ياسمين چانڊيو
محبت جي ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر
منهنجي من ۾ آنڌ مانڌ متل ھئي، رِموٽ کڻي ٽي وي آن ڪيم، خبرون
ٻڌڻ لاءِ نيوز چينل لڳايم، جئين ئي نيوز چينل
لڳايم ته بريڪنگ نيوز هلي رهي ھئي ته ميڊيڪل
ڪاليج جي شاگردياڻي ڦاھو کاھي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
خبر ٻڌڻ سان منهنجي جسم ۾ رڦڻي شروع ٿي
وئي، ڪاوڙ ۽ ڏک جي احساس وچان مان ڏڪڻ لڳس. مون
کي اِها ڪيفيت تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن ڪا اوچتو موت
جي خبر
ٻڌندي هيس، يا وري ڪنهن جو آپگهاتي موت ٿيندي ٻڌندي هيس. اُن
وقت منهنجي جسم ۾ لرزش پيدا ٿيندي هئي، مون
کي ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ منهنجو جسم پيرالائيز
ٿي رهيو آهي ۽ دماغ جون نَسُون ڦاٽڻ لڳنديون هُيون.
اھڙي قسم جون خبرون ٻڌي، مان پنهنجو پاڻ ۾ ڪونه رھندي ھيس،
منهنجو دماغ منهنجو خيال منهنجون سوچون
ماضيءَ جي ان ورقن کي اٿلائڻ ۾ لڳي ويندو هو.
ھا منھنجو ماضي......
آءُ ڪاليج جي ڏينهَن ۾ تمام گھڻي محنت ڪندي ھيس، مون
کي پڙهائي سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو، سدائين
اِها ڪوشش هوندي هئم ته سُٺين مارڪن ۾ پاس ٿيان،
هونئن به مون کي ڪنهن به
صورت ۾ سٺيون
مارڪون کڻي سنڌيونيورسٽي پِھچڻو هو .
منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ منهنجي
سھيلي سورٺ به
گذريل سال سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ وئي، کيس ڏسي
رھندو منهنجو لڳاءُ ۽ ريس وڌي وئي هئي.
آخرڪار اُھو ڏينهن به آيو، جو منھنجي ڄام
شوري يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي وئي. فائن آرٽ
۾ اِنڪري جو مون
کي
فطرت سان بي پناهه محبت ھئي، منهنجي دل چوندي هئي ته، ڪائنات جي
هر تخليق کي پنهنجي ھٿن سان چِٽيان ۽ اُن ۾ پنهنجي
مرضيءَ جا رنگ ڀريان. اُهي رنگ جيڪي منهنجي روح ۾
آهن اُهي رنگ جيڪي منهنجي خوابن جا رنگ آهن. اُهي
رنگ جيڪي منهنجي جذبن اُمنگن ۽ احساسن جا رنگ آهن.
مان پنهنجي چٽيل تصويرن ۾ بس رڳو خوشين جا رنگ
ڀريان جيڪي سدائين جرڪندا رهن.
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿيڻ کان
پوءِ بابا مون کي ڄام
شوري واري بس ۾ ويھاريو ۽ ڪنڊيڪٽر کي
تاڪيد ڪيائين ته مون
کي يونيورسٽي جي گيٽ وٽ لاھي. جتي، سورٺ اڳ ئي
مون
کي وٺڻ لاءِ اچڻي هئي. مان سفر دوران ھڪ
اڻڃاتل خوشيءَ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ھئس، پنھنجن
خوابن کي ساڀيان ڏيڻ جو وقت اچي رهيو هو،.جنهنڪري
مان پنهنجو پاڻ ۾ ماپي نه رهي هيس. سفر دوران
بَسِ جي دريء مان نظر ايندڙ هر نظارو وڻي رهيو هو،
سمورن نظارن جا رنگ منهنجي جذبن سان ملي اڃان به
سهڻا محسوس ٿي رهيا هئا. هر نظارو ڄڻ منهنجي ذهن
جي ڪينواس ۾ قيد ٿي رهيو هو، منهنجي روح ۾ رَلي
رهيو هو.
ڪچڙي شام ڌاري مان ڄام
شوري جي سرزمين تي پهچي ويس. جتي سورٺ منهنجي
انتظار ۾ بيٺل هئي، مان بسِ مان لٿس ته سورٺِ مون
کي ڀاڪر ۾ ڀري ويلڪم ڪيو ۽ مانُ ڏيندي منهنجي ھٿ
مان هڪ بيگ ورتو جو مون پاڻ سان ٻه بيگون آنديون
هيون. ھڪ ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان جڏهن
ته ٻي بيگ ۾ رنگ، بُرش ۽ منهنجي آرٽ جو اثاثو.
مون کي ننڍپڻ کان رنگن سان عشق ھو، مون
کي رنگ برنگي شيون وڻديون هيون، ننڍي هوندي جڏهن
بليڪ ايند وائيٽ ٽي وي ڏسندي هيس ته، ٽي وي ڏسڻ
دوران اسڪرين تي پنهنجي پسند جا رنگ ڀريندي هيس.
منهنجا خيال ايڏا ته پُختا ۽ پڪا ٿي ويندا هئا، جو بليڪ ايند وائيٽ اسڪرين تي مون
کي هر چُرپُر رنگين نظر ايندي هئي.
مان جڏهن سامائي هيس ته مونکي پنهنجي ئي اندر ۾ عجيب رنگ فُٽندي
محسوس ٿيا هئا. مون
کي لڳندو هو ته، رنگ آهن ته زندگي آهي، نه ته ڪجھه
به ناهي.
نومبر جي سُرمئي شام ھئي، مون
کي ۽ سورٺ کي اجرڪ ويڙهيل ھو. اسان خوشيءَ وچان
ٽھڪ ڏيندا، ڳالهيون ڪندا ھاسٽل پهچي وياسين. سورٺِ
جي روم ۾ داخل ٿياسين، جنهن ۾ نظر پوڻ سان ڏٺم ته
ساڄي پاسي ٻه سنگل بيڊَ ۽ کاٻي پاسي به ٻه سنگل
بيڊ پيل هئا. وچ ۾ ٿوري جڳهه ڇڏيل ھئي، جتي پراڻي ٽيبل ھنڌان هنڌان ٽٽل ۽ ٻه ڪرسيون پيل ھيون. ساڄي
پاسي بيد تي ٻه سھڻيون ڇوڪريون ويٺل ھيون جيڪي
ڪجهه پڙهي رهيون هيون.
”نه
نه مصور، منهنجو مطلب آهي، ته ڄڻ هيءَ پينٽنگ
منهنجي ٺھيل آهي، هي منظر ته ننڍپڻ کان منهنجي
تصور ۾ رهيو آهي. هي تصوير ته مان پنهنجي اندر
۾ ڪڏهوڪو چِٽي چُڪي آهيان.“
مون تي نظر پوندي ئي، ٻئي اُٿي مون ڏانهن وڌيون، سورٺ کين
منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو.
”هيءَ آهي منهنجي سرتي سنڌُو جنهن جي ڳالهه ڪئي هئم.“ سورٺ وري مون سان
پنهنجي سرتين جو تعارف ڪرايو.
”ھيءَ ڪونج آهي.“ ڪونج کِلي موسان ھٿُ ملايو، ھُن ٻي ڇوڪريءَ جو تعارف
ڪرائيندي چيو ته،
”ھيءَ گيتا آهي.“ گيتا مون سان ڳراٽڙي پائي وڏي پاٻوهه مان ملي. گيتا جي ملڻ
مون کي پهرين ئي ملاقات ۾ ڄڻ پنهنجو ڪري ڇڏيو.
سورٺ مون سان مخاطب ٿيندي چيو ته،
”ڀرسان واش روم آهي، تون فريش ٿي اچ ته چانهه پيئون. “مان جيستائين فريش ٿي
آيس تيستائين سورٺ چانهه به ٺاهي آئي. پوءِ ته
چانهه جون چُسڪيون ڀريندي خوب ڳالهيون ڪيون سين.
رات جي ماني کائي، هاسٽل جي پارڪ ۾ اچي ويٺاسين، نومبر جي هلڪي
ٿڌڙي رات ۽ مٿان چنڊ جي چانڊوڪي وري بيدِ مشق جي
پنن جي سَرسراهٽ هلڪي هوا سان عجيب رومانس پيدا
ڪري رهي هئي جنهن ۾ ويتر سريل ۽ بيد مُشڪ جي
خوشبوءِ سمايل هئي. مون
کي اُهو سڀڪجهه نئون نئون ۽
وڻندڙ محسوس ٿي رهيو هو. چنڊ جي چانڊوڪي
الائي ڇو وڌيڪ چِٽي ۽ اُجري لڳي رهي هئي، جنهن ۾ سمورا منظر جَرڪي رهيا هئا. ائين پئي ڀاسيم ڄڻ هر شئي
کير ۾ وهنتل آهي. مان آس پاس جي منظرن ۾ گُم اِهو
ئي سوچي رهي هيس ته واقعي به ائين آهي يا مون
کي سڀڪجهه نِرالو لڳي رهيو آهي. سورٺ مون
کي ڪُلهي تي هٿ رکي لوڏو ڏيندي چيو،
”ڪٿي
گم ٿي وئين آهين .“ مان خيالن جي دنيا مان چڻ نڪري
آيس.
”هون...ڪٿي به نه، بس نئين دنيا پئي ڏٺم ۽ سوچيم.“
”ڇا پئي سوچين؟“
”اِهو ئي ته منهنجا ارمان ڪيئن پورا ٿيا؟ ڪيئن مان هن خوبصورت دنيا ۾ اچي
ويس. سورٺ! ھڪ آرٽسٽ ھئڻ ڪري مان ھر شيءِ
کي وڌيڪ ويجهو کان ڏسندي ۽ محسوس ڪندي ھئس، ھر شيءِ جي احساس ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيندي ھئس. پر مون وٽ اُن جي
اظهار جو ڪو ذريعو نه هو. پر هاڻي محسوس ڪري رهي
آهيان ته مان پنهنجي اندر جون سموريون خوبصورتيون
ڪينواس ۽ رنگن سان اوري سگهنديس. ها سورٺ تون
ڏسجان ته مان ڪيئن ٿي رنگن سان زندگيءَ کي سلهاڙي
خوبصورت بنايان.“ سورٺ ۽ گيتا تاڙيون وڄائيندي چيو
، ’واهه واهه‘ ۽ پوءِ اسان جا گڏيل ٽھڪ ماحول ۾
ٻُريا.
ھاسٽل ۾ رھندي، گيتا سان منهنجي گهڻي ويجهڙائپ
ٿيندي وئي، هُن ٻڌايو ته، ’ھُوءَ شڪارپور جي آهي
۽ يونيورسٽيءَ ۾ هي سندس آخري سال آهي.‘ گيتا
نھايت سُلجهيل سلڇڻي، کِلڻي مِلڻي ۽ قربائتي هئي،
جڏهن ته ڪونج گھٽ ڳالهائيندڙ ۽ خاموش رهندڙ .
ڪڏهن ڪڏهن ته ڪونج مغرور به محسوس ٿيندي هئي.
اُها رات مون
کي ڄڻ پاسا ورائيندي گذري. خوشيءَ جي انتها ۽
يونيورسٽي هاسٽل جي سحر
انگيز ماحول مون کي بي چين ڪري ڇڏيو هو. الائي ته
آڌي رات کان پوءِ ڪهڙي مهل ننڊ آئي هئم. صبح جو
ستين بجي سورٺ اُٿاريندي چيو هو.
”سنڌو! اُٿ جلدي تيار ٿي، نائين وڳي تنهنجو ڪلاس آهي، يونيورسٽي لائيف جو
پهريون ڪلاس.“ هُن هڪڙي معنى خيز ٽِھڪ ڏنو، مون
آرس ڀڃندي مُسڪرايو.
ڪمري جو جائزو وٺڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نِھاريم ته، گيتا، ڀت
تي ٽنگيل ڪرشن ڀڳوان جي مورتي کي پرنام ڪري رهي
هئي، سندس مٿي تي چُنري هئي ۽ اکيون پُوريل هئس،
ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي. سچ پچ ڄڻ ڪا ديوي
هُجي. مون يڪدم بيڊ تان اُٿي وڃي گيتا کي ڀاڪر
پاتو، هُن به منهنجي ڀاڪر جي آجيان ڪئي ۽ مون
کي مُرڪي نِهاريندي پنهنجي پيشاني تي لڳل تِلڪ تي
آڱر رکندي هلڪو تِلڪ منهنجي به پيشاني تي ٺاهيو ۽
منهنجي پيشاني چُميائين . مان تيار ٿيس، نيرن ڪيم
۽ پوءِ ڪلاس لاءِ نِڪتس ته گيتا مون
کي چيو،
”سنڌو! تنهنجي ڊپارٽمينٽ تائين توکي مان ڇڏي اينديس اڄ. تنهنجو پِھريون ڏينهن
آهي نه، متان ڪٿي ڀُلجي نه پوين.“ منهنجي
ڊپارٽمينٽ کان ويندي ڪلاس تائين گيتا وٺي آئي ۽
ڪلاس روم جي دروازي تي بيھندي چيائين.
”هي آهي تنهنجو ڪلاس، وڃ وڃي اٽينڊ ۽ انجواءِ ڪر.“
مان ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ٿوري گهٻرايل ۽
پريشان. ڪلاس سمورو ڇوڪرَن ڇوڪرينِ سان ڀريو پيو
هو،
جيترا ڇوڪرا اوتريون ئي ڇوڪريون هُيون اڃا به شايد
ڇوڪريون ڪجهه وڌيڪ هُيون. هڪ ڪُنڊ ۾ ٻه چار سيٽون
جيڪي خالي پيون هُيون، تن مان هڪ سيٽ تي وڃي ويهي
رهيس. سڀني شاگردن مون
کي ڏسي ٽِھڪ ڏنا. پوءِ هڪڙو نوجوان آهستي آهستي
اچي منهنجي
ڀرسان ويٺو. بنهه خوبصورت،
ڊگھو قد ناسي
وار، ھلڪي ڏاڙهي ۽ گِھريون اکيون. پِھرين ته ٻه
چار منٽ خاموش ويٺو رهيو، پوءِ ڪنڌ ورائي
مون
کي غورَ سان ڏسڻ لڳو، نيٺ ڳالهائيندي چيائين،
”توهان ڪافي ليٽ ٿي ويا آهيو، ڪلاسن کي ته مھينو اچي ٿيو آهي. ڪم جيڪو، ليٽ
ٿيو آهي اُن ۾ مان توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو.“
اوچتو هڪڙو ٽِھڪ سموري ڪلاس ۾،
۽ هڪڙو آواز ڪنهن ڇوڪري جو،
”لائن
پيو هڻي ...“وري ٽِھڪ.
اوچتو خاموشي، هڪڙي هلڪي قد جو ڪلين شيوَ شخص، فُل
سُوٽ ڪوٽ ۾ ڪلاس ۾ داخل ٿيو. سڀ اُٿي بيهي رهيا،
مان به اُٿيس. اُن شخص مون ڏانهن نِھاريندي چيو،
”لڳي ٿو توهان نوان آيا آهيو؟“
”جي سر....“
”ڪلاسز
ته مهينو ٿيوآهي شروع ٿيا آهن، توهان ايڏو دير سان
ڇو پھتا آهيو؟“ مان ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش رهيس ڪو به
جواب نه ڏنم. ايتري ۾ ساڳئي ڇوڪري ڳالهايو،
”سر هيءَ منهنجي ڳوٺ جي آهي، ڪنهن گهرو مسئلي جي ڪري ليٽ ٿي آهي.“ مون ڪنڌ
ورائي هُن کي ڏٺو الائي ڇو، دل کي سندس اُهو
انداز ۽ پنھنجائپ ڏاڍي وڻي. سر مُسڪرائيندي چيو،
”ٺيڪ
آهي پر هِن محترمه
کي ڪجهه ڳالهائڻ ڏي، خبر ته پوي ته هوءَ ڪھڙا خواب
کڻي هتي آئي آهي؟“سر وري مون
سان مخاطب ٿيو،
”ها، بابا تون ٻُڌاءِ ڪجهه پنھنجي باري ۾...“مون پنھنجو تعارف ڪرايو ۽
پوءِ شروع ٿي
ويس پنھنجي خوابن ۽ رنگن جي دنيا ٻُڌائڻ ۾. مون
جڏهن ڳالهائي بس ڪئي ته ڪلاس ۾ رڳو تاڙيون
ئي تاڙيون هُيون. سر به تاڙيون وڄائيندي چيو،
”واهه واهه! مون
کي نٿو لڳي ته ڪو توکي ليٽ ڪڍڻ لاءِ ڪنهن شاگرد جي
مدد جي ضرورت پوندي. پر پوءِ به پنهنجي ڳوٺائي کان
ڪجهه شيون پُڇي وٺجان.“
ڪلاس آف ٿيڻ کان
پوءِ هو منهنجي پويان لڳو آيو، وچَ ۾ هڪ هنڌ مون
کي روڪيندي چيائين.
”مون ته مذاق ڪئي سر سان، پر توهان ته سچ پچ منهنجا ڳوٺائي نڪتا. منهنجو
نالو مصور آهي ۽ هتي مصوري سِکڻ ۽ سمجهڻ آيو
آهيان.“ مان خاموش رهيس. هُن وري ڳالهايو،
”هلو ته ڪينٽين تي چانهه پيئون، پوءِ توهان کي پينٽنگس وارو هال ڏيکاريان.“
”سوري، مان چانهه هن وقت ناهيان پيئندي، توهان مهرباني ڪري مون
کي آرٽ
جو
هال
ڏيکاريو؛.
اسين هال ۾ آياسين، مان ته حيران رهجي ويس. دنيا ئي ٻي هئي هال
۾ . ڀانت ڀانت جا مجسما ۽ پينٽنگون.
”هي سڀڪجهه شاگردن ئي ٺاهيو آهي.“ هُن هال ۾ داخل ٿيندي چيو.
”توهان به، ڪا شاهڪار پينٽنگ يا مجسمو ٺاهيندا ته اُهو به هِن هال ۾ رکيو
ويندو.“ مان وڌي هڪ پينٽنگ وٽ بيھي رهيس، غور سان
پينٽنگ کي ڏسندي خيال ۾ گُم ٿي ويس. ڇا ته پينٽنگ
هئي هڪ شاندار محل، جنهن ٻاهران وڏا وڏا شاهه بطوط
جا وڻ ، محل جي دروازي تي هڪڙي غير واضع شھزادي
اوسيئڙي واري حالت ۾ بيٺل. مان ڪافي دير گُم رهيس
ته مصور ڳالهائيندي چيو،
”ڪيڏانهن گم ٿي ويا.“
”هيءَ پينٽنگ ته لڳي
ٿو منهنجي آهي،.“
مون
چيو،
”غور سان ڏسو، ها بلڪل هوءَ شھزادي توهان جهڙي لڳي رهي آهي.“
”نه
نه مصور، منهنجو مطلب آهي، ته ڄڻ هيءَ پينٽنگ
منهنجي ٺھيل آهي، هي منظر ته ننڍپڻ کان منهنجي
تصور ۾ رهيو آهي. هي تصوير ته مان پنهنجي اندر ۾
ڪڏهوڪو چِٽي چُڪي آهيان.“ مصور مون ڏانهن ڏسي
مُرڪيو ۽ چيائين،
”توهان
ته پھرين ڏينهن ئي اسان کي پنهنجو مداح ڪري ڇڏيو.“
مون شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. هُن وري ڳالهايو.
”منهنجي من ۾ به ننڍپڻ کان هڪڙي صورت هڪڙي مُورت آهي، جڏهن اُها ڪينواس تي
لاهيندسُ ته ضرور شاهڪار تصور ڪئي ويندي ۽ هِن هال
۾ سجائي ويندي.“
”اڇا! پُڇي سگهان ٿي ته اُها ڪهڙي آهي؟
”اِها
ته خبر نه اٿم ته ڪهڙي آهي،
پر هوبهو توهان جھڙي آهي.“ مون
کان ٽِھڪ نڪري ويو، هو به ٽِھڪ ڏئي کِليو. هُن
وري ڳالهايو،
”منهنجو عقيدو آهي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن صورت کي پنهنجي دل ۽ دماغ جي ڪنواس
تي، سچيء دل سان، چِٽي ٿا ڇڏيو ۽ ان جي انتظار ۾
ٿا رهو ته، اُها صورت ڪڏهن نه ڪڏهن، توهان جي
سامهون ضرور ايندي. جيئن اڄ معجزو ٿيو آهي.“ مون
شرمائيندي ڪنڌ هيٺ ڪيو ، هُن وري چيو،
”مان
سمجهان ٿو ته جيڪا صورت توهان جي من ۾ موجود آهي،
ته اُھا يقينن ڪٿي ڪائنات ۾ به موجود آهي. هي تصور
جي دنيا ڏاڍي عجيب ۽ فطرت سان سلهاڙيل آهي ۽ فطرت
ڪنهن به ريت ڪوڙي يا مصنوعي ڪونهي .“ مان سندس
ڳالهه تي لاجواب ٿي ويس. وڻي ته هو اُن لمحي به
ويو هو جڏهن ڪلاس ۾
منهنجي ڀرسان اچي ويٺو هو. پر هِن لمحي ضفا دل ۾
لهي ويو.
مان واپس روم تي آيس، پر ڄڻ وڃايل وڃايل هيس، اِها ڳالهه سورٺ
محسوس ڪري ورتي هئي.
”خير
ته آهي ڪٿي گُم آهين ڇوڪري....؟“
”ڪٿي به نه، بس پهريون ڏينهن هو، ڪلاس جي ڪري ڪجهه ٿڪجي پئي آهيان.“
”ٿڪجي پئي آهين يا وري ڪٿي اٽڪي پئي آهين؟ نمونو ته ٿڪجڻ وارو
نٿو لڳي.“ سورٺ ٽِھڪ ڏيڻ شروع ڪيا. سورٺ منهنجي
اڳيان ماني آڻي رکي، مون اُها به مزي سان نه کاڌي،
بس ٻه ٽي گِرنھن هڻي بس ڪيم.
”ڳالهه
ڇا آهي سنڌو، ٻُڌاءِ به
کڻي....ڏس ڪجهه به لِڪاءِ نه...“ نيٺ مون سمورو قصو سورٺ کي ٻُڌايو جيڪو
گيتا به غور سان ويٺي ٻُڌو.
ڪجهه ڏينهَن کان
پوءِ، ڪلاس
مان فري ٿي هال ۾ آيس ۽ ڪجه سامان کڻي ٻاهر لان ۾
هلي ويس، هڪ بيد مُشڪ هيٺان ڪينواس سامهون رکي،
ڪجهه ٺاهڻ شروع ڪيم، مصور پيار وچان مون
کي ڏسندو
رهيو. مون ساڳئي اُداس شھزادي واري پينٽنگ ۾ ٻيو روپ ڀريو، شھزاي
جنهن جي انتظار ۾ اٻاڻڪائي ٻيٺل ھئي،
تنھن جي چھري تي مرڪ ڀري ۽ سامھون کان شھزاي کي ايندڙ ڏيکاريو.
ڪم
ڪندي شام ٿي وئي.
يونيورسٽي
خالي ٿي چڪي ھئي، ڪيرُ به
ڪونه ھو. مصور منهنجو ھٿ کڻي
پنهنجي چپن تي رکيو ۽ چيائين،
”اڄ تو منهنجي اڌوري چتر کي پورو ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي محبت جا رنگ ڀري،“ مون جواب ۾ چيو،
”شايد! مون پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪيو آهي.“ پوءِ اسان پيار جي اُٿاهه ساگر ۾
لهي گُم ٿي وياسين.
هڪ شام جو اسين المنظر تي ويٺا هئاسين، سج
لھڻ وارو هو، مصور لهندڙ سج کي ڏسندي چيو،
”جڏهن سج پنهنجي آخري پساھن ۾ ھوندو آھي ته، اُن جي حالت ڪھڙي ھوندي؟ ڄڻ
وساميل وساميل، اُداس اُداس هوندو آهي.“ مون
کِلندي مصور کي چيو،
”مايوسي جون ڳالهيون تنهنجي واتان سٺيون ڪونه ٿيون لڳن“
”مايوس
ناهيان پر خوف اٿم ڪٿي تون مون
کان کسجي نه وڃين، وڇڙي نه وڃين.“
”تون
پاڻ ئي ته چيو هو ته جيڪڏهن سچي
دل آهي ته اُھا هر حالت ۾ ملي ويندي آهي.“ هو
خاموش ٿي ويو، اسين آهستي آهستي واپس آياسين،
هاسٽل جي دروازي تي هو مون
کي ڇڏي اُداس اُداس هليو ويو.
ڏينهن گُذرندا ويا، مون
کي يونيورسٽي ۾ آئي ٽي مھينا ٿي چڪا هئا،
ان وچ ۾ منھنجي ۽ گيتا جي ڪافي سٺي دوستي ٿي چڪي
ھئي، جڏهن اسان جي گھران مني آرڊر ايندو هو ته
اسان چارئي ڄڻيون شاپنگ ڪنديون هُيون سين، ڪٿي
سُٺي ماني گڏجي کائينديون هُيون سين.
مصور سان به منهنجي تمام گهڻي اُنسيت ٿي وئي هئي، اسان
ڊپارٽمينٽ يا لان ۾ گڏ ۾ ويھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ رنگن
سان پنهنجي دنيا کي سجائيندا ھئا سين، عجيب عجيب خواب هڪ ٻئي کي ڏيکاريندا هئاسين.
ھڪ ڏينھن اوچتو يونيورسٽي ۾ ٻن گروپن وچ ۾
تڪرار ٿي پيو، تمام گهڻو ھنگامو ٿيو، ڪلاسن جو
بائيڪاٽ ڪرايو ويو، بائيڪاٽ دوران مصور اُن
بائيڪاٽ کي روڪڻ لاءِ وچ ۾ پيو، شاگردن کي
روڪيائين ته، ’بائيڪاٽ ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي تعليم
برباد نه ڪريو.‘ پر مڇريل شاگردن سندس هڪ به نه
ٻُڌي، ٻي ڏينهن به ساڳيا شاگرد بائيڪاٽ ڪرائڻ لاءِ
آيا. اسين سڀ ڪلاس ۾ ويٺا هئاسين، مڇريل شاگردن
اسان کي زوري ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي، مصور ساڻن اٽڪي پيو، پوءِ ته انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع
ٿي وئي. اوچتو مون ڏٺو ته مصور سمورو خون ۾ لت پت
هو. مون
گهڻيون
دانهون ڪيون ، ڀڄي وڃي مصور کي ڀاڪر ۾ ڀريم، پر مصور ڄڻ بي ساهو صفا غش.
ڪجهه ڇوڪرا مصور کي کڻي
يڪدم ڪنهن گاڏي ۾ وجهي وٺي ڀڳا. مان اِهو منظر ڏسي
بي هوش ٿي ويس. جڏهن اک کُليم هوش ۾ آيس، ته سورٺ
منهنجي ڀرسان ويٺي هئي ۽ مان اسپتال جي بيڊ تي
ھئس. مون اکين اکين ۾ سورٺ کان مصور جو پُڇيو ،
سورٺ جي اکين مان بي بها لڙڪ وهي نڪتا ۽ هوءَ مون
کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. مان سمجھي ويس ته
منهنجي ڪاڪ محل جو شھزادو ھميشه لاءِ مون کان
وڇڙي ويو، منهنجي زندگيءَ جا سمورا رنگ اُجڙي ويا.
منهنجي هوش ۾ اچڻ تي،
سورٺ مون
کي ٻانهن کان جهلي وٺي ٻاهر رڪشي ۾ وھاريو، ۽ اسان
ھاسٽل طرف روانه ٿيا سين.
جيئن ئي روم طرف نظر پئي ته ھاسٽل جي روم
ٻاھران، رش ھئي، جنھن ۾ شاگرد، اُستادن ۽ ڪجھه
پوليس وارا.
اھو ڏسي منھنجا ۽ سورٺ جا قدم اتي اٽڪي پيا، ايئن لڳي رهيو هو
ڄڻ زمين اسان کي پاڻ ۾ ڳڙڪائي رهي هئي، مشڪل سان
اڳتي قدم وڌائيندي،. روم جي دروازي اڳيان ماڻهن کي
ھٽائيندي، ڏٺوسين ته منهنجي جسم مان رھيو سھيو
ساھُ نڪري ويو، سامهون پنکي ۾ بي سُڌُ لٽڪيل
گيتا.سندس جي ڳچيءَ ۾ ساڳيو چُنريء جو رئو پيل ھو.
اُتي بيٺل سڀ اِهو چئي رهيا ھئا ته گيتا آپگهات
ڪيو آهي.
مان سورٺ ۽ ڪونج زور زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳا سون.
”نه
نه گيتا آپگهات نٿي ڪري سگهي.“
مان گيتا جي پنکي ۾ لڙڪيل جسم ڏانهن وڌڻ لڳس، پر
پوليس وارن مون
کي پوئتي هٽائيندي چيو،
”جيستائين
تفتيش ھلي ڪير ويجهو نه ويندو.“ اسان جي رڙين
ڪوڪن جو ڪنهن تي اثر نه ٿيو، ڪجھه دير کان پوءِ،
گيتا جي لاش کي پوليس وارا اسپتال کڻائي ويا.
منهنجي حالت جيڪا اڳي ئي خراب ھئي، مصور جي جدائي ڪري
وري
گيتا جي وڇوڙي مون
کي ڄڻ پيرالائيز ڪري ڇڏيو، منهنجي جسم ۾ ڏڪڻي شروع ٿي وئي،
جيئن ڪو دورو پيو هُجيم، مان ساڻي ٿي ڪري پيس، مون
کي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ آس پاس سڀ منظر سڙي رکُ ٿي
ويا ھئا، ڪنهن به شئي ۾ ڪو رنگ ڪونه بچيو هو.
منهنجي حالت تمام خراب ٿي وئي جنهن ڪري سورٺ
منهنجي بابا کي فون ڪري، سموري حالتن کان آگاهه
ڪيو. اڳئين ڏينهن منھنجو بابا يونيورسٽي پھچي ويو،
الائي ڇو هاڻي اُها يونيورسٽي ڪنهن
قبرستان جيان لڳي رھي ھئي، جنهن ۾ وڏا خوابَ کڻي
آئي هيس. سورٺ منهنجو سامان پيڪ ڪيو، بابا ھلڻ
لاءِ چيو، مون بابا کي ڪجهه دير لاءِ ترسايو. مون
سورٺ کي چيو،
”سورٺ!
مون سان گڏ ٿورو آرٽ واري حال تائين ھل.“ سورٺ ها
ڪئي. اسين آرٽ واري هال ڏانهن آياسين پئي ته رستي
۾ بيد مشڪ جي پتن تي نظر پيم، وڌي بيد مُشڪ جي
ويجهو ويس ته بيد مُشڪ مان مھڪ بدران رتُ جي بانس
اچي رھي ھئي.
جئين ئي ھال ۾ اندر داخل ٿيس، اِھو ڏسي
حيران ٿي ويس ته هال جو سمورو سامان سڙيل ھو،
گذريل مُظاهرن ۾ هال کي باهه ڏني وئي هئي.
مان چرين وانگر مصور جي پينٽنگ ڳولڻ لڳس،
جنهن کي مون پنهنجي محبت جي رنگن سان مڪمل ڪيو ھو،
ھڪ ڪنڊ ۾ دونهين سان هلڪي ڪاري ڌنڌلي ٿيل اُھا
پينٽنگ جيڪا اڌ سڙي چڪي ھئي، سا پئي هئي. جيڪا پينٽنگ سڙڻ کان بچي وئي هئي، اُن ۾
شھزادو ڪونه هو!
بس! انتظار ۾ بيٺل ساڳئي شھزادي وڃي اڪيلي
بچي هئي...
مون پينٽنگ کي کڻي پنهنجي ڇاتيء سان لاتو
۽ لڙڪن ۾ ٻُڏي ويس. منهنجي سپنن جو ڪاڪ محل سڙي
رکُ ٿي چڪو هو، اُن ڏينهن کان اڄ ڏينھن تائين،
منهنجي حالت صحيح ناھي ٿي، مان مصور جي اوسيئڙي ۾
رنگن بنا زندگي گُذاري رھي آھيان، اڄ نيوز ۾
ڪنهن ڪاليج جي شاگردياڻيء جي آپگهات واري خبر وري
ڄڻ منهنجي جسم ۽ روح کي جامد ۽ ساڪت ڪري ڇڏيو!
|