سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 2020ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

 

رضيه سلطانه

هڪ بهادر حڪمران

 

هندوستان جي تاريخ ۾ غلام گهراڻي جي حڪمران رضيه کي خاص اهميت حاصل آهي، هوءَ هڪ بهادر عورت هئي ۽ حڪمراني جون سڀ صفتون منجهس موجود هيون. سندس والد جو نالو شمس الدين التمش هو. جنهن جو تعلق ترڪي جي قبيلي البري سان هو. هو ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. سندس ڀائرن کيس حسد ۽ ساڙ سببان هڪ سوداگر کي وڪڻي ڇڏيو. اهو سوداگر ٻين غلامن سان گڏ کيس غزني وٺي آيو قطب الدين ايبڪ هڪ هزار جينل ۾ کيس خريد ڪيو. پنهنجي ايمانداري ۽ ذهانت سبب هو ترقي ڪري گورنر بڻيو.

قطب الدين ايبڪ کان پوءِ سندس پٽ آرام شاهه تخت تي ويٺو. پر هو انتهائي ڪمزور حڪمران هو. سندس هڪ سال جي حڪومت ۾ ڪيترائي صوبا سندس مملڪت کان ڌار ٿي ويا. اهو حال ڏسي اميرن التمش کي تخت تي وهاريو جيڪو ان وقت بدايون جو گورنر هو.

شمس الدين التمش جو رضيه سان تمام گهڻو پيار هو. هن سندس اعلى تربيت ڪئي. ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٿي ته سندس اولاد ۾ فقط رضيه ئي حڪومت ڪرڻ جي لائق آهي. تنهنڪري هو جڏهن گواليار فتح ڪرڻ کان پوءِ واپس آيو ته حڪم ڪيائين ته مون کان پوءِ حڪومت جون واڳون رضيه جي حوالي ڪيون وڃن. ڪيترن ئي اميرن کيس عرض ڪيو ته سائين! پٽن جي هوندي هڪ نياڻي کي جانشين ڇو ٿا بڻايو؟ جواب ڏنائين ته منهنجن پٽن مان ڪوبه حڪومت ڪرڻ جي لائق نه آهي. سڀ سست ۽ عياش آهن. رضيه بيشڪ عورت آهي، پر پنهنجي صفتن ۽ خوبين جي لحاظ سان هڪ مرد آهي. پنهنجي ڀائرن ۾ سڀني کان افضل آهي.

عجيب اتفاق آهي ته ستين صدي هجري ۾ ٽي مسلمان عورتون حڪمران ٿي گذريون آهن ۽ کين وڏي شهرت ملي. هڪ مهر جي مملوڪ خاندان جي راڻي هئي، جنهن جو نالو شجرت الدر هو. جنهن صليبي جنگين ۾ فرانس جي بادشاهه لوئي نائين کي شڪست ڏني. ٻي جو نالو ابس هو، جنهن فارس ۾ 25 سال حڪومت ڪئي. ٽئين رضيه هئي جنهن هندوستان تي ٿورو عرصو يعني فقط ساڍا ٽي سال حڪومت ڪئي، پر ان مختصر عرصي ۾ سهڻي انتظام سبب هوءَ ڪامياب حڪمران ثابت ٿي، جنهن تي سڀني عورتن کي سدائين فخر ۽ ناز رهندو.

التمش کان پوءِ سندس پٽ رڪن الدين کي تخت تي ويهاريو ويو. پر هو پنهنجي پيءُ وارن قاعدن قانونن تي قائم نه رهيو، جيڪي حڪمراني لاءِ تمام ضروري هئا. ان کان علاوه هن شاهي خزانو لٽائڻ شروع ڪيو. سلطنت جي انتظام کان لاپرواهه ٿي عيش و عشرت جي زندگي گذارڻ لڳو. امير امراءِ کانئس بيزار ٿي ويا. پنهنجي  ماٽيلي مائرن کي مارائي ڇڏيائين. پنهنجي ننڍي ڀاءُ شهزادي قطب الدين کي به مارائي ڇڏيائين. اهڙا ظلم ۽ زيادتيون ڏسي رضيه سخت احتجاج ڪيو. اميرن ڏٺو ته حالتون خراب ٿي رهيون آهن. رڪن الدين واقعي حڪومت ڪرڻ جي لائق نه آهي. تنهنڪري هنن رضيه کي تخت تي ويهاريو. ان وقت رڪن الدين دهلي کان ٻاهر بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ويل هو. جڏهن واپس آيو ته کيس قيد ڪيو ويو. هن فقط ڇهه مهينا ۽ اٺاويهه ڏينهن حڪومت ڪئي.

رضيه کي خدا اهي سڀ خوبيون عطا ڪيون هيون، جيڪي ڪنهن ڪامل ۽ عادل بادشاهه ۾ هونديون آهن. هوءَ ايڏي ذهين هئي جو پنهنجي پيءُ جي حڪومت جي دوران ملڪي معاملن ۾ مداخلت ڪندي هئي ۽ وقت بوقت سهڻيون صلاحون ڏيندي رهندي هئي.

جڏهن رضيه تخت تي ويٺي ته هن پردو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. مرداڻي پوشاڪ پهري درٻار ۾ اچي وهندي هئي ۽ عدل ۽ انصاف سان فيصلا ڪندي رهندي هئي. شروع ۾ ڪن مفاد پرست اميرن سازشون ڪيون. وڏي مخالفت ڪئي، پر هن پنهنجي ڏاهپ ۽ بهادريءَ سان سڀني اميرن کي شڪست ڏني ۽ سمورين سازشن جو خاتمو ڪري ڇڏيائين.

جن بغاوت ڪئي هئي، تن مان ڪي قتل ٿي ويا، ڪي ڀڄي ويا ۽ ڪن آڻ مڃي ساڻس صلح ڪيو. هن خواجه مهدي غزنوي کي، جو نظام الملڪ جو نائب هو، پنهنجو وزير بڻايو ۽ کيس نظام الملڪ جو خطاب ڏنائين ۽ ملڪ سيف الدين کي فوج جو سپهه سالار بڻايائين.

رضيه تخت تي ويهڻ شرط پنهنجي پيءُ التمش وارا قاعدا قانون رائج ڪيا، جيڪي ڪامياب حڪمرانيءَ لاءِ ضروري هئا. رڪن الدين اهي قاعدا ۽ قانون رد ڪري ڇڏيا ته سندس حڪومت هڪ سال به نه هلي سگهي.

رضيه هڪ داناء، بهادر ۽ مردم شناس عورت هئي، تنهنڪري هن اميرن ۽ وزيرن جي مقرري ۽ تبديلي ۾ دانائي کان ڪم ورتو. هن مختلف عهدن تي اهڙا ماڻهو مقرر ڪيا، جيڪي ان عهدي جي لائق هئا ۽ اعتماد وارا هئا.

جڏهن سمورن مربيدارن کي رضيه جي سگهه، اهليت ۽ ڏاهپ جي خبر پئي، ته سڄي مملڪت ۾ لکنوتي کان ديول تائين سڀني سردارن ۽ اميرن آڻ مڃي ۽ ساڻس تابعداري ۽ وفاداري جو وچن ڪيو.

رضيه شهنشاهي پوشاڪ پهريندي هئي. جُبو ۽ ڪلاه (شاهي تاج) پائي درٻار ۾ ايندي هئي. هوءَ هاٿي تي به سواري ڪندي هئي، پر کيس گهوڙي جي سواري وڌيڪ پسند هئي. واقعي هوءَ شهسوار هئي.

جنگي فن جي به ماهر هئي. جنگ جي موقعي تي فوج جي ترتيب پاڻ ڪندي هئي ۽ پاڻ جنگ جي ميدان ۾ موجود رهي بهادري جو ثبوت ڏيندي هئي.

رضيه جي زوال جو سبب امير جمال الدين ياقوت (حبشي) ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو مير آخور (گهوڙن جي ڪڙهه جو چڱو مڙس) جي  عهدي تي فائز هو.

رضيه گهوڙي تي سوار ٿيڻ مهل ان جو هٿ پڪڙي گهوڙي تي سوار ٿيندي هئي. ماڻهو رضيه جي ان عمل تي شڪ ڪندا هئا. حالانڪه انهن جا شڪ شبها اجايا هئا. تاريخ ۾ سندن شڪ شبهن جي حقيقت جي ڪا ثابتي نٿي ملي. مرد رڳو پنهنجي شڪي طبيعت کان مجبور هئا. جيڪا عام طور مردن جي فطرت آهي.

حقيقت هيءَ آهي ته قطب الدين ايبڪ ۽ شمس الدين التمش جي ڏينهن ۾ غلامن کي وڏي اهميت حاصل هئي. هو گهڻو مغرور ٿي ويا هئا. جڏهن رضيه جي دور ۾ ياقوت ترقي ڪري امير الامراء جي درجي تي پهتو، ته ترڪي امير هڪ حبشي غلام جي ترقي تي ناراض ٿيا. هنن ان جي ماتحت رهڻ پنهنجي بيعزتي سمجهي. تنهنڪري هنن بغاوت ڪئي. انهن باغين ۾ ڀٽنڊا جو حاڪم ملڪ التونيه به هو. رضيه ان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ رواني ٿي. پر کيس شڪست ملي. ياقوت مارجي ويو ۽ رضيه کي قيد ڪيو ويو، پر ان ظاهري شڪست ۾ به هڪ لحاظ سان هوءَ ڪامياب رهي، جو ملڪ التونيه سندس حسن، دانائي ۽ بهادريءَ کان متاثر ٿي کيس شادي جي آڇ ڪئي، جيڪا رضيه قبول ڪئي ۽ ٻنهين جي شادي ٿي.

ان کان پوءِ ٻنهن دهلي طرف ڪوچ ڪيو ته جيئن ٻيهر پنهنجي بادشاهت حاصل ڪري سگهن. پر سلطان معزالدين رضيه جو ڀاءُ دهلي جو بادشاهه بڻجي چڪو هو. هن ساڻن مقابلو ڪيو ۽ ڪامياب ٿيو. شڪست کان پوءِ ٻئي زال مڙس ڀڄي اچي ڪيٿل پهتا. سندن لشڪر به بيزار ٿي کانئن ڌار ٿي ويو. آخرڪار ٻنهن کي هندن گرفتار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

24 ربيع الاول 638هه کين شڪست ملي ۽ 25 ربيع الآخر رضيه قتل ٿي.

مشهور سيلاني ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ رضيه جي قتل وارو واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي، هن لکيو آهي ته، هوءَ جنگ ۾ شڪست کائي، جان بچائي ڪنهن طرف هلي وئي. هلندي هلندي کيس ڏاڍي بک لڳي، ڪمزوريءَ سبب ساڻي ٿي پئي. هن هڪ هاري کي چيو ته ”بک لڳي آهي، ماني کاراءِ“ هن کيس ماني آڻي ڏني. ماني کائي هوءَ اتي ئي سمهي پئي ته جيئن ڪجهه آرام ڪري ٿڪ ڀڃي اڳتي وڃي. کيس مرداڻي پوشاڪ پهريل هئي. گهري ننڊ ۾ ڏسي هاري وٽس وڃي کيس غور سان ڏٺو ته کيس مرداڻي پوشاڪ اندران زنانا ڪپڙا نظر آيا. هو سمجهي ويو ته هيءَ عورت آهي. قيمتي وڳو ڏسي لالچ ۾ اچي کيس ماري ڇڏيائين سندس قيمي لباس لاهي، کڏ کوٽي اتي ئي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوري ڇڏيائين ۽ سندس گهوڙو گهر ڪاهي ويو.

رضيه جا قيمتي ڪپڙا کڻي بازار ۾ وڪڻڻ ويو. دڪاندارن ڏٺو ته هي تمام قيمتي ڪپڙا آهن، جيڪي هن ماڻهوءَ جي گهر جا ٿي نٿا سگهن. تنهنڪري کين شڪ پيو ته هن اهي ڪپڙا ڪٿان چوري ڪيا آهن. هنن وڃي شهر جي ڪوٽوال کي ساري حقيقت ٻڌائي. جنهن اچي کانئس پڇيو ته ”تو هي ڪپڙا ڪٿان آندا آهن؟“ پهرين ته هن نه باسيو، پر پوءِ جڏهن کيس مار ملي ته سڄي حقيقت پڌري ڪري ٻڌايائين.

اهو هاري ڪوٽوال کي رضيه جي مدفن تي وٺي آيو. ڪوٽوال لاش ڪڍرائي، غسل ڏياري، ڪفن پهرائي وڏي عزت ۽ احترام سان جمنا ندي جي ڪناري دفن ڪرائي، مٿس هڪ قبو ٺهرايو. اڄ تائين ماڻهو سندس قبر جي زيارت ڪندا آهن ۽ ان کي متبرڪ سمجهندا آهن.

محمد رمضان شورو

 

 

 

 

 

پنهنجي فن ۾ مڃتا ماڻيندڙ خواتين جا پروفائيل

(جيڪي سندن پيدائش ۽ وفات جي نسبت سان لکيا ويا آهن)

 

اڄ ننڍي کنڊ جي مشهور ڪلاسيڪل فنڪاره/ٺمري ڪوئين شوڀا گرتو جي وفات جو ڏينهن آهي، ھن 27 سيپٽمبر 2004ع تي وفات ڪئي. ھن موسيقي جي بنيادي تعليم جئيپور گھراڻي جي استاد الله ديا خان جي پٽ استاد ڀرجي خان کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هن وڌيڪ تربيت استاد الله ديا خان جي ڀائٽي استاد ناٿن خان کان ورتي، ان کان پوءِ هن مشهور ڪلاسيڪل راڳي استاد گھمڻ خان کان به راڳ جي سکيا ورتي، جيڪو بمبئي ۾ سندن گهر سندس فنڪاره ماءُ کي سيکارڻ ايندو هو، ھن ان کان ٺمري، دادرو ۽ ڪلاسيڪل راڳ سکيو، شوڀا نه رڳو ڪلاسيڪل راڳ ڳايو. پر هن اردو ۽ مراٺي فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگنگ به ڪئي، ھن سڀني کان پهرين 1972ع ڌاري ڪمال امروھي جي فلم پاڪيزه لاءِ پلي بيڪ سنگنگ ڪئي، ان کان پوءِ هن ٻين فلمن لاءِ به ڳايو، پر سندس فلمي گيتن ۾ به ڪلاسيڪل ٽچز ھوندا ھئا، کيس فلم مين تلسي تيري آنگن ڪي ۾ ڳايل گاني سيان روٺ گئي تي بھترين پلي بيڪ سنگر جو فلم فيئر ايوارڊ به مليو، ان کان سواءِ کيس ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ مليا.

اڄ ننڍي کنڊ جي مشهور ڪلاسيڪل فنڪاره نينا ديوي جي وفات جو ڏينهن آهي، ھن پھرين نومبر 1993ع تي وفات ڪئي، ھن 27 سيپٽمبر 1917ع تي ڪلڪتي ۾ جنم ورتو، ھن کي نينا رنجيت سنگهه به سڏيو وڃي ٿو، ھن جو ٺمري جي گائڪي ۾ وڏو نالو آهي، ان کانسواءِ ھن دادرو ۽ غزل به ڳايا آهن، نينا آل انڊيا ريڊيو تي ميوزڪ ڪمپوزر به رهي، ھن راڳ جي شروعاتي سکيا گرجا شنڪر چڪربرتي کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هن راڳ جي وڌيڪ سکيا رامپور سھسون گھراڻي جي استاد مشتاق حسين کان ورتي، ڪجهه وقت بنارس گھراڻي جي رسولن ٻائي کان به سکي، ھن جي شادي صرف 16 سالن جي عمر ۾ ڪپور ٿالا رياست جي رايل خاندان ۾ ٿي، انڪري ھي صرف مخصوص ڪنسرٽس ۽ پروگرامن ۾ ڳائيندي هئي، کيس حڪومت پاران پدما شري ايوارڊ ڏنو ويو. ھن جا وڏا بنگالي ھئا، ھن جو ڏاڏو ڪيشب چندرسن وڏو قومي ۽ سماجي اڳواڻ ھو، وڏو عرصو برھامو سامائي موومينٽ سان لاڳاپيل رهيو، نينا سميت سڀني ٻارن جي تربيت لبرل ۽ سيڪيولر نموني سان ٿي، سندس والد ۽ والده به پڙهيل لکيل ماڻهو ھئا.

*

اڄ ننڍي کنڊ جي مشهور اداڪاره آشا لتا بسواس جي پيدائش جو ڏينهن آهي، ھن 17 سيپٽمبر 1916ع تي ڀڄ، ڪڇ رياست ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 26 مئي 1996ع تي وفات ڪئي، ھن جو اصل نالو مھرالنساءِ ھو، ھن مشهور فلم ڪمپني شڪتي مووي ٽون جوائن ڪئي، جتي ھن کان اڳ اداڪارا سلوچنا، نرگس موجود هيون، ان دوران هن ڪمپنيءَ ٽي فلمون آزادي، ساجيو مرتي، ستي تورل ٺاهيون، ھن جو تعلق خواجه ڪميونٽي سان ھو، سندس خاندان پوءِ ڀڄ مان لڏ پلاڻ ڪري بمبئي آيو، ھن ابتدائي تعليم ڀڄ ۽ وڌيڪ تعليم بمبئي مان حاصل ڪئي، شروع ۾ ھن جي خاندان کي سندس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي اعتراض ھو، پر پوءِ هن جي ماءُ سڀني کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، مٿي بيان ڪيل ٽن فلمن کان پوءِ هن شڪتي مووي ٽون کانسواءِ ٻين فلم ڪمپنين جي به فلمن ۾ ڪم ڪيو، ھن جي دوست اداڪارا شوڀنا سمارٿ به ھن جي سٺي مدد ڪئي، ان دوران ئي ھن موسيقار انيل بسواس سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس چئن ٻارن جو اولاد ٿيو. آشا لتا ان دوران فلمن کان سواءِ ماڊلنگ به ڪئي، سندس لڪس صابڻ جو اشتهار تمام گهڻو مشهور ٿيو. ھن جو پوءِ بمبئي ٽاڪيز، پرڀات فلم اسٽوڊيوز وارن سان به ٺاهه ٿيو، جن جي ھن شروعاتي فلمن چار آنکين ۽ سورنا ڀومي ۾ ڪم ڪيو، سندس ٻين مشهور فلمن ۾ من موھن، جلوا، ديپڪ، لاڊلي، لاجواب، ھمدرد، انڌير نگري چربٽ راجا، سچا سپنا، سکي جيون، آج ڪي دنيا، زندگي وغيره شامل آهن. ھن پرٿوي راج ڪپور سميت مختلف اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، ڪجهه وقت کان پوءِ کيس انيل بسواس طلاق ڏئي فنڪاره مينا ڪپور سان شادي ڪري ڇڏي، سندس پٽ اتپال بسواس به موسيقار ٿيو، جنھن فلم شھنشاھ، مين آزاد ھون سميت مختلف فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، سندس ھڪ پوٽي پروميتا ووھرا به فلم ساز آهي.

*

ھيءَ ننڍي کنڊ جي مشهور فنڪاره مھناز بيگم آهي، مھناز بيگم پاڪستاني موسيقي جو تمام وڏو نالو آهي، مھناز 1958ع ڌاري جنم ورتو، جڏهن ته 19 جنوري 2013ع تي وفات ڪئي، مھناز فلمي فنڪاره ته ھئي ئي، پر ھڪ وڏي ڪلاسيڪل فنڪاره به ھئي، ھن گيت، غزل، ٺمري، دادرو، خيال کانسواءِ سلام، نوحا ۽ مرثيه به ڳايا، سندس والده ڪجن بيگم به پنهنجي دور جي وڏي فنڪاره ھئي، مھناز نه رڳو موسيقي جي ابتدائي تعليم پنهنجي ماءُ کان حاصل ڪئي، پر ساڻس گڏجي به ڳائيندي هئي. مھناز وڌيڪ راڳ جي سکيا مھدي حسن جي وڏي ڀاءُ استاد غلام قادر کان حاصل ڪئي، مھناز جو اصل نالو ڪنيز فاطمه ھو، سندس خاندان اصل لکنئو سان تعلق رکندڙ ھو، جتان سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو، مھناز پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان تان قومي گيت "اے وطن کے سجیلے جوانو" سان ڪئي، ھن فلمي نغمن جي شروعات وحيد مراد جي فلم'حقيقت' کان ڪئي، ان فلم ۾ ھن احمد رشدي سان گڏ ڳايو، موسيقار اي حميد ھو، ان کان پوءِ مھناز ڪافي فلمن لاءِ گيت ڳايا، پر کيس شھرت فلم ناگ اور ناگن کان پوءِ ملي. کيس 1977ع کان 1983ع تائين مسلسل نگار ايوارڊ مليو، کيس مجموعي طور تي يارھن نگار ايوارڊ مليا، کيس پاڪستان ٽيليويزن تي امير امام متعارف ڪرايو، جنھن کانئس پروگرام نغمه زار ۾ ڳارايو، ھن وقت جي تمام وڏن موسيقارن سان گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ اي حميد، صفدر حسين، خواجه خورشيد انور، ناشاد، نذير ڀٽي، ڪمال احمد، ماسٽر عنايت حسين، نثار بزمي وغيره شامل آهن، ھن اردو کانسواءِ پنجابي، ڪشميري، سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳايو، کيس حڪومت پاڪستان پاران صدارتي تمغه برائي حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو، کيس مھدي حسن، نورجهان سميت ملڪ جا سڀ وڏا فنڪار به پسند ڪندا هئا، ملڪاءِ ترنم نورجهان کانئس فرمائش ڪري "دیار غیر میں کیسے بسر ہو؟ کوئی تو چاہنے والی نظر ہو" ٻڌندي ھئي، سندس ڪجهه مشهور گيتن جو تفصيل هن ريت آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org