سرتيون فيچر
لاهين مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا!
پنڻ اسان جو پيشنو ڪونهي، مائي سوڍي پهرئين ته ڪنهن جي اڳيان هٿ
ٽنگڻ وڏو عيب لڳندو، اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا ھئا. پر
هاڻي هري ويا آهيون. زهره
جنھن ڏينھن پنھنجا ڪک ڇڏي ھت ٽه _ واٽي تي اچي جهوپا اڏياسين،
تنهن ڏينهن من جو ماڻڪ ٽٽي پيو. مائي سوڍي.
سرتيون فيچر
امان ڪُني ۾ هوندو ته پاٽ ۾ پوندو جيڪر ڪُني ۾ ڪين هوندو ته پاٽ
۾ ڪٿان پوندو..!
زهره رتو
جڏهن منڇر جو اوج هو ته اسين سکيا ستابا هئاسين، ٻه ٽي هزار
هفتي ۾ ڪمائيندا هئاسين. هاڻي پنڻ تي مجبور
آهيون. ڀل ڏکيا سکيا ٿين! شال سکيا ڏکيا نه ٿين.!
فاطمه
جڏهن منڇر ۾ پاڻي زهريلو ٿي ويو، تڏهن اسان کيتي ڪرڻ چاهي، پر
زميندار کيڙي جو ڪم ٽيڪٽر ۽ لاباري جو ڪم ٿريشر
جهڙين مشينن کان وٺن ٿا. ان ڪري ٻنيءَ تي به اسان
کي پورهيو نه مليو. ٻيو ته ٺهيو پر گيريجن تي به
پڙهيل ڳڙهيل ڊگريون ورتل نوجوان ڪم ڪن ٿا. اسان جي
ڇوڪرن کي مزوري نٿي ملي، پنڻ وڏو عيب آهي ۽ وڏو
ڏوهه آهي پر چوندا آهن ته ”بک بڇڙول ٽول، داناه
ديوانا ڪري“ وري به شڪر آهي جيڪا مالڪ جي مرضي جي
وڻيس ته فقير کي بادشاهه ڪري جي وڻيس ته بادشاهه
کي فقير ڪري، هن وٽ دير آهي پر انڌير ناهي. باقي
اڄ ڪلهه جي انسان ۾ نه ڪا ڪهل رهي آهي، نه ڪو
ڪهڪاءُ (اوڇنگار ڏيندي) چيائين اسان جي ڀٽ ڌڻي
بادشاهه فرمايو آهي:
”آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو“
اسان جي آفيس ”سنڌي ادبي بورڊ“ کان ڪجهه قدمن تي سپر هاءِ وي ۽
ريل جي پٽڙيءَ جي وچ تي ڦاٽڪ جي اوريان ڪجهه
جهوپڙيون اڏيل آهن ۽ دل چوندي آهي ته گاڏيءَ مان
لهي انهن ۾ رهندڙن سان وڃي ملان، پر ٻئي لمحي خيال
ذهن تان لهي ويندو آهي. پر اڄ جڏهن اهو ويچار
پنهنجي سرتين نجمه پنهور ۽ ثمينه ميمڻ سان ونڊيم
ته اهي هڪدم تيار ٿي بيهي رهيون ته هلون ٿا جهڳين
جو جهان ڏسڻ.
جڏهن جهوپڙين ۾ داخل ٿياسين ته اٽڪل ڏهاڪو کن جهڙيون نظر آيون.
سامهون واري جهوپڙيءَ ۾ ٻه ننڍڙيون ٻارڙيون
اڪيليون ويٺيون هيون. پڇڻ تي ٻڌايائون ته سندن
ماءُ ڦاٽڪ تي پنڻ لاءِ ويل آهي. اهڙيءَ ريت ٻين
جهوپڙين ۾ به هڪ يا ٻه عورتون ۽ ڪو اڙيو ٿڙيو مرد
نظر آيو. ڪن جهوپڙين ۾ ننڍا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پتي
راند کيڏي رهيا هئا ته ڪنهن ۾ وري ڪو نوجوان
بيٽريءَ تي ٽيپ رڪارڊ هلائي موسيقي ٻڌي رهيو هو.
باقي مرد، مايون ۽ ڪي ٻار گداگريءَ تي ويل هئا.
اسان پتي راند کيڏندڙن کان پڇيو ته ”توهان کي ڪم
ڪار ڪونهي جو راند پيا کيڏو؟“ چيائون ته ڇا ڪريون،
ڌنڌو ڌاڙي آهي ڪونه سو مڙئي پيا دل خوش ڪريون.“
ٻي جهوپڙيءَ ۾ موسيقي ٻڌندڙ ن نوجوان چيو ته ”مان مزوري ڪندو
آهيان. اڄ مزوري نه ملي ته موٽي آيس. زال ۽ ٻار
پنن لاءِ ويل آهن.“ ٻي هڪ جهوپڙي جيڪا سڀني
جهوپڙين ۾ ڪشادي، صاف ۽ رنگين ڪپڙن سان سينگاريل
هئي ان مان هڪ پيرسن مرد ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي اسان
کي کيڪاريائين ۽ چيائين ته اچي اندر ويهو. اسان
جون نياڻيون آهيو، توهين اسان جي تڏي تي لنگهي
آيون آهيو. هڪ هڙ کوليندي چيائين ته مان توهان
لاءِ نيون رليون ٿو وڇايان، ڇو ته نياڻيون ته
نصيبن وارن جي گهر اينديون آهن، پر مون کيس منع
ڪئي ته تڪليف نه ڪريو. پوءِ کانئس حال احوال ورتم.
”منهنجو نالو هوت ماڇي آهي. اصل منڇر ڍنڍ، سيوهڻ
تعلقي، ضلعي دادو جا ويٺل آهيون. هتي ڪل ٽي ڪٽنب
ماڇي، شيخ ۽ سرائي پيٽ گذران لاءِ اچي ويٺا آهيون.
مون کي هڪ ڌيءَ ۽ پنج پٽ آهن. زال پنڻ وئي آهي.“
مون جڏهن هوت ماڇيءَ کان پڇيو ته اوهان جي روزگار
جو ذريعو پنڻ ئي آهي؟ ته هن وراڻيو ته ”نه اسان جي
ورزگار جو واحد ذريعو منڇر ڍنڍ جي مڇي ۽ پکي هوندا
هئا پر جڏهن منڇر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو تڏه اسان
کيتي ڪرڻ چاهي، پر زميندار کيڙيءَ جو ڪم ٽريڪٽر ۽
ڳاهه ڳائڻ جو ڪم ٿريشر جهڙين مشينن کان وٺن ٿا.
انڪري ٻنيءَ جو پورهيو به اسان کي نه مليو. ٻيو ته
ٺهيو پر گئريجن تي به پڙهيل ڳڙهيل ڊگريون ورتل
نوجوان ڪم ڪن ٿا. اسان جي ڇوڪرن کي مزوري نه ٿي
ملي. پنڻ وڏو عيب آهي ۽ وڏو ڏوهه به آهي. پر چوندا
آهن ته بک بڇڙو ٽول داناه ديوانا ڪري. وري به شڪر
آهي جيڪا مالڪ جي مرضي جي وڻيس ته فقير کي بادشاهه
ڪري، جي وڻيس ته بادشاهه کي فقير ڪري. هن وٽ دير
آهي پر انڌير ناهي. باقي اڄڪلهه جي انسان ۾ نه ڪا
ڪهل رهي آهي نه ڪو ڪهڪاءُ (اوڇنگارون ڏيندي)
چيائين اسان جي ڀٽ ڌڻيءَ بادشاهه فرمايو آهي:
”آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو.“ مان کانئس وڌيڪ
ڪجهه پڇي نه سگهيس.
ثمينه ميمڻ کي عورت پنهنجي روئداد ٻڌائيندي چيو، منهنجو نالو
زهره آهي ۽ عمر لڳ ڀڳ 25 سال اٿم. ذات جا ماڇي
آهيون، بوبڪ شهر ۾ دانستر تي پنهنجا گهر آهن. اسان
جي ڪمائيءَ جو ذريعو مڇي هو، منڇر ۾ پاڻي زهريلو
ٿيڻ کان پوءِ مڇي ٿئي ئي ڪانه، هاڻي ڪيڏانهن
وڃون!؟ ڪو به اتي ڌنڌو ڪونه مليو، مجبوريءَ ۾ هتي
پنهنجا ڪک ڇڏي ويٺا آهيون. دانستر وارا گهر بند
پيا آهن. مون کي ٽي ٻار آهن، سس ۽ سهرو مون سان گڏ
آهن ۽ ٻه ڏير به آهن. منهنجو مڙس، ڏير ۽ مان پنون
ٿا. ڏهاڙي هڪ ڄڻو 70 _ 70 ڪمائي ٿو. روز جو خرچ
نڪري اچي ٿو. جڏهن مينهن وسندو آهي ته اڀ هيٺان
ٻارين ٻچين رب کي پيا ٻاڏائيندا آهيون. سڄي رات
ويهي گذاريندا آهيون. پنڻ اسان جو پيشو ڪونهي.
پهرين به ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ عيب لڳندو هو، پر
هاڻي هري ويا آهيون، پر جيڪڏهن ڪو ڪم ملي پوي ته
ڏاڍو سٺو. ڇو ته پنهنجي هٿن جي پورهئي مان ڪمايل
روٽي عزت ۽ مان واري آهي. هتي اسان کي چار سال ٿي
ويا آهن، ڦاٽڪ تي ئي پنون ٿا، مان ويندي آهيان ته
پٺايان منهنجو سهرو منهنجي ننڍي پٽ کي سنڀاليندو
آهي. وري اهو پنڻ ويندو آهي ته مان گهر ۾ ويهان
ٿي. بس الله جي آسري ويٺا آهيون، ڪو به وسيلو
ڪونهي. ڪا به سهوليت ڪانهي، هتان کان پريان واهه
وهي ٿو اتان پيئڻ جو پاڻي ڀري رکون. ٻار ۽ اسان
ڪپڙا به اتي ڌوئون ۽ وهنجون سهنجون به اتي. پنهنو
ڳوٺ پنهنجا ڪک ياد ايندا آهن. مردن کي ڪڏهن مزوري
ملي ٿي.
نجمه پنهور جڏهن مائي فاطمه کان پنهنجي باري ۾ پڇيو ته هن ٻڌايو
”جڏهن منڇر جو اوج هو ته اسين سکيا ستابا هئاسين.
هاڻي پنڻ تي مجبور آهيون. ڀل ڏکيا سکيا ٿين، شال
سکيا ڏکيا نه ٿين. جڏهن منڇر جو پاڻي مٺو هو، تڏهن
اسين روز ٽي چار ڪلو ڪلو مڇي ماريندا هئاسين. اهڙا
سکيا ڏينهن گهارياسين جو فڪر ئي ڪونه هو. هر هفتي
ٻه ٽي هزار ڪمائيندا هئاسين. هاڻي ته ايترو پيسو
ڪونهي جو رَڇَ ٺاهيون. ٻيڙيون هلايون، پکي به جام
ماريندا هئاسين ڪي مهاڻا ڪينجهر تي هليا ويا، ڪي
جهانگارا باجارا هليا ويا. ڪٿي پٽ ميڙيون، جڏهن
ڪڻڪون لهن ٿريشر هلن ته اسين ڪريل ان ميڙيون، ان
مان پنج رپيا بچندا هئا. پاڪستان جي پهرين نمبر تي
منڇر جي مڇي ڪرڙو ۽ موراکو آهي هاڻي مڇي کائڻ جي
سڪ ته گهڻي ٿي لڳي پر ڪٿان کائون. سؤرپيا ڪلو مڇي
آهي، سا به اهڙي سوادي ڪينهي جهڙي اسان ماري
کاڌي.“ ڀرسان ويٺل زهره چيو ته ”امان، ڪُني ۾
هوندو ته پاٽ ۾ پوندو، جيڪر ڪني ۾ ڪين هوندو ته
پاٽ ۾ ڪٿان پوندو!“
اتي هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي ته هنن ماڻهن ۾ اداسي گهٽ هئي، پر
کل ڀوڳ گهڻو هو، شايد قدرت جو پنهنجو راز آهي. جو
انسان کي ڏک به ڏئي ته ان کي سهڻ جي همت به. سو
هنن ٽنهي خاندانن جي افرادن هڪ ٻئي سان چرچا به
گهڻا پئي ڪيا، پر چڙيا ڪونه پئي ۽ هڪ ڳالهه جنهن
مونکي جهوريو سا اها هئي ته اتي هڪ جهوپڙيءَ ۾ هڪ
اڪيلي عورت ڪنهن سوچ ۾ گم ويٺي هئي. جنهن لاءِ هر
ڪنهن پئي چيو ته اها چري آهي، نه ڪو ڳالهائي، نه
ڪو ٻولهائي. توهان انهيءَ وٽ نه وڃجو. ايتري تائين
جو ان جا ٻه پٽ به ويٺي کليا، پر هنن به ڪنهن کي
نه چيو ته ڇو ٿا اسان جي ماءُ کي چري چئو. مان
سڀني جي منع ڪرڻ باوجود هن وٽ ويس. مون کي ڏسي فلڪ
ئي نه آندائين، پر مان ڀرسان ويهي رهي مانس ۽ کلي
سندس منهن ۾ ڏٺم ته سندس چپن تي مسڪراهٽ اچي وئي.
منهنجي پڇڻ تي چيائين ته ”منهنجو نالو سوڍي آهي.
سيوهڻ جي سرائي خاندان مان آهيون.“ اسان جا مرد
مڇي ماريندا هئا ۽ اسين عورتون گهرن ۾ ڀرت،
سلايون، گهرن جون صفايون ۽ رڌي پڪي ڪرڻ ۾ مصروف
هونديون هويون سين. جڏهن منڇر جو ڪو اوهي واهي نه
ٿيو ته اسان جا مرد مجبور ٿي سفر تي سنبريا ۽ اسان
کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. جنهن ڏينهن پنهنجها
جهوپڙا ڇڏي هتي ٽه واٽي تي اچي جهوپڙا اڏياسين.
تنهن ڏينهن من جو ماڻڪ ٽٽي پيو. ۽ هت اچي مون مڙس
۽ پٽن کي چيو ته ڪير به پنڻ نه ويندو. پٽن کي
چوندي آهيان ته جي مزوري مليو ته ماني کائينداسين.
جنهن ڏينهن مزوري نه مليو اهو سڄو ڏينهن لنگهڻ
ڪاٽجو، پر پنڻ نه وڃجو. منهنجا ٻئي ننڍا پٽ ائين
ئي ڪندا آهن. باقي وڏو پٽ، سندس زال ۽ منهنجو مڙس
پنن ٿا. انڪري مان هنن سان ناهيان ڳالهائيندي.“
مائي سوڍيءَ جي ڳالهه ٻڌن کان پوءِ مون کي وڌيڪ
همت نه رهي ته ڪنهن ٻئي کان سوال ڪريان. سندس ٻار
به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ اوتالا هئا پر اسان واپس ورڻ
کي ئي بهتر سمجهيوسين. ائين محسوس ٿيو ته هتي
جڳهين جو جهان نه پر دردن جو جهان اڏيل آهي. هڪڙا
سور ۽ درد هنن پاڻ سڻايا، ٻيا سندن سور بنان ٻڌڻ
جي اسان جي اندر ۾ کپي ويا.
آهي ڪوئي اهڙو جيڪو هنن خاندانن جي واهر ڪري. هنن جي اولاد جي
اکين ۾ سمايل سپنن کي ساڀيان ڏئي. وري ڪا اهڙي وير
وري جو منڇر جو زهريلو پاڻي امرت ٿي پئي ۽ اهي
ڏتڙيل ۽ پنهنجي اباڻن ڪکن کان وڇڙيل جهانگي پنهنجي
وطن ورن ۽ وري شان ۽ مان سان پورهيو ڪري مڇي
مانيءَ وارا ٿين. ان وقت مون هڪ نظر مٿي آسمان تي
وڌي ۽ شاهه سائينءَ جي شعر جي هيءَ سٽ ذهن تي تري
آئي:
”لاهين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا!“
گلبدن جاويد
روشن ”ناز“ ڌاريجو
ورزش ڇو ضروري آهي
تحقيق مان اهيا ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته جسماني لحاظ کان صحت
مند ماڻهو ڪمزور ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ بهتر ڪم ڪري
سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جون مشڪون مضبوط رهن ٿيون ۽
اهو طاقتور هوندو آهي. ورزش ڪرڻ اسان جي واڌ ويجهه
بهتر ٿيندي آهي ۽ مشڪون ۽ هڏا مضبوط ٿين ٿا. ورزش
ڪرڻ سان رت صاف رهي ٿو. صحت هڪ انمول نعمت آهي.
صحتمند ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ به چاڪ
چوبند رهي ٿو ڇو ته، سندس عضوا توانائي سان ڀرپور،
دل دماغ تازو رهي ٿو. سٺي صحت ۽ تندرستي سندس
شخصيت کي تندرست باوقار ۽ کل مک بنائي ٿي. ورزش
ڪرڻ سان معدو درست، رت جو دورو صحيح، سوچون سالم ۽
ارادا مضبوط رهن ٿا. هڪ عام ماڻهو ۽ رانديگر جي
خوراڪ ۾ فرق هوندو آهي. 30 سالن کان 53 سالن جي
عمر تائين هر ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ عمر مطابق ورزش
ڪرڻ گهرجي. هر راند جي ورزش الڳ الڳ هوندي آهي.
مثال طور: ڪرڪيٽ، اسڪوائش، ٽينس، وغيره. ساڳئي
نموني سان هر قسم جي راند ۾ ڌڪ به مختلف قسمن جا
لڳي سگهن ٿا. جهڙوڪ: ڪرڪيٽ ۾ گهڻو ڪري فاسٽ بالر
کي ڌڪ لڳي سگهن ٿا. جنهن ڪري کيس گهرجي ته اهڙن
ڌڪن کان بچڻ لاءِ پنهنجيءَ چيلهه، ڪنڌ ۽ ڪلهن جي
مشڪن کي سگهارو رکڻ لاءِ ورزش ڪندو رهي، ڪنڌ جون
مشڪون ڪلهن جون مشڪون مضبوط ڪري.
بئٽسمين، وڪٽ ڪيپر ۽ اسپنر کي پنهجين مشڪن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ
عام ٽريننگ کان سواءِ به ورزش ڪرڻ گهرجي ته جيئن
سندس مشڪون مضبوط ٿي سگهن ۽ ڪارڪردگي پڻ بهتر ٿئي.
رانديگر کي هر حال ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي
ته جيئن هو چاڪ چوبنبد صحتمند ۽ موزون وزن برقرار
رکڻ لاءِ ۽ ايندڙ ڏينهن لاءِ تيار رهي. ان لاءِ
انتهائي ضروري آهي ته انسان پنهنجي چرٻيءَ تي
ضابطو رکي ڇو ته چرٻيءَ جي ڪري ماڻهوءَ جو وزن
وڌي ٿو ۽ هو سستيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ورزش ان
جو بهتر علاج آهي. ساڳئي وقت ورزش روزمره جي
ڪيترين بيمارين جو پن علاج آهي. مثال طور: معدي
جون تڪليفون، دل جون بيماريون ماڻهوءَ جي ٿولهه،
بلڊ پريشر وغيره ورزش سان گڏ صفائي به ضروري آهي.
صفائيءَ سان ماڻهوءَ جو ساهه کڻڻ جو عمل ٺيڪ ٺاڪ
رهي ٿو ۽ ڏند صاف رهڻ سان کاڌو پيٽ ۾ صحيح داخل
ٿئي ٿو ۽ ماڻهو پيٽ جي بيمارين کان بچيل رهي ٿو.
ورزش سان هر ماڻهو جي جسم مان غليظ مادا خارج ٿين
ٿا ۽ ماڻهو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري ٿو. ضروري
ناهي ته توهان ورزش لاءِ وڏا ڪشالا ڪريو. صحتمند
رهڻ لاءِ هلڪي ڦلڪي کاڌي سان گڏ هلڪي ڦلڪي ورزش به
ضروري آهي. جيڪا اوهين پنهنجي گهر ۾ به شروع ڪري
سگهو ٿا. ورزش جا ڪيترائي سولا طريقا آهن ۽ ٿوري
وقت لاءِ به ڪري سگهو ٿا. انهن مان چونڊ ڪري اوهين
گهر ويٺي ورزش ڪري سگهو ٿا.
رشيده ڀٽي
آلو بخاري جا فائدا
”آلوبخارا“ گرمين جي موسم ۾ ملندڙ بهترين ميوو آهي. اهو جيتري
قدر لذيذ ۽ مزيدار آهي، اوتروئي بيشمار فائدن جو
حامل پڻ آهي.
آلو بخارا گهڻي قدر ڪاغذي ليمي جي سائيز جو ٿيندو آهي. سندس رنگ
ڪارسرو ڳاڙهو ۽ ذائقي ۾ کٽو مٺو هوندو آهي. هيءُ
ميوو تمام قديمي وقت کان استعمال ۾ رهندو آيو آهي.
يوناني حڪيمن به آلو بخاري جو ذڪر ”ڪوميليا“ جي
نالي سان ڪيو آهي. جيڪو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي.
جيڪڏهن آلو بخاري جو ڪيميائي تجزيو ڪبو ته اسان کي هيٺيان عنصر
ملندا:
پروٽين، سڻڀ، کنڊ، (نشاستو) مختلف معدنيات مثلاً ڪئلشم، ۽
فاسفورس وغيره.
”ميوي“ جي طور اسين تازو آلو بخارو وڏي شوق سان استعمال ڪندا
رهندا آهيون. خشڪ آلو بخارا وري رڌ پچاءَ ۾
استعمال ٿيندا آهن. ڇو ته ان جي استعمال سان کاڌن
جي لذت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. چٽڻيءَ طور به
استعمال ڪبو آهي.
ڀينرون مٿي ذڪر ڪيل استعمال جو تعلق ته ”نارمل صحت“ سان هو.
هاڻي هيٺ اسين ڪجهه ذڪر ڪنداسين، بيمارين جي دوران
ته ڪيئن نه آلوبخارو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
خشڪ آلوبخاري کي وات ۾ رکڻ (چوسڻ) سان الٽي نه ٿيندي (يعني دل
ڪچي ٿيڻ جي صورت ۾)، مثال طور (ڳورهاري عورت) لاءِ
بيحت مفيد ثابت ٿيندو ائين ڪرڻ سان غذائيت به
ملندي.
شديد لڪ لڳڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن سخت اڃ لڳندي هجي ته آلوبخاري کي
چوسڻ سان تمام گهڻو فائدو رسندو. شديد قسم جي الٽي
واري ڪيفيت ٿي پوي يا ائين دل ڪچي ٿيندي هجي، يا
وري قبضي جي شڪايت ٿي پوي، سڀني ڪيفيتن تي يڪسان
طور حاوي ٿيندڙ هيٺيون آسان نسخو استعمال ڪري ڏسو.
هڪ گرم ڪوپ پاڻيءَ جو کڻو ۽ ان ۾ 5 کان 10 داڻا آلوبخارا وجهي
ٽي ڪلاڪ کن پسائي رکو، پوءِ هٿن سن مهٽي ڇاڻي ڇڻيل
پاڻي مريض کي پياريو. (ضرورت مطابق ڏينهن ۾ ٻه
دفعا به استعمال ڪري سگهجي ٿو.)
تيز بخار جي ڪري، جيڪڏهن وات جو ذائقو ڪڙو ٿي ويو هجي، ته پوءِ
اهو مٿيون ساڳيو نسخو استعمال ڪرڻ گهرجي.
خاص طور تي هاءِ بلڊ پريشر، الٽي، بدهضمي، بک جو نه لڳڻ، شديد
مٿي جو سور، وغيره واري ڪيفيت لاءِ هيٺيون ڏنل
نسخو آزمائڻ شرط آهي:
آلوبخارا پنج عدد ، کڻي رات جو سادي پاڻيءَ ۾ پسائي رکو ۽ صبح
جو اٿي، هٿن سان مهٽي، ڇاڻي پي ڇڏيو. جيڪڏهن سردين
جي موسم هجي ته هلڪو گرم ڪري وٺجن.
جيري جي ڪمزوري ۽ ڪامڻ لاءِ بيحد مفيد نسخو آهي. جن ماڻهن کي
نزلو، زڪام ۽ سيني جي سور جي شڪايت هجي ته ان کي
استعمال نه ڪن. آلو بخاري جو شربت به بازار ۾
دستياب هوندو آهي. ان جو استعمال به فائديمند آهي. |