سڪون سان
پنهنجي لاءِ ٿورو وقت ڪڍي سگهو ٿا. توهان بورچي
خاني جو سڄو ڪم ڪري ڇڏيو آهي. ٻار جيڪڏهن اسڪول
وڃن ٿا ته يونيفارم، ڪتاب، پاڻي جون بوتلون ۽ صبح
جي نيرن سان گڏوگڏ ٻارن لاءِ منجهند جي ماني جو به
سوچي ڇڏيو آهي. هاڻي توهان آرام ڪرڻ واري ڪمري ۾
رات جو خاص خاص ڪم ڪريو ٿا. مثلاً بسترو وڇائڻ،
سمهڻ لاءِ، مخصوص ڪپڙا پائڻ، جيڪڏهن ميڪ اپ ڪيل
آهي ته ان کي صاف ڪرڻ، ڪا نائٽ ڪريم يا ماسڪ لڳائڻ
۽ وارن کي ڦڻي ڏيڻ، اهي سڀ ڪم توهان جي روز جي ڪمن
جو حصو آهن. سمهڻ کان پهرين توهان پاڻ تي آرام سان
توجهه ڏيندا آهيو.
جيڪڏهن توهان صبح جو ننڊ مان اٿڻ واري هيروئن کي
سنواريل وارن سان ڏسندا آهيو ۽ اهو چئو ٿا ته اهو
ته صرف فلمن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته مڃي ڇڏيو ته اها
ڳالهه سو فيصد درست نه آهي. رات جو ٽائيم پاڻ کي
ٿڪائي هنڌ جي حوالي ٿيڻ جو نالو هرگز نه آهي. ان
وقت ته توهان کي اڃان گهڻو تازو توانو، نوجوان،
پرڪشش ۽ فڪرن کان آزاد هجڻ گهرجي نه ته توهان کي
ننڊ صحيح نه ايندي ۽ پريشان ٿي سمهڻ صحت لاءِ ٺيڪ
نه آهي. جڏهن توهان سمهڻ کان پهرين وارن ۾ ڦڻي ڏيو
ٿا ته مٿي جي کل ۾ موجود غدود پنهنجو ڪم بهتر
طريقي سان ڪن ٿا. ان سان رت جي رواني وڌي ٿي ۽
توهان کي سٺي ۽ پرسڪون ننڊ اچي ويندي آهي.
هيٺ توهان کي ڪجهه مشورا ڏنا وڃن ٿا جيئن توهان کي
پنهنجي وارن جي قسمن متعلق هدايت جو علم رهي.
سڌن وارن لاءِ حفاظتي تهه:
توهان رات جو سمهڻ کان اڌ ڪلاڪ پهرين پنهنجي وارن
۾ سيرم لڳائي هلڪن هٿن سان مالش ڪندا ڪريو ۽ مٿي
جي وچ واري حصي ۾، وارن جي اڌ ۽ پوءِ آخري سري
تائين چپٽي سيرم لڳائي وارن کي ويڙهي ڇڏيو.
رات جو جيڪڏهن توهان کي وار کولي سمهڻ جي عادت نه
آهي ته انهن کي ڍرو ويڙهي ڇڏيو يا پوني ٽيل ٺاهڻ
چاهيو ٿا ته ڍلي ٺاهيو. ممڪن آهي ته جڏهن توهان
گهري ننڊ ۾ هجو ته اها پوني ٽيل کلي وڃي ۽ سڄي
وهاڻي تي توهان جا وار پکيڙيل هجن ان صورت ۾ توهان
کي آرام ته ملندو ۽ صبح سوير وارن جي مضبوطيءَ سان
چوٽي ڪري ٻڌڻ به سٺو رهندو.
گهنڊيدار وارن لاءِ خاص هدايتون:
توهان رات جو سمهڻ کان پهرين وارن ۾ سادي پاڻيءَ
سان اسپري ضرور ڪندا ڪريو.
توهان گهنڊيدار وارن هجڻ جي ڪري وڌيڪ احتياط ڪرڻ
جي ضرورت آهي. توهان جيڪڏهن سيرم ۾ ٿوري هيئر ملڪ
ڪريم ملائي وارن تي لڳائيندا ته بهتر نتيجا ملي
سگهن ٿا. هٿ جي تريءَ تي 10 قطرا سيرم چپٽي هيئر
ملڪ ڪريم کڻي سٺيءَ طرح سان وارن جي آخري سري
تائين اهو مڪسچر لڳايو. ان سان وارن ۾ نمي اچي
ويندي ۽ وارن کي وڌڻ جو به موقعو ملندو. توهان جا
وار گهاٽا ته آهن هاڻي خوبصورت، قدرتي طور تي نرم
ملائم ۽ پرڪشش به نظر ايندا.
وڏن وارن لاءِ مشورا:
توهان به وارن کي نمي ڏيندا رهو. پهرين وارن کي
سادي پاڻيءَ سان اسپري ڪريو. پاڻي ٿورو خشڪ ٿي وڃي
ته ٿورو سيرم، هيئر ملڪ ۾ ملائي مٿي جي وچ کان
سمورن وارن ۾ اهو مڪسچر لڳايو. توهان وڏن ڏندن
واري ڦڻي سان وارن کي ڇڏائي سنواري ڍري چوٽي ڪري
ڇڏيو. اهڙي طرح جي طريقن سان توهان جا وار تندرست
به رهن ٿا. وڌن به ٿا ۽ توهان کي سڪون به ملي ٿو
ته توهان پنهنجو پاڻ تي خيال رکيو ۽ خدا جي نعتمن
جو قدر به ڪيو ۽ سارسنڀال به ڪئي. |