سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي 2005ع

 

صفحو :4

سنڌي ادب ۾ جتي شاعري ۽ افسانوي ادب ۾ لکندڙن جي کوٽ ڪانهي، اتي اسان وٽ تحقيق جي ميدان ۾ جاکوڙيندڙ ليکڪ به موجود آهن. اسان جي محققن ۽ عالمن ۾ تمام وڏا وڏا نالا آهن، جن مان ڪي ته جڳ مشهور آهن، پر انهن ۾ عورت محققن جا نالا ڪي ڦلنادائي انهلندا اڻ ڳڻين ٿورن نالن ۾ ڊاڪٽر افروز خواجه شامل آهي. هن سنڌي ناول جي صنف تي وڏي جاکوڙ سان تحقيق ڪري پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. پر هن جي تحقيق جو شوق رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ تائين محدود ڪونه رهجي ويو.

جيئن اڪثر اسان وٽ رواج آهي. پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ کان پوءِ اڪثريت جو وڌيڪ لکڻ پڙهڻ سان واسطو ئي ڪونه ٿو رهي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي تحقيقي مواد گڏ ڪندي ۽ لکندي رهي آهي.

ان کان سواءِ هن سنڌي ادب سان لاڳاپيل مختلف شخصيتن جي فن ۽ زندگيءَ تي ڪافي مضمون لکيا آهن. سندس لکيل انهن مضمونن ۾ جيڪو تحقيقي مواد موجود آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي Source Material جي حيثيت رکي ٿو جيڪو اڳتي هلي ايندڙ وقت جي محققن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿيندو.

 

نظير ناز

ٻار ۽ ماءُ جو کير

 

اڄ ڪلهه اهو فيشن ٿي ويو آهي ته ٻار کي دٻي جو کير پيارجي. ڇو ته ٻار کي مائرن پنهنجي ٿڃ پيارڻ ۾ عار محسوس ڪن ٿيون. مائرن کي اهو خيال ذهن ۾ ويهي ويو آهي ته ٻار کي ٿڃ ڏيڻ سان اسين ڪمزور ٿي وينديون سين. اسان جي جواني ۽ خوبصورتي برقرار نه رهندي ۽ جلد پوڙهيون ٿي وينديون سين. ڊاڪٽرن جي تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته کير پياريندڙ ماءُ جي جسماني بيهڪ، جواني ۽ حسن ۾ ڪو به فرق نٿو اچي، بلڪ ٻار کي ٿڃ پيارڻ سان ماءُ ڪنهن اندروني بيمارين کان محفوظ رهي ٿي. تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته جيڪي مائرون، پنهنجي ٻار کي کير پيارين ٿيون، ته انهن ۾ بريسٽ ڪينسر جهڙن مرضن ٿيڻ جا امڪان گهڻو گهٽجن ٿا.

حقيقت ۾ کير پياريندڙ ماءُ جي منهن تي عجيب قسم جي چمڪ هوندي آهي.اهو ٻار ماءُ جي گهڻو ويجهو هوندو آهي. انهيءَ ٻار جو ماءُ سان گهڻو پيار ٿيندو آهي ۽ اهو ٻار بااعتماد هوندو آهي. هو پاڻ کي محفوظ سمجهندو آهي. هن احساس جي سبب ٻار ذهني توڙي جسماني طور تندرست رهي ٿو. ماءُ جو کير غذائيت سان ڀرپور هوندو آهي. انهي ڪري ٻار کي حقيقي غذا ۽ طاقت جيڪا پنهنجي ماءُ جي کير مان حاصل ٿي سگهي ٿي اها ٻاهرين کير ڳئون، ٻڪري، مينهن يا دٻي جي کير چاهي ڪيترو به مهانگو ڪنهن ٻاهرين ڪمپنيءَ جو ٺهيل هجي يا هن کير جا ڪيترائي فائدا ڄاڻايل هجن، پر ماءُ جي کير جي برابري نه ٿو ڪري سگهي. ٻار جي غذائي ضرورت فقط ماءُ جو کير ئي پوري ڪري سگهي ٿو.

ٻار جي هاضمي جي سرشتي ۽ سهپ جي قوت مطابق فقط ماءُ جو کير ٿي سگهي ٿو، ماءُ جو کير پيئڻ سان ٻار جو هاضمو درست رهي ٿو.

دٻي جي کير يا مينهن، ڍڳي، ٻڪري جو کير پيئڻ سان ٻار بيمار رهي ٿو. ٻاهرين کير جي ڪري ٻار سست رهندو آهي. پيٽ ۾ سور رهندو اٿس.

تحقيق مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ٻار جي ڄمڻ سان ئي ماءُ جي کير ۾ ڪي اهڙا اهم جزا شامل ٿي ويندا آهن جو ٻار جيڪڏهن اهو کير پيئندو ته تندرست رهندو، جيئن ئي ٻار ڄمي ته ماءُ کي گهرجي ته کيس کير پياري ڇاڪاڻ ته جيئن ٻار کير چوسڻ شروع ڪندو تيئن کير اچڻ شروع ٿي ويندو. ۽ ڇاتي کير گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي.

ٻار جيترو کير پيئندو اوترو کير  ٻيهر جمع ٿي ويندو. ٻار کي وري وري کير پيارڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. جيئن ٻار کي ماءُ جي کير پيئڻ جي هير پئجي وڃي. ان کان پوءِ ٻار کي هر گهڙي کير پيارڻ جي ضرورت ناهي پوندي بلڪ وقت مقرر ڪري، وفقي سان کير پيارڻ گهرجي. ڪوشش ڪري کير اهڙن وقتن تي پيارجي جيئن رات جو ٻار گهڻي ننڊ ڪري مقرر ڪيل وقت مطابق ٻار کي کير صبح 6 وڳي، پوءِ 9 وڳي، 10 وڳي ائين وقفو ڏيڻ گهرجي .

رات جو سمهڻ وقت ٻار کي کير پيارجي، انهيءَ کان پوءِ وچ رات ۾ ٻار کي کير پيارڻ نه گهرجي. ها عادت ٻار لاءِ نقصان ڪار آهي. رات جو کير پيارڻ سان ساري رات جو ماءُ جي ننڊ ڦٽندي، جيڪڏهن ٻار کي کير پيئڻ جي هير نه هوندي ته ٻار آرام سان سمهندو ۽ ٻار جو معدو به آرام سان هوندو ٻار جو هاضمو به صحيح رهندو.

جڏهن هاضمو صحيح هوندو ته ٻار تندرست رهندو. شروعات ۾ ٻار کي انهن وقتن مطابق کير پيارڻ سبب تڪليف ٿيندي، جيڪڏهن انهيءَ ٽائيم تي ٻار ستل هجي، تڏهن به ٻار کي جاڳائي کير پيارڻ گهرجي. جيئن ٻار کي ٽائيم جي عادت پئجي وڃي.

چوڻي آهي ته ٻار  آهي مڇ جو وار جين ورائينس تيئن وري. اسين جنهن نموني ٻار کي عادي ڪنداسين ٻار انهيءَ تي عمل ڪندو. ٻار جي تندرستيءَ لاءِ صفائي به ضروري آهي. کير پياريندڙ ماءُ کي پنهنجي صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، هڪ صفائي پسند ماءُ هڪ صحتمند ٻار کي جنم ڏئي ٿي ۽ ٻار جي ذهبي نشونما سان گڏ جسماني نشونما به بهترين طريقي سان ٿي سگهي ٿي.

عذرا سرور جي شاعريءَ م انڊلٺ جا اهي سڀئي رنگ سمايل آهن، جيڪي هڪ عورت جي جذبن جي ترجماني ڪندا آهن. هر عورت جا جذبا ساڳيا هوندا آهن. چاهي اها پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، چاهي اها عورت محلي ۾ رهندي هجي يا روڊ تي پٿر ڪٽيندي هجي پر جذبا ساڳيا هوندا آهن. اهي اها عورت مشرق جي هجي يا مغرب جي، پر فرق فقط ايترو آهي ته مغرب جي عورت جيئڻ جهو گر ڄاڻي ٿي. هن کي بنيادي حق حاصل ڪرڻ جهي سگهه آهي. پر سنڌ جي عورت هاڻي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿاري رهي آهي.

ڪٿي اهو آواز شعرن جي روپ ۾ نظر ايندو ۽ کي هاڻي سنڌي عورت جي دل ۾ اها چاهت سمايل هوندي آهي ته ڌرتيءَ تي سک ۽ شانتي هجي. عورت جي دل هڪ مضبوط پناهه گاهه جي متلاشي هوندي آهي. اگر انهيءَ پناهه گاهه ۾ ڪٿي به ڪا وٿي ڪو جهول نظر آيو ته هوءَ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي آهي.

الله جي مهربانيءَ سان عذرا سرور جي پناهه گاهه ۾ ڪو به اهڙو جهول ناهي، پر عذرا سرور هڪ حساس دل رکندڙ عورت آهي. اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍايون هن جي برداشت کان ٻاهر آهن. هن جي شاعري ۾ هر موضوع ملندو. وطن دوستي، انسانيت سان پيار، جتي ڪٿي شعرن ۾ پيار جي هڪ تڙپ جي جهلڪ وراڪا ڪندي نظر ايندي. مون محسوس ڪيو آهي. شاعري ڪندڙ جي دل ۾ اڃ آهي. سڪ ۽ درد سمايل آهي. دنيا جون سڀ نعمتون مليل هوندي به هو پاڻ کي اڃايل ۽ اڻ پورو محسوس ڪري ٿو. شاعر کي اها تشنگي قدرت طرفان مليل هڪ ڏات آهي. انهي ڏات سبب شاعري ڪري ٿو ۽ پنهنجي من ۾ سڪ ۽ اڃ کي سانڍي هلي ٿو.

عذرا سرور جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”نيلي گگن تلي“. اردو ۾ آهي ”نم جي ڇانوري ۾“ عذرا سرور جو ٻيو ڪتاب آهي. اميد ته پڙهندڙ سندس ڪتاب کي پنسد ڪندا.

نظير ناز

 

فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

 

حدون ٽوڙڻ جا خواب

مترجم

امر سنڌو

حصو اٺون

 

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪيهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي.“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قوم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي.

(امرسنڌو)

درياهه تي ٿانون جو ڌوپجڻ

 

ياسمينه جي فارم تي پهچڻ ۾ ڪي ڪلاڪ ئي گهربل هوندا هئا. ٿورن ئي ڪلاڪن جو سفر هو پر ائين لڳندو آهي جيئن پڦي حبيبه جي ٻڌايل ڪنهن ڏور پرانهين چيني ٻيٽ تي پهچي ويا هجون. هتي جون عورتون، اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهنديون هيون، جنهن جو تصور به شهري عورتن لاءِ ممڪن نه هو. اهي مڇيءَ جو شڪار ڪنديون، وڻن تي چڙهنديون ۽ ان نديءَ ۾ وهنجنديون هيون، جيڪا سيبو درياهه سان ملي سمنڊ ۾ وڃي ملندي هئي. ٽامون جي اچڻ کان پوءِ انهن عورتن گهوڙي سواريءَ جا مقابلا پڻ شروع ڪري ڏنا هئا. ان کان پهرين اهي ڪڏهن ڪڏهن ئي لڪ ڇپ ۾ گهوڙي تي چڙهنديون هيون. هاڻي ٽامون گهوڙي سواريءَ جا باقاعدي طريقا ٻڌايا ۽ ان کي هڪ جشن جي شڪل ڏيئي ڇڏي جنهن جي آخر ۾ انعام ورهايا ويندا هئا.

مقابلي ۾ کٽڻ واري لاءِ، آخر تي اچڻ واري خود ويهي انعام تيار ڪندي هئي، يعني هڪ تمام وڏو ”پسٽِلا“ هو، جيڪا الله جي نعمتن ۾ عزيز ترين آهي. باقر خواني جهڙو پٽسيلا ساڳي ئي وقت مٺو ۽ نمڪين هوندو هو. اندر ڪبوتر جو تريل گوشت، پستا بادام، کنڊ ۽ دارچيني....واه!! ڇا ته سوادي شيءِ هئي، جنهن کي نفاست سان کائڻو پوندو هو، نه ته سڄي چهري تي کنڊ ۽ درچيني لڳي ويندي هئي. پسٽيلا جي تياريءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳندا هئا. گهڻن تهن باقرخاني، تريل خشڪ ميوو ۽ ڪيتريون قسمين قسمين مزيدار شيون تهن ۾ لڪل هونديون هيون. ان لاءِ ياسمينه اڪثر چوندي هئي ته عورتون جيڪڏهن عقلمند هجن ها ته پسٽيلا ٺاهي وڪڻن ها، بجاءِ ان جي جو ان کي گهرو ڪم جو حصو بڻائين.

لاله ٿور جو چهرو بيحد سفيد پر چمڙي بيجان هئس. صرف اهائي شهري عورت هئي، باقي سڀئي زالون ۽ انهن جا مهانڊا ڳوٺاڻا هئا. جيئن مراڪش جي جابلو عورتون ٿينديون آهن. لالاٿور پنهنجو ٿهه دار ڪافتان (لباس) گوڏن تائين لڙڪائي گهمندي رهندي هئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ ڪو گهرو ڪم ڪار نه ڪندي هئي. عورتن جي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته گهرو ڪم ڪارين کي ڪيئن دلچسپ بڻائجي ۽ هڪ ڏينهن مبروڪا جنهن کي ترڻ جو ڏاڍو شوق هو، چوڻ لڳي ته گهر جا ٿانو نديءَ تي ڌوتا ويندا. لالا ٿور ڏاڍو اعتراض ڪيو ته هيءَ اسلامي سماج جي خلاف آهي ۽ اهي ڳوٺاڻيون عورتون گهر جي عزت پاڻي ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينديون. جيئن محترم مورخ ابن خلدون ڇهه سؤ سال پهرين مقدم تاريخ ۾ لکيو هو ته اسلام جي ثقافت عين شهري آهي ۽ ان کي ڳوٺن کان خطرو رهندو آهي. اهي جابلو عورتون نيٺ بربادي جو ڪرڻ بڻيون. ياسمينه جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن لاله ٿور پراڻن ڪتابن پڙهڻ بجاءِ ڪوئي ڪم ڪار ڪري ته مسلمانن کي اڃا وڌيڪ فائدو رسندو.

لاله ٿور عورتن جي تفريح جي ايتري قدر مخالف هئي جو نيٺ هوءَ اهو معاملو ناني ڏانهن کڻي ويئي. مبروڪا ۽ ياسمينه کي سڏايو ويو ۽ پڇا ڳاڇا ٿي ته انهن چيو ته اسان جاهل ڳوٺاڻيون ته آهيون پر ايتريون گهٽ عقل واريون نه آهيون جو ابن خلدون جي لفظن کي تقدس جو درجو ڏيون. نيٺ به هو هڪ مؤرخ ئي ته هو! پر جيڪڏهن لاله ٿور قروان جي عالمن کان اها فتويٰ ڏياري ته عورت نديءَ ۾ ٿانو نه ٿي ڌوئي سگهي ته هو مڃي وٺنديون، نه ته کين پنهنجي مرضي ڪرڻ ڏني وڃي. نيٺ ندي الله جي تخليق آهي ۽ ترڻ به جيڪڏهن گناهه آهي ته پڇاڻي ڏينهن تي اهي خود خدا کي جواب ڏينديون. ناني کي سندن اها ڳالهه وڻي ۽ ان اهو چئي معاملو ٺاري ڇڏيو ته چڱو آهي ته اسلام ۾ ذميداري هر فرد جو ذاتي معاملو آهي.

فارم تي حرم وانگي ڪم ورهائڻ جو سخت انتظام هو. عورتون پنهنجي پنهنجي پسند جون ٽوليون ٺاهي ڪم ورهائي کڻنديون هيون. هر ٽولي جي ذمي اگر هڪ هفتي جو کاڌو پچائڻ ته ٻئي هفتي صفائيڪ پوءِ چانهه پاڻيءَ جو انتظام، پوءِ ڌوئڻ ۽ پنجين گفتي آرام. سڀئي عورتون ملي هڪ ئي وقت ڪونه ڪو ڪم ڪنديون هيون. سواءِ ٿانون ڌوئڻ جي. مبروڪا جي تجويز جي ڪري ان سال جڏهن مان هتي هئس (گهٽ ۾ گهٽ گرمين جي موسم ۾) هڪ اجتماعي مقابلو بڻجي ويوهو. جنهن ۾ رانديگر، تماشائي ۽ عريباز شامل هوندي هئي.

عورتون ٻه قطارون ٺاهي نديءَ ۾ بيهي رهنديون هيون. پهرين قطار ۾ سڀئي ڪپڙا پاتل گوڏن تائين پاڻيءَ ۾ بيٺل هونديون هيون ۽ ٻيون ترڻ ڄاڻيندڙ عورتون چيلهه تائين پاڻيءَ ۾ صرف قميص پاتل، جا پڻ پنهنجن ڪڇن ۾ جهلينديون هيون، سندن مٿا اگهاڙا هوندا هئا ڇو ته لهرن سان ويڙهه وقت قيمتي سلڪ جا ڀرت ڀريل رئا پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ جو خطرو به هوندو هئو.

پهرين قطار ديڳڙيون ۽ مٽيءَ جون هنڊيون ڪنارن کان جهلينديون هيون ۽ واريءَ سان مانجهي پوءِ ٿانوَ، ٻي قطار ڏانهن ٻيهر صفائيءَ ڏانهن موڪلينديون هيون. بقايا رڌڻي جو سامان لهرن ۾ هيڏانهن هوڏانهن وهندو، هڪ هٿ کان بي هٿ تائين اچڻ تائين تان جو سڄي مٽي ڌوپجي ويندي هئي.

آخر ۾ مبروڪا ترڻ جي ماهر پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندي هئي. مبروڪا کي اگاديلر جي ڀرپاسي جي هڪ ساحلي ڳوٺ مان ان وقت اغوا ڪيو ويو هو جڏهن  فرانسيسين جي آمد بعد اتي جنگ ٿي رهي هئي. ان جي ننڍپڻ جو مشغلو مٿانهين جابلو ٽڪرين تان سمنڊ ۾ ٽپ ڏيندي هئي. هوءَ مڇيءَ جيا پاڻيءَ ۾ ترندي رهندي هئي.

هتي ٿانو ڌوئڻ وقت ان جي ذمي ۾ پاڻيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندڙ ٿانو کي بچائڻ واري ذميواري رکيل هئي. جڏهن هوءَ ڪو به وڃايل ٿانو هنڊِ ۽ ديڳڙي ڳولي مٿي تي کڻي پاڻيءَ مان نڪرندي هئي ته سڀئي زالون تاڙيون وڄائي نعرا هڻندي، هوڪارا ۽ ڪوڪرا هڻنديون هيون ۽ ”ڏوهاري“ اها عورت هئي، جنهن جي هٿان ٿانو ڪري پوندو هو ته سزا طور کيس مبروڪا لاءِ ”فنگي“ (مٺائيءَ جو قسم) ٺاهڻي پوندي هئي. اها ناني جي ٺاهيل شين مان بيمثال بالو شاهي هوندو هو.

جڏهن سڀ ٿانو ڌوپجي ويندا هئا ته ياسمينه وٽ گڏ ڪيا ويندا هئا جيڪا وري ڪريشان جي حوالي ڪري ڇڏيندي هئي جيڪو هن مهم جو اهم ترين ڪردار هو. ڪريشان جي معنيٰ هئي ”پيٽو“. اهو نالو انهن عورتن پنهنجي لالڏي ۽ کريل ڪوچوان محمد العزبوي تي رکيو هو، جيڪو يتنجي ۽ فيض جي ميدانن ۾ پيدا ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ فارم کان ٿوروئي پر ڀرو رهندو هو. هو ڪڏهن به ڳوٺ کان ٻاهر نه ويو ۽ نه وري کيس ڪڏهن ڪا ٻاهر وڃڻ جي خواهش ئي ٿئي. هو چوندو هو ته ”سواءِ مڪي جي دنيا ۾ ڪا به حسين جڳهه ناهي.“ ڊگهو قد، مٿي تي سفيد پڳ ۽ نسواري برنوس (پوشاڪ) ۾ هو ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا اهم سرڪاري شخصيت هجي، پر ائين نه هو، هن کي حڪومت ۽ قانون جي تحفظ ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي بس هڪ ڀلو ماڻهو، جنهن کي يقين هو ته الله هر انسان کي ايترو شعور ڏنو آهي ته هو پنهنجي ذميوارين جو خيال رکي. هن جي زال چڱي ٿوهڙ هئي ۽ هو چوندو هو ته ”جيڪڏهن کيس گهرو ڪم ڪار پسند ناهي ته ان جي ڪري مان کيس طلاق نه ٿو ڏيئي سگهان. بس ائين ئي ٺيڪ آهي.“

ڪرشيا ڪو اهڙو معروف ماڻهو به نه هو جڏهن کيس سواري کان فارغ ڪيو ويندو هو ته هو کائيندو، سمهندو ۽ عورتن جي معاملن ۾ اٽڪيو پيو هوندو هو. عورتن جي اچ وڃ جي لاءِ هن جي گهوڙي گاڏي ئي هڪ ذريعو هو، ان ڪري ان کان سواءِ نديءَ ۾ ٿانو ڌوئڻ ناممڪن هو. ڪيترائي ٿانو مثلن وڏيون ديڳڙيون وغيره وڏن گهرن ۾ لازمي هجن ٿيون. سو ڪرشيا جي مدد سان اهي ٿانون نديءَ تي پهچايا ويندا هئا. پيٽو ڪرشيا کاڌي جو ايڏو شوقين هوندو هو ته جيڪڏهن ان کي سندس من پسند ڪوس ڪوس (سوجي) ڪشمش، ڪبوتر جي گوشت ۽ ماکيءَ ۾ پڪل بصر سان ٺهيل کاڌي جي لالچ ڏني وڃي ته هو جبل ٽوڙڻ تي به راضي ٿي وڃي.

ڪريشا جي هڪ ذميواري هر ٻن هفتن بعد عورتن کي حمام تي وٺي وڃڻ جي به هئي. حمام ويجهي ئي ڳوٺ سدي سليمان ۾ هو جيڪو فارم کان ڏهه ڪلوميٽر پري هو. ڪريشا سان سواري ۾ خوب مزو ايندو هو. عورتون وقتاً فوقتاً گاڏيءَ مان ٽپ ڏيئي چونديون هيون ته:

”جهنگ جي خيال سان وڃڻو آهي.“

۽ هو هميشه جوا ب ۾ چوندو هو:

”گاڏيءَ مان نه لهو ڇو ته مون کي توهان سڀني کي سدي سليمان پهچائڻو آهي.“

اهو ٻڌي عورتون وڏا ٽهڪ ڏينديون، جڏهن سدي سليمان تائين پهچندا هئا ته ڪريشا هيٺ هلي، حمام ۾ داخل ٿيندڙ عورتن کي آڱرين تي ڳڻيندو ويندو ۽ چوندو ”عورتون!! ٻاڦ ۾ ڪٿي غائب نه ٿي وڃجو. واپسيءَ ۾ هر هڪ کي حاضر چئي ڳڻپ پوري ڪرڻي پوندي هئي.“

مطلب ته ياسمينه جي فارم تي عجب ديوانگي هئي.

] هلندڙ[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com