ريحانه نظير
بري عورت
”توهان جهڙيون آواره عورتون
جيڪي پنهنجو پاڻ غير مردن جي حوالي ڪن، توهان کي
ڪهڙي خبر پاڪدامنيءَ جي! ۽ تو اهو سوچيو به ڪيئن
ته مان تو جهڙي عورت لاءِ پنهنجي نيڪ پروين زال کي
رنج ڏيندس.“
”پر سچو تو ته چيو هو ته جڏهن محبت پنهنجي عروج تي
پهچندي آهي، تڏهن ٻه جسم هڪ جان بنجي ويندا آهن.
زمين آسمان هڪٻئي ۾ سمائجي انهن جي آجيان ڪندا
آهن. ديو، ديوتا انهن آڏو ڪنڌ نمائي کين سلام پيش
ڪندا آهن. ٻن روحن جي ملڻ سان ڪائنات مرڪي پوندي
آهي.“
”ها ها مون چيو هو منهنجي مت کسجي وئي هئي. مون ته
اهو به چيو هو ته محبت آزمائش به هوندي آهي. مون
توکي آزمائڻ پئي چاهيو اهو تنهنجو امتحان هو. جنهن
۾ تون بريءَ طرح ناڪام ٿي وئي آهين. ڇا ٿي سمجهين
مان توتي اعتبار ڪندس. سڀاڻي ڪو ٻيو ماڻهو تنهنجي
آڏو اهڙا لفظ چوي ته تون ان سان به مون
وانگر........“
”شٽ اپ“.
ردا هن کي چماٽ وهائي ڪڍي.
”ڇو سچ ڪڙو لڳئي ڇا؟ سچ اهو ئي آهي باقي رهي ڳالهه
چماٽ جي اها مان به توکي هڻي سگهان ٿو. پر مون ۾
عورت لاءِ اڃا عزت باقي آهي ۽ مان ان تي هٿ نه
کڻندو آهيان.“ سچل ردا جي ٻانهن زور سان
چيڀاٽئيندي چيو.
”ايترو شرم به ڇو ٿو ڪرين جي عورت لاءِ عزت هجئي
هان ته اڄ ائين مون کي رسوا نه ڪرين هان، منهنجي
ٻانهن ڇڏ مون کي تڪليف ٿي ٿئي.“
ردا ٻانهن ڇڏائي پٺي ڏئي بيٺي.
”مان وڃان ٿو هاڻي منهنجي گهر ڪڏهن به نه اچجانءِ
۽ نه ئي فون ڪجانءِ مان نٿو چاهيان ته اسان زال
مڙس جي وچ ۾ تنهنجي ڪري ڪو تنازعو ٿئي.“
سچل در کي تيز ڌڪ هڻي بند ڪري ڇڏيو. ردا پٺتي
ورائي ڪونه ڏٺو.
هوءَ حيرت مان ان ماڻهوءَ بابت سوچڻ لڳي. هي شخص
جيڪو ڪجهه سال پهريان هن جي زندگي ۾ آيو هو.
هوءَ نئين نئين آفيس ۾ آئي هئي ۽ هُو (سچل) هن جي
هر طريقي سان مدد ڪندو هو. بهاني بهاني سان هن کي
چانهه وغيره گهرائي ڏيندو هو. ردا جي پنهنجي مڙس
سان اڻبت رهندي هئي. ان ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ ردا
ماءُ وٽ رهندي هئي. هن کي ايم بي اي ڪرڻ سبب بئنڪ
۾ نوڪري ملي وئي هئي. سچل اتي بئنڪ مئينجر هو.
جنهن ڪري آفيس جو عملو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به خاموش
رهندو هو. پر ردا انهن جي روين ۾ طنز ٽوڪ کي چڱيءَ
طرح سمجهندي هئي.
”توهان آفيس ۾ مون کي ايڏي اهميت ڏيو ٿا سڀ ڇا
چوندا.“ هڪ ڏينهن ردا شرمائيندي هن کي چيو هو.
”ڇا چوندا ڪجهه ڪونه چوندا توهان ڇا ٿا سمجهو ته
هو توهان جو نالو وٺندا ۽ مان انهن کي ڇڏي ڏيندس.
مون کي توهان لاءِ لک عزتون آهن انڪري پريشان نه
ٿيو.“
ڪيڏو نه اعتماد سان اهي لفظ هن کي چيا هئا. ردا کي
اهو سڀڪجهه اسڪرين تي مٽجندڙن سينن جيان نظر اچڻ
لڳو.
ڪيئن هڪ ڏينهن گاڏي ڪونه آئي هئي ۽ مون کي پنهنجي
گاڏي کڻي گهر ڇڏڻ آيو هو.
”ماڻهو ڇا چوندا توهان لاءِ.“ ردا هن کي چيو هو.
”ڏس ماڻهن کي جيڪي چوڻو هوندو سو چوندا. انڪري ان
تي سوچي پنهنجي زندگي ضايع نه ڪر. تون ڇا ٿي سمجهي
ماڻهو تنهنجي مڙس جي ٻي شادي لاءِ ان کي قصوروار
سمجهندا هوندا، هرگز نه. اهي ان جو به ڏوهه توڏي
ڪندا هوندا.“
ان ڏينهن پهريون ڀيرو هن تون ڪري ڳالهايو هو. ردا
کي سندس اها بي تڪلفي ڪيڏي وڻي هئي. اها ٻي ڳالهه
هئي ته سندس ڀاءُ سخت ڪاوڙيو هو ته هوءَ ان سان
گاڏيءَ ۾ ڇو چڙهي آئي ۽ ان کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به
سچل سان گاڏي ۾ چڙهي گهر ڪانه وئي هئي.
ٻئي ڏينهن تي هن فيصلو ڪيو هو ته هوءَ هاڻي سچل
سان ڪڏهن به فري ڪانه ٿيندي. ردا کي گذريل وقت جا
لمحا هڪ هڪ ڪري ياد اچڻ لڳا ۽ هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ
لڳي.
هن کي ياد آيو ته هن مئنيجر جي آفيس ۾ وڃڻ به ڇڏي
ڏنو هو ته هڪ ڏينهن هوءَ جيئن ئي ڪم ڪري رهي هئي
ته هو اچي هن جي مٿان بيهي رهيو.
”مس ردا مون کي توهان سان ڳالهائڻو آهي، پليز
منهنجي آفيس ۾ اچو.“
۽ پوءِ هوءَ هن جي آفيس ۾ اچي ويٺي.
هوءَ ڪجهه دير خاموش ويٺي رهي ۽ هن ڪجهه به نه
ڳالهايو.
”آخر ڇا ڳالهه آهي مس ردا توهان ائين مون کان ڇو
لنوائي رهيا آهيو، مون ڪا غلطي ڪئي آهي ڇا؟ نيٺ
مون کي به ته خبر پوي“.
هن ردا کي ڏسندي چيو
”سر توهان مون کي گهر ڇڏڻ آيا هئا انڪري ادا ڏاڍو
ڪاوڙيو آهي. چئي پيو نوڪري ڇڏي ڏي. امان وچ ۾ اچي
مڙئي ٺاپر ڪرائي.“ هن جو سڄو ڌيان ڪم بدران سچل
طرف رهيو.
”ها ايئن هو.“
ردا پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي هاڻي! ڳوڙها سندس
ڳلن کي آلو ڪري ويا هئا.
يادگيرين جون مترڪيون هن جي وجود تي مسلسل وسي
رهيون هيون.
ها ائين هن منهنجي اعتبار جي سرحد ٽپي هئي. هڪ
ڏينهن هو آفيس ڪونه آيو هو ۽ هن ان کي فون ڪيو ته
هو بيمار هو ائين فون جو سلسلو حجت، پيار، محبت
کان گذري عشق ۽ جنون جي حد تي رڪيو هو.
”ڇا اهو سڀ ڪوڙ هو ڇا؟ هن جون نهارون هن جي
خوبصورت مسڪراهٽ لفظن جي مڌرتا سڀ ڪوڙ هو.“
ردا آئيني جي سامهون بيهي پاڻ کان پڇڻ لڳي.
هن کي ياد آيو هڪ رات هن جو ڀاءُ ڀاڄائي ۽ ماءُ
شادي ۾ ويل هئا.
اها پوري رات سچل هن سان ڳالهايو هو ۽ هن سان
اڪيلي ملڻ لاءِ مختلف حيلا هلايا هئا ۽ ردا سندس
ڳالهين ۾ اچي وئي هئي.
اهو ڌوڪو ۽ دولاب هو ڇا هو ان سياري جي شام جڏهن
هن فون ڪري هن کي چيو ته، منهنجي زال ڳوٺ وئي آهي.
مان ته توسان نه آفيس ۾ ملي سگهان ٿو ۽ نه ٻاهر
ڪٿي ڇاڪاڻ ته مان وري به مرد آهيان سماج مون سان
ته رعايت ڪندو، پر توتي الزام اچي اهو مون کان
برداشت ڪونه ٿيندو. مون زندگي ۾ سچي محبت صرف ۽
صرف تو سان ڪئي آهي ۽ مان تنهنجي بدنامي ڏسڻ کان
اول مرڻ پسند ڪندس.
ردا هن جو جذباتي آواز ٻڌي لرزي وئي هئي. ”ها مان
ڪيڏي نه چري هيس.“
پر مان ڇا ڪريان هان مڙس شادي ڪري ڪڏهن به مون سان
صحيح نه ڳالهايو آخر ڇڏي ويو. مرد جو پيار مون هن
وٽ ڏٺو، سو به ايڏي شدت وارو سو مان به جذباتي ٿي
وئي هيس. ۽ ان ڏينهن سچل کي فون ڪري چيو ته مون کي
فلائي سپر اسٽور تان کڻي وڃ.
ردا جي وهم گمان ۾ به نه هو ته اها ملاقات هن کي
ايئن پنهنجي نظرن ۾ ڪيرائي ڇڏيندي.
ان شام جو بار هن پنهنجي دل تي ڪيترا ڏينهن محسوس
ڪيو هو. هوءَ پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان نظرون ملائي
نه پئي سگهي. پر سچل ڪيڏو پراعتماد هو. هو محبت جي
ميلاپ ۽ وصل بابت ڪيڏيون وڏيون ڳالهايون ٻڌائيندو
هو. پوءِ هو اڪثر هن سان هن جي گهر ملڻ ويندي هئي.
وقت الائي ڪيئن گذري ويو.
ردا کي ياد آيو هڪ ڏينهن هن سچل کي چيو هو ته، سچو
مان سوچيان ٿي ته طلاق وٺان پوءِ پاڻ ٻئي شادي
ڪريون. چري ٿي آهين ڇا! ماڻهو چوندا ته، اهو سچ
هو، ڏسو آخر هن عورت ٻي شادي ڪئي. تون پنهنجو پاڻ
کي هٿ سان بدنام ڪندينءَ ڇا؟
سچل ڳالهه ٽاري ڇڏي.
”توهان کي ته خبر آهي نه ته منهنجو بابا ڪونه آهي،
ادا جيڪڏهن گهڻو زور ڏيندو ته امان به ڪجهه ڪونه
ڪري سگهندي. انڪري توهان مهرباني ڪري مون کي ائين
آفيس ۾ نه گهرايو“.
ردا ڪجهه دير هيٺ ڪنڌ ڪري ويٺي رهي. پٽيوالو چانهه
رکي ويو. ردا اکيون کڻي سچل ڏي نهاريو ته کيس سچل
جي اکين ۾ ڳوڙها ڀريل نظر آيا.
”يار تو مون کي ايڏو ويل سمجهيو آهي جو مان تنهنجي
زندگي ۾ ڏکيائي پيدا ڪندس. منهنجو وس پڄي ته مان
تنهنجي زندگيءَ جو هر پل خوشين سان ڀري ڇڏيان.“
سچل ايڏو بي تڪلفيءَ سان چيو جو ردا حيرت ۽ مسرت
جي لمحن ۾ چونڊ ڪري نه سگهي. هڪدم اٿي ٻاهر هلي
وئي. پر اهي لفظ پڙاڏو بنجي هن جي دل ۽ دماغ ۾
گونجڻ لڳا.
”پر سچل هينئن به ڪيستائين هلندو، نيٺ ته ماڻهن کي
خبر پئجي ويندي“.
ردا هن جي ٻانهن پنهنجي ڪنڌ هيٺان ڪڍي چيو.
سچل طنز ڪندي هن کي ڏسندي چيو. ”ڪن کولي ٻڌي ڇڏ.
منهنجو توسان ڪوبه واسطو ڪونهي. مان نٿو چاهيان ته
تو جهڙي بري عورت جي ڪري ماڻهو مون کي خراب سمجهن
۽ منهنجي عزت تي هٿ کڻن، انڪري منهنجي زندگي مان
نڪري وڃ.... ۽ جي ٿوري به عزت يا حياءُ شرم ذرو
بچيو اٿئي ته نوڪري ڇڏي ڏي مان نٿو چاهيان.....“
اقليتي، ملڪيتي ۽ شهري حق
قانون ڇا آهي؟
قانون اصل ۾ گڏيل اصولن تي ٻڌل هڪ اهڙو نظام هوندو
آهي جنهن کي ڪنهن اداري (عام طور تي حڪومت) جي
طرفان ڪنهن سماج کي منظم ڪرڻ ۽ ان کي تابع (control)
ڪرڻ لاءِ نافظ ڪيو ويندو آهي ۽ ان تي ئي ان سماج
جي گڏيل روين جو دارومدار هوندو آهي.
آئين ڇا آهي؟
دستور يا آئين ڪنهن حڪومت لاءِ قانونن ۽ اصولن جو
هڪ اهڙو مجموعو آهي جيڪو هڪ سياسي وجود جي اختيارن
۽ ڪارڪردگي کي محدود ۽ متعين ڪرڻ سان گڏوگڏ عدالتي
۽ انتظامي امور جي دائري ڪار جو به تعين ڪندو آهي.
ڪجهه ملڪن ۾ هي دستور هڪ لکيل دستاويز جي شڪل ۾
هوندو آهي، جيئن پاڪستان، آمريڪا ۽ چين وغيره.
جڏهن ته ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن جن جو ڪو لکت ۾
دستور ڪونه آهي، ۽ ڪجهه دستاويز، قانون ۽ فرمان ۽
روايتن جي مجموعي کي دستور جي طور تي استعمال ڪيو
ويندو آهي، اهڙن ملڪن ۾ برطانيه شامل آهي. عام طور
تي سڀني ملڪن جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ دستور لازمي
هوندو آهي.
آئين پاڪستان کي پاڪستان جو دستور ۽ اسلامي
جمهوريه پاڪستان جو دستور 1973ع به چوندا آهن،
تاريخ جي لحاظ کان هي پاڪستان جو ٽيون دستور آهي.
ان کان پهريان 1956ع ۽ 1962ع ۾ به پارليامينٽ ڌار
ڌار مسوده تيار ڪيا هئا جيڪي ملڪ ۾ آئين جي طور تي
اختيار ڪيا ويا هئا. جيڪي ترتيبوار 1958ع ۽ 1969ع
۾ ڪالعدم قرار ڏنا ويا. 1973ع ۾ ٺهندڙ هن آئين جا
خاص نڪتا هي هئا ته، ملڪ ۾ پارلياماني نظام حڪومت
هوندو ۽ وزيراعظم ملڪ جو سربراهه
هوندو جنهن کي
اڪثريتي جماعت منتخب ڪندي. پاڪستان جو نالو
اسلامي جمهوريه پاڪستان هوندو ۽ آئين ۾ ترميم لاءِ
ايوان زيرين (يعني قومي اسيمبلي) ۾ ٻه ڀاڱي ٽي
اڪثريت ايوان بالا (يعني سينيٽ) ۾ وڏي اڪثريت هئڻ
ضروري آهي.
حق ڇا آهي؟
آزادي يا استحقاق جا قانوني، سماجي يا اخلاقي اصول
(Rights)
حق آهن، يعني حق بنيادي ۽ معياري قانون آهن جيڪي
ڪنهن قانوني نظام، سماجي ڪنوينشن يا اخلاقي اصول
جي موجب فردن کي ٻين فردن جي طرفان اجازت يا واجب
الادا آهن.
بنيادي شهري حقن مان مراد
آزادي ۽ حقن جو اهو نظريو آهي جنهن مطابق تمام
انسان برابر طور حقدار آهن، هن نظريي ۾ اهي تمام
جزا شامل آهن جنهن موجب ڌرتيءَ تي رهندڙ تمام
انسان برابري طور تي بنيادي ضرورتن ۽ سهولتن جي
لحاظ کان بنيادي حقن جا حقدار آهن.
بنيادي شهري حقن جا فائدا
امن، ڀائيچارو، ترقي، اڳتي وڌڻ جا موقعا، انصاف ۽
مساوات، نظم و ضبط، احساس، حب الوطني.
بنيادي شهري/ انساني حق
هر انسان انصاف، امن، محبت ۽ خوشحالي جو طلبگار
آهي. سماج ۾ تمام قانون، ادارا ۽ ضابطه ان لاءِ
ٺاهيا ويندا آهن ته جيئن انسانن کي انصاف، امن ۽
خوشحالي ملي
سگهي ۽ بدامني، ناانصافي ۽ محرومي جو رستو
روڪي سگهجي. ان جو نالو ئي بنيادي شهري يا انساني
حق آهن.
ان لاءِ بنيادي شرط صرف انسان هجڻ آهي، رنگ، نسل،
مذهب جنس، زبان، ثقافت، سماجي مقام، مالي حيثيت ۽
سياسي خيالن جي فرق سان ڪنهن فرد جي انساني حقن تي
ڪوبه فرق نٿو پوي.
اقوام متحده جو عالمي اعلاميو اعلان ٿو ڪري ته
ڪنهن رياست، اداري، فرد يا گروهه جي طرز تي ڪنهن
سان مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي ڪوبه امتيازي سلوڪ
نه رکيو ويندو.
قيام پاڪستان جي وقت قائداعظم محمد علي جناح سڀ
کان
پهريان انساني حق خاص ڪري اقليتن جي حقن جي تحفظ
تي زور ڏنو. جمهوريت ۾ انساني حق سر فهرست آهن، ۽
جمهوري نظام ۾ مختلف قومن جي حقن جو تحفظ به
انساني حقن ۾ شامل آهي. ان لاءِ آئين پاڪستان جي
شروعاتي ۾ ئي بنيادي حقن جي تحفظ جو باب شامل ڪيو
ويو آهي. جنهن ۾ بنيادي انساني حقن سان گڏوگڏ
اقليتن جي حقن جي تحفظ به شامل آهي. پاڪستان ۾
عوام جي گهڻائي کي انهن حقن جي باري ۾ آگاهي ناهي.
ان لاءِ جڏهن انهن جي حقن جو پامالي ٿيندي آهي ته
انهن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته آئين پاڪستان ۾ يا
ملڪ جي ٻين ڪهڙن قانونن ۾ انهن جي حقن جو تحفظ ۽
داد رسي جو طريقو شامل آهي. ان لاءِ اسان آئين
پاڪستان جي روشني ۾ بنيادي انساني حقن سان گڏ
اقليتن جي حقن جو به تفصيلي جائزو وٺنداسين.
بنيادي حقن تي آکاڻيون يا صورتحال
هڪ ڪارخاني ۾ ڪجهه ٻار ڪم ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي
عمر چوڏهن سالن کان گهٽ هئي ڪارخاني جو مالڪ خوش
هو ته هو غريب ٻارن کي روزگار جو موقعو ڏئي رهيو
آهي. پر جلد ئي ان کي ان جو نقصان کڻڻو پيو. جنهن
جو بنيادي ڪارڻ هي هو ته هن کي هن قانون جي خبر ئي
ڪونه هئي.
هڪ علائقي ۾ ماڻهو رستي تي احتجاج ڪري رهيا هئا ۽
گڏ هٿيار به کنيون بيٺا هئا. جنهن تي پوليس انهن
تي ڪارروائي ڪئي ۽ هو چوندا رهيا ته احتجاج هنن جو
بنيادي حق آهي. پر پوءِ به انهن جي نه ٻڌي وئي ڇو
ته هٿيار رکڻ انهن جو حق نه هو.
ڪنهن علائقي جا 15 ماڻهو ملي ڪري رستي تي احتجاج
ڪري رهيا هئا ته پوليس انهن کي گرفتار ڪري ورتو.
احتجاج ڪرڻ وارن پوليس سان بحث ڪندي چيو ته آئين
پاڪستان انهن کي اهو حق ڏئي ٿو. پر احتجاج ڪندڙن
کي دفعو 144 جي باري ۾ خبر نه هئي جيڪا انهن ڏينهن
۾ اتي لاڳو هو.
پوليس وٽ شڪاياتن
جو واضح طريقو
شڪايت ۽ ايف. آءِ. آر ۾ فرق:
شڪايت ۽ ايف. آءِ. آر ۾ فرق تمام معمولي، پر
بنيادي آهي. مئجسٽريٽ درخواست ڏيندڙ کان حلفيه
بيان وٺندو آهي ۽ معاملي جي جاچ کان پوءِ شڪايت
درج ڪندو آهي، شڪايت ۾ نامزد شخص کي گرفتار نه ڪيو
ويندو آهي، مئجسٽريٽ جاچ لاءِ ڪنهن به پوليس
اهلڪار يا ڪنهن ٻئي عهديدار کي ذميوار مقرر ڪندو
آهي ان دوران ان معاملي جي جاچ پاڻ مئجسٽريٽ ڪندو
آهي، تحقيقات کان پوءِ ڪيس هلندو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ
کان پوءِ سزا لاءِ ملزم کي گرفتار ڪيو ويندو آهي،
جڏهن ته ايف. آءِ. آر داخل ٿيڻ کان پوءِ ملزم کي
فوري گرفتار ڪيو ويندو آهي ۽ پوليس تحقيقات مڪمل
ڪرڻ کان پوءِ عدالت ۾ چالان پيش ڪندي آهي.
دنيا ۾ قانون عوام جي ڀلائي لاءِ ٺاهيا ويندا آهن.
پر اسان وٽ انهن کي عوام جي خلاف به استعمال ڪري
سگهجي ٿو.
پوليس ڪارروائي:
جڏهن ڪو فريادي ايف. آءِ. آر درج ڪرائيندو آهي ته
ان کان پوءِ پوليس يا مئجسٽريٽ ان سلسلي ۾
ڪارروائي ڪندو آهي، ان جو طريقو ضابطه فوجداري جي
باب 14 ۾ سيڪشن 154 کان 176 تائين درج آهي جنهن جي
تفصيل ڪجهه هيئن آهي. |