جان ڪيننگ/محمد احمد منصور عباسي
مادام
بووري
فلابرٽ گستاو
مادام بووري هڪ ڳوٺاڻي ڊاڪٽر جي زال آهي جنهن کي
پنهنجي شادي مان ڪابه خوشي نٿي ملي.کيس ٻه عاشق
آهن ۽ آخرڪار جڏهن هڪ وياج خور واپاري جا مٿس قرض
چڙهندا ٿا وڃن ته هو گروي جو معاهدو وقت کان اڳ
ختم ڪري سندس گهر ۾ بيلف ويهاري ٿو ڇڏي ته هوءَ
خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي. ڪتاب
پهريون دفعو
1856ع ۾ ڇپيو ۽ وڪٽوريائي دور وارو جنسي ۽
اخلاقي ڳالهين ۾ لڄاداري وارو لاڙو انگلينڊ وانگر
فرانس ۾ به ايترو ئي مضبوط هو، تنهنڪري ليکڪ
فلابرٽ گستاو ۽ پبلشر تي ڪيس هلايو ويو ته انهن
اهڙو غير شائسته ڪتاب ڪڍيو آهي.
تقريبا ساڳئي
وقت بودليئر کي به ساڳئي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽
de Mal
Lcs Flcurs
مان ڪيترائي نظم خارج ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
فلابرٽ وڌيڪ خوش نصيب ثابت ٿيو جو ڪورٽ جيتوڻيڪ
مادام بووري جي ڪجهه رخن تي ناپسنديدگي جو اظهار
ڪيو، پر اهو به چيو ته مادام بووري ڪجهه اهڙن
ڪتابن کان مختلف آهي، جن جي لکڻ جو مقصد فقط جنسي
جذبي جي تسڪين ۽ جنسي آزادي ۽ اخلاقي بگاڙ کي هٿي
ڏيڻ آهي يا ڪجهه اهڙين ڳالهين تي چٿر ڪرڻي آهي جن
جي هر ڪنهن کي عزت ڪرڻ گهرجي.
انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهيءَ چو پچو جي نتيجي ۾
فلابرٽ جي ڪتاب جو وڪرو چڱو ٿيو ۽ ادبي نقادن ۾ به
چڱي ڪاميابي مليس. جيڪا انهي کي اوس ملڻي هئي. اهو
فرانس يا هڪ لحاظ کان سموري دنيا ۾ پهريون اهم ۽
اهڙو مڪمل طور حقيقت تي ٻڌل ناول هو، جنهن ۾ ننڍن
شهرن جي زندگي جو اڀياس ڪيل هو ۽ اتان جي ماڻهن،
ڊاڪٽر، پادري، دوا
ساز، وڪيل جي
منشي، ٽيڪس ڪليڪٽر ۽ هڪ ننڍي زميندار جو
تعلق سماج جي عام طور نظراندز ڪيل طبقي سان آهي.
انهن عام ڪردارن جي بجاءِ ٻين ناولن ۾ وڏ گهراڻن
کي ترجيح ڏنل آهي. بالزڪ ۽ اسٽين ٿال به هڪ لحاظ
کان حقيقت نگار آهن. پر انهن وٽ ڏوهارين، ڦورن ۽
مهم جوئين جو احوال آهي. جين آسٽن وٽ به فارغ
وچولي طبقي جا ڪردار آهن. وري مادام بووري جي
زندگي جا چٽ معروضي انداز ۾ ۽ هڪ فاصلي کان چٽيا
ويا آهن. انهن ۾ ڪنهن به طرفداري جو مظاهرو ٿيل
نه آهي. حقيقت اها آهي ته انهي دوران ليکڪ بلڪل
جذبن کان خالي رهيو آهي ۽ هو انهي ڪتاب تي ڇهن
ورهين جي ڪشالن ڀريي ڪم ۾ اڪثر چوندو رهندو هو ته
کيس ”پاڻ کي بنهه معمولي ڳالهين ۾ ٻوڙي ڇڏڻو ٿو
پوي“.
سڀ کان آخر ۾ اها ڳالهه ته ڪتاب پنهنجي ڪنهن حد
تائين شرم جهڙي مواد جي باوجود بيمثال ڪماليت واري
اسلوب ۾ لکيل آهي. ليکڪ هڪ اهڙو ناول لکڻ جو ڪم
هٿ ۾ کنيو هو، جنهن ۾ هڪ جملو يا هڪ لفظ به غير
اهم نه هو. هو هڪ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ لکندو هو ۽
ڊڪنس ۽ بالزڪ (اهي جهڙي پايي جا عظيم ڏات ڌڻي
هئا.) وانگر نه جيڪي اهڙن ليکڪن وانگر لکندا هئا
جن کي ڄڻ ته پريس کي ڪاپي پهچائڻ جي تڪڙ هجي. فلا
برٽ چيو هو ته کيس ڪڏهن ڪڏهن هڪ صفحو لکڻ لاءِ اٺ
ڏينهن لڳي ويندا هئا. هو چاهيندو هو ته سندس لکڻي
ڪنهن به شيءِ، جاءِ، حالت يا شخص جي لاءِ اظهار جو
مڪمل ذريعو هجي. هو جيڪا به شيءِ لکندو هو انهي کي
آواز سان پڙهڻ جي پرک تي پورو لهڻو پوندو هو جيئن
سندس فقرن جو ترنم ۽ چُرپر مڪمل ڏسڻ ۾ اچي. هو
چوندو هو ته: ”ڪوبه فقرو درست تڏهن ليکجڻ ۾ ايندو
جڏهن اهو ساهه کڻڻ جي سڀني ضرورتن جي مطابق هوندو.
خراب جملو سيني تي بار هوندو آهي، دل جي ڌڙڪن ۾
رڪاوٽ وجهندو آهي. انهي ڪري بي جان هوندو آهي“.
هاڻي هڪ صدي يا وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ به فلابرٽ
جي لکڻ جو اسلوب، سندس ادراڪ جي چٽائي ۽ سندس
بيانن جي درستگي انهي ڪتاب جي گهڻو ڪري تڪليفده
واقعن کي به يادگار بڻائي ڇڏي ٿي. مثال طور ايما
جو ٻيون دفعو ”ٿاٻو کائڻ ڪير وساري سگهندو جڏهن هو
وڪيل جي منشي ليون (Leon)سان
روئين ڪيٿيڊرل ۾ ڳجهي ملاقات ڪري ٿي، اتي چرچ جو
رسمن جو آفيسر (Beadle)انهن
کي انهي گرجا گهر جي تاريخ بابت مڻ مڻ ڪندي
ڳالهيون ٻڌائيندي ٿڪائي ٿو ڇڏي ۽ آخرڪار ليون جڏهن
ايما کي هڪ گاڏي ۾ ويهاري گاڏي واري کي چوي ٿو ته
جيڏانهن سندس مرضي هجي اوڏانهن هليو وڃي. هو جتي
بيهي ٿو اتي هڪ ڪاوڙيل آواز اڳتي هلڻ تي زور ڀري
ٿو. هو ٻيپهري کان شام تائين بي مقصد گاڏي
هلائيندو رهي ٿو. اها ايما جي زندگي ۾ بي ترتيبيءَ
جي هڪ علامت آهي.
”ننڍن شهرن ۾ اهو ڏاڍو غير معمولي منظر هو جو
ڪنهن گاڏيءَ جا پردا بند هجن. اها ڪنهن مقبري کان
به وڌيڪ بند پئي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڪنهن جهاز وانگر
لوڏا کائيندي ٿي هلي. انهي تي گهٽين، ڪنڊن،
گوديءَ، وڏين نادين ۽ ڊرمن جي وچ مان اها گاڏي
جتان به لنگهي ٿي اتي ڀلا ماڻهو حيرت مان اکيون
پٽي منظر ڏسي رهيا هئا“.
انهي دوران اتي ڏينهن جو، هڪ کليل علائقي ۾، جڏهن
سج به روشن لڳو بيٺو هو هڪ ڪپڙن کان خالي هٿ دري
تي لڳل ڦڪي رنگ جي ڪينواس جي ڪپڙي مان ٻاهر نڪتو ۽
ڪاغذ جا ڪجهه ٽڪرا ٻاهر اڇلايائين جيڪي هوا ۾
پکڙجي ويا ۽ اڳتي هلي بهار ۾ آيل ڳاڙهي برسيم جي
ٻني ۾ پوپٽن وانگر پکڙجي ويا ۽ گاڏي ڇهين بجي
ڌاران هڪ پٺئين گهٽي ۾ بيٺي ۽ هڪ عورت هيٺ لٿي.
اها پٺتي ڪنڌ ورائڻ کانسواءِ هلي وئي. سندس منهن
جو نقاب به هيٺ ئي هو.
ايما بووري نارمنڊي (فرانس جو هڪ صوبو.) جي هڪ
آبادگار جي ڌيءُ هئي جنهن کيس هڪ ڪانوينٽ ۾ اعليٰ
تعليم ڏياري هئي. هن جو ذهن ڏاڍو تيز هو ۽ مذهبي
عقيدن جي سوالن جوابن واري ڪتاب مان به سموري ڪلاس
مان پادري کي سڀ کان سٺا جواب ڏيندي هئي. پر هن
پاران گهر ڇڏڻ کان اڳ سندس مزاج جي تشڪيل ٿي وئي
هئي ۽ سندس پهرئين مذهبي دور ۾ هوءَ بيمار گهيٽڙي،
رت ڳاڙيندڙ دل ۽ صليب هيٺان ٻڏندڙ يسوع مسيح جي
شبيهه کي پسند ڪندي هئي، پر عشاء رباني ۾ شرڪت نه
ڪندي هئي. هوءَ گناهن جي اعتراف وقت ننڍا ننڍا
گناهه دليئون پئي ٺاهيندي هئي، جيئن هو ڇانوري ۾
گهڻو وقت گوڏن ڀر جهڪي
بيٺي هجي. سندس هٿ ڄارين تي هڪٻئي ۾ گڏيا پيا هوندا هئا ۽ پادريءَ جي
ڀُڻ ڀُڻ پئي ٻڌندي هئي. ڪانوينٽ ۾ ڦاٽل چادرن ۽
ڪپڙن کي ٽوپو ڏيڻ لاءِ هڪ پوڙهي خدمتگار ايندي هئي، کيس گذريل صديءَ
جا گيت ياد هوندا هئا، اها ڇوڪرين کي معاشقن جون
ڳالهيون ٻڌائيندي هئي ۽ انهن کي رومانوي ناول ۽
ڪهاڻين جا ڪتاب آڻي ڏيندي هئي، جن ۾ اڪيلين تفريح
گاهن ۾ بيهوش ٿيل عورتن کي قتل ڪرڻ،
بيتاب عاشقن
پاران گهوڙن کي ڊوڙائي ماري ڇڏڻ، ڳوڙهن،
سڏڪن، قسمن، وڻن جي جهڳٽن ۾ بلبلن ۽ شينهن جهڙن
دلير، پر گهٽي جهڙن نرم دل مردن جا قصا بيان ٿيل
هوندا هئا.
هو پهرين ڏاڍي سٺي ڇوڪري هئي. پر جڏهن سندس پيءُ
کيس ڪانوينٽ مان وٺي ٿي ويو ته راهبائن کي کيس
ويندي ڏسي ڪو
ڏک نه ٿيو. ”سندس طبيعت“ بابت فلابرٽ لکي
ٿو، ”چرچ کي فقط گلن جي ڪري پسند ڪندي هئي. موسيقي
کي فقط گيتن جي لفظن جي ڪري پسند ڪندي هئي ۽ ادب
کي انهي مان ملندڙ جذباتي هيجان جي سبب پسند ڪندي
هئي. سندس طبيعت نظم ۽ ضبط جي سبب چڙچڙي ٿيڻ لڳي
ته هن مذهب جي اسرارن خلاف به بغاوت ڪري ڏني. نظم
۽ ضبط سندس مزاج جي سخت خلاف هو“.
ايما ڪانوينٽ مان وچ اوڻيهين
صدي جي مڪمل رومانوي عورت جو روپ وٺي نڪتي. چارلس
بووري سان پرڻو سندس مقدر ۾ لکيل هو. هو هڪ مقامي
ڊاڪٽر هو. چارلس هڪ غير تصوراتي ذهن رکندڙ ڪمزور
شخصيت جو ماڻهو هو جيڪو ايما کي ڪنهن به لحاظ سان
پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهيو. هو پنهنجي زال جي جذباتي
سڀاءَ ۾ حد کان وڌيل رومانوي ڳالهين جي اصلاح نه
ڪري سگهيو. پر هن کي ته انهن جي موجودگي جي ئي خبر
نه هئي. ايما کي اهڙي مڙس جي ضرورت هئي جنهن کي
هوءَ چاهي، پر هن ۾ ته اهڙي ڪا ڳالهه به نه هئي،
جنهن جي آڌار تي هن جي عزت ٿئي. هو وبچارو هڪ
ڊاڪٽر هو. هن جي ته ٻه دفعا پنهنجي گهر گهرايل
رفيقڪارن حق تي بيعزتي به ڪئي هئي. هن جي زندگي ۾
هڪ اهم واقعو اهو به هو جڏهن هڪ مقامي معزز هڪ
نوجوان شادي شده جوڙي جي مان ۾ ڏنل ڊانس پارٽي ۾
ايما کي دعوت ڏني. هن اتي امير ماڻهن کي پنهنجن
قيمتي ڪپڙن ۾ ڏٺو ۽
ٺاهوڪن نوجوان
مردن سان ڊانس ڪيائين.
انهن جي هر ڳالهه مان دولت جو انداز ظاهر ٿي رهيو
هو. انهن جي صاف رنگت چيني جي ٿانون جي پيلاڻ،
ساٽن جي ڪپڙن جي تجلن، پراڻي قيمتي فرنيچر جي چمڪ
سبب اڃا وڌي وئي هئي. انهن جي هيٺ لڳل ٽائين مان
سندن ڳچيون آزادي سان هيڏانهن هوڏانهن لڏي رهيون
هيون. انهن جا ڊگها شهپر انهن جي هيٺ ورايل ڪالرن
تي لڙڪي رهيا هئا. اهي تمام لطيف خوشبو وارن ڀرت
ڀريل رومالن سان پنهنجا چپ اگهي رهيا هئا. جيڪي
ماڻهو پوڙها ٿي رهيا هئا انهن ۾ به نوجواني جو هڪ
انداز هو. جڏهن ته نوجوانن جي چهرن مان به هڪ قسم
جي پختگي پئي نظر آئي. انهن جي خالي نظرن مان اهڙن
جذبن جو اظهار پئي ٿيو جن جي روزانو تسڪين پئي
ٿيندي هئي ۽ انهن جي طور
طريقن جي
نفاست مان هڪ اهڙي مخصوص وحشانيت ٽمي رهي هئي،
جيڪا اڌ آسان شين تي مڪمل ڪنٽرول جو نتيجو هوندي
آهي. يعني خالص نسل جي گهوڙن جي سارسنڀال ۽ آزاد
عورتن جي صحبت.
انهي تجربي سندس زندگيءَ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري
ڇڏيو. اهو خال هڪ اهڙي وڏي ڏرڙ وانگر هو جيڪو ڪڏهن
ڪڏهن هڪ مختصر رات جو طوفان
ڪنهن جبل ۾ پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. ايما ڪنهن اهڙي
ملاح وانگر هئي جنهن جو ٻيڙو تباهه ٿي ويو هجي ۽
هوءَ پنهنجي زندگي تي نراسائي وچان نظر وجهندي ڄڻ
افق ۾ ڪنهن سفيد سڙهه جي ڳولا ۾ هجي. هن پنهنجي
ڊرائنگ ۽ موسيقي کي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ پيرس جو هڪ
نقشو خريد ڪيائين. هن پنهنجي گهر ۽ پاڻ کي توجه
ڏيڻ ڇڏي ڏني. سفيد ڪاٽن جا جوراب پهرڻ شروع ڪيائين
۽ پيلي رنگ جون تمام سستيون ميڻ بتيون خريد ڪرڻ
لڳي.
پوءِ ڪا ڳالهه ٿي پئي. اهي يون وائيل لڏي ويا. اهو
روئين جي ويجهو هڪ وڏڙو ڳوٺ آهي. اتي ايما ليون
سان ملي. اهو هڪ وڪيل جو نوجوان منشي هو. هو ڪنهن
حد تائين زنانو ڏيک ڏيندڙ ۽ ساڳيا رومانوي خيال
رکندڙ هو. انهن ٻنهي کي سمنڊ، جبل ۽ سير سفر وڻندو
هو ۽ هو گٽار پڻ وڄائيندو هو. انهي جذباتي ساٿ
انهن ٻنهي کي مطمئن ڪيو. پر ليون پنهنجو امتحان
پاس ڪرڻ پيرس هليو ويو ۽ ايما جي زندگي وري خالي
ٿي وئي. هن جي عمر لڳ ڀڳ ٽيهه ورهيه هئي. هن کي هڪ
چڱي عمر جي ڌيءَ به هئي. پر انهي ڪنهن به لحاظ کان
سندس رومانوي اشتهائن کي گهٽ نه ٿي ڪيو. پوءِ ايم.
روڊولف يولينجر منظر تي اچي ويو. اهو هوندي سوندي
وارو هڪ ننڍو زميندار هو ۽ عورتن جو به گهڻو تجربو
هوس. هن کيس ورغلائڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته هڪ
پاسي سندس مڙس هو، ڌيءُ هئي وري آسپاس ڳالهيون به
ٿين ها ته به هو زردي رنگ ۽ چڀندڙ اکين وارين
عورتن جو ديوانو هوندو هو. هوءَ پنهنجي منهن چوڻ
لڳي ته هاڻي آخرڪار مون کي به هڪ عاشق ملي ويو.
جيئن فلابرٽ لکيو آهي: ”بدڪار عورتن جي ميڙ سندس
قصيدا ڳائڻ شروع ڪيا ۽ کيس پنهنجن آوازن جي جادو
سان موهڻ لڳيون“.
روڊولف جي اٽڪلن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته هو
اها خبرچار به رکندو هو ته ڪنهن عورت کي خوش ڪرڻ
جو صحيح طريقو ڪهڙو ٿيندو. هو هن سان گڏ جهنگ ۾
گهوڙي سواري ڪندي سندس اميدن ۽ آسرن کي ممڪن ۽
ٿيڻ جوڳو ڪري پيو پيش ڪندو هو. هو پوءِ ڪڪ ٿي
پيو. هوءَ محبت ۾ گهڻي اڳتي نڪري وئي هئي ۽ ڀڄي
هلڻ پئي گهريائين. هو انهي جي خواهش آڏو آڻ مڃي
ٿو وٺي ۽ اهي وينس وڃڻ جي رٿ رٿين ٿا. هو عين وقت
تي ايما ڏانهن ”پنهنجي محبت کان دستبرداري“ جو خط
لکي ٿو. ايما ڏاڍي بيمار ٿي پوي ٿي. روڊولف کيس سڀ
کان وڌيڪ انهي ڪري به مطمئن ڪيو هو جو هن وڏي
هوشياري سان سندس اهي ضرورتون پوريون ڪيون ٿي،
جيڪي کيس ڪنهن عاشق مان گهربل هيون. هن سندس ڪڪ
ٿيڻ کي بائرن سان تشبيهه ٿي ڏني ۽ سندس وحشانيت کي
ڪنهن ڪاوڙ باز عاشق جي مماثل ٿي قرار ڏنائين.
تنهنڪري سندس هتان هليو وڃڻ ايما لاءِ فقط ڪنهن
خوشگوار تجربي جي پڄاڻي نه، پر سندس روح لاءِ هڪ
زخم هو. هوءَ آهستي آهستي چاق ٿيڻ لڳي. سندس شديد
رومانيت کي ڪجهه وقت لاءِ نيڪو ڪاري، مذهبي ڪمن ۽
خيراتي ڳالهين ۾ حصو وٺڻ سان تسڪين ملڻ لڳي.
پر اهو ڪم گهڻو وقت نه هلي سگهيو. ليون روئين ۾
وڪالت ڪرڻ لاءِ واپس اچي ويو. هاڻي جيتوڻيڪ اهو
ليون ئي هو جنهن کيس گاڏي ءَ ۾ ورغلايو هو ۽ هن
معاملي جي اڳواڻي ڪندي سندن معاشقي ۾ بالادست شريڪ
جو ڪردار ادا ڪيو هو. هوءَ پنهنجي بيوقوف مڙس کان
هفتي ۾ ٻه دفعا وڃي موسيقي سکڻ جي موڪل وٺي ٿي. هو
۽ ليون هڪ اهڙي هوٽل ۾ رهن ٿا جيڪو شهر جي انهيءَ
حصي ۾ واقع آهي جيڪو ٿيٽرن، سرائن ۽ ناچڻن لاءِ
مخصوص آهي. هن بووري کان سندس معاملا هلائڻ لاءِ
پاور آف اٽارني وٺي ڇڏي هئي ۽ هڪ ننڍڙي ملڪيت کي
جلدئي ڦوڪي دُف ڪري ڇڏيائين. هن کي جنهن قسم جي
پوشاڪ جي خواهش ٿئي ٿي اها وٺي ٿي ۽ گهر ۾ به
پنهنجي خوشي ۽ شوق جي موڊ مطابق مهانگا مهانگا
غاليچا ۽ پردا وٺي ٿي.
يون وائيل ۾ رهندڙ ايل هيريو نالي هڪ روايتي چرب
زبان ۽ لالچي واپاري کيس بنا روڪ ٽوڪ قرض ڏيندو
رهي ٿو ۽ آخرڪار سندس پئسو ڦٻائي ٿو ڇڏي. جيئن
جيئن سندس معاشقي مان اها جذباتي تازگي ختم ٿيندي
وڃي ٿي ۽ کيس حرامڪاريءَ ۾ به اهي پراڻيون شادي
واريون عام رواجي ڳالهيون نظر اچڻ لڳن ٿيون ته
سندس مالي معاملا به خراب تر ٿيندا وڃن ٿا. هاڻي
سندس مال ملڪيت وڪرو ٿيڻ جو وقت اچي ويو هو. هن
جون جڏهن ايل هيريو کي سڀئي منٿون ميڙون بيڪار
ثابت ٿيون ۽ جنهن ڏينهن بيع نامو سندس گهر جي
دروازي تي چنبڙايو وڃڻو هو انهي ڏينهن هو ٻي ڪا
واهه نه ڏسي مقامي وڪيل وٽ ڊوڙي وئي ۽ هن کان اٺ
هزار فرانڪ اڌارا گهريائين. هن کيس
ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو . پوءِ هوءَ ٽيڪس ڪليڪٽر
وٽ وئي ۽ آخر ۾ روڊولف وٽ سندس پرآسائش ٻهراڙي
واري بنگلي ۾ وئي، پر ڪجهه به نه وريو. هن سنکيي
جي لپ ڦڪي ڇڏي. فلابرٽ سندس موت جي پيڙا ڏاڍي
تفصيل سان بيان ڪئي آهي ته ڪيئن هن صليب کي چميو ۽
ڪيئن سندس جسم ۾ پيدا ٿيل ردعمل جي
نتيجي ۾ سندس
لوڇ پوڇ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ختم ٿي وڃي ٿي ۽
هوءَ هڪ ننڍڙي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي روئي پوي ٿي.
ڪجهه نقادن انهي ڳالهه جي
نشاندهي ڪئي
آهي ته فلابرٽ جي ڪتابن مان حد کان وڌيڪ
قنوطيت ۽ وچولي طبقي کان اجائي نفرت جو اظهار ٿئي
ٿو.
انهن نقادن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه غير فطري لڳي
ٿي جو ايما جو نصيب ايترو خراب هجي، جو هن جي شادي
چارلس بووري سان ٿئي. وري روڊولف جهڙو خودغرض
ماڻهو کيس ورغلائي وري کيس ليون جهڙو عورتاڻو
انداز رکندڙ هم خيال ملي ۽ وري کيس ٻيو عاشق به
اهڙو ئي ملي جيڪو سندس اندروني ضرورتن لاءِ ڪنهن
ڪم جو نه هجي. وري هن جي آسپاس اهڙا ماڻهو گڏ ٿي
وڃن ٿا جن کي جيڪڏهن بڇڙا نه چئي سگهبو (حقيقت ۾
ناول ۾ اهڙا ڪي به ڪردار ڪونهن جن لاءِ اهو لفظ
ڪتب آڻي سگهجي) ته به اهي ڇسا، حساس طبيعت بابت
ڪنهن به ڄاڻ کان وانجهيل، خودغرض، لوڀي ۽ ننڍڙي
سوچ وارا آهن. هوميس نالي دواساز جي تصوير به ڏاڍي
عجيت نموني پيش ڪئي وئي آهي. هو هڪ پادرين مخالف
دانشور آهي. هو جيتوڻيڪ نامهربان شخص نه آهي، پر
ڏاڍو سطحي ۽ غير تصوراتي ذهن جو مالڪ آهي. ڇا کيس
گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻن اهڙن ماڻهن سان نه ملڻ گهربو
هو جيڪي کيس صحيح نموني سمجهن ٿا.
ايما بووري جي زندگي هڪ ٽرئجڊي نه آهي ڇاڪاڻ ته
انهي ۾ هر ڳالهه دستور مطابق هئڻ جو عنصر موجود
نه آهي. هو پنهنجي رومانويت پرستي سبب جنهن دکدائڪ
انجام تي پهتي انهي جو سبب سندس غلط جاءِ تي شادي
۽ وري سندس زندگي ۾ واقع ٿيندڙ هنگامي حالتون
هيون. سندس آسپاس موجود حالتن يا ماڻهن ۾ ڪابه
شرافت نه هئي. انهي ڪتاب کي اڄوڪي اصطلاح ۾
“A sliee of life”
چئي سگهجي ٿو. جنهن تي وڏي گهرائي سان نظر وڌي وئي
هجي. ايما هڪ تمام جاندار ڪردار آهي. عظيم فرانسي
نقاد ايملي فيگي (Fagnet
Emile)ايما
بابت لکيو آهي: ”مادام بووري، لافاني مادام بووري،
شيڪسپيئر ۽ بالزڪ سميت آءٌ جنهن به ادب کان واقف
آهيان انهي ۾ ڪنهن به عورت جو سڀ کان وڌيڪ مڪمل
ڪردار آهي. فلابرٽ سندس سوانح حيات جو هڪ خاڪو ڏيڻ
تي مطمئن نه ٿيو. هن ڏاڍي صبر سان هڪ تفصلي سوانح
عمري لکي آهي جنهن ۾ ڪنهن ڪردار جي ضروري ارتقا
اهو هڪٻئي پٺيان جن تبديلين مان گذري ٿو ۽ جيڪا
پڄاڻي لازماً واقع ٿيڻي آهي انهي جو ڏاڍي صبر سان
ڪڏهن سالوار ته ڪڏهن ڪڏهن ته روزاني روز جو احوال
نهايت احساس ۽ سمجهداري سان ڏيندو ويو آهي. اهو هڪ
اهڙي روح جي مڪمل زندگي جو احوال آهي جيڪو پاڻ کي
اسان جي اکين جي سامهون هڪ اهڙي اندروني منطق سان
کوليندو وڃي ٿو جيڪا انساني روح جي واڌويجهه تي
اثرانداز ٿئي ٿي.
سندس رومانوي مرض (جيڪڏهن ڪير کيس انهي نالي سان
سڏي ٿو) جو سبب اهو آهي ته هو سدائين افق کان اڳتي
جيئڻ تي اصرار ڪري ٿي. انهي مرض جو هڪ سبب اهو به
آهي ته هوءَ اسان جي آسپاس موجود شين مان انهن جو
اثر ۽ ذائقو، انهن جي لطافت، انهن جون وڻندڙ
خاصيتون ۽ انهن جي شاعري اخذ ڪرڻ جي صلاحيت نٿي
رکي. انهي رومانوي مرض جو سبب اها سوچ آهي ته اهو
ذائقو، اها لطافت، اها پسنديدگي ۽ شاعري اتي موجود
هوندي آهي جتي ماڻهو پاڻ موجود نه
هوندو آهي.
اهوئي سبب هو جو فلابرٽ جنهن جي پنهنجي سڀاءَ ۾
مضبوط رومانوي اثر موجود هو جنهن کي آرٽ
سان سندس لڳاءَ ذريعي تخليقي صلاحيت ملي. پنهنجي
هيروئن بابت چيائين.
“Madame Bovary, C’est moi”
اياز عالم ابڙو
شاهه لطيف جا مورتڪار
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي حياتي فن،
فڪر ۽ رسالي تي ٿيندڙ ڪم ڪيترين ئي ڌارائن ۾
ورهايل آهي.
رسالي جي سانڍ سهيڙ کان پوءِ هڪڙن رسالي اندر ۽
ٻين رسالي کان ٻاهر ڪم جاري رکيو، جن ۾ رسالي جي
حافظن، شارحن ۽ محققين کان پوءِ ٻيا قبيلا جن ۾
چترڪار، مجسمه ساز، ڪاتب ۽ خطاط اهم جاءِ والارين
ٿا. جن مان هند
۽
سنڌ جي ڪيترن ئي چترڪارن ۽ مجسمه سازن شاهه سائين
جا فرضي خاڪا ۽ مجسما جوڙيا. شاهه سائين جي هڪ
فرضي تصوير جنهن ۾ هڪ مٿي اگھاڙو شخص پاسيرو ويٺل
عبادت ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هڪ ٻي تصوير جنهن ۾ هڪ
شخص مراقبي واري انداز ۾ گوڏا اڀا ڪيون ويٺل آھي،
اهي ٻئي وڙ گمنام تخليقڪارن پاران جوڙيل آهن
سنڌ جي مها ڏاهي ۽ شاهه شناس سائين محمد ابراهيم
جوئي (مرحوم) سال 1983ع دوران هند
۽
سنڌ جي (ڀارت جي سنڌي اديبن جي سهڪاري سوسائٽي ۽
شاهه عبداللطيف فائونڊيشن ڀٽ شاهه، سنڌ) پاران
سهڪاري سڏ ٿيو ته: شاهه سائين جي اصل تصوير
ٺهرائڻي آهي ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڪنهن ماهر مصور جي
چونڊ لاءِ اڳڀرائي ڪيو.
ان سلسلي ۾ جوئي صاحب جڳ مشهور مصور ريمبرانڊ جهڙي
ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ سنڌ جي نامور مصور محمد علي ڀٽي
جو نالو تجويز ڪندي کيس ان ڪم جي نينڍ ڏني. محمد
علي ڀٽي ان حڪم جي پوئواري ڪندي نه رڳو ان ڪم جي
شروعات ڪئي،
پر گڏوگڏ لطيف سائين جي اصل صورت ڪينواس تي چٽڻ
لاءِ تحقيق جو ترهو ٻڌو ۽ ان سلسلي ۾ محمد علي
ڀٽيءَ ڪيتريون ئي ڀٽ شاهه ياترائون پڻ ڪيون ۽ ان
دور جي،
گادي
ڌڻيءَ سائين سيد غلام شبير شاهه لطيفي مرحوم ۽
سندس فرزند سيد نثار حسين شاهه لطيفي
مرحوم (ان دور
جي سربراهه
شاهه
عبداللطيف فائونڊيشن ڀٽ شاهه) سان رابطو ڪيو جن
ساڻس سهڪار ڪندي شاهه سائين جي صورت مبارڪ بابت
ڄاڻ ڏني ۽ خاندان جي ڪن عزيزن ۽ بزرگن جون تصويرون
پڻ مهيا ڪيون.
انهن
تصويرن جي آڌار تي ڀٽي صاحب سائين غلام شبير شاهه
لطيفي
۽
سندس سهري سيد غلام شاهه ۽ والد شاهه ڏنو شاهه جي
مهانڊن کي آڏو رکي ڪي خاڪا تيار ڪيا ۽ ان حوالي
سان سيد غلام شبير شاهه سندس سهري غلام شاهه والد
شاهه ڏنو شاهه جي صورت مبارڪ سندس ڏاڏي سان ملندڙ
جلندڙ هئي ۽ سندس ڏاڏو وري حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رح سان مشابهت رکندڙ هو. ان سڄي ڪم ۾ ڀٽي
صاحب شاهه سائين جي ڏاڏاڻي پيڙهي بابت تفصيلي
تحقيق ڪئي ۽ شاهه سائين جا ڪيترائي پينسل اسڪيچز
تيار ڪيا ۽ جنهن بعد هن چار فوٽ
ويڪري ۽ ساڍا پنج فوٽ ڊگهي ڪينواس تي تيلي رنگ
(آئل پينٽ) سان لطيف سائينءَ جي پينٽگ ٺاهڻ شروع
ڪئي ۽ اهو ڪم هن آڪٽوبر 1983ع فيبروري
1984ع تائين 5 مهينن ۾ جوڙي مڪمل ڪيو، ۽ اهو
شاهڪار هن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي عجائب گهر ۾
موجود پينٽنگ گئلري کي تحفي طور ڏنو. جنهن بعد ان
تصوير جي مهورت ڀٽ شاهه جي گادي نشين سيد غلام
شبير شاهه لطيفي مرحوم جي هٿان سنڌالاجي جي اڳوڻي
ڊائريڪٽر ميڊم مهتاب اڪبرراشدي جي ايام ڪاري ۾ ٿي
ان کان اڳ شاهه سائين جي اصل تصوير بابت ڪا مستند
تاريخ موجود ناهي،
پر ڪيترن ئي چترڪارن شاهه سائين جون تصوراتي ۽
فرضي تصويرون جوڙيون. ان حوالي سان شاهه سائين سان
منسوب هڪ تصوير لنڊن جي برٽش ميوزيم ۾ سانڊيل آهي،
جنهن ۾ ترڪي ٽوپي پاتل هڪ شخص وڃڻو هٿ ۾ جھليون
طول وهاڻي کي ٽيڪ لڳايون ويٺل نظر اچي ٿو.
هڪ ٻيو فرضي خاڪو جنهن ۾ هڪ ڏاڙهي وارو شخص، مٿي
اگهاڙو، وچان سينڌ نڪتل، گوڏا اڀا ڪيون مراقبي
واري انداز ۾ ويٺل آهي. جنهن بابت ڄاڻ ملي ته اها
تصوير شاهه لطيف بري امام جي مزار نورپور پنجاب
کان ڀٽ شاهه
(سنڌ)
جي بازار ۾ پهتي، وڪاڻي ۽ عام ٿي.
(شاهه لطيف سان منسوب ان فرضي تصوير کي پرڏيهي
اسڪالر سر ٽي.ڊبليو.آرنلڊ، علامه دائود پوٽي
مرحوم، مخدوم محمد زمان طالب المولى
مرحوم ۽ علامه مستاني سيوهاڻي سميت سنڌ جي ڪيترن
ئي ڏاهن ۽
مفڪرن رد ڪيو) اها مراقبي واري فرضي تصوير مرزا
قليچ بيگ جي سهيڙيل
”شاهه
جو
رسالي“
جي سرورق تي1913ع تي شايع ٿي.
ان کان اڳ غلام محمد شهواڻيءَ
برٽش ميوزيم واري تصوير، شاهه جي رسالي کي سهيڙي
ان تي ٽائيٽل طور 1922ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي. جنهن
بعد 1951ع ۾ محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم اها ساڳي
برٽش ميوزيم واري تصوير
”شاهه
جو رسالو“
سهيڙي ان جي سرورق تي شايع ڪرائي ۽ ان کي شاهه
سائين جي اصل تصوير طور ڄاڻايو، ان کان اڳ ۾ ڪلياڻ
بي. آڏواڻيءَ شاهه سائين جي حياتي تي
ڇپايل
انگريزي ۾ ڪتاب
”شاهه
لطيف دي ميڪرس آف انڊين لٽريچر“
جي ٽائيٽل تي اها برٽش
ميوزيم واري تصوير ڇپائي پڌري ڪئي. جنهن بعد اها
ساڳي تصوير ان وقت جي سنڌي رسالي”نئين
زندگي“
جي ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي مرحوم جي دور ۾
”نئين
زندگي“
جي ٽائيٽل تي پڻ شايع ٿي
ڪڇ گجرات ڀارت جي نامور چترڪار ۽ خطاط مينگھراج
تلريجا
1995ع ۾ شاهه سائين جون مختلف انداز ۾ پنج رنگين
تصويرون ٺاهي ڇپائي پڌريون ڪيون (جن ۾ چار نقل ۽
هڪ سندس جي تخليق ڪيل ڀٽائي جي فرضي تصوير
آهي)جڏهن ته گذريل صدي جي شروعاتي ٽن ڏهائين دوران
هندستان جي چترڪار دادلاڻيءَ شاهه سائين کي هڪ
ڳڀرو جوان جي صورت ۾ ٺاهي پيش ڪيو جنهن ۾ مٿي
اگهاڙو نوجوان ڏاڙهي جي ساول سان، ڪنن ۾ واليون
پاتل، پير اگھاڙا، کاٻي پير ۾ ڪڙي پاتل نظر اچي ٿو.
سنڌ جي مصور محمد علي ڀٽي جي پينٽنگ کان پوءِ ان
تصوير جو نقل مختلف ميڊيمز ۾ وقت به وقت ڪٿي نه
ڪٿي نظر اچي ٿو ۽ هر تصوير ۾ هر چترڪار چهري جي
جوڙجڪ پنهنجي تخليقي سوچ آهر جوڙي آهي ۽ اهو سلسلو
جاري آهي.
ملڪ جي نامور مصور آفتاب ظفر پڻ پنهنجي مخصوص
ڏانءَ سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پنهنجي ڀونءِ
ڀٽ شاهه تي رازن سان ڪم ڪندي پٺيرو ڏيکاريو آهي.
شاهه سائين
کي
چترڪارن کان پوءِ ڪجهه
مجسمي سازن پڻ پاڻ ملهايو، 1978ع ۾ نامور
آرڪيالاجسٽ، محقق، ليکڪ ۽ آرٽسٽ
بدر ابڙو کي جڏهن ڀٽائي جو تصوراتي مجسمو جوڙڻ جو
خيال آيو تڏهن هن ان سلسلي ۾ گھڻ رخي تحقيق ڪئي ۽
کيس پتو پيو ته هڪ مجسمو شاهه سائين جي حياتي
دوران جوڙيو ويو هو،
جيڪو ڀٽ شاهه حويلي ۾ موجود آهي،
پر بدر ابڙو کي ان شاهڪار تائين رسائي نٿي سگھي ۽
هن پنهنجي تحقيق ۽ مشاهدي جي آڌار تي 1985ع تائين
ڀٽائي جو مجسمو جوڙي عام ڪيو (جيڪو هن لاڙڪاڻي آرٽ
ڪائونسل جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي آرٽس گئلري کي
نماءَ لاءِ 29 ڊسمبر2015ع ۾ سوکڙي طور ڏنو.
1980ع واري دور ۾
آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي استاد ۽
”ڀٽائي
انسٽيٽيوٽ آف آرٽ“
جي بانيڪار سيد افسرمدد نقويءَ شاهه سائين جو هڪ 2D
فارم ۾ اڀريل
تصوراتي ريلف جوڙيو،
پر ان سان گڏوگڏ هن شاهه سائين جا مجسماسازي جا
مختلف ڌارائن ۾ پنج وڌيڪ فن پاره گھڙي تيار ڪيا
هئا،
جن کي ان دور جي پرنٽ ميڊيا مڃتا ڏني.
ڪاٺ ۽ پٿر گھڙي مجسما تيار ڪندڙ پٿورو واسي
بوتيگھاڙ مهاراج خشحال داس گذريل صدي جي ٻن ڏهائين
دوران
”عالم
سڀ آباد ڪرين“
جي موضوع تي شاهه سائين جو دعا گھرندڙ ڪاٺ جو
تصوراتي مجسمو گھڙي تيار ڪيو، جيڪو سندس پٿوري
واري اسٽوڊيو ۾ موجود آهي. اهو سلسلو اتي ختم نه
ٿيو، تازو سنڌ حڪومت جي ثقافت،سياحت ۽ نوادرات
کاتي جي رٿ
جي
آڌار تي ھڪ مجسمو جوڙايو ويو، ان سلسلي ۾ اھو ڪم
”انسٽيٽيوٽ
آف آرٽ اينڊ ڊزائن سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو“
جي هڪ استاد نادر جمالي کي سونپيو ويو، ڪلاڪار جي
ڏنل ڄاڻ مطابق اهو مجسمو 16 فوٽ
اوچو آهي جيڪو هن ڇهن مهينن جي
عرصي
۾ جوڙي راس ڪيو ۽ اھو عام نماءَ لاءِ ڀٽ شاهه ۾
رکيو ويو آهي
اهو ڪم اتي پورو نٿو ٿئي، ڪٿي نه ڪٿي ڪونه ڪو دنيا
جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪو ڪلاڪار شاهه سائين
کي تصور ۾ آڻي ان کي تخليقي روپ ڏيڻ لاءِ ڪنهن ووڙ
۾ رڌل هوندو. |