سوچ ويچار.....!
سرتيون: پل پهرن ڏينهن، راتين هفتن، مهينن، سالن ۽ صدين ۾
بدلجندا رهن ٿا. ائين وقت اڳتي وڌندو رهي ٿو۽
حالتون به بدلجنديون رهن ٿيون. تاريخ جو ڦيٿو
اڳتي وڌندو رهي ٿو. زنده ۽ اسريل قومون پنهنجن
حالتن کي بدلائڻ جو عزم رکنديون آهن ۽ انهن کي
مثبت انداز ۾، پنهنجي حق ۾ بدلائينديون رهنديون
آهن. اهڙين قومن جي احوالن سان تاريخون ڀريون پيون
آهن، پر اسين انهن مان سبق پرائڻ لاءِ تيار نه
آهيون. هتي بحث اهو نه آهي ته اسان جي سماج ۾ عورت
مظلوم آهي يا مرد! پر جيڪا ڳالهه اسان جو ڌيان
لهڻي اها اها آهي ته سماجي سطح تي جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي
رهي آهي. ان ڊهڻ جي پٺيان ڪجهه ٺهڻ جو به امڪان
اهي يا نه؟ في الحال ته اهڙا آثار به نٿا ڏسجن،
بلڪ اسان به اهڙي ڳنڀير مسئلي تي اڃا سوچڻ جي
ابتدا به نه ڪئي آهي. اسان جو ملڪ بنيادي طور تي
هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت لاءِ پاڻي لازمي آهي.
جيڪو آهي ڪونه! ڍنڍون ڍورا يا ته سڪا پيا آهن، يا
زهريلا ٿي چڪا آهن. ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نه
آهي ۽ اهي ڪني زهريلي پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. ۽
بيمارين ۾ مبتلا ٿي موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. ان
ريت ٻني ٻاري جو ڪم ڪندڙ هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي،
رونبو ڪندڙ لابارو ڪندڙ سوين هزارين مزور نه رڳو
بيروزگار ٿي چڪا آهن. بلڪ پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي
پيٽ پالڻ لاءِ حيران پريشان آهن! ٻني ٻاري تي
گذران ڪندڙ اهڙن مزورن ۽ پورهيتن ۾ عورتن جو به
وڏو انگ آهي، پاڻيءَ جي نه هئڻ ڪري، ڍنڍون ڍورن ۾
زهريلي پاڻيءَ هئڻ جي ڪري سنڌو درياءَ جي سڪڻ جي
ڪري _ پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڌنڌا جهڙوڪ مڇي مارڻ،
ٻيڙين تي سواريءَ يا مال ڍوئڻ جا ڌنڌا به ختم ٿي
چڪا آهن.
ان سڄي اڻوڻندڙ ۽ هٿرادو پيدا ڪيل صرتحال جو نتيجو اهو نڪتو آهي
ته اهي سون ساريڪا هٿ، جيڪي روزمره جي پورهئي ڪرڻ
کان پوءِ سبڻ ٿرڻ، رلين ٺاهڻ، ڏهائي ميڙائي، پکن
توئن ٺاهڻ، تڏون تونرين ٺاهڻ، واڻ وٽڻ ۽ ٻين اهڙن
نفعي بخش ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا _ اهي سونڳ
ساريڪا هٿ بيک پنڻ لاءِ ٽنگجڻ لڳا آهن.
بدامنيءَ ۽ قبيلائي ويڙهه جا مسئلا الڳ آهن، جيڪي گهٽجڻ ۽ ختم
ٿيڻ بدران وڌي وڻ ٿي ويا آهن. انهن مسئلن جي ڪري
ويڙها ويران ٿي ويا. انهيءَ قبيلائي ويڙهه جي
دوزخ ۾ ڪيترائي بيگناهه ٻارڻ ٿي ويا آهن. نتيجو؟
ڪي خون ٿي وڃن ٿا ۽ خوني يا ته جيل ۾ هليا ٿا وڃن،
يا ڦاسيءَ چڙهي ٿا وڃن يا ته ڳوٺ راڄ ڇڏي روپوش ٿي
وڃن، ٻين کي به برباد ڪن ٿا، پاڻ به برباد ٿي ٿا
وڃن! عورتون بيوهه ٿي وڃن ۽ ٻار يتيم ٿيو وڃن. گذر
جا وسيلا نٿا رهن ائين ”گهر“ جي ايڪي وارو تصور
محض تصور ئي رهجيو وڃي!
انهيءَ بدامنيءَ قبيلائي ويڙهه، بيروزگاريءَ وسيلن جي اڻاٺ جي
ڪري سڀ کانن وڌيڪ متاثر به عورت ۽ ٻار ٿين ٿا.
”گهر“ کي ٺاهڻ هلائڻ ۽ ٻارن کي سنڀالڻ ۾ عورت جو
هڪ اهم ڪردار آهي. پر اها حالتن جي آڏو بيوس ۽
لاچار آهي.
هاڻي سوال آهي ته سڄي صورتحال کي ڪيئن سڌارجي؟ ڇا صرف هڪ شعر،
هڪ ڪهاڻي هڪ انٽرويو، هڪ فيچر..... لکڻ ۽ ڇپڻ سان
اها صورتحال سڌري سگهجي ٿي؟ بهر حال، ايترو ضرور
چئبو ته ”سرتيون“ جون لکندڙ ڀينرون، انهن مسئلن
کان نه رڳو آگاهه آهن، پر انهن مسئلن تي ويچارين
به ٿيون ۽ لکن به ٿيون. ائين اهي پنهنجي حصي جو ڪم
ڪن ٿيون. هڪڙي ”بيدرد“ سماج ۾ ”دردمند“ دل رکن
ٿيون ۽ پنهنجن جذبن ۽ احساس جو اظهار لفظن جي صورت
۾ ڪن ٿيون. هن ساڙ سڙئي، بغض ۽ عناد سان ڀريل
ماحول ۾ نفرت ۽ ڪٽرپڻي کان آجيون ٿي، محبت،
سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا
ڪن ٿيون. انهن سرتين جي اهڙي ڪردار کي ساراهڻ
گهرجي، ”سرتيون“ ۾ اسين انهن سڀني سرتين، ڀينرن ۽
خواتين جي کليل دل سان انتهائي احترام سان، آجيان
ٿيون ڪريون.
(گلبدن جاويد)
پڙهندڙن جا خط
ايڊيٽر صاحبه!
اسلام عليڪم،
ادي، مون کي ”سرتيون“ پڙهي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ هر
لکڻي لاجواب هوندي آهي خاص ڪري شگفته جبين جي
شاعري، شال سدائين ”سرتيون“ ۾ لکندي رهي. مون ٻه
نظم موڪليا جيڪي توهان شايع ڪيا ۽ هيءُ ٻه نظم ان
اميد سان موڪلي رهي آهيان ته شايع ڪندا.
ڪنول سميجو ميرپور خاص
محترم ايڊيٽر صاحبه!
اسلام عليڪم،
ڀيڻ، سرتيون مارچ 2005ع جو شمارو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور ميرس ۾ نظر مان گذريو جنهن ۾ پهرين ئي صفحي
تي پياري پيغمبر نبيڪريم صلي الله عليه آلهِ وسلم
جن جا فرمان پڙهي روضو ڏسي دل خوش ٿي وئي. اوهان
جي لکيل سوچ ويچار عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي
سان پڙهي ڄاڻ حاصل ڪيم ”خطن“ جو سلسلو به سٺو آهي
حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنه جي
شخصيت جي حوالي سان به علم ۾ اضافو ٿيو ۽ ومي
مدارانگاڻي جي حوالي سان به مواد سٺو هيو. ”سونهين
تي سواٽ“ معياري معاشرتي موضوع جي حساب سان چڱو
هيو. شاعريءَ وارو سلسلو به سٺو آهي. پر ڪجهه نوان
سلسلا به معيار کي وڌائيندا. سچل سرمست پبلڪ اسڪول
لائبرري خيرپور ميرس شهر جي تاريخ لائبرري آهي ان
۾ اوهان جو رسالو ”سرتيون“ ڪو نه ٿو اچي. ان ڪري
رسالي گهرائن لاءِ اوهان جو طريقي ڪار ڪهڙو آه ان
بابت ٻڌائيندا. جيڪڏهن توهان چئو ته آءٌ
پروفيسرياڻين ڊاڪٽرياڻين يا سماجي ڀلائي لاءِ ڪم
ڪندڙ عورتن جا انٽرويو ڪري موڪليان؟
علي نواز ڪلهوڙو خيرپور ميرس
www. alinawazkalhoro@ yahoo. Com
جواب رسالي گهرائڻ جو طريقيڪار هيئن آهي جو مئنيجر ڪتاب _ گهر،
سنڌي ادبي بورڊ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد کي ساليانو
چندو 300.00 ۽ پنهنجي ائڊريس ڏياري موڪليندا ته
رسالو هر مهيني اوهان تائين پهچي سگهندو.
انٽرويو وغيره ڏياري موڪليو. پر فوٽو هجڻ ضروري آهن
ايڊيٽر صاحبه!
ادي، توهان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. ۽
توهان جي همٿائڻ واري انداز ته دل ۾ سک ڀري ڇڏي لک
ٿورا توهان جا ۽ سائين امداد حسيني ۽ سڄي سٿ جا جو
منهنجي لکڻين کي قبول ڪيو ٿا. ٻيون سوچون جيڪي
ڪاغذ تي لاٿيون اٿم حاضر آهن.
رخسانه سومرو
اسلام آباد
محترمه
ايڊيٽر صاحبه!
توهان جو تازو رسالو نظر مان گذريو، جنهن ۾ ميرا ٻائي، رخسانه
سومرو، امرسنڌو ۽ شگفته شاهه اڳريون رهيون. سٺي
ترتيب لاءِ مبارڪون قبول ڪندا. شاعري ۽ فوٽو گرافس
به سٺا لڳا. ان ۾ گهرجي سجاوٽ، ٻارن جي پالنا،
اخلاقيات تي به ڪجهه مواد هجي ته بهتر. هڪ ڪامياب
انسان ڪيئن ڪاميابيءَ جي حدن کي ڇهي سگهي ٿو. ان
بابت ڇا خيال آهي. زندگيءَ جا سڀ رخ ڏيڻ گهرجن.
مضمون ڇپي حوصلو وڌائيندا، مهرباني.
صبا شيخ
جواب: اوهان جو مضمون ايندڙ شماري ۾ شايع ڪنداسين.
باقي جن ڀينرن جا خط پهتل آهن. انهن جا نالا هن ريت آهن:
شگفته جبين، شگفته شاهه، نجمه ميمڻ، شبنم، شمائله ڪريم، عذرا
جهتيال، سونهن صديقي، ياسمين ۽ ٻيون.
فرمايو اسان جي پياري پيغمبرصلي الله عليه وسلم
انهيءَ جي عيادت تي به وڃ، جيڪو تنهنجي عيادت لاءِ به آيو هجي.
جيڪو بندن جو شڪر گذار نه آهي، اهو خدا جو به ناشڪرو آهي.
گهڻو نه کل، گهڻي کل دل کي ماري ڇڏيندي آهي.
گهڻي ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڪاشيءِ انسان لاءِ بري نه آهي.
دنيا ۾ ان طرح زندگي گذار، ڄڻ تون پرديسي آهين.
دنيا جي محبت گناهن جي جڙ آهي.
جڏهن اوهان کي پنهنجي سٺي عمل تي خوشي حاصل ٿئي ۽ بري ڪم جو رنج
پيدا ٿئي ته پوءِ اوهان ايمان وارا آهيو.
پاڻ ۾ سلام جو رواج ڦهلايو ۽ ان کي عام ڪريو.
سلام ڪرڻ کي عام ڪريو.
مسلمان اهو آهي، جنهن جي زبان ۽ هٿ کان بيا مسلمان محفوظ هجن.
جنهن ۾ واعدي جي پابندي نه آهي، ان ۾ دين ڪونهي.
وعدو پاڙڻ اخلاقي صفت آهي
جيڪو الله تعاليٰ کان نه گهري، ان تي الله تعاليٰ ناراض ٿيندو
آهي.
هر ماڻهو خطاڪار آهي ۽ خطاڪارن مان اهي ڀلا آهن جيڪي دلئون
توبهه ڪن ۽ الله ڏي موٽي اچن.
الله جو چوڻ آهي، ته جيڪو مائٽين کي جوڙيندو، مان انهن کي
جوڙيندس ۽ جيڪو مائٽين کي ٽوڙيندو مان ان کي
ٽوڙيندس.
مٽيون مائٽيون ڇنڻ وارو جنت ۾ نه وڃي سگهندو.
بدترين گهراڻو اهو آهي، جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان برو سلوڪ
ٿيندو هجي.
پنهنجي ماتحتن جون غلطيون معاف ڪريو، توڻي جو ستر دفعا ڏينهن ۾
هجن.
مؤمن مؤمن جو آئينو آهي، کيس ان ۾ عيب نظر اچي ته ان جي اصلاح
ڪري.
سڀئي ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن. هڪ ٻئي سان دشمني نه
رکو، خدا جا ٻانهؤ پاڻ ۾ ڀارئر بڻجي وڃو. سلام ۾
اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان بچيل آهي. پاڻ ۾ ڀاڪرين
پوندا ڪريو، انهيءَ سان ڪينو صاف ٿيندو آهي. ٻن
ماڻهن جي وچ ۾ انهن جي اجازت کان بغير نه ويهو.
کاڌو ٺاري کائڻ سان برڪت پوندي آهي.
سرتيون شاهه لطيف
چئي:
نَازَ منجهاران نِڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌُ
پوُن پڻ ”بسم الله“ چئي، راهه چمي ٿي رندُ
اڀيون گهڻي اَدَبَ سين، حورون حيرت هنڌُ
سائينءَ جو سوڳنڌُ، ساجن سڀينئان سهڻو.
(سر بروو) |