سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي 2005ع

 

صفحو :7

ڊاڪٽر عريبيه نور

عورتن جو سياست ۾ حصو

 

هن ڪائنات کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾ عورت به برابر جي حصي دار آهي. ٻوٽن ۾، جانورن ۾ ۽ انسانن ۾ هر هنڌ نر ۽ مادي گڏو گڏ موجود نظر اچن ٿا. انهن مان ٻوٽن ۽ جانورن ۾ مڪمل برابري نظر اچي ٿي. انهن جا هڪ جهڙا حق آهن ۽ پنهنجي هم جنس تي ڪا به برتري حاصل ناهي.

پر اها ڏاڍي دل ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته خدا پاڪ جي اشرف المخلوقات يعني انسان عقل و شعور هوندي به عورت کي حقير سمجهيو آهي. هن جا حق غضب ڪيا آهن. جانورن ۾ به برابري آهي پر انساني نسل ۾، عورت کي گهٽ درجي جي مخلوق سمجهيو ويندو آهي.

دنيا جي سڀني سماجن ۾ عورت ۽ مرد گڏجي نسل وڌائن ٿا ۽ دنيا جي ٻين مسئلن کي منهن ڏين ٿا ۽ ٻئي معاشرتي قومي ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ هڪ جيترو ڀاڱي ڀائيوار آهن. ٻين سماجن عورت کي سندس جائز مقام نه ڏنو. هن کي گهر جي خادمه ۽ ڪنيز بنايو، کيس والدين ۽ گهر واري جي ملڪيت ۾ وارث نه بڻايو. اسلام جي اچڻ کان اڳ فقط ٽن مستمدن سماجن يوناني، ايراني ۽ هندستاني سماجن جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انهن سماجن ۾ عورت جي حيثيت نهايت بدترين هئي. عورت کي نهايت نجس ۽ ناپاڪ تصور ڪيو ويندو هو. کيس مذهب ۽ عبدت ۾ ڪو به حق ڪونه هو اتفاق سان ڪنهن به عورت جو جيڪڏهن ڪنهن بت کي هٿ لڳي ويندو هو ته هٿ جي انهيءَ جاءِ کي ڪوريو ويندو هو ۽ اهو بت ناپاڪ تصور ڪيو ويندو هو. عورت کي ننڍپڻ ۾ والدين، جوانيءَ ۾ مڙس ۽ پوڙهائپ ۾ اولاد جي حڪم ۽ هدايتن موجب هلڻو پوندو هو. نه وارثت ۾ ڪو حصو. نه ملڪيت ۾ ڪا پتي. عورت کي جيڪا ملڪيت هوندي هئي. سا سڀ مرد جي ملڪيت بنجي ويندي هئي. مرد کي اختيار هو ته عورت کي وڪڻي، جتي وڻيس شادي ڪرائي يا نه ڪرائي. يا ڪنهن ٻئي مقصد سان استعمال ڪري. ننڍي هوندي نياڻيءَ کي جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري جي نالي ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ جي اهو ڇوڪرو مري ويو ته عورت سڄي عمر وري شادي نه ڪري سگهندي هئي. عورت فقط مرد جي خدمت چاڪري ۽ دل ڌتارڻ واري شيءِ سمجهي ويندي هئي نه هن کي علم حاصل ڪرڻ جو حق هو، نه هنر ۽ فن ۾ عورت کي ڪا حيثيت هئي. معمولي غلطيءَ تي موت جي سزا جي مستحق سمجهي ويندي هئي. هن کي محفلن ۽ مجلسن ۾ راڳ ۽ ناچ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو. وڪرو ڪرڻ وقت کيس ننگو ڪري، مٿانهين جاءِ تي بيهاريو ويندو هو.

اهڙيءَ ريت ايران، عربستان ۽ هندستان ۾ عورت سان ظلم ٿيندا هئا. غلاميءَ جي بازار گرم هئي. سون جي تعداد ۾ حسين عورتون خريد ڪري انهن سان دولت ڪمائي ويندي هئي. عورت کي شاعر، شيطان سان تشبيح ڏيندا هئا. عورت کي چيچيلائي مارڻ سندن زندگيءَ جو معمول هو. ڳورهاري عورت جو پيٽ چيريو ۽ ڦاڙيو ويندو هو.

مطلب ته ڪئين صديون گذري ويون عورت مٿان مصيبتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون ويون. آخر الله پاڪ عورت کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي رحمت جو پيغام اسلام ذريعي موڪليو ۽ پنهنجو مقدس ڪتاب قرآن شريف نازل ڪيو. جنهن عورت جي صحيح مقام کان انسان کي آگاهه ڪيو.

الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي:

(الله اهو آهي جنهن توهان سڀني کي هڪ ذات مان پيدا ڪيو ۽ ان مان سندس جوڙو بنايو ته جيئن هو ان طرف سڪون حاصل ڪري)

(الا عراف 189)

ڪاروبار هلائيندڙ بظاهر مرد آهن پر حقيقت ۾ پردي اندر انهن جون ڪارڪن عورتون آهن. همت افزائي ڪري صلاح ڏئي وڻيس ته مرد کي سڌي رستي ڏانهن راغب ڪري، وڻيس ته باطل جي قريب ڪري. اسلام انهيءَ ڪري عورت کي علم ۽ معرفت حاصل ڪرڻ فرض ڪيو آهي. ۽ پنهنجي گهر جي انتظام ۽ گهر جي پرسڪون ماحول لاءِ ذميدار بنايو آهي. عورت جي محبت ڀري دل جي ڪا قيمت نه آهي. جا گهر کي جنت ٿي  بڻائي. اسان جي پياري رسول صلي الله عليه وسلم عورت جي اها تعظيم ڪئي، جو هوءَ مقدس اسلامي جماعت ۾ داخل ٿي، دين اسلام جي جدوجهد ۽ جنگ جي ميدان ۾ مردن سان گڏ حصي وٺڻ جي قابل ٿي وئي. اهڙيءَ طرح عورت به پنهنجي وجود جي بقا خاطر زندگيءَ سان لاڳاپيل هر شعبي ۾ وڌڻ شروع ڪيو. سياسي طور تي به عورت پنهنجي وجود کي مڃرايو آهي. تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته اسلام جي شروعاتي دور ۾ بيبي عائشه تنهن کان پوءِ رضيه سلطانه، چاند بيبي ۽ دودي سومري جي ڀيڻ ٻاگهل ٻائي سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو. ماضيءَ ۾ نظر وجهون ته انگريزن جي خلاف جيڪا آزادي جي هلچل هلي. انهيءَ ھلچل ۾ مردن سان گڏ عورتن به حصو ورتو. سڀ کان پهرين مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جي والده بي امان به پنهنجي پٽن سان گڏ سياسي ميدان ۾ قدم رکيو.

اها ملڪ جي پهرين مسلمان عورت هئي جنهن سياسي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي ننهن بيگم محمد علي کي به سياست جي ميدان م آندو. انگريز سامراج جي خلاف سنڌ ۾ پير صبغت الله شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ حر تحريڪ هلي ته ان ۾ به مردن سان گڏو گڏ عورتن به گهڻي تعداد م حصو ورتو هو. وطن دوستي ۽ جانثاري جي جذبي سان سرشار ٿي ان تحريڪ کي اڳتي وڌايو. مجاهدن کي رسيد پهچائڻ ۽ گرفتار ٿيڻ تي ٻاڦ به نه ڪڍڻ عورتن جو ڪارنامو هو. ان کان علاوه سنڌ جي زمين انگريزن کان ڇڏائڻ ان وقت به سنڌ جون عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي قرباني لاءِ تيار هيون، جنهن جو مثال بختاور شهيد آهي. سڀ کان پهرين 1936ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪوشش سان آل انڊيا مسلم ليگ تنظيم قائم ڪئي وئي ان ڪاميٽي تي بيگم محمد علي کي صدر مقرر ڪيو ويو. جنهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دورو ڪري صوبن جي هر هڪ ضلعي ۾ آل مسلم ليگ وومين جون شاخون قائم ڪيون.

سنڌ مان آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽي تي بيگم نصرت عبد الله هارون کي مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ بگم نصرت کان سواءِ بگم انور هدايت الله ۽ بيگم جي الانا به هيون. مسلمان عورتن جي سب ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو، يعني بيگم عبد الله هارون ۽ پنجاب ۾ ڪاميٽيءَ جي بيگم شفيع تحريڪ پاڪستان تي تقريرون ڪيون. سنڌ جي مسلمان عورتن جو ٻيو جلسو به ڪراچي ۾ ٿيو. جنهن ڪانگريس طرفان انتها پسند عورتن کي جلسي کي درهم برهم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، پر مسلمان عورتن همت سان مقابلو ڪري سندن ان سازش کي ناڪام بڻايو. ان کان پوءِ بيگم هدايت الله سنڌ صوبي جو دورو ڪيو. جتي هن سنڌي پٺاڻ ۽ بلوچي عورتن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني.

23 مارچ 1940ع جي اجلاس ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ٿيو. قائد اعظم پنهنجي تقرير ۾ مسلمان عورتن جي ڪارڪردگيءَ جوش ۽ ولولي جي بي انتها تعريف ڪئي چيائين ته مسلمان عورتون پاڪستان کي حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ۽ واقعي ائين ئي ٿيو، عورتن محترمه فاطمه جناح جي رهبريءَ ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصور ورتو.

ٻيا جيڪي به قابل زڪر نالا آهن، بيگم رعنا لياقت، بيگم شائسته اڪرام، بيگم زينت چنا، آپاشمس ۽ ٻِيون ڪيتريون عورتون هيون. عورت کي جت جت به موقعو مليو آهي. هن پاڻ کي موکيو آهي. قائد اعظم محمد علي جناح به عورتن جي صلاحيتن تي پورو ڀروسو ڪندو هو ۽ عورتن کي گهر جي چوديواري ۾ بند رکڻ جو قائل نه هو. جناح جي نظرئي مسلمانن جي پڙهيل ڳڙهيل خاندان تي تمام گهڻو اثر وڌو ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ عورتن پاڪستان جي تحريڪ آزادي ۾ حصو ورتو. هندستان ورهاڱي کان پوءِ عورتن ئي پاڪستان ۾ آبادڪاري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو ۽ اهي ئي عورتون هيون، جيڪي تحريڪ پاڪستان ۾ شامل هيون. بيگم رعنا لياقت علي خان 1948ع ۾ عورتن جي هڪ تنظيم ”ويمن والنٽيئر سروس“ ٺاهي، جنهن جو مقصد عورتن کي اهڙيءَ طرح منظم ڪرڻو هو، جو هو سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن. انهيءَ تنظيم جي تمام سٺي نموني آجيان ڪئي وئي، ڇو ته اها تنظيم عورتن جي روايتي ڪردارن جو هڪ سلسلو هو، پر جڏهن 1949ع ۾ رعنا لياقت علي خان ”نيشنل ويمن گارڊ ۽ پاڪستان ويمنز نيول ريزرو“ ٺاهي ته انهن جي ڀرپور طريقي سان آجيان ڪونه ڪئي وئي. ڇو ته اهي ٻئي تنظيمون عورتن جي دفاعي تربيت جي لاءِ ٺاهيون ويون. 1954ع ۾ جڏهن بيگم رعنا لياقت علي خان سفير بنجي ملڪ کان ٻاهر وئي ته اها تربيت به بند ٿي وئي.

1949ع ۾ ئي بيگم رعنا لياقت علي خان اپوا تنظيم قائم ڪئي. هن تنظيم جو مقصد عورتن ۾ تعليمي شعور ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ هو. اها تنظيم شهرن تائين محدود هئي. ۽ اڃا تائين انهيءَ جو اهو ئي ڪردار آهي. انهي ئي دور ۾ هڪ تنظيم انجمن جمهوريت پسند خواتين به ڪم ڪندي هئي، جنهن جو ايجنڊا مڪمل طور تي سياسي هو. جنهن جو مقصد طبقاتي نظام جي خلاف جدوجهد ڪرڻ هو، جيئن ماڻهن جي اڪثريت جي مشڪلاتن کي ختم ڪري سگهجي.

پاڪستان جي وجود جي ابتدائي دور ۾ عورتن جي جدوجهد جا آثار ملن ٿا ته اها صرف قانون ٺاهيندڙ اسيمبلي ۾ ٻه عورتون ميمبر بيگم شاهنواز ۽ شائسته اڪرام هيون. بيگم شاهنواز جي جدوجهد جي نتيجي ۾ پرسنل لا آف شريعت 1948ع ۾ نافذ ٿيو. جنهن ۾ عورتن جي ملڪيت جي حق کي مڃيو ويو. هڪ اهڙي اسيمبلي جيڪا جاگيرداريت سان ڀريل هئي، تنهن ۾ همت ۽ بهادريءَ جو ڏيکاءُ ڪندي، انهن پنهنجي ڳالهه مڃرائي.

1956ع ۾ جيڪو آئين منظو ٿيو، انهن ۾ عورتن جي لاءِ 3 سيڪڙو سيٽون رکيون ويون ۽ عورتن کي ٻن طريقن سان نمائندگي ڏني ويئي، هڪ عام سيٽ لاءِ ٻي عورتن کي مخصوص سيٽن لاءِ. 1954ع ۾ بيگم جهان آرا شاهنواز جنهن ڊرافٽ بل آف چارٽر آف ويمنز تي ڪم ڪيو، تنهن جا مطالبا هي هئا ته:

”عورتن کي برابر جا حق ملن، تعليم ۽ صحت وغيره“ ۾ هن چارٽر کي اسيمبلي منظور ڪيو. جيڪا عورتن جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي هئي. 1958ع ۾ پاڪستان ۾ ايوب خان مارشل لا هنيو، جنهن سان گڏ تمام سياسي سرگرمين تي پابندي لڳي وئي. ايوب خان جي دور ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ فيملي لاز آرڊيننس پيش ڪيو ويو. هن ۾ انهن سفارشن کي تحفظ ڏنو ويو، جيڪي 1956ع ۾ پيش ڪيون ويون. عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ انهيءَ کي پنهنجي ڪاميابي سمجهن ٿا. پر اهو قانون عورتن کي مناسب حد تائين تحفظ ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو قانون تمام گهڻو سخت ڪونه هو. پر ديني عالمن انهيءَ جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي، ۽ انهيءَ کي غير اسلامي قرار ڏنو، پر عورتن انهن جو به چڱي طريقي سان مقابلو ڪيو، هڪ جلوس بيگم نسيم جهان جي قيادت ۾ ڪڍيو ۽ انهيءَ جي اختتام تي مولانا عباس علي خان جو بوتو ساڙيو، جيڪو انهيءَ آرڊيننس جي سخت خلاف هو. هي آرڊيننس منظور ته ٿي ويو آهي، پر اڃا به عورتن جي گهڻائي انهيءَ ۾ ڏنل حقن جو استعمال نٿي ڪري.

ايوب خان جي دور ۾ عورتن جي حوالي سان اهم واقعو محترمه فاطمه جناح جو صدارتي اليڪشن ۾ بيهڻ هو. فاطمه جناح انهي عرصي ۾ جيڏانهن به وئي سندس ڀرپور نموني سان آجيان ٿي. جنهن سان اها خبر پوي ٿي ته عورتون به اوتريون ئي مشهور ليڊر ٿي سگهن ٿيون. جيترو مرد، اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو، عورت ليڊر جي حيثيت سان قبول ڪن ٿا.

1969ع ۾ انجمن جمهوريت پسند خواتين قائم ٿي. جن پهريون ڀيرو عورتن لاءِ ”برابر جو ڪم ۽ برابر جو معاوضو“ جو نعرو بلند ڪيو. اها واحد عورتن جي تنظيم هئي، جنهن جو بنياد مارڪسي خيالن تي ٻڌل هو.

انهيءَ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جو دور ٿو اچي. ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت سنڀالڻ شرط آئين جي ٺاهڻ لاءِ ضروري اپاءَ کنيا، آئين جي جوڙ جڪ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ ٻن عورتن کي به ميمبر طور کنيو ويو، هڪ بيگم نسيم جهان ۽ ٻي بيگم اشرف عباسي.

1973ع جو آئين پاڪستان جي ٻين جي ڀيٽ ۾ عورتن جي حقن جو گهڻو تحفظ ڪري ٿو، ۽ برابري جي سطح تي رکي ٿو.

1973ع جي آئين ۾ عورتن جي لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ الڳ الڳ سيٽون رکيون ويون. انهيءَ حڪومت ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. هڪ خاتون ڪنيز فاطمه کي يونيورسٽيءَ جو وائيس  چانسلر مقرر ڪيو. اشرف عباسي کي نيشنل اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر مقرر ڪيو.

1975ع ۾ عورتن جو عالمي سال تمام گهڻي جوش  ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ميڪسيڪو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي بيگم نصرت ڀٽو ڪئي ۽ پاڪستان (Maxico deceleration) تي صحي به ڪئي.

ٻئي طرف سياسي طور تي قوت وٺڻ لاءِ پيپلز پارٽي عورتن جي هڪ الڳ ونگ ٺاهي، جنهن سان عورتن جي نمائندگي اڀري سامهون آئي.

5 جولاءِ 1977ع ضياءُ الحق مارشل لا هڻي، ڀٽو کي گرفتار ڪري پاڻ حڪومت سنڀالي ورتي. پاڪستان ۾ خواتين جي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ تارڪ دور ڪو ڪونهي جنهن جماعت اسلامي کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. مارچ 1978ع ۾ ضياءُ الحق پاڪستان پينل ڪوڊ کي اسلامي طرح سان تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن حڪومت هڪ مهم شروع ڪئي. جنهن جو مقصد هو ته ماڻهو اسلامي طريقي سان زندگي گذارين. هن مهم جا اثر عورتن تائين به پهتا، عورتن جي راندين تي پابندي وڌي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي ڪار ڊرائيونگ تي به اعتراض ڪيو ويو. 1979ع کان پوءِ حڪومت اهڙا قانون ٺاهيا آهن. جنهن سان سماج ۾ عورتن جي حيثيت گهٽ ٿي، 1979ع ۾ حدود آرڊيننس جاري ڪيو ويو. حڪومت اهڙو ماحول تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان عورت کي زندگي جي سڀني شعبن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، وئي ۽ کيس گهر جي اندر محدود ڪرڻ جو عمل ڪيو ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ عورت جي قانوني حيثيت به گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ته جيئن کين ٻئي درجي جو شهري قرار ڏنو وڃي، انهن قانون ۾ حدود آرڊيننس، شهادت قصاص ۽ دين جا قانون شامل آهن. هڪ اهڙو دور، جنهن ۾ مارشل لا جي خلاف ڪير آواز اٿارڻ جي لاءِ تيار نه هو. انهيءَ دور ۾ عورتن انهيءَ قانون جي خلاف آواز اٿاريو ۽ انهن کي هر سطح تي چئلينج ڪيو، ۽ انهيءَ چئلينج جي نتيجي ۾ انهن قانونن جي تحت ٿيندڙ سزائن تي اڪثر عمل نٿي سگهيو.

1983ع ۾ هلندڙ جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪ ۽ عورتن جي تحريڪ جي پريشر تحت ضياءُ الحق 1985 ۾ غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن جو اعلان ڪيو. سڀني سياسي جماعتن انهيءَ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. 13 عورتون عام سيٽن تان اليڪشن جي لاءِ بيٺيون. جيتوڻيڪ انهن مان هڪ ڪامياب ٿي، جيڪا عابده حسين هئي، انهيءَ سال ضمني اليڪشن جي نتيجي ۾ اڃا هڪ عورت قومي اسيمبليءَ ۾ پهتي. جڏهن ته پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ ٻه ميمبر عورتون هيون، فرحت رفيق ۽ ساجده عابدي.

1988ع ۾ ضياءُ الحق جي مرڻ کان پوءِ جماعتي بنيادن تيا اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪرايو ويو. انهيءَ اليڪشن جي نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو پهرين خاتون مسلمان وزير اعظم جي حيثيت سان قسم کنيو. انهيءَ اليڪشن جي نتيجي ۾ چار عورتون عام سيٽن تان قومي اسيمبلي ۾ پهتيون. انهن مان 3 پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيون ويون هيون. جڏهن ته هڪ آزاد اميدوار هئي. انهيءَ کان سواءِ 20 عورتون مخصوص سيٽن تان چونڊجي اسيمبليءَ ۾ پهتيون. پر 1988ع جي اليڪشن کان پوءِ اهو قانوني شرط جنهن جي نتيجي ۾ 20 سال جي لاءِ عورتن جون سيٽون مخصوص ڪيون ويون هيون، ختم ٿي ويو. 1990ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي صرف ٻن عورتن بي نظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو کي ٽڪيٽون ڏنيون. 1993ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ 13 عورتون عام سيٽن تان اليڪشن لاءِ بيٺيون، پر انهن مان 4 ڪامياب ٿي، قومي اسيمبلي تائين پهتيون، جنهن ۾ هڪ بي نظير ڀٽو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد اسيمبلي مان هر اسيمبلي مان هڪ عورت عام سيٽ تان سليڪٽ ٿي، انهن کان سواءِ هڪ عورت اقليتي سيٽ تان سليڪٽ ٿي، انهن کان سواءِ هڪ عورت اقليتي سيٽ تان به چونڊجي آئي.

قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سواءِ بلدياتي ادارن ۾ به عورتن جي نمائندگي تمام گهٽ آهي، جو عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ووٽ جو حق گهٽ استعمال ڪنديون آهن، ڇو ته انهن تي به مرد جو گهڻو اثر هوندو آهي. گهڻو ڪري عورتون پنهنجي مڙس ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي ووٽ ڏينديون آهن، ڪوشش انهيءَ ڳالهه جي لاءِ ڪئي وڃي ته سڀئي فرق ختم ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي پهچ مطابق هجن، عورتن کي جمهوريت جي اهميت جي پهچ مطابق هجن، عورتن کي جمهوريت جي اهميت ۾ تسليم ڪيو وڃي، ۽ انهن کي پاليسي ٺاهڻ ۾ برابر جا حق ڏنا وڃن. اسيمبلي ۾ عورتن کي برابر جون سيٽون ڏنيون وڃن.

 

 

نسرين طاهر وفائي

گهريلو ڏس

 

ليمي جو رس پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان سيني جو ساڙو ختم ٿي ويندو آهي.

ليمو گرم ڪري کنڊ ملائي چوسڻ سان  هانءُ ڪچو ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي.

ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻي ته ڏاڍي تڪليف ۽ ساڙو ٿيندو آهي. ان لاءِ بصر ڪٽي ڏنگ واري جاءِ تي زور ڏئي جهليو. سور به ختم ٿي ويندو ۽ زهر به بي اثر ٿي ويندو.

فوم يا اسفنج جو هڪ صاف سٿرو ٽڪرو هر وقت فريزر ۾ رکو. جڏهن به ڪو ڌڪ لڳي يا رهڙ اچي وڃي يا وري ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوچ ٿي پئي ته اسفنج کي ان جاءِ تي لڳايو. تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ سوڄ به ختم ٿي ويندي.

جسم جو ڪو به حصو سڙي پئي ته تازو پٽاٽو ڪٽي ان جو ٽڪرو سڙيل جاءِ تي لڳايو، ساڙو به ختم ٿيندو ۽ فلوڪڻو به نه ٿيندو.

بيڪنگ پائوڊر ٿورڙو پاڻيءَ ۾ ملائي، پيسٽ ٺاهي، سڙيل جاءِ تي ملم وانگر هڻجي ۽ پوءِ صاف ڪپڙي جي پٽي ٻڌي ڇڏجي ته تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو.

خالص ماکي ۽ زيتون جو تيل ملائي هلڪو گرم ڪري، سنڌن جي سور واري جاءِ تي هلڪي هلڪي مالش ڪجي ۽ پوءِ ان تي ڪپڙو ٻڌي ڇڏجي ته سور ۾ تڪڙو آرام ملندو.

وارن ڌوئڻ لاءِ گرمين ۾ ٿڌو پاڻي ۽ سردين ۾ هلڪو گرم پاڻي استعمال ڪريو. تيز گرم پاڻيءَ سان وار ڌوئڻ سان مٿي ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي.

وهنجڻ کان پهرين جيڪڏهن وارن ۾ تيل هڻي چڱي طرح ڦڻي ڏجي ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته مٿي ۾ ڄميل مير ۽ خشڪي ڌوپجي صاف ٿي ويندي ۽ ٻيو ته وارن جون پاڙون به مضبوط ٿينديون ۽ وار نرم ۽ چمڪدار به ٿي پوندا.

خوشبودار بازاري تيلن جي بجاءِ سرنهن ۽ ناريل جو خالص تيل استعمال ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.

ڪجهه ماڻهن کي سيءُ وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن روزانو سائي چانهن (green tea) ۾ ماکي ملائي پيئن ته انهن کي سيءُ گهٽ لڳندو.

ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ مٺي سوڍا ٽوٿ برش تي هڻي ان جي مٿان پيسٽ رکي، پوءِ برش ڪجي ته ڏند چمڪي پوندا.

ليمي جون کلون سڪائي ساڙي، انهن جي خاڪ ۾ لوڻ ملائي منجن وانگر ڏندن تي هڻجي ته ڏند چمڪي پوندا ۽ مهارون به مضبوط ٿينديون.

مٿي ۾ خشڪي يا سنهيون ڦرڙيون هجن ته مينديءَ جي پاڻيءَ سان مٿو ڌوئڻ سان فائدو ٿيندو.

ناريل جو تيل ۾ ميندي ڀڄائي، اهو تيل مٿي ۾ هڻڻ سان وار ڪرڻ بند ٿي ويندا ۽ مٿي جي سور ۾ به فائدو ٿيندو.

نم جا پن پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، ان پاڻيءَ سان گرڙيون ڪجن ته مهارون مضبوط ٿينديون ۽ ڏندن جو سور به ختم ٿيندو.

  

شاعري

رخسانه سومرو

 

تنهنجي اکين جا منڊ

ڄڻ بي جام مستي

پيار جي سحر ۾

ساعتن جا جنڊ

دل جي ڌڙڪن

سمنڊ جي ڇولين تي

مست هوا جو رقص

ڄڻ مور نچي بن

 

جهانجهر جي ڇم ڇم

وصل ۾ مک تي انڊلٺ اڀرڻ

وڇوڙي جو پل ۾

اکين لائي جهم جهم

 

پيار رڳو ويساهه گهاتي بار بار

خواهش جي مزار تي

حسرتن جي چادر

روح سمورو تار تار

 

 آزاد نظم

شيشي جي ڀت

ماضي، مستقبل جيان

پٿر جي ڀت ناهه

ماضي ته شيشي جي ڀت آ

شيشي جي ڀت جنهن جي

آر پار سڀ ڪجهه

ڏسي سگهجي ٿو

لمحن جي مٺ مان نڪتل

يادگيريون، سپنا، حسرتون

وقت جو کسيل ۽ چورايل

هڪ هڪ پل ڪلن جيئان

ماضيءَ جي سيني ۾

گهپيل هوندو آ

ٿوري شيشي تي

ڦٽ اڊڙي پوندو آ

اندر پيڙجي ويندو آ

سٿيل سور مترڪي جيئان

دل سنداڻ تي

وسڪو ڪندا آهن

اندر جي ڀڃ ڊاهه ۾

سڄي هستي ڀور ٿي وڃي ٿي

پر!

ماضيءَ جي ڀت پوءِ به

قائم رهي ٿي

وقت جا عڪس ميڙي ٿي.

 

آزاد نظم

 

زبر دستيءَ جون محبتون

سور سدا

ناسور بڻجي ٽميا

اکين ۾ پوءِ به رڻ رهيو

مان!

ڇڳل داوَن

لڦون پير

۽ منزل جي ڌوڙ آ

منهنجي اندر ۾ ڄڻ

واريءَ جا دڙا هن

جيڪو اڳتي وڌڻ نه ٿا ڏين

هڪ ئي چهرو آ

جيڪو اکين ۾ پيهجي ويو آ

هي ٻيا سڀ

ٺلها ناتا هن

ڪڻڪ جو قرض آ

ڪڻڪ سان لاهي ڇڏ

جنهن ناتي ۾ خلوص آ

بي لوث پيار آ

تنهن ناتي کي

خلوص ۽ بي لوث

پيار سان لاهي ڇڏ

ترشتا ۽ تعلق

جوڙڻ ته سولو آ

رشتا نڀائڻ اوکو آ

 

جيڪي رشتا ڄاول ٻار جي

اکين ۾ قيد هوندا آهن

۽ بند مٺ ۾

لڪل هوندا آهن

اهي ناتا ئي ته سچا هن

جڏهن انهن رشتن ۾

سچائي ۽ خلوص نه مليو آ

ته ڀلا!

پاڻ جوڙيل ناتن ۾

محبت ۽ ڇڪ ڪٿي آ

جيڪي رشتا ٽٽي وڃن ٿا

دلين ۾ ٽنگ ڪن ٿا

اهو سڀ بيڪار آ

سڀ بيڪار آ

سڀ ڪوڙا ناتا هن

زبردستيءَ جون محبتون

انسان کي رولي ڇڏن ٿيون

۽

روح جون رڙيون ٽهڪن ۾ ٻڌجن ٿيون

 

سيما گل

خوشفهمي

هوءَ سمجهي ٿي ته مان ساڻس محبت ڪريان ٿو.

هوءَ مون تي مري جيئي ٿي.“

”پر مون کي فقط تون پياري آهين جانانا!

هوءَ ته خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهي.“

سندس مڙس نئين پريمڪا کي مرڪندي چيو.

بلائينڊ فيٿ

هوءَ منهنجي هر ڳالهه تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪندي آهي. جڏهن ته مان ساڻس ڪڏهن به سچ ناهي ڳالهايو. جيڪو ڪجهه ڪندو آهيان ان جي سمڪ به نه پوندي اٿس جيڪو ناهيان ڪندو اهو ٻڌائيندو آهيانس. هوءَ ڏاڍي بلائينڊ فيٿ آهي.

 

عذرا سومرو

مون کي تون ڳولي وٺجان

پنهنجي اندر کي ڇولي وٺجانءِ

يادن جو ڪتاب کولي وٺجانءِ

يادن جو ڪتاب کولي وٺجانءِ

جداين جو حساب ڳولي وٺجانءِ.

 

ڄام صنم سنڌي

ان ڏينهن سمجهجان

جڏهن ڪڪر ڪارا اچن

خوش ٿي ٿر وارا نچن

۽ سنگ سارا پچن

ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ

 

جڏهن مور نچن مستيءَ مان

هلي هوڏ وڃي هر هستيءَ مان

۽ پيار اڀري پستيءَ مان

ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ

 

جڏهن هر ماڻهو هالار هجي

ڀٽائيءَ سندو سالار هجي

۽ سنڌوءَ ۾ جالار هجي

ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ

 

جڏهن جوان جمالي تي ڪڏن

بانوريون باغ ۾ پينگهه لڏن

۽ ڪونجون ڪري قطارون اڏن

ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ

 

قطعو

گهاڻو پڪاري ٿو بلاول کي

هر روح ساري ٿو بلاول کي

ڏسو سنڌ جي صورتحال

ڪو نه ڪو روز ماري ٿو بلاول کي

 

ماها عطا

بسنت ڪونه آيو

اسان کان بهارن جڏهن موڪلايو

تڏهن کان هتي ڪو بسنت ڪونه آيو

 

گلابن جي موسم ڏسڻ لاءِ سڪياسين

مقدر اسان کي ڪنڊن ۾ ملايو

نه رابيل ٻهڪيا نه موتيو ئي مهڪيو

رتين ڀي عجب آه جلوو پسايو

 

لڳي هاءِ! ڪنهن جي نظر وئي اسان کي

جو دردن هتي آهه ديرو دمايو

سٺا گهاءَ ڪيڏا اسان هن دلين تي

بڇي هر مصيبت اوهان آزمايو

 

سدائين نشاني اوهان جي تي آهيون

سزائن جو ڪارڻ اوهان ئي ٻڌايو

 

اسان رات ڪاري اکين تي گذاري

جلي جاڳ جنهن لئه صبح ڪونه آيو

 

اڃا پي اسان جون اميدون مندن ۾

ڪٿان چيٽ ڀلجي اجهو ڄاڻ آيو.

 

پناهه لغاري

کڙيل ستارو

مرڪندي چيائين

ڇا پئي تڪين آڌيءَ سمي

آڪاش جي ڪاراڻ ۾

چيو مانس انتظار آ

چيائين ڇا جو؟

چيو مانس چمڪندڙ ستاري جو

مرڪندي چيائين

ماڻھو ته اڀرندڙ سج جو انتظار ڪندا آھن

چيو مانس

تڏهن ته ستاري جو انتظار آ

حيران ٿيندي پڇيائين....

ڪيئن؟

چيو مانس

صبح جي ستاري کان پوءِ ئي ته سج نڪرندو آ

ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ.....

چپن تي مايوس مرڪ ڦهلائي

چيائين.......

جنهن ستاري جو توکي انتظار آ

اهو ته کڙي چڪو آ!

 

توکي ارپيل گل

مان هي سمورا گل

توکي ارپيان ٿي

ڇو ته.....

مون پنهنجي پيار جي

سموري ماڪ

هنن مٿان وسائي آ

نينهن

سهيلين جي سٿ ۾ ويٺي هئي

رنگا رنگي ڪپڙن سان

چيومانس هيڏا سهڻا ڪپڙا ڪيئن ٺاهيندي آهين

چيائين پوپٽن جا رنگ چورائيندي آهيان

چيو مانس گهر ۾ ته سڄو ڏينهن پئي

پوپٽن سان ريهاڻيون ڪندي آهين

۽ هتي به........

چيائين پوپٽن سان نينهن جو اٿم

چيو مانس ٻيو ڀلا ڪنهن سان نينهن اٿئي

چيائين جن سان پوپٽن جا نينهن آهن

چيم.... يعني گلن ساڻ.....

مرڪندي چيائين........

اڃا به ڪنهن سان..... شرم ۾ لال ٿي وئي

(سمجهي ويس) چيو مانس

ان نينهن ۾ ته شفق جا رنگ به اچي گڏيا آهن

معنيٰ هي نينهن نرالو اٿئي

مرڪي پئي......

مرڪڻ سان ڳلن ۾ ننڍڙا چگهه پئجي ويس

اهڙي، مٺي مرڪ....

لڳم ڄڻ سموري ڪائنات جو حسن مڙي سندس مک تي سمائجي ويو هجي

اوچتو جهٽڪي سان سموريون سهيلين وچ مان

ڊوڙندي هلي وئي

لڳم ڄڻ ڪو پوپٽ ڪنهن گل تان تازو اڏاڻو هجي

۽ گل ويڳاڻو ٿي ويو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com