حسين مسرت
شناخت
مون پنهنجي بائيڪ کي پريس ڪلب جي سامهون واري روڊ
تي وڻ جي هيٺان بيهاريو ۽ پنهنجي ڪئميرا
سنڀاليندي، سامهون روڊ ڪراس ڪري پريس ڪلب جي
دروازي وٽ پهچي ويس. پريس ڪلب جي اڳيان موٽر
سائيڪلن جي قطار لڳي پيئي هئي. وڻ جي ڀرسان ڪجهه
عورتون پنهنجا بينر سيٽ ڪري رهيون هيون. ڪن جي هٿن
۾ پلي ڪارڊ هئا. مون پنهنجي ڪئميرا کي ڪور مان
ڪڍي، انهن جا فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا، ته هڪ ڇوڪري جيڪا
پينا فليڪس لڳائي رهي هئي، مون کي هٿ جي اشاري سان
روڪيائين ۽ چيائين ته ٻيا ماڻهو به اچن ته پوءِ
فوٽوگرافي ڪجو.
هڪ خوبصورت ڇوڪري اڳيان وڌي پلي ڪارڊس ٻين ڇوڪرين
۾ ورهائڻ لڳي.
مون سامهون نهاريو ته هڪ ريلي اچي رهي هئي ۽ سڀ
فوٽوگرافر ان طرف رخ ڪري وڌڻ لڳا. مون جلدي جلدي
ٻه-ٽي فوٽو انهن عورتن جي پلي ڪارڊس ۽ بينرن جا
ڪڍي ورتا.
عورتن جا حق، انساني حق آهن.
اچڻ لڳي نعرن جي آوازن ۾ تيزي اچي وئي. مشهور
سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ به ريلي ۾ موجود هو. انهن
جا نعرا پنهنجي اڳواڻ جي آجيان لاءِ هئا.
سامهون انهن جي بينر تي فوڪس ڪري ڪلڪ ڪيم. ۽ نعرا
هڻندڙ هڪ ماڻهو کان پڇيم، ته هي ريلي ڇا جي باري ۾
آهي. مون کي خبر نه آهي. اهو چئي هو وري نعرن هئڻ
۾ مصروف ٿي ويو. پريس ڪلب حيدرآباد جي سامهون فٽ
پاٿ تي ڪجهه ماڻهو بک هڙتال جو بينر لڳائي ويٺا
هئا. انصاف.. انصاف... انصاف... هنن جي بينر تي
لکيل هو. ٻئي بينر تي ڳاڙهن لفظن سان لکيل هو.
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته ڇوڪريون صحافت جي شعبي ۾
اچي رهيون آهن. توهان جي اعتماد کي ڏسي يقين ٿي
ويو آهي ته، اسان جون عورتون هاڻ سماج ۾ پنهنجي
جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيون آهن.
”حڪومت ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري.“
هڪ ريلي جا فوٽو اڃا ڪڍياسون پئي ته ان جي پويان
ڪجهه ماڻهو ويل چيئرس تي اچي رهيا هئا. ٻه عورتون
به گڏ هيون اهي ”اسپيشل ماڻهو“ هئا. نٽهڻ اُس ۾
ويل چيئر تي احتجاج جا پلي ڪارڊ هٿ ۾ کڻي ويٺا
هئا.
هڪ فوٽوگرافر ڪنهن ڊائريڪٽر جيان انهن کي هدايتون
ڏيڻ لڳو. ”هاڻي هٿ مٿي ڪريو هاڻي
`v` جو نشان
ٺاهيو. هاڻي ٿورو پلي ڪارڊ کي مٿي جهليو!!
وري ٻيو فوٽوگرافر پهتو. اسان جي ميڊيا ٽيم ٿوري
ليٽ سان آئي آهي. توهان سڀ هڪ ڀيرو ٻيهر نعرا هڻو.
”معذورن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌايو.“
ناانصافي! هڪ بزرگ زور سان نعرو هنيو.
هڪ ڪئميرامين اڳتي وڌي انهن جي هڪ اڳواڻ کان ڪمنٽس
وٺڻ لڳو. ٻيو ماڻهو پريس ريليز ورهائي رهيو هو.
افراتفري ۽ جوش وارو ماحول هو. ٿوري دير کان پوءِ
روڊ خالي ٿيڻ لڳو، آءٌ پريس ڪلب جي دروازي وٽ پهتس
ته، رسيپشن تان نواز سڏ ڪيو.
”حرا! تون فري هجين ته عورتن جي هڪ پروگرام جي
ڪوريج لاءِ وڃ.“
”ڇو! عورتن جي پروگرام جي ڪوريج لاءِ عورت جو وڃڻ
ضروري آهي ڇا؟“
آءٌ سالن کان ميڊيا سان والنٽيئر رهي آهيان ۽ مون
پنهنجي پروفيشينل ڪيريئر شروع ڪرڻ وقت ئي پنهنجو
پاڻ کي هر قسم جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو
هو، نه! مون نواز کي يڪدم وراڻيو، هن کي منهنجي
مزاج جو اندازو هو. ته آءٌ پروفيشن ۾ ڪنهن به فرق
کي برداشت نه ڪندي آهيان.
ٻيا سڀ رپورٽر ٻاهر نڪتل آهن ۽ ڪجهه ٻاهر احتجاج
ڪور ڪن پيا. جيڪڏهن توکي ٽائيم ملي ته وڃجانءِ!
نواز ٿورو سنڀالي ڳالهايو. ٺيڪ آهي. ٺيڪ آهي. مون
هن جي پشيماني محسوس ڪري ورتي ۽ چيومانس ته، پريس
ڪلب جا احتجاج مون کي به ڪور ڪرڻا آهن. پوءِ آفيس
وڃي رپورٽ ٺاهڻي آهي. ان کان پوءِ ٽائيم مليو ته
هلي ويندس.
آءٌ هاڻي اهڙن روين تي ڌيان نه ڏيندي آهيان. رستن
کان اڳيان وڌي مون ڏاڪڻن تي پير رکي ڏاڪا چڙهڻ
شروع ڪيا. مٿي هال ۾ ڪا پريس ڪانفرنس ٿي رهي هئي.
هال ۾ تمام ٿورا صحافي ۽ رپورٽر موجود هئا. سامهون
صوفا تي ٻه عورتون عبايا پاتل ۽ نقاب لڳل ويٺيون
هيون. هڪ عورت ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سامهون صوفي تي
ويٺل هڪ صحافي چيو، پهرين تعارف ڪرايو.
”ها!“ عورت جو آواز هيسيل هو.
”آءٌ فرزانه ۽ منهنجي ڀيڻ فاطمه پنهنجي...“ هڪ
منٽ. هڪ ڪئميرامين هاڻي پهتو هو ان پنهنجي چئنل جو
مائيڪ ٽيبل تي لڳايو ۽ هن عورت جي ڳالهه کي ڪٽيندي
چيو ته، ”توهان ڪٿي رهنديون آهيو؟“
هن عورت وري همت ڪري مائيڪ جي ويجهو ٿي هٿ ۾ ڪاغذ
اڳيان ڪري پڙهڻ شروع ڪيائين. ”تاريخ 15 جون 2017ع
تي اسان جي والد کي قتل ڪيو ويو ۽ اسان جي گهر تي
قبضو ڪيو ويو.“
عورت بار بار سوالن کان پريشان ٿيندي پريس رليز اڌ
۾ ڇڏيندي وري سوال جو جواب ڏئي ٿي
اهو عام رويو هوندو آهي، رپورٽرس کي جلدي هوندي
آهي. ٻيو ته ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ وارا رويا اهڙا
ته مچيل آهن جو انهن کي عادت سمجهيو ويندو آهي.
مون انهن عورتن جي گهٻراهٽ کي محسوس ڪري ورتو هو.
ٿورو جلدي ڪم ڪرائي وٺ حرا! اسان کي ٻئي ڪنهن
پروگرام ۾ به وڃڻو آهي. رپورٽر روايتي جلدبازيءَ
سان چيو.
عورت وري ٿوري همت ڪري جلدي جلدي ڪاغذ رپورٽر کي
ورهائڻ لاءِ ڏنا ۽ ڪجهه ڪاغذ ٽيبل تي رکي ڳالهائڻ
لڳي، ”اسان جي چاچي، بابا کي قتل ڪرايو آهي ۽ اسان
جي گهر تي قبضو ڪري ويٺو آهي. اسين ٻن سالن کان
نانيءَ جي گهر ۾ رهون پيا. انصاف کپي. ڏوهي گرفتار
ڪرايا وڃن.“
هنن جلدي جلدي ڳالهايو. ۽ پوءِ اٿي بيٺيون. گهڻا
رپورٽر ۽ صحافي اڳ ۾ ئي اٿي چڪا هئا شايد هنن کي
ان مسئلي ۾ ڪا دلچسپي نه هئي.
پريس ڪانفرنس ۾ گهڻو ڪري ائين ئي ٿيندو آهي.
جيستائين ڪو معروف چهرو يا ڪا مشهور شخصيت پريس
ڪانفرنس ۾ نه هجي ته ميڊيا توجهه نه ڏيندي آهي. ۽
هن جي خبر به اخبار جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪالمي لڳندي، جنهن
کي مشڪل سان ماڻهو پڙهندو. آءٌ ڪانفرنس هال مان
نڪري آيس. ٻاهر ڪجهه صحافي سياسي صورتحال تي بحث
ڪري رهيا هئا.
پريس ڪلب ڄڻ ته آوازن جو شهر آهي. هر ڪنڊ مان نئون
بحث نئون آواز ٻڌبو آهي.
يار! هي بجيٽ لڳي ٿو ته حڪومت کي ٻوڙي ڇڏيندي. ٻيو
آواز نه، ائين نه آهي.
حڪومت جڏهن ناڪام ٿيڻ لڳندي آهي ته عوام کي سخت
مونجهارن ۾ ڦاٿل لڳندي آهي. وري ٽيون آواز.
آءٌ ڏاڪڻن تان هيٺ لهي گيٽ طرف وڌڻ لڳس. ٻاهر نڪتس
ته مظاهرا ختم ڪري ماڻهو ڪجهه گروپن جي صورت ۾
بيٺا هئا. ڪجهه پنهنجن گاڏين طرف وڌي رهيا هئا.
ڪجهه روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ ٽريفڪ جي بيهڻ جو انتظار
ڪري رهيا هئا. آءٌ به پنهنجي بائيڪ ڏانهن وڌيس، ته
مظاهري ۾ شريڪ هڪ عورت مون کي سڏ ڪيو ۽ نالو
پڇيائين
”آءٌ هن تنظيم جي هيڊ آهيان. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي
ته ڇوڪريون صحافت جي شعبي ۾ اچي رهيون آهن. توهان
جي اعتماد کي ڏسي يقين ٿي ويو آهي ته، اسان جون
عورتون هاڻي سماج ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي
رهيون آهن.“
مون هن ڏانهن نهاريو. هوءَ تمام سٺي لڳي رهي هئي.
ڪنهن نئين برينڊ جا ڪپڙا پاتل هئس. ڳالهائڻ وقت به
ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن ياد ڪيل تقرير جا جملا
ورجائي رهي هئي.
”مهرباني“ مون چيو ۽ پنهنجي بائيڪ اسٽارٽ ڪندي پرس
مان پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏنومانس، هن به پنهنجو
ڪارڊ مون کي ڏنو ۽ چيائين، ”تصويرن جو انتظار
رهندو. پر ڪوشش ڪري اڄ ئي موڪلي ڏجو.“
”ٺيڪ آهي ڪوشش ڪندس.“ اسان هڪٻئي کي مسڪرائي ڏٺو.
مون پنهنجي آفيس ڏانهن رخ ڪيو. آفيس پهچي نيوز روم
ڏانهن وڌيس. سب ايڊيٽر خبرن کي چيڪ ڪيو. رپورٽر هن
کي خبرون لکرائي رهيو هو. مون ان کي اڄ جي مظاهرن
۽ پريس ڪانفرنس جي باري ۾ خبرون ڏنيون. سب ايڊيٽر
رپورٽر ظهير کان هڪ خبر جي تفصيل پڇي رهيو هو.
”ظهير هي جنسي ڏاڍائي جي خبر آهي. هن جو اڃان
تفصيل گهرجي پوليس جي ڪارروائي جي باري ۾ ٻڌاءِ.
ميڊيڪل جي رپورٽ آئي آهي يا نه؟ يڪ طرفي خبر نه
هلي سگهندي.“
”سريش صاحب! اڃا سڄي معلومات نه ملي سگهي آهي.
فيڪٽريءَ جي مزدورن ٻڌايو آهي ته هڪ عورت سان جنسي
ڏاڍائيءَ جو واقعو ٿيو آهي.“ ظهير جواب ڏنو.
”وري به ڪوشش ڪر ته صحيح خبر ملي. ڪال ڪري ڏس!“
سريش سب ايڊيٽر چيو.
آءٌ ڪمپيوٽر سيڪشن طرف وڌيس ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر کان
ڊيٽا ڪيبل وٺي ڪئميرا مان فوٽوز ڪمپيوٽر ۾ ڪاپي
ڪرڻ لڳس. پريس ڪلب جي سامهون مظاهرن جا فوٽوز
سامهون آيا. مون کي هوءَ عورت ياد آئي. مون ڪارڊ
کيسي مان ڪڍيو. منهنجون نظرون ڪمپيوٽر جي اسڪرين
تي هيون. مون عورتن جا فوٽوز سليڪٽ ڪري
USB ۾ Save
ڪيا.
ڪجهه موبائل ۾
Save ڪرڻ لاءِ ڊيٽا
ڪيبل موبائل ۾ لڳايم ته Msgs
تي نظر پئي. نمبر Save
نه هو، پر مسيج مان اندازو ڪيم
ته اها ساڳي عورت آهي جنهن کي مون پنهنجو ڪارڊ ڏنو
آهي.
موبائل ۾ ڊيٽا ڪيبل ڪنيڪٽ ڪري فوٽو
Save ڪرڻ لڳس ته خبر
پئي ته موبائل جي اسٽوريج ۾ وڌيڪ فوٽوز جي گنجائش
ئي نه هئي. مون ڪيبل واپس ڪڍي ۽ فوٽوز USB
۾ Save ڪري
ڇڏيا. ڪجهه گروپ فوٽوز ڪمپيوٽر آپريٽر کي ڏنا ته
جيئن هو نيوز ايڊيٽر کي خبر سان گڏ ڏئي ڇڏي.
آءٌ ڪئميرا پيڪ ڪري اٿيس ۽ نيوز روم مان گذرندي
ڏٺم ته سب ايڊيٽر اخبار جي هيڊنگ ٺاهي ورتي هئي.
نيوز ايڊيٽر خبرن جي سليڪشن مڪمل ڪري رهيو هو.
ڪهڙي خبر پهرين صفحي تي لڳندي ۽ ڪهڙي خبر هيڊ نيوز
ڪري هلائڻي آهي. ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي سياستدانن
جي آجيان لاءِ ڪيل مظاهري جي خبر هيڊلائن تي هئي.
باقي خبرن جي جاءِ طئه ٿي رهي هئي. پريس ڪانفرنس ۽
ٻيا مظاهره اندرين صفحن ۾ لڳي رهيا هئا. آءٌ آفيس
جي فون طرف وڌيس ۽ هن جو نمبر ملايم، ڪارڊ تي جيڪا
ايڊريس لکيل هئي اها منهنجي گهر جي رستي ۾ هئي. ان
لاءِ سوچيم ته فوٽوز گهر پهچائڻ ڏکيو نه ٿيندو.
حالانڪه پروفيشنل لائيف ۾ انهن مهربانين جي ڪا
گنجائش نه هوندي آهي. پر مون کي هن عورت جي جدوجهد
مقصد ۽ ڳالهائڻ سٺو لڳو هو. انڪري ان کي ڪال ڪيم.
ڪال رسيو ٿي ته چيم ”ميم موبائل مان فوٽوز
send نه پيا ٿين.
توهان پنهنجي گهر جي ائڊريس ٿورو سمجهائجو. جيڪا
ائڊريس ڪارڊ تي لڳل آهي اها منهنجي گهر جي رستي ۾
ئي آهي.“
ڳالهائڻ دوران مون ڪارڊ تي نظر وڌي ته مخاطب ٿيڻ
لاءِ نالو ڏسي وٺان. نالو ”مسز شيخ“ لکيل هو.
۽ فون مان آواز اچي رهيو هو ته: ”ها توهان ان
لوڪيشن تي پهچي پوءِ پاڙي مان ڪنهن کان به زاهد
شيخ صاحب ۽ وحيد شيخ صاحب جو گهر پڇندا ته توهان
کي هر ڪو ئي ٻڌائيندو.“
هن جو آواز ڄڻ ته گهڻو پري کان اچي رهيو هو.
مون کي آفيس کان سندس گهر تائين جو فاصلو گهڻو
وڌندي محسوس ٿيو ۽ پنڌ تمام طويل ۽ وڏو لڳڻ لڳو!
گل ڪونڌر
بِيبِي نِرمَل
اسڪُولَ جَي معائني دوران،
ڪلاس روم جَي دروازي تي پهتاسين، هُوءَ بليڪ بورڊ
تي لکي رهي هُئي، سندس ڪارا وارَ، اسڪارف کي پار
ڪندي، چيلهه کي ڇُهي رهيا هئا. مُعائنا جماعت جو
احساس ٿيندَي، شاگردن بيهي سلام ڪيو، اسان ڏانهن
ڌيان ٿِيُسِ، مُڙِي سلام ڪيائين. هيڊ مسٽريس
ٻڌايو؛ ”هي بِيبِي نِرمَل آهي، اسڪول جِي اها
ٽيچر، جيڪا ڪو به ڪلاس ڏيڻ تي، خوشيءَ سان کڻندي
آ، هَرِ مضمون پڙهائڻ لاءِ تيار رهندي آ، سڀني
سبجيڪٽس تي کيس عَبُور حاصل آهي، ماشاالله ڏاڍي
محنت ڪندي آهي ٻارن تي.“
هيڊ مسٽريس جِي ڳالهه ٻڌي چيائين؛ ”سر مُنهنجو فرض
آهي، ته جيڪو ڪلاس مِلَي، ان تي راضي رهان ۽ ٻارن
کي دل سان پڙهايان، نوڪري مُنهنجِي روزي آهي،
ايمانداريءَ سان نه ڪنديَس، ته ضَميرُ مَلامت ڪندو.“
سندس ڳالهه وڻي، چَيُمِ؛ ”ضَميرُ تڏهن ملامت ڪندو، جڏهن احساسُ هوندو،
اڄڪلهه اڪثريتَ ذميواريءَ کي محسوس نه ٿي ڪري، نه
ئي هر ڪنهن وٽ فرض کي سمجھڻ جو فَهمُ آهي.“
ٻئي اسڪول جي مُعائني دوران ڪلاس کان غير حاضر، استاد جا دليل ياد اچڻ لڳا، چئي پيو؛
”سائين آئون اسڪول ۾ موجود هُيس، پِيريَڊُ جو بيل
لڳڻ وقت مهمانُ اچي ويو، ان ڪري ڪلاس ۾ نه اچي
سگھيس. اتفاق سان ڪلاس نه ٿيو ته ڪهڙو ڀونچال اچي
ويندو، ٻارن هڪ پيريَڊ نه پڙهيو، ته ڇا ٿي پيو..!“
هيڊ مسٽريس پاران بِيبِي نِرمَل جِي
تعريف، سندس
ذميواريءَ سان ڪمٽمينٽ، ڳالهائڻ جي انداز ۽
اخلاق بيحد متاثر ڪيو. سڀيئي ڪلاس وزٽ ڪري آفيس ۾
ويٺاسين، رِسيس دؤران ڪجھ ٽيچرس ميڊم جي آفيس ۾
آيون، هُوءَ به انهن ۾ شامل هُئي، ساڻن تعليم جي
بهتريءَ سان گڏ، ذاتي حوالي سان به گُفتگو ٿي.
بِيبِي نِرمَل سان ڪِيُوٽِ ۽ اَيڪِٽِوِ، ننڍڙي
ڌيءَ به ساڻُ هُئي، پڇڻ تي ٻڌايائين، کيس ٻن
نياڻيُن جو اولاد آهي، سندس گھرُ اسڪول کي ويجھو
آهي.
بِيبِي نِرمَل جَي مِزاجَ مَوهَي وِڌو، دل چاهيو
ته ساڻس الاهي ڳالهيون ڪريان،
سندس ننڍڙيءَ
جا ٻاتا ٻَولَ ٻڌان، پر سرڪاري حيثيت کي
نظر ۾ رکندَي، ميڊم سان اسڪول جي انتظامي ۽ تعليمي
معاملن تي ڳالهائي، ٽيم سان گڏ، پنهنجي آفيس اچي
ويس. سپرنٽينڊنٽ غوري صاحب فائيل اڳيان رکي ويو،
اڪائوٽنٽ مالي معاملات ڊسڪس ڪري، هدايات وٺي
پنهنجي ڪم سان وڃي لڳو. اڪيلو ٿيس ته محسوس ڪيم،
منهنجو رُوحُ اڃا اسڪول ۾ اَٽڪِيَل آهي، بِيبِي
نِرمَل جَي ڪلاس ۾ وڃڻُ، سندس هيڊ مسٽريس جي آفيس
۾ اچڻ ۽ واٽر ڪُولرَ ڀرسان گاڏيءَ ۾ ويهڻ، جتي
بِيبِي نِرمَل ننڍڙيءَ کي پاڻي پياريندي نظر آئي،
سڀ منظر اکيُن اڳيان ڦرڻ لڳا. اهڙي ڇِڪَ هر عورت ۾
ناهي هوندي، روز ڪيتريُن مايُن سان مُکا مَيل
ٿيندو رهي ٿو، مُنهنجَي نوڪريءَ جِي نوعِيَتَ اهڙي
آهي.
بِيبِي نِرمل جو رَوَيو، اخلاقي رَمزَ نه ٿي
وِسرَي، سوچيان ٿو اهو اخلاقي حوالي سان بهتر
ناهي، آئون تعليم کاتي جو آفيسر آهيان، ڪيترا ئي
ملازم آهن، ڪنهن کي ياد ڪندس، ڪنهن لاءِ پُورَ
پَچائيندس، ايئن ڪرڻ سان فرضن ۾ ڪوتاهيءَ جو
اِمڪانُ آهي. ان ڪري ارادتن بِيبِي نِرمَل کي
وسارڻ چاهيُم، ۽ ڪجھ هفتن ۾ کيس دل تان لاهي
ڇَڏيُم.
جلديءَ ۾ ئي پروموشن ٿيو، پوسٽنگ ٻئي ضلعي ۾ ٿي ويئي، وقت پنهنجي رفتار سان
هلندو رهيو، ڪجھ سالن تائين ٻَٽنِ ضلعن ۾، ڊسٽرڪٽ
آفيسر رهڻ کان پوءِ، اڃا مٿئين گريڊ ۾ ترقي ماڻي،
ڊائريڪٽر بڻجي ويس. انٽرڪام تي پرسنل اسسٽنٽ چيو؛
”سر آپا تسنيم اوهان سان ملڻ چاهي ٿي.“
ياد نه آيو ڪهڙي آپا تسنيم..! پي اي کي چيم؛ ”کيس
اندر اُماڻيو.“
آپا کي ڏسي سڃاڻي ورتُم، تسنيم اُها هيڊ مسٽريس
هُئي، جنهن بِيبِي نِرمَل جو تعارف ڪرايو هو، سندس
هٿن ۾ رٽائرمينٽ جي ڪاغذن وارو فائيل هُيو. کيس
خَيرَ سان سروس پُوري ڪرڻ جِي مبارڪ چيم، ساڻس
حالي احوالي ٿيُس،
ڪاغذن تي
ڪارروائي ڪرائي ڏِنِي مانس، ويندي ويندي
کانئس بِيبِي نِرمَل بابت
پڇيم،
ٻڌايائين؛ ”نِرمَل مون کان هيڊمسٽريس جِي
چارج ورتي آهي، سندس ساڳيو دل لڳيءَ سان پڙهائڻ جو
سلسلو جاري آ، وقت جِي پابند ۽ ايمانداريءَ سان
ڊيوٽي ڏيڻ جِي اڄ به قائل آهي، پر سندس گھروارَي
جو انتقال ٿيڻ ڪري، پريشان رهڻ لڳي آ.“
اها خبر ٻُڌي افسوس ٿيو، آپا ويئي هلي، ذهن تي ٻه
سال اڳُ، زالَ گذارَي وڃڻ کان پوءِ جو،
وايَومَنڊَلُ ڦِرڻ لڳو. ڪيئن نه هِڪَ فَردَ جَي
وفات سان سڀ رشتا، ناتا، رَوَيا ۽ ماحولُ تبديل ٿي
وڃي ٿو. گھرواريءَ جي انتقال جو بيحد ڏک ٿيو، وقت
سان زخم ڀرجڻ لڳا، سندس مَٽُ مِلَڻُ ناممڪن
هُيو، هُوءَ
مون کي ننڍي ٻار جيان سنڀاليندي
هُئي، ٻي ڪا
عورت اهڙي زال ٿي سگھندي؟ ذهن مڃڻ لاءِ
تيار نه هُيو.
گھرواريءَ جي وفات کان پوءِ، نُنهُن ۽
ننڍي نياڻِي،
وَسَ آهَرِ خيال رکنديون رهيون، مُنهنجَي
شادي شده نياڻيُنِ جو رايو هئو، ته آئون اڃا
ٽيونجاهه سالن جو آهيان، مون کي ٻين شادي ضرور ڪرڻ
گھرجي. خيال مُنهنجو به اهو ئي هُيو، مان ته
پندرنهن سال اڳ، گھرواريءَ جَي حياتيءَ ۾
ئي، ”نِرمَلا“
سان شادي ڪرڻ جو رڳو سوچيو نه هو، پر امان
بابا کي راضي ڪري، نِرمَلا جَي گھر وٺي ويو هُيس،
سندس رشتو گھرڻ لاءِ.
نياڻيون شاديءَ لاءِ چونديون رهيون، آئون به رشتي
جي تلاش ۾ هُيس، بِيبِي نِرمَل جِي ڳالهه ٻُڌمِ،
سندس گَھرُو حالتن جو پَتَو پيُم، دل اُنَ ڏانهن
مائل ٿيڻ لڳي. آپا تسنيم هڪ ٻه دفعو پوءِ به آئي،
کانئس بِيبِي نِرمَل ۽ سندس ٻارڙن جو حال احوال
ورتم، باقي ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش جو، اظهارُ نه
ڪَيُم.
آپا تسنيم کان نِرمَل جو موبائيل نمبر وٺڻ بدران،
ٻئي ذريعي سان هٿ ڪَيُم، ڪيترائي دفعا کيس فونِ
مِلايَم، پر بِيبِي نِرمَل اڻڄاتل نمبر تان ڪال
اٽينڊ نه ڪئي. ايس ايم ايس ڪري پاڻ بابت ٻڌايو
مانس، پنهنجِي پوسٽ ۽ ذات کي مخفي رکيُم، پر نه
ڳالهائي نه ڳالهايائين. ڪڏهن بي ڌيانيءَ ۾ ڪال
اٽينڊ ڪري وٺندي هُئي، آئون هيلو هيلو ڪندو هُيس،
پر هُوءَ جواب
ڏيڻ بجاءِ، ڪال ڪَٽَي ڇڏيندي هُئي. آئون لاهَي
پاهَي بِيٺُس، نيَت ۾ چڱائي هُئي، کيس تنگ
ڪرڻ لاءِ ايئن نه ٿَي ڪَيُمِ، چاهِيُم ٿَي ساڻس
شادي ٿِي وڃي، ته آئون به سُک ماڻيندس، هُن کي به
ٻارڙن سميت بهتر ماحول ملندو. چڱو وقت ايئن گذريو،
بِيبِي نِرمَل فون نه کڻندي هُئي، آئون فون ڪرڻ
کان نه مڙندو هُيس.
بِيبِي نِرمَل جو مُڙسَ جَي مائٽن سان، سندس
حياتيءَ ۾ تعلق ختم ٿيل هو، کيس ڀاءُ نه هُيو، ڀيڻ
عجيب طبيعت واري هئڻ ڪري، هئڻ نه هئڻ جي برابر
هُئي. هُوءَ
شريف مائي ڪنهن سان، مُنهنجي شڪايت ڪرڻ
مناسب نه پيئي سمجھي، آئون به هُن سان بداخلاقي نه
ڪندو هُيس، بس مرضي هُئي ته شاديءَ لاءِ راضي ٿي
وڃي. ريسپانس نه ڏنائين ته اَٽڪَلَ سُجھي آئي،
جنهن سان هُوءَ سُٺي عورت هئڻ ڪري، لاچار ٿِي ضرور
ڳالهائيندي. اها ٽِرڪَ هُئي، سندس موبائيل نمبر تي
ايزي لوڊ اُماڻي، ايس ايم ايس ڪري ڇڏڻ.
في الحال مُنهنجي ان عمل تي، ڪو ردِ عمل نه
ڏنائين، پر آئون نه مُڙيس، نيٺ مُنهنجو هلايَل
حَربَو ڪامياب ويو، هُوءَ مون کي مُسَلسَل ايئن
ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ، ڳالهائڻ تي مجبور ٿي ويئي. هُن
ٻه ٽي دفعا رُکو ڳالهايو، هَلڪَو سَلڪَو داٻو پڻ
ڏنائين، پر مُنهنجَي سُٺي رَوَيي ۽ احترامَ کان
متاثر ٿَي، اِنَ شرط تي ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ته
آئون کيس ايزي لوڊ نه اُماڻيندس، مون سندس شرط
قبول ڪري ورتو.
بِيبِي نِرمَل کي خبر هُئي ته آئون، ساڻس شادي ڪرڻ چاهيان ٿو، مون
ميسيجز ۾ هُن کي ٻڌائي ڇڏيو هو. هُوءَ فون تي
ڳالهائڻ لڳي، هوريان هوريان موبائيل وارِي ملاقات
جو وقت وڌڻ لڳو، مُنهنجِي نَيڪ نِيَتي ۽ بيحد
احترامُ کيس متاثر ڪري ويو، مون تي اعتبارُ ٿيس،
ته اندرَ جا حال اورڻ شروع ڪيائين. بِيبِي نِرمَل
سان بَي تڪلفي وڌي ته ڪنهن به موضوع تي، دل کولي
ڳالهائڻ لڳاسين. اقرار ڪيائين ته مُنهنجي ساٿ سان،
سندس زندگيءَ ۾ خوشگوار تبديلي اچڻ لڳي آهي.
بِيبِي نِرمَل کي پَنهنجِي ذات، گھر ٻار ۽ نوڪريءَ
بابت ٻڌائي ڇڏيو اٿم، آئون ڏاڍو خوش آهيان، آفيس
هجان، گھر اچان، شهر کان ٻاهر وڃان، هُوءَ هر وقت
رابطي ۾ رهڻ لڳي آهي، ايئن شادي ٿيڻ کان اڳ ئي
هُن، مُنهنجي زندگيءَ جو اسٽيئرنگ سنڀالي ورتو آ. |