سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 2020ع

باب:

صفحو:4 

نياز مسرور بدوي

ملڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾ سماجي، ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب“ تي تبصرو

 

”ڪتاب ڳالهائي ٿو.“ ڪتاب، جيستائين بند آهي، تيستائين اهو اوهان سان ڪين ڳالهائيندو، پر جيڪڏهن اوهين ان کي محبت جي نظر سان ڏسندؤ ۽ پيار جي لمس سان ڇهندؤ، ته هو اوهان سان ڳالهائڻ لڳندو، اوهان جي اندر ۾ دٻيل ارمانن ۽ خوابن کي جاڳائيندو، ۽ انهن جي حاصلتا لاءِ تحرڪ پيدا ڪندو. اهڙا تحرڪ ڏيندڙ ڪتاب سنڌي ادب ۾ ناپيد ٿيندا پيا وڃن، جيڪي خالص تخليقي نڪتهءِ نظر کان هٽي ڪري، خالص فڪري، سائنسي، سماجي نڪته نظر کان لکيا ويا هجن.

سنڌي ادب ۾ هن وقت جيڪو ادبي اڀار آيل آهي، انهيءَ ۾ هڪ خوابناڪ ماحول جي عڪاسي ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ زميني حورن جي حسن جي ساراهه، رخسارن جي لالاڻ، اکين جي مئڪشي، چپن جي مڌنوشي ۽ سُرهي سونهن جو ورجاءَ تمام گھڻي انداز ۾ ملي ٿو. اهڙا سڀ تخليقڪار هڪ اهڙي نرگسيت جو شڪار آهن، جيڪا سندن خيالن جي جنت ۾ قائم آهي، اها هڪ اهڙي ويڳاڻپ آهي، جيڪا کين حقيقت کان تمام گھڻو پري وٺي وڃي ٿي. سماج جي مڪروهه روپ جي مٿان چاندي ۽ سون جي ملمع ڪاري ڪري، ان کي سندن نظرن کان گم ڪري ڇڏي ٿي، وينگس جي وارن خوشبو ۾ گم ٿيڻ، ۽ انهن ڪڪوريل زلفن کي واسينگن سان ڀيٽ ڏيڻ، محبوب جي ڳلن ۾ پيل ڊمپلن جي تعريف ۾ سحرجي وڃڻ ۽ ان جي سراپي جي واکاڻ ۾ گم ٿي وڃڻ، دنيا کان بي خبر ٿيڻ واري بيخودي، سموري سماج لاءِ ڏاڍي هاڃيڪار آهي، انهيءَ مخموريءَ ۾ اهي اهو سچ وساري ويهن ٿا ته ادب جو ڪو سماجي ڪارج به آهي، جيڪو کانئن اها گُھر ڪري ٿو ته اوهان ڀلي گل رخ، لاله جان جا قصيدا پڙهو، پر ان سان گڏوگڏ جيڪا تعميري تبديلي اچڻ گھرجي ان ۾  به پنهنجي علم ۽ دانش سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيو.

پر اها سنڌي ادب جي بدقسمتي آهي، جو انهيءَ قسم جو خالص ادب نه پيو سرججي، جيڪو انساني شعور کي اڃا وڌيڪ ڪارآمد ڪري، سندن دماغ ۾، سڪوت جي حالت ۾ ستل سوچ ۽ شعور جي خلين (گھرڙن، تاندورن) کي سجاڳ ڪري، زندگي بخشي. اهڙي ادب جي خواهش هر ڪوئي ڪندو آهي، پر عملي طور تي اهڙيون فڪر انگيز تحريرون ڏيڻ ۾ سنڌي ادب، اهو حقيقي ڪردار ادا نه ڪري سگھيو آهي، جيڪو وقت جي ضرورت آهي.

پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان کي اردو ادب ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي شيون ملن ٿيون، جيڪي انساني سوچ جي سگھه کي مضبوط بڻائين ٿيون. اردو ادب ۾ اسان کي تخليقي ادب سان گڏوگڏ سياسي ادب به ملي ٿو، جيڪو بي ڌڙڪ ۽ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي لکيو وڃي ٿو. سياستدانن جي نجي ۽ عام زندگيءَ جا واقعا به پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، ته اتي وري اردو اديبن جون لطيف ڳالهيون ۽ عشقيه داستانن جا پڙاڏا به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، ۽ اهڙا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، جن سان روشن خياليءَ جون بند ٿيل دريون به کُلي پون ٿيون. اهڙن اردو ليکڪن جي هڪ ڊگھي وچور آهي، جن پنهنجي دانش کي دردمندن جي دانهن ۾ تبديل ڪري انهن جو سگھارو آواز بڻيا آهن ۽ پنهنجو احتجاج زباني توڙي ڪتابي صورت ۾ رڪارڊ تي آندو آهي، ته جيئن ايندڙ نسل، پنهنجي ماضيءَ جي حقيقتن کي حال جي معروضي حالتن ۾ ڏسي پنهنجي مستقبل جو اندازو ڪري سگھي.

بهرحال ادب زندگي آهي، ۽ ادب کي سماج جو آئينو ٿيڻ گھرجي. جنهن ۾ هر ڪوئي پنهنجو منهن ڏسي سگھي. پر اها سنڌي ادب جي بدقسمتي آهي، جو سواءِ چند اديبن جي، جن پنهنجي زندگيءَ جون وارتائون نهايت سچائيءَ سان بيان ڪيون آهن. باقي سنڌي ادب ڪافي، اڃا تائين ان حقيقي رخ ۾ سفر نه ڪري سگھيو آهي، جتي اسان کي هر شيءِ واضح ۽ چٽي نظر اچي. سنڌ اندر سياست تي لکيو وڃي ٿو ۽ لکيو ويو آهي، پر سياست کي بنياد بڻائي، ادب ۾ آيل تبديلي ڌارائن تي ڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ڪم ٿيو آهي.

پاڪستان ۾ جيڪا به سياسي تبديلي اچي ٿي، اها پاڻ سان گڏ ڪيترائي نوان سوال ۽ خيال کڻي اچي ٿي، ان سان جيڪا سماجي ۽ ثقافتي تبديلي اچي ٿي، ان جا تاريخي طور تي ادب تي ڪهڙا اثر مرتب ٿين ٿا، تن تي سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪو مسلسل ۽ جامع ڪم نه ٿيو آهي، جنهن سان سنڌي ادب کي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ۽ جيڪي سماجي ۽ ثقافتي تبديليون سنڌي ادب تي اثر انداز ٿيون آهن، تن جو صحيح ۽ حقيقي رخ پيش ڪري، تجزيو ڪيو وڃي. اهو هڪ جمود هو جنهن کي محترمه تنوير جوڻيجو صاحبه ٽوڙي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جو لکاري پنهنجي سماج ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهي ۽ سياسي طور، سماج ۽ ثقافت تي اثر انداز ٿيڻ وارن محرڪن تي، سندس گھري نظر آهي.

محترمه تنوير جوڻيجو صاحبه سنڌ جي ادبي حلقي اندر ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. تنوير جوڻيجو صاحبه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا آهن، جيڪي پنهنجي مواد ۽ معيار جي ساک پيا ڏين.

ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو صاحبه جيئن ته سماجي سائنس جي شاگرد ۽ استاد رهي آهي، انڪري سندس دلچسپي جو موضوع  انسان ۽ سماج ۽ سماج ۾ ايندڙ تبديلين جو انسان تي اثر خاص موضوع رهيو آهي ۽ پنهنجي مضمون سان لازوال وابستگيءَ جي سبب، هن ملڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾ سماجي ۽ ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب جي عنوان هيٺ پنهنجي پي ايڇ ڊي جو مايه دار مقالو لکي ڊگري حاصل ڪئي.

ڪتاب، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سچائين جو ڀنڊار آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ٽي ڀاڱا آهن ۽ انهن ٽنهي ڀاڱن ۾ 120 عنوان آهن، جيڪي 677 صفحن تي پکڙيل آهن. هن سڄي ڪتاب ۾ 1957ع کان وٺي 2001ع تائين جي واقعن جو احاطو ڪيو ويو آهي. انهن عنوانن جي وچور اٺن صفحن تي پکڙيل آهي. صفحي 558 کان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۾ ايندڙ تبديلين جو تجزيو ڪيو ويو آهي.

آءٌ هتي فقط ڪتاب ۾ شامل ڪجھه فقرا لکان ٿو، جن جي پڙهڻ سان اوهان کي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ٿيندو.

  1. خاص طور سنڌ جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ لڳي. هڪ طرف ڪراچي سنڌين کان ڦري وئي، ٻئي طرف هندن جو هڙئي ملڪيتون مهاجرن جي حوالي ڪيون ويون ۽ مٿان وري نوڪرين ۾ به مهاجرن کي فوقيت ملڻ لڳي.

  2. 1951.2ع ۾ ڪراچيءَ کانسواءِ سنڌ اندر 30.8 سيڪڙو انتظامي عهدا مهاجرن کي ڏنا ويا.

  3. ڪراچي يونيورسٽي، سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ تي پابندي هنئين ته احتجاجي جلسا جلوس شروع ٿيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ 1954ع ۾ قائم ٿيل ”سنڌ متحده شاگرد محاذ“ ۾ ٻيون به ثقافتي ۽ ادبي تنظيمون شامل ٿي ويون. (صفحو 123(

  4. علي محمد راشدي هر ان ماڻهوءَ کي جيل ۾ اُماڻڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو هو. جيڪو ون يونٽ جو مخالف هو (صفحو125(

  5. فوج جي هاءِ ڪمان ايوب خان جي سويلين جانشين جي باري ۾ ڪافي غور و فڪر ڪيو ۽ عام تاثر اهو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان کان پوءِ سڀ کان ڪامياب حڪمران ثابت ٿيندو. (صفحو 141(

  6. ڪيترا بهاري، مشرقي پاڪستان ڇڏي، اولهه پاڪستان خاص طرح سنڌ جو حصو بڻيا ۽ ڪراچيءَ کي قبضي هيٺ آندو. (صفحو 13(

  7. . 31 ڊسمبر 1985ع تي مارشل لا هٽائي وئي ۽ انهيءَ دوران جوڻيجو جي ڪوششن سان بينظير ڀٽو کي وطن واپس ورڻ جي اجازت ملي. (صفحو 196ع

 

ڪليم ٻُٽ

 

”رڃ“ ناول تي تبصرو

 

گھڻي وقت کان مان ج. ع مُنگھاڻي جي ناول رُڃ جي حوالي سان دوستن واتان ساراھ ٻڌندو ٿي آيس، پر ھن ناول جو قد ڪاٺ ۽ قيمت ڏسي سدائين ڏکي ويندو ھوس، نيٺ دل ٻڌي گذريل ھفتي ھي ناول ورتم، جيئن جيئن ناول پڙھندو ٿي ويس ناول مايوس ڪندو ٿي ويو ۽ ڳيتون ڏئي ناول پورو ڪيم. ھي ناول پورو ڪرڻ منھنجي لاءِ صفا ائين ھو جيئن 25 ڊسمبر جي سرد ڏينھن تي گرمي جي ڪپڙن ۾ ايورسٽ جي برفيلي چوٽي سر ڪرڻ. جيتوڻيڪ ھن ناول جو بيڪ ٽائيٽل سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ سراج ميمڻ صاحب لکيو آھي، ھو لکي ٿو ته:

مون ٽيئي ڪتاب (ناول) دلچسپي ۽ غور سان پڙھيا آھن. منھنجي نظر ۾ ج. ع. مُنگھاڻيءَ جو ناول رُڃ پھرئين نمبر تي عاليشان ناول آھي. اھو ٽيڪنيڪ، ڪھاڻي، ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ جي لحاظ کان اعليٰ درجي جو ناول آھي.“

پر جڏھن مون ھي ناول پڙھڻ شروع ڪيو ۽ پڙھي پورو ڪيو ته مون کي سراج صاحب جي مٿين راءِ سان اختلاف ٿيو نه رڳو ھي ناول فني اعتبار کان ڪمزور آھي پر ان جي ڪھاڻي به عام رواجي ڪھاڻي آھي. ھي ڪھاڻي جان بيبي ۽ طارق خان جھڙن ڪردارن جي چوڦير گھمي ٿي. جان بيبي ۽ طارق خان ٻئي ھڪ قبيلائي سردار جي خاندان جا فرد آھن، طارق خان اڳ ئي شھناز سان پرڻيل آھي ۽ ان مان کيس اڪبر نالي پٽ آھي، ان ھوندي به جان بيبي سندس عشق ۾ انڌي ٿي پئي ٿي.

 اھڙي ريت ناول جا ٻه ٻيا ڪردار تاج بيبي جيڪا جان بيبيءَ جي وڏي ڀيڻ آھي ۽ مھراب خان آھن، ناول جي پھرين باب ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته مھراب خان جنھن تي سرداري جي پڳ آھي جان بيبيءَ جو حسن ڏسي ترڪي پئي ٿو ۽ تاج بدران جان بيبيءَ سان شادي ڪرڻ جي خواھش ظاھر ڪري ٿو، پر ماءُ جي نصيحت تي ان ڳالهه تان ھٿ کڻي تاج بيبيءَ سان ئي شادي ڪري ٿو (واهه سرداري پٽ ھجن ته اھڙا). خير جان بيبي ڀيڻ جي شاديءَ دوران طارق خان کي ڏسي ٿي ۽ ھن تي فدا ٿي پئي ٿي ۽ ائين ڪھاڻي بنا ڪنھن مقصد جي 748 صفحن تائين ھلندي ٿي رھي. 

ھي ناول پڙھڻ دوران اھو به احساس ٿيو ته ڪھاڻي ھروڀرو جان بيبي کي فلاسفر ڏيکارڻ لاءِ سندس واتان شاھ لطيف جي شاعري پڙھائي وئي آھي، رکي رکي کيس دورو ٿو پئي ۽ ھوءَ شاھ لطيف جو رسالو ڪڇ ۾ رکي ان مان بيت پڙھڻ شروع ٿي ڪري ڏي، جيڪڏھن اھو ائين نه به ڪري ھا تڏھن به ناول جي ڪھاڻي يا سندس ڪردار تي ڪوبه فرق نه پئي ھا.

منھنجي نظر ۾ ھي ناول اردو ڊائجسٽن ۾ ڇپجندڙ ناولن جو چرٻو آھي، جنھن کي بنا ڪنھن مقصد جي طوالت ڏني وئي آھي، ٻيو ته ھي ناول پڙھندڙ تي پنھنجو اثر ڇڏڻ ۾ به ناڪام وڃي ٿو. جيڪڏھن ناول جي فني پاسن کي ڏسجي ته ھي ناول بدران ڪنھن ٽي وي سيريل جي ٽيڪنيڪ تي لکيو ويو آھي، جڏھن ته ڪيترن ئي ھنڌن تي اھو به احساس ٿئي ٿو ته ليکڪا اردو جي ڊائجسٽ ليکڪن کان تمام گھڻي متاثر آھي، ھن ڪيترن ئي ھنڌن تي سندن ڊڪشن جي به نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

آخر ۾ اھو چوندس ته ھن مان رڳو لائبرري جي خالي ڍلف کي ڀرڻ جو ڪم وٺي سگھجي، ھي ناول بس ڪنھن لائبرري ۾ ھڪ ٻئي ڪتاب جھڙو ئي آھي.

خالده منير

دل ڌمالن جي گونج ۾ ورتل“ تي تبصرو

 

سنڌي زبان ۾ نون شاعرن جا ڪتاب ڏسي انتهائي خوشي محسوس ٿيندي آهي ته منهنجي ڌرتي بنجر ناهي ۽ نه ئي منهنجي سنڌي ٻولي جو ادب بنجر آهي. ادب جي زمين تي ڏسجي ته ساوڪ ئي ساوڪ ۽ گل و گلزار لڳل آهي جنهن مان ڪيترا سلا اڳتي هلي قد آور وڻ ٿيندا جن ۾ شاھ زمان ڀنگر به هڪ هوندو. شاھ زمان ڀنگر جي شاعري جو پهريون مجموعو دل ڌمالن جي گونج ۾ ورتل ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. شاهه زمان جي ان ڪاوش کي پڙهندڙ ڪيتري ٿا مڃتا ڏين اهو وقت تي ٿو ڇڏجي، ڪنهن ماڻهو جي دل سان ڪيل محنت ڪڏهن به رائگان نه ويندي آهي. شاھ زمان جي شاعري ۾ هڪ حوصلو آهي، پنهنجي پاڻ تي اعتماد آهي. هو عام ماڻهو جيان ٿڪل يا دل شڪسته ۽ مايوس نه آهي. سندس لکڻين ۾ ولولو آهي چستي آهي، سندس لکڻين ۾ سمايل مثبت سوچ پڙهندڙن کي حوصلو، سگهه ۽ عدم برداشت جا درس ڏياريندڙ لڳي ٿي. هن جون لکڻيون جوشيليون آهن ڪٿي به سستي نظر نٿي اچي. سندس هن غزل کي پڙهڻ سان سندس پيغام روح جي گھراين تائين محسوس ٿئي ٿو:

يا هي غزل:

ايئن ناهي ته وقت بيهجي ويو، پر وڇوڙا عذاب جهڙا هن،

جي خزائن ۾ سار آ ايڏي، چئه بهارن جو درد ڇا هوندو؟

هر منظر ۾ الڳ الڳ قسم جي ڇڪ ۽ ڪشش هوندي آهي، چنڊ جي، آسمان جي، جبلن جي، شام جي ۽ رستن جي. هر ماڻهو جي اک هر روز ڪيترائي منظر ڏسندي آهي، هر ماڻهو رات جو آسمان تي چنڊ به ڏسندو آهي. تارا به ڏسندو آهي. پر شاعر جي اک عام ماڻهو جي اک کان الڳ ڏسندي آهي ان جو اندازو هن ٻن بندن مان لڳائي سگهجي ٿو:

جڏهن ڪنهن شاعر تي شاعري لهندي آهي ان وقت هو خودي ۾ نه هوندو آهي جيڪو ڪجهه لکندو آهي بيخودي ۾ لکندو آهي. بيخودي ۾ جيڪي تشبيهون ۽ استعارا لکبا آهن اهي ڪمال جا هوندا آهن جنهن جي شاعر کي به اڪثر خبر نه پوندي آهي ته ڇا لکي ويو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ لکيل هي بند،

ڪري احساس کان خالي ڇڏيو آ بي رخيءَ تنهنجي،

لڦون لفظن کي نڪتيون يار پيرن جي خبر ناهي.

ڪتاب پڙهندي هن بند تي ڪجهه دير لاءِ ساڪت ٿي ويس الائجي ڪيترا منهنجا ڳوڙها پني کي پسائي ويا. هي ٻه بند مون کي ايڪيهين جنوري جي ان رات ڏانهن واپس وٺي ويا جڏهن منهنجي امان جو روح پرواز ٿي ويو هو ۽ مون پنهنجي ماءُ جي پيرن تي آخري چمي ڏني. هاڻي جنهن به وقت آئون آئيني جي سامھون بيهندي آهيان پنهنجي چهري تي مون کي منهنجا چپ مقدس لڳندا آهن.

مرڪ تنهنجي تي دل ٺري پئي

ماءُ جي پير تي چمي آ ڄڻ.

پيار جو دنيا ۾ ڪو به ثاني نه آهي پيار اڻ ملهه آهي. پر ان پويتر جذبي کي اڄ جي حوس پرست انسان ڪاروبار ڪري ڇڏيو آهي.

اڻ برابري، ڏاڍائي ۽ نا انصافي تي مزاحمت ڪرڻ مثبت عمل آهي. پر هن وقت مزاحمت سست روي جو شڪار آهي، مزاحمت جو رڪجڻ هاڃيڪار عمل آهي.

جهانزيب بروهي

هڪ نظر ناول ’’سيتا زينب‘‘ تي

 

سيتا زينب سنڌ جي جڳ مشهور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار، ۽ ڪالم نگار سائين زيب سنڌي جو لکيل پهريون ناول آهي. سائين هن وقت تائين ڪيترائي ڊراما لکي چڪا آهن، جيڪي سرڪاري توڙي ڪيترن ئي نجي ٽي وي چينلن تي نشر ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه پاڻ ٻيا به کوڙ سارا ڪتاب ۽ ڪهاڻيون لکي چڪا آهن. پاڻ روزاني ڪاوش ۾ ڪالم ۽ فليش فڪشن اسٽوريز مسلسل لکندا رهندا ٿا. منهنجي سائين جن سان پهرين ملاقات 2017ع  ۾ حيدرآباد ۾ ٿي. ملاقات سان مونکي محسوس ٿيو ته سائين زيب سنڌي هڪ بهترين انسان دوست ۽ هر دلعزيز شخص آهن، ۽ هن ناول جي ڪردارن تي به سندن انهي شخصيت جو وڏو اثر واضح نموني سان محسوس ڪري سگھجي ٿو.

ناول سيتا زينب هڪ هندو ڇوڪري جي زندگي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي محبوب جي عشق ۾ هندو ڌرم ڇڏي مسلمان ٿئي ٿي. ناول جا مکيه ڪردار سيتا (جيڪا بعد ۾ اسلام قبول ڪري زينب ٿئي ٿي)، سلمان، عابد علي، خديجه ۽ شنڪر آهن. سيتا هڪ باوقار ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هندو ڇوڪري آهي، جيڪا پنهنجي يونيورسٽي جي ڪلاس فيلو، هڪ مسلمان ڇوڪري، سلمان جي محبت ۾ گرفتار هجي ٿي. شنڪر، هڪ انتهائي سخت مزاج، ظالم ۽ عورت دشمن شخص، سيتا جو ڀاءُ آهي. عابد علي، هڪ نهايت نيڪ ۽ سهڻي اخلاق جو مالڪ ريلوي اسٽيشن تي سرڪاري ملازم آهي ۽ خديجه سندس زال آهي.

ناول جي شروعات سيتا جي گھر مان ٿئي ٿي، جتي سيتا پنهنجي گھر وارن کان لڪي لڪي پنهنجي محبوب سلمان سان گھر جي لينڊلائن ٽيليفون تي ايندڙ رات ڀڄي وڃي شادي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهڻ ۾ رڌل هجي ٿي. سيتا کي جڏهن ڪمري ۾ ڪنهن ٻئي شخص جي موجودگي جو احساس ٿئي ٿو ته هڪدم فون رکي ٿي ڇڏي. پر ڪمري ۾ موجود سندس ماءُ، جانڪي ٻائي، ڳالهيون ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي، ۽ کيس سمجھائي ٿي ته، هو اهڙو ڪو به قدم نه کڻي جنهن سان کيس موت جو منهن ڏسڻو پوي. ڇاڪاڻ جو شنڪر اڳ به پنهنجي هڪ ڀيڻ کي گھران ڀڄي شادي ڪرڻ تي قتل ڪري ڇڏيو هو.

ٻي رات سيتا انتهائي چالاڪي سان پنهنجي گھران نڪري ريلوي اسٽيشن تي وڃي، پنهنجي جوڙيل منصوبي مطابق سلمان سان شادي ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم تي انتظار ڪرڻ لڳي ٿي. سلمان کي نائيٽ ڪوچ ريل ۾ اچڻو هوندو آهي، پر نائيٽ ڪوچ جي پليٽ فارم تان گذرڻ جي ڪافي ٽائيم کان پوءِ به سلمان جو ڪو به نشان ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، ۽ سيتا مايوس ٿي پليٽ فارم تي ويهي رهندي آهي. کيس هزارين سوچون وڪوڙي وينديون آهن. هڪ ته شنڪر جي دهشت، ٻيو محبوب جي طرفان مليل ڌوڪو، سيتا پليٽ فارم تي ويهي پنهنجي قسمت تي روئيندي رهندي آهي ته عابد علي کيس ڏسي وٺندو آهي. عابد علي کي سيتا سمورو مامرو ٻڌائيندي آهي، ۽ عابد علي کيس پناه ڏيڻ لاءِ پنهنجي گھر وٺي ويندو آهي. سيتا عابد علي جي گھر ۾ ئي اسلام قبول ڪري سيتا مان زينب ٿي ويندي آهي ۽ پنهنجو گھر ۽ ڌرم ڇڏي پنهنجي محبوب جي اچي وٺي وڃڻ جو بي صبري سان انتظار ڪندي آهي. هڪ ڏينهن عابد علي جو سلمان سان موبائل فون تي رابطو ٿيندو آهي، ۽ سلمان کيس نه اچڻ جو سبب پنهنجي والد جي اچانڪ وفات ڪري وڃڻ جو ٻڌائيندو آهي. ۽ گڏوگڏ سلمان ٻڌائيندو آهي ته، هاڻي هو ڪڏهن به زينب کي وٺي وڃڻ لاءِ نٿو اچي سگھي. زينب جي عابد علي جي گھر ۾ رهڻ سان عابد علي ۽ سندس زال خديجه جي وچ ۾ غلط فهمي جنم وٺندي آهي، ۽ سندن طلاق ٿي ويندي آهي. زينب اهو سڀ ڏسي عابد علي جي گھر مان نڪري، موت کي مٿي تي سوار ڪري، شنڪر جي ڇاڙتن کان لڪي لڪي، ڪراچي پنهنجي هڪ سهيلي جي گھر هلي ويندي آهي. ۽ ٻئي پاسي عابد علي ۽ سندس طلاق شده زال هڪ ئي گھر ۾، جتي پهريان هو زال مڙس ٿي رهندا هئا، هاڻي نا محرم ٿي هڪٻئي کان پردو ڪري خديجه جي عدت جي پوري ٿيڻ لاءِ انتظار ۾ رهندا آهن. زينب پنهنجي سهيلي جي گھر ۾ سلمان جي ڌوڪي جي درد کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندي آهي، پر بروقت اسپتال پهچڻ ڪري سندس زندگي بچي ويندي آهي. جڏهن ان ڳالهه جي سلمان کي خبر پوندي آهي ته سلمان زينب کي وٺي وڃڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويندو آهي ۽ ايئن ٻنهي جي شادي ٿي ويندي آهي. پر ٻئي طرف، زينب جي ڪري پيدا ٿيل عابد علي ۽ خديجه جي وچ ۾ غلط فھمي ڪري ٿيل طلاق جي عدت پوري ٿيڻ کان پوءِ، عابد علي پنهنجي اڳوڻي زال جي شادي پنهنجي ٻئي هڪ دوست سان ڪرائي ڇڏيندو آهي. جڏهن عابد علي خديجه ۽ سندس مڙس کي ريلوي اسٽيشن تي رخصت ڪرڻ لاءِ ايندو آهي ته هتي سندس ملاقات زينب سان ٿيندي آهي، جيڪا پنهنجي مڙس سلمان سان گڏ هوندي آهي. ۽ ايئن ناول پنهنجي اختتام تي پهچندو آهي.

ناول کي سائين زيب سنڌي ڏاڍي ڪاريگري سان لکيو آهي. ناول جي ٻولي به سادي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ آهي، ۽ گڏوگڏ منظر نگاري به سٺي انداز سان ٿيل آهي. سائين زيب سنڌي جي شخصيت جيان هن ناول جي ڪردارن جي شخصيت سواءِ (شنڪر جي) به تمام رحمدل ۽ مانائتي آهي. جيتري قدر مونکي ياد آهي ته طارق عالم ابڙو جو لکيل ناول ”رهجي ويل منظر کان پوءِ ٻيو ناول آهي جيڪو مان هڪ ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيو آهي. جيڪا پڻ هن ناول جي دلچسپ هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org