سوچ ويچار
پڙهندڙ ساٿيو!
ماهوار ”سرتيون“ آڪٽوبر 2019ع جو شمارو اوهان جي
هٿن ۾ آهي. هي پرچو ڪيئن آهي؟ اوهان پنهنجي راءِ
کان ضرور آگاهه ڪندا ڇو ته اوهان جون تجويزون،
صلاحون ۽ تنقيدون وڏي معنى ٿيون رکن. ايڊيٽر ۽
پڙهندڙن جو هڪٻئي سان ذهني لاڳاپو هجڻ يقينن مثبت
نتيجا ڏئي ٿو ۽ ڏينهون ڏينهن ”سرتيون“ ۾ نوان نوان
موضوع زير بحث ايندا رهن ٿا.
اسين ”سرتيون“ ۾ لکندڙن جا به ٿورائتا آهيون جو
سندن دلچسپي سبب گذريل 29 سالن کان رسالو شايع
ٿيندو رهي ٿو.
مان جڏهن ماهوار ”سرتيون“ لاءِ ايڊيٽوريل لکڻ
ويهندي آهيان ته مون کي دنيا جي عظيم ليکڪ فلابرٽ
گستاو جا هي جملا ذهن تي تري ايندا آهن ته ”مان
تڪڙ ۾ ائين لکندو آهيان ڄڻ ته هينئر پريس کي ڪاپي
ڇپائڻ لاءِ موڪلڻي هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ صفحو لکڻ
لاءِ اٺ ڏينهن لڳي ويندا هئا.“
هو چاهيندو ته سندس لکڻي ڪنهن به شيءِ، جاءِ، حالت
يا شخص جي لاءِ اظهار جو مڪمل ذريعي هجي. هو جيڪا
به شيءِ لکندو هو انهي کي آواز سان پڙهڻ جي پرک تي
پورو لهڻو پوندو هو جيئن سندس فقرن جو ترنم ۽ چرپر
مڪمل ڏسڻ ۾ اچي. هو چوندو هو ته: ”ڪوبه فقرو درست
تڏهن ليکجڻ ۾ ايندو جڏهن اهو ساهه کڻڻ جي سڀني
ضرورتن جي مطابق هوندو. خراب جملو سيني تي بار
هوندو آهي، دل جي ڌڙڪن ۾ رڪاوٽ وجهندو آهي، انهي
ڪري بي جان هوندو آهي.“
سو منهنجي به ”سرتيون“ لاءِ 29 سالن کان ڪيل خدمت
من صاب پوي. پڙهندڙن جو هڪ تعريفي جملو هڪ نئون
خيال، ڪا نئين فرمائش سچ پچ ته جيئاري ڇڏيندي آهي
اهو ئي سبب آهي جو ڏينهون ڏينهن ليکڪ عورتن/ڇوڪرين
جو تعداد وڌندو رهي ٿو. هي رسالو گهٽُ ۽ ٻوسٽ واري
ماحول ۾ هڪ هوادار دريءَ جو ڪم ڪندو رهي ٿو، ڇو ته
سماج ۾ جيڪي منفي عنصر ۽ گناهه/ڏوهه روز بروز وڌي
رهيا آهن، تنهن سبب هڪ بي سڪوني ۽ بي چيني وڌي رهي
آهي. هرڪو پاڻ کي غير محفوظ پيو سمجهي. ۽ ملڪ جا
تعليمي ادارا پڻ انهن ڏوهن جو شڪار ٿي رهيا آهن.
جيئن نمرتا جو هيبتناڪ قتل انهي واقعي ته سڄي سنڌ
کي لوڏي ڇڏيو آهي ته هڪ اهڙو شهر جتان ٻه وزيراعظم
چونڊجي آيا ۽ اتر سنڌ جو سڀ کان پراڻو چانڊڪا
ميڊيڪل ڪاليج جنهن ۾ قائم ڪيل بيبي آصفه ڊينٽل
ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي پوزيشن کڻندڙ نياڻي
نمرتا سان هيڏو هاڃو ٿيو. حقيقت ۾ هي درد هڪ نمرتا
جي ڪٽنب جو ناهي ڇو ته نمرتا سنڌ جي نياڻي آهي،
انڪري اسين سمجهون ٿا ته هي پوري سنڌ جو سانحو
آهي، انڪري سرتيون جي پليٽ فارم تان سنڌ سرڪار کي
گذارش ڪجي ٿي ته وڌيڪ اڳڀرائي ڪري ڊاڪٽر نمرتا
ڪماري جي اصلي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ
قدم کڻي.
سرتيون ”بابا خاص نمبر“ تي ڪم هلندڙ آهي، جيڪي
ليکڪ/ليکڪائون مضمون موڪلي نه سگهيا آهن اهي جلد
کان جلد مواد موڪلي ٿورائتو ڪن.
گلبدن جاويد
ذوالفقار قادري
23
آڪٽوبر بيگم نصرت ڀٽو
جي وفات جو ڏينهن
بيگم نصرت ڀٽو اصل ۾ ايراني ڪرد نسل سان تعلق
رکندي هئي.
شادي کان پهرين هوءَ
نصرت اصفهاني جي نالي سان سڏي ويندي هئي.
23 مارچ 1929ع تي ايران جي سهڻي شھر اصفهان ۾ جنم
وٺندڙ نصرت اصفهاني جڏھن موئن جي دڙي جي مٽي سان
تعلق جوڙيو
ته
وفا ۽ قرباني جو پيڪر بڻجي وئي.
هونئن
به
ڪردن ۾ بهادريٖ حوصلو،
قرباني،
پيار ۽ سونهن ڀريل هوندي آھي،
پر هتي
ته
معاملو ئي ٻيو هو.
ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي نوابي گهراڻي سان تعلق
رکندڙ سهڻي، ستابي، غير معمولي ذهانت رکندڙ شخص جي
زندگي ۾ ڪيئي حسين چهرا آيا جن ڀٽو کي روئاريو ته
وري ڀٽي انهن کي
به
رئاريو. ڀٽو ممبئي
جي ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ پڙهندڙ ڇوڪري ثريا لاءِ به
رنو، جنهن جي تعلق جي خبر جڏهن ثريا جي مالڪن کي
پئي ته مورڳو ثريا جو اسڪول ئي تبديل ڪري ڇڏيائون.
ڀٽو ان ابهم پيار جي وڇوڙي ۾ آخر ايڏو دلگير ٿيو،
جو ان سال امتحان ئي پاس نه ڪري سگهيو. پوءِ جلد
پاڻ کي سنڀالي ورتائين ۽ ڊبل امتحان ڏئي، گذريل
وقت کي سهيڙيائين.
سر شاهنواز ڀٽو جهڙي نواب کي جڏهن پنهجي پٽ جي
اهڙي دل جي روڳ جي خبر پئي ته سر شاهنواز ڀٽو نئون
ديرو شھر جي ڌڻي ۽ پنهنجي سؤٽ نواب احمد خان ڀٽو
کان سندس نياڻي شيرين امير بيگم جو سڱ گهري ورتو.
نواب احمد خان به انڪار نه ڪري سگهيو. شادي واري
ڏينهن شادي کان بيخبر ڪرڪيٽ جي ميدان تي راند ڪندڙ
چوڏهن ورهين جي ذلفي ڀٽو کي پيءُ نياپو ڪيو ته تو
لاءِ هڪ ولايتي بيٽ گهرائي آهي، اچي ڏس. ذلفي ڀٽو
بيٽ ڏسڻ جي شوق ۾ جڏهن پيءُ وٽ پهتو ته ڪاڄ ۽ نڪاح
پڙهائيندڙ مولوي اڳ ئي موجود هئا،
سو 14 سالن جي ذلفي ڀٽو جو نڪاح پاڻ کان عمر ۾ ڇهه
سال وڏي، 20 ورهين جي شيرين امير بيگم سان پڙهايو
ويو. اهڙيءَ
طرح ذلفي ڀٽو جي شيرين امير بيگم سان شادي ٿي وئي.
پوءِ
جلد ئي ذوالفقار علي ڀٽو تعليم واسطي
ممبئي
موٽي ويو. جڏهن جواني ۾ قدم رکيائين ته سندس رهائش
ممبئي
جي وَرلي واري علائقي ۾ هئي. وري ذلفي جا اهي
ڏينهن به هئا جڏهن پيلو مودي،
جهانگير ۽ ٻين دوستن سان گڏ بالي ووڊ جي سير سپاٽي
تي هليو ويندو هو. موهن اسٽوڊيو
ممبئي
جا اهي ڏينهن به ذلفي ڀٽو جا يادگار
ڏينهن
هئا جڏهن ننڍي کنڊ جي جڳ مشهور موسيقار نوشاد جي
تيار ڪيل گيتن تي هندستان جو مشهور ڊانسر ماسٽر
لڇو مهاراج،
مڌو بالا کي ڊانس جي سکيا ڏيندو هو. ذلفي جا اهي
ڏينهن مڌو بالا جي ديدار ۾ گذرندا هئا. مڌو بالا
به ڀٽي تي موهت هئي، فلم
جي
شوٽنگ بعد سندن ڪچهريون ٿينديون هيون،
پر ذوالفقار علي ڀٽي جي ذهن ۽ دل تي ڪو ٻيو چهرو
ڇانيل هو. انهن ڏينهن ۾ بغداد سوپ فيڪٽري جي مالڪ
جي ڌي نصرت اصفهاني جڏهن هڪ ڏينهن پنهنجي سهيلي ۽
ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ منور الاسلام سان گڏ
کنڊاوالا جي تفريحي مقام تي گهمڻ آئي ته ذلفي
پنهنجي ڀيڻ کان معلوم ڪيو ته هي ڇوڪري ڪير هئي.
منور الاسلام کيس ٻڌايو ته هي ايراني ڪرد فيملي
سان تعلق رکندڙ منهنجي سهيلي نصرت اصفهاني آهي،
سندس والد جو ڪراچي ۽
ممبئي
۾ ڪاروبار آهي. ٻئي دفعي جڏهن ذلفي ڀٽو، نصرت
اصفهاني کي ڪاليج ۾ ڏٺو ته هو ڪاليج جي گرلز فنڪشن
۾ گرلز گائيڊ جي آرمي واري وردي ۾ هئي ۽ سندن
پاسنگ آئوٽ پريڊ هئي. بس پوءِ ته ذوالفقار علي ڀٽو
پنهنجي ڀيڻ منور الالسلام جي پويان پئجي ويو ته ان
ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ڪراءِ.
هڪ ڏينهن نصرت اصفهاني بينڪ مان پئسا ڪڍرائڻ
يا لاڪر مان زيور کڻڻ
وئي
ته
ڀٽو اڳ
ئي
بينڪ ۾ موجود هو.
ذلفي
وڃي نصرت کي چيو،
مان اوهان جي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو.
نصرت سخت لهجي ۾ کيس چيو
نه!
اوهان جي مهرباني.
هڪ ڏينهن
منورالاسلام پنهنجي ساهيڙي
نصرت کي ٻڌايو
ته
سندس ڀاءُ
ذلفي
ساڻس شادي ڪرڻ ٿو چاهي
۽
کيس اهو
به
ٻڌايائين
ته
سندس ڀاءُ
پهريان
کان شادي شده آھي.
نصرت کيس چيو هونئن مان سوچيان ها،
پر هاڻي
ته
صفا
شادي
نه
ڪندس.
پر آخر 8 سيپٽمبر
1951ع تي تقدير ذلفي ڀٽو ۽ نصرت اصفهاني کي جيون
ساٿي بڻائي ڇڏيو.
بيگم نصرت ڀٽو ۽ ذلفي ڀٽو جي نڪاح جا شاهد ڪريم
داد جوڻيجو ۽ الاهي بخش سومرو بڻيا ۽ نصرت اصفهاني
مان هوءَ بيگم نصرت ڀٽو بڻجي وئي.
بيگم نصرت ڀٽو هڪ تاريخساز شخص جي وني بڻجڻ بعد
پاڻ به تاريخ بڻجي وئي.
ايوبي آمريت وارن ڏينهن کان ويندي خاتون اول بڻجڻ
تائين هوءَ هڪ تحريڪي ڪردار سان گڏ حوصلي واري
خاتون رهي. ضيائي آمريت وارن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي
ڀٽو جي قيد وارن ڏينهن کان ڦاسي تائين ۽ پنهنجي ور
جي ڦاسي بعد جنرل ضياء جي مرڻ تائين بيگم نصرت ڀٽو
مارشل لا جو وڏي جرئت سان مقابلو ڪيو. قذافي اسٽيڊيم
۾ زخمن کائڻ باوجود هوءَ آمريت سان مهاڏو اٽڪائي
بيهي رهي. المرتضيٰ هائوس 70 ڪلفٽن،
ڪراچي سينٽرل جيل ۽ سهالا پوليس ڪيمپ
۾ قيد ڪاٽڻ باوجود هن حوصلي ۽ بهادري سان عوامي
قافلي جي قيادت ڪئي.
ڦاهي گهاٽ جي آخري ملاقات دوران جڏهن ذوالفقار علي
ڀٽي کيس چيو:
”تو
وڏيون تڪليفون ڏٺيون، عذاب سٺا
آهن.
جيڪڏهن
مون کان
ڪا تڪليف ڪو رنج
پهتو
هجئي
ته
معاف ڪري
ڇڏجانءِ“.
نصرت ڦاهي گهاٽ جي شيخن
پويان واڙيل ڀٽي آڏو نير وهائي ويٺي ۽ چيائين ته:
”تون
ته منهنجو تاج ۽ سرتاج آهين،
جيستائين نصرت
جيئري آهي، نڀائيندي.“
واقعي پرڏيهه مان اچي سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام سان
جڙي ويندڙ بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت پسندن سان نڀايو.
مرتضيٰ ۽ شاهنواز جهڙن ڪونڌر پٽن جا لاش دفنائڻ،
بينظير جهڙي ڌيءُ
جو
وڇوڙو
سهڻ ڪا سولي ڳالهه ڪونهي. مير مرتضى
ڀٽو جي شھادت بيگم نصرت ڀٽو کي نهوڙي ڇڏيو.
پوءِ
ھو هڪ زنده لاش بڻجي وئي.
آخر 23 آڪٽوبر 2011ع تي هي بهادر خاتون لاڏاڻو ڪري
وئي.
بيگم
نصرت ڀٽو
جو مون
سان مئي 1979ع کان ويندي 20 سيپٽمبر 1996ع مير
مرتضى
ڀٽو جي شھادت تائين سترهن سال شفقت وارو تعلق
رهيو، ان بعد هن
جي صحت ان
قابل ئي
نه
رهي،
جو
پاڻ
ڪنهن سان ملي سگهي يا ڳالهائي سگهي.
ساڻس
اهو طويل عرصو رهندڙ تعلق منهنجي زندگي جو اثاثو
آهي. بيگم نصرت ڀٽو صرف بينظير،
مرتضى،
شاهنواز ۽ صنم
جي امڙ
نه
هئي،
پر هر ورڪر کي اولاد جيان سمجهندي هئي.
بيگم نصرت ڀٽو ۽ منهنجي ماءُ
ٻئي اهلِ
تشيع هيون،
پر مون ٻنهي ۾ هڪ ڳالهه
مشترڪا ڏٺي
ته
ديوبندي،
بريلوي،
سک،
هندو
۽
عيسائي هنن وٽان شفقت،
پيار ۽ پنهنجائپ وٺي ويندا هئا.
منهنجي امڙ جڏھن بيگم نصرت ڀٽو کي پنهنجي گهر ۾
منعقد ٿيندڙ
بيبي زينب جي مجلس جي دعوت موڪليندي
هئي ته
بيگم نصرت ڀٽو
منهنجي گهر اچي منهجي امڙ سان هيٺ پٽ تي ويهي
رهندي هئي.
هڪ دفعي بيگم نصرت ڀٽو گهر آئي
ته
امڙ کيس سنڌ جو
روايتي
کاڌو
پلي،ٖ
ساڳ،
بهه،
مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني،
تريل مڇي ۽ لسي پيش ڪيا
ته
بس پوءِ
بيگم نصرت ڀٽو جڏھن
به ايندي هئي ته
اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيندي هئي
ته
مان ماني اوهان جي گهر کائيندس.
بيگم نصرت ڀٽو کي ڪنهن شيءِ
جي ڪمي
نه
هئي.
هو هڪ وزيراعظم (سر شاهنواز ڀٽو) جي ننهن،
ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي وزيراعظم جي شريڪ حيات ۽
بينظير ڀٽو جهڙي وزيراعظم جي ماءُ
هئي.
پر هن جو اهڙيءَ
طرح ھڪ ڪارڪن جي گهر ۾ اچي ويهڻ ۽ حجت واري انداز
۾ ماني کائڻ جو چوڻ سندس غريبن سان محبت جو کليل
اظھار
آهي.
هاڻي
هن دنيا ۾
نه
بيگم نصرت ڀٽو آھي
نه
ئي منهنجي امڙ حال حيات آھي.
مولائي ڪائنات ٻنهي کي جنت
الفردوس
۾ جاءِ
ڏئي.
(آمين)
|