شگفته شاهه
اکيون پسي آئيون...
فن جو سفر 1984ع
آئون مصوريءَ ڏانهن انڪري مائل ٿيس جو ننڍپڻ کان
ئي مون اَميءَ ۽ ننڍي ماسيءَ کي مشين تي سهڻو ڀرت
ڀريندي ڏٺو. ٻئي ان ڪم ۾ ماهر هيون. اَمي اسان کي
سهڻن گلن وارا ڀرت ڀريل ڪپڙا پارائيندي هئي، جيڪي
سڀني کي وڻندا هئا. ننڍي ماسي ڪپڙن کانسواءِ پلنگن
جي چادرن ۽ وهاڻن جي ڇَون تي به ڀرت ڀريندي هئي.
ناناڻي ڳوٺ ۾، ناناڻي حويليءَ جي وڏي هال ۽ ننڍي
ڪمري ۾ پيل پلنگن تي ننڍي ماسي (جنهن کي اسين ڇوٽي
امان چوندا هئاسين) جي مشين سان ڀرت ڀريل چادرون
وڇايل هونديون هيون. هوءَ سهڻن گلن ۽ بيلن
کانسواءِ سهڻا منظر به ڀرت سان ڀريندي هئي خاص ڪري
هڪ منظر ته اسان سڀني جو فيورٽ هوندو هو. وڻ جي ٿڙ
ڀرسان هڪ ساڙهيءَ ۾ ملبوس عورت ستار ويٺي وڄائي ۽
ڀرسان درياءَ جي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ ترندڙ بدڪون،
وڻ جي ٽارين تي ويٺل پکي ۽ وڻ جي ٿڙ پويان جهاتي
پائيندڙ ٻه هرڻيون وجد ۾ اچي کيس ڏسي رهيون آهن.
اهو پورو منظر ايترو ته خوبصورتيءَ ۽ نفاست سان
مشين جي ڀرت سان ڀريل هوندو هو، جو خود آرٽ جو
نمونو هوندو هو. پلنگ جي چادرن جي ڪنڊن ۽ وهاڻن جي
ڇَون مٿان اهو منظر هر بار ساڳي اُڪير ۽ مهارت سان
ڀريل هوندو هو. ڀرت ڀرڻ لاءِ ڀرت جي ڊزائن ۽ سهڻن
منظرن وارا ڪيئي ڪتاب، ڪاربان پيپر ۽ ٽريسنگ پيپر
۽ پينسلون ننڍپڻ کان ئي مون آسپاس ڏٺيون. اڪثر
آئون اُنهن ڪتابن مان گل، وليون ۽ منظر ڏسي پنهنجي
ڊرائنگ ڪاپي تي ٺاهي انهن ۾ رنگ ڀريندي هيس. يعني
منهنجي اندر اهو اُتساهه اَمي ۽ ڇوٽي اَمان جي ڀرت
ڀرڻ سبب پيدا ٿيو هو. مون به اَميءَ کان ڀرت ڀرڻ
سکيو ۽ ان دور ۾ پنهنجن چولن تي ستارن سان ڀرت
ڀريا ته ٻئي پاسي رنگين ڌاڳن سان خوبصورت منظر،
ڪارٽون ۽ گل ٻوٽا ننڍن ننڍن ڪپڙن جي ٽڪرن تي ڀري
رکندي هيس، جيڪي ايڏا ته خوبصورت هوندا هئا جو
اڪثر مٽ مائٽ کڻي ويندا هئا. افسوس جو مون وٽ اڄ
صرف هڪ نشانيءَ کانسواءِ انهن جو ڪو ٻيو نمونو
محفوظ ڪونهي. اڳتي هلي مون ڀرت ڀرڻ بدران ڪاغذ تي
چٽ ٺاهڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي ورتي ۽ مصوريءَ ڏانهن آيس.
جيڪو به گهر ايندو هو منهنجون ٺاهيل تصويرون ضرور
فرمائش ڪري ڏسندو هو.
آڪٽوبر 1984ع جي ڳالهه آهي. جڏهن مون عبرت اخبار ۾
هڪ ننڍڙي خبر پڙهي ته ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل“ پاران
نومبر ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي ”شاهه
لطيف جي شاعري تصويرن جي آئيني ۾“ جي سري هيٺ شاهه
سائينءَ جي شاعريءَ تي مصوريءَ جو مقابلو رکيو ويو
هو جنهن لاءِ تصويرون موڪلڻ جي نينڍ به ڏنل هئي.
اتفاق سان مون کي ان دور ۾ آرٽسٽ علي اڪبر سومري
جي شاهه جي بيتن تي ٺاهيل واٽر ڪلر ۾ پينٽنگز جا
ڪي فوٽو هٿ آيا هئا ته منهنجي به دلچسپي وڌي ۽ مون
به ڪجهه بيتن تي تصويرون ٺاهيون هيون. اخبار ۾ خبر
پڙهي آئون ڀاءُ کي وٺي لطيف آباد نمبر7 ۾ مهراڻ
آرٽس ڪائونسل پهتس ۽ اتي جي ڊائريڪٽر محترم
عبدالرزاق چانڊئي جي آفيس ۾ ساڻس ملي پنهنجو
مصوريءَ جو ڪم ڏيکاريو ته هن منهنجي ڪم جي تعريف
ڪئي. سندس آفيس ۾ هڪ ٻه ٻيا به ماڻهو هئا جن به
منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ مون کي مقابلي جي تياريءَ
لاءِ همٿايو. آئون ڏاڍي خوش ٿي گهر آيس ۽ تياري
شروع ڪئي.
4 نومبر 1984ع تي سنڌ ميوزيم ۾ تصويرن جو نماءُ
ٿيو. منهنجي لاءِ اهو منهنجي زندگيءَ جو هڪ بيحد
خوبصورت ڏينهن هو جڏهن آئون هڪ ٽين ايجر ڇوڪريءَ
جي حيثيت سان فن جي دنيا ۾ باقاعده قدم رکي رهي
هيس. منهنجي سڄي فيملي ۽ وڏي ماسي ۽ ماساتين ان
پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. مقابلي جو فيصلو ٿيو ته پوري
سنڌ مان حصو وٺندڙ نوجوانن مان پهريون انعام آغا
نادر کي مليو، ٻيو ظفر ڪاظميءَ جي نياڻيءَ عظميٰ
ڪاظميءَ کي ۽ ٽيون انعام مون کي مليو. مقابلي جي
ججن ۾ ظفر ڪاظمي به شامل هو جيڪو سنڌ صوبائي عجائب
گهر جو ڊائريڪٽر ۽ نالي وارو مصور ۽ مجسمه ساز
(Sculptor)
به هو. مون لاءِ اهو انعام کٽڻ هڪ وڏي خوشي هئي.
ان پروگرام جي خاص مهمانن ۾ ڪمشنر حيدرآباد محترم
علي محمد جي.شيخ ۽ علامه مصطفيٰ قاسميءَ کان علاوه
ان وقت تازو حيدرآباد ريڊيو تي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي
حيثيت سان چارج وٺندڙ محترم عنايت بلوچ مون کي
مبارڪباد ڏني ۽ منهنجي ڪم جي تعريف ڪئي ته مون کي
پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته مصوري هڪ اهم شعبو آهي ۽
مون کي مصوره جي حيثيت سان عوامي مڃتا ملڻ شروع ٿي
وئي هئي. ان نمائش کي اخبارن ۾ به سٺي ڪوريج ڏني
وئي ۽ نمائش جا فوٽو به ڏنا ويا. هڪ هفتي بعد ڀٽ
شاهه ۾ شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي اسان کي ان
وقت جي گورنر جي هٿان ڪيش پرائيز ملڻا هئا. پهريون
انعام هڪ هزار روپيا هو، ٻيو ساڍا ست سؤ ۽ ٽيون
انعام پنج سؤ رپيا هئا. ان دور ۾ اهي سٺا پيسا
هوندا هئا. 60 کان 70 روپين ۾ سٺو وڳو اچي ويندو
هو ۽ 25 کان ٽيهه روپين ۾ سٺو سينڊل ملي ويندو هو
يعني سؤ روپين ۾ هڪ وڳو ۽ سينڊل ملي ويندا هئا.
هڪ هفتي بعد اسين ڀٽ شاهه روانه ٿياسين. اهو جنرل
ضياءُالحق جي مارشل لا جو دور هو ۽ ان وقت سنڌ جو
گورنر (رٽائرڊ) جنرل جهانداد خان هو جنهن اسان کي
انعام ڏنا. هو هلڪي نيري شيرواني ۽ اڇي شلوار ۾
سنڌي ٽوپي پائي بارعب پٺاڻ لڳي رهيو هو ۽ اسان کي
انعام ڏيندي ڏاڍي شفيق لهجي ۾ همٿ افزائي
ڪيائين.گروپ فوٽو مهل آئون پنهنجي رِزرو طبيعت سبب
ٻين وانگر اڳواٽ ڀرسان بيهي جاءِ وٺي نه سگهيس ۽
پري ئي بيهي رهيس ته گورنر جهانداد خان جي نظر مون
تي پئي ته هڪدم پاڻ ڏانهن سڏيندي چيائين:
”آجاؤ بيٽا....! يهان آؤ....“
پنهنجي ڀر ۾ مون کي بيهاريائين. اڄ تائين ان پهرين
نمائش ۽ انعام کٽڻ جون يادگيريون مون وٽ فوٽن جي
صورت ۾ منهنجي تصويرن جي البم ۾ محفوظ آهن.
هاڻي مون مصوريءَ کي وڌيڪ ٽائيم ڏيڻ شروع ڪيو ۽
منهنجي دلچسپي شاهه جي شاعريءَ ۾ به وڌي. مون بابا
جي ڪتابن جي ذخيري ۾ موجود ڊاڪٽر هوتچند مولچند
گربخشاڻي، علامه محمد شاهواڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي
مرتب ڪيل رسالن مان چڱو لاڀ پرايو. ڏکين لفظن جي
معنيٰ ۽ شعرن جي شرح کي سمجهيو. منهنجي مصوريءَ جو
خاص موضوع شاهه لطيف جي شاعري بنجي ويو.
1984ع ۾ ئي مون انٽر آرٽس جي پڙهائي مڪمل ڪئي.
منهنجي دلچسپي آرٽ ۾ وڌيڪ هئي ۽ مون ان شعبي ۾ وڃڻ
ٿي چاهيو، پر منهنجي رهنمائي ڪرڻ وارو ڪوبه نه هو
ته مون کي ڪٿي داخلا وٺڻ گهرجي. تصويرن جي نمائش ۾
حصو وٺڻ کان پوءِ منهنجن گهر وارن کي به احساس ٿيو
ته مون کي رب جي طرفان ڏات عطا ٿيل هئي جنهن جو
قدر هو سماج ۾، پر کين سمجهه ۾ نٿي آيو ته مون
لاءِ سکيا جو اهتمام ڪيئن ٿئي. ان دور ۾ سنڌ
يونيورسٽي ۾ شاگردن جي سياست سبب سدائين جهيڙا ۽
مسئله هئڻ سبب يونيورسٽي سدائين بند ئي رهندي هئي
جتي فائن آرٽس جو ڊپارٽمينٽ هوندو هو، پر حالتون
اهڙيون نه هيون جو آئون يا منهنجا گهر وارا اتي
لاءِ تيار ٿيون. سو نيٺ مون زبيده ڪاليج ۾ ئي
تعليم جاري رکي ۽ بي.اي ۾ ايڊميشن وٺي ڇڏيم.
هاڻي منهنجي ڪوشش اها هئي ته ايتريون تصويرون ٺاهي
وٺان ته جيئن هڪ انفرادي نماءُ
Solo Exhibition
ڪرائي سگهان، مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي ڊائريڪٽر
عبدالرزاق چانديو مون کي سولو نمائش جي تياريءَ
لاءِ همٿايو هو.
1985ع
1985ع ۾ زبيده گرلز ڪاليج ۾ تصويرون ٺاهڻ جو
مقابلو ٿيو ۽ شاگردياڻين جي ٺاهيل تصويرن جي نمائش
پڻ رکي وئي. مون هڪ ڳوٺاڻي عورت جو پورٽريٽ رکيو
جنهن تي مون کي پهريون انعام مليو. استادن ۽
شاگردياڻين اعتبار نه پئي ڪيو ته اهو منهنجو ٺاهيل
هو حالانڪ اتي لائيو پرفارمينس به ڏئي رهيا
هئاسين. ان دور ۾ آپا مريم نوحاڻي ڪاليج جي
پرنسپال هئي.
اهڙي طرح منهنجي پڙهائيءَ سان گڏوگڏ مصوري جو ڪم
به زور شور سان جاري هو بنا ڪنهن سکيا ۽ رهنمائي
جي. اهوئي سبب هو جو اڃان تائين آئون پين ۽ پينسل
جي مدد سان صرف بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون ئي
ٺاهيندي هيس. واٽر ڪلر ٽيڪنيڪ اڃان ڪاميابيءَ سان
استعمال نه ڪري سگهندي هيس. بس هڪ جذبو هو ۽ جنون
هو. جو آئون ڪم ڪندي پي ويس. مون کي ان وقت تائين
خبر ئي نه هئي ته ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ آرٽ/
ڊرائنگ جو ڪورس ڪرايو ويندو هو جيڪو اسڪول جي
ڊرائنگ ٽيچرز لاءِ هو. اها خبر هجي ها ته اتان
ڪورس ڪريان ها.
نور حسين ڪلهوڙو
سنڌ۾ شادين جا رسمي اهڃاڻ
هر قوم، هر ملڪ ۾ شادين جون رسمون رواج، منفرد ۽
جدا گانا هوندا آهن. اسان جي سنڌ ثقافتي رنگن سان
مالا مال آهي. ميلن، ملاکڙن، راندين، هنر، فن،
آرٽ، ڪاريگري ڪاشيگري، اُٿي ويٺي، ميل ميلاپ،
پوشاڪون گيت لاڏا. پر مطلب ته، سڀني ثقافتن ۾ سنڌ
پنهنجو الڳ مقام رکي ٿي. شادي ته هر گهر ۾ ٿئي
ٿي. ٻن نون ماڻهن جي ميلاپ ۽ جيون ساٿي بنجڻ کي
شادي چئبو آهي. ان نئين جوڙي لاءِ گيت لاڏا
خوشيون ۽ شادمانا ڪيا ويندا آهن. انهي نئين جوڙي
کي، ريتن رسمن ۽ ڳجهارتن طور جيڪو علم يا سبق
سيکاريو وڃي ٿو ۽ اهو علم گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن
طرفان ڳجهو رکيو وڃي ٿو . هن رسمن، ريتن جي علم
متعلق شايد ڪنهن کي خبر نه آهي. جي هوندي به ته
چند ماڻهن کي هوندي. جن به ماڻهن شاديون ڪيون آهن،
اچي پوڙها ٿيا آهن. پر انهن کي اڄ تائين، هن رسمن
جي علم ۽ ڳجهارت جي ڪابه خبر نه آهي. ته انهن ريتن
رسمن، سوڻن ساٺن ۾ ڪهڙو ڳجهو پيغام ڏنو وڃي ٿو.
گهوٽ ۽ ڪنوار کي انهن، ثقافتي رسمي، علمن ۾ زندگي
گذارڻ لاءِ ڪيڏو نه وڏو سبق ڏنو وڃي ٿو. هيٺ سنڌي
شادين ۾، ٿيندڙ رسمن، سوڻن ساٺن جا اهڃاڻ بيان ڪجن
ٿا.
مينديءَ جي رسم :
مينديءَ جي رسم گهوٽيتا ادا ڪندا آهن. گهوٽيتن
طرفان عزيز مايون، خاص طور گهوٽ جي ماءُ ۽
ڀينرون، ميندي جون رسمون ادا ڪنديون آهن، اُهي
گهوٽ کي به ميندي لڳائينديون آهن ته ڪنوار کي به
ميندي لڳائينديون آهن. ميندي جو ٿالهه سنواري،
جڏهن سهرا چونديون آهن ته تڏهن، محبتن، رشتن ۽
خوشين جو بي
مثال منظر نظر ايندو آهي. ميندي لڳائيندي، لاڏا
چوندي، گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جي ڀينرن، مائرن
۽ ساهيڙين کي چرچي خاطر مينديءَ جا چٽ چٽيا ويندا
آهن، نچڻ ڪڏڻ ۽ لاڏا چوڻ جو عظيم، امتياز نظر
ايندو آهي.
گهوٽ جون ڀينرون، ماسيون پڦيون پنهنجي عزيز عورتن
کي گهرائي لاڏا ڳيچ ڳائي گهوٽ ۽ ڪنوار کي ميندي
لڳائينديون آهن. شامل ٿيندر عورتون ڄڻ گواهه
ٿينديون آهن ته جيڪو محبت جو رنگ قائم آهي ان کي
دائم رکجو. ٻنهي پاسن جو خيال رکجو. نااتفاقيون ۽
دوريون نه ڪجو. رنگ ۾ ڀنگ نه وجهجو. ميلو متل
رکجو. گهٽ وڌايون نه ڪجو. سڀني سان نڀائجو.
گهوٽ ۽ ڪنوار کي، ميندي لڳائڻ جي سوڻ مطابق ٻنهي
۾ محبت ڀرئي رنگ جو سبق ڏنو ويندو آهي. هن ۾ ڪنوار
۽ گهوٽ ٻنهي لاءِ سبق آهي. هن سوڻ ۾ ڀينرون ۽ ماءُ
اهو ڳجهو پيغام ڏينديون آهن. شال جواني ۽ ونڙي
ماڻين، جوڙي سلامت هجي. پر اسان ڀينرن، ماءُ ۽
عزيزن کي نه وسارجانءِ، مٽن مائٽن کي نه ڇڏجانءِ.
ٻنهي ڪنوار گهوٽ کي هن رسم ذريعي پيغام ڏنو ويندو
آهي ته ساهرن ۽ پيڪن جي عزيزن کي نه وسارجو. ڪڏهن
ڪڏهن شاديءَ وارا جوڙا پاڻ ۾ نه ٺهندا آهن ته پوءِ
چوندا آهن ته هنن جي ڪنهن ميندي ساڙي آهي. گهوٽ ۽
ڪنوار کي لڳل ميندي تي عورتون وڏو ڌيان ڏينديون
آهن ته اها ميندي ڪنهن به طرح سان ٻيو ڪير کڻي نه
وڃي.
اها ميندي لاهڻ کان پوءِ وڏي حفاظت سان، ڪنهن
ٿانو ۾ لاهي هٿ پير ڌورائي اهو پاڻي به ٿانون ۾
محفوظ ڪري، ڪٿي ڪنهن جاءِ تي، زمين ۾ کڏ کوٽرائي
اُن ۾ پوريو ويندو آهي. ڪڏهن ته گهوٽ جون ڀينرون
ڀائرن کي چونديون آهن ته رات جو گهرن کان پري،
ڪنهن محفوظ جاءِ تي لاٿل ميندي ۽ پاڻي پورجو ته
جيئن ڪو ڏسي نه وٺي. جيڪڏهن اهڙي جاءِ نه ملي ته
اهي شيون وهندڙ پاڻيءَ ۾ لوڙهيون وينديون آهن.
اڄڪلهه ڪنواريتا الڳ مينديءَ جي رسم ڪن ٿا.
سهرو
ميندي ميهڙ واري ساون پنن واري
راڻل راڻل توکي ٿي لڳايان
سوني جا ٿالهي، انهي ۾ جا ميندي
اها ميندي صدوري، مان تو کي ٿي لائيان
دهري لاڏل جي مان لاڙئون آڻايان
اها ميندي صدوري مان تو کي ٿي لائيان
نوٽ
ڪنواريتا الڳ ميندي کڻندا آهن .
۽ گهوٽيا الڳ ميندي کڻندا آهن .
ڪنواريتيون مٺايون ۽ ميندي کڻي
گهوٽيتن کان پئسا وٺنديون آهن.
موڙ جي رسم:
موڙ اڪثر ڪري ماما ٻڌندا آهن. هن رسم ۾ گهوٽ کي
سبق آهي ته، هاڻي جيڪا امانت يعني ڪنوار توکي وٺي
ٿا ڏيون. اُن جي پوري پوري نگهباني ڪجانءِ. اکيون
ٻوٽي نه ويهجانءِ. اسان تي به نظر ڪجانءِ. متان
اکيون بند ڪري ويهين ۽ اسان سڀني تي ماڻهون
کلائين. متان اکين تي پٽيون ٻڌي ويهي رهين. ڪنوار
جو به خيال رکجان ۽ اسان ڏي به نظر ڪجانءِ. عزيزن
کي نه وسار جانءِ.
سهرو
الهه ڏيئي حياتي موڙ ماما ٻڌندئي
موڙ ماما ٻڌندئي، پيءُ ڪاج هلائيندئي
اومنڊڙيون لاڏل جون لا ڙئون آڻايان
رب ڏيئي حياتي موڙ ماما ٻڌندئي
موڙ ماما ٻڌندئي، پيءُ ڪاج هلائيندئي.
پٽڪو ٻڌائڻ، اجرڪ ۽ ٽوپي پارائڻ:
هن رسم ۾ به گهوٽ کي سبق آهي ته: هاڻي تون جوان
آهين. جيئن چگّي مڙس کي راڄ جي پڳ ٻڌرائبي آهي ته
پنهنجي راڄ جو خيال رکي، سڀني سان رنجش عداوتون
ختم ڪري ۽ راڄ کي کير کنڊ ڪري رهائي. تئين تون به،
پنهنجي عزيزن قريبن جو خيال رکجانءِ. هاڻ تو مٿان
ٻنهي پاسن، جون ذميواريون آهن، انهن کي احسن طريقي
سان نڀائجانءِ. پڳ ٻڌائڻ معنى ذميوار بنائڻ. پڳ
ذميوار ماڻهو کي ٻڌرائبي آهي. غير ذميوار پٽڪي لٿو
سڏبو آهي. سڀ مائٽ ۽ عزيز واري واري سان پڳ جا ور
انهيءَ ڪري هڻندا آهن ته، اسان توکي پڳ ٻڌائي
ذميوار بڻايون ٿا. اسان سڀني عزيزن جو خيال
رکجانءِ، پنهنجي خاندان ۽ ساهراڻي خاندان سان
برابريءَ جو برتاءُ رکجانءِ، سڀني مشڪلاتن، مسئلن
کي منهن ڏجانءِ. پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان پنهنجو
گهر هلائجانءِ. پنهنجي والدين ۽ عزيزن جو خيال
رکجانءِ. پڳ ٻڌرائڻ ذميوار بنائڻ جو اهڃاڻ آهي.
پٽڪو، اجرڪ يا ٽوپي انهيءَ ڪري به پارائي ويندي
آهي ته هر ڪنهن جي عزت ڪجانءِ ۽ لڄ رکجانءِ.
پنهنجي خاندان جي عزت جو ڀرم رکجانءِ.
ڳانو :
هن ۾ سبق آهي ته، شادي کان پوءِ پنهنجي والدين،
ڀينرن، ڀائرن جو خيال رکجانءِ. شاديءَ کان پوءِ
وساري نه ڇڏجانءِ. اسان تو کي ساهه ۾ سانڍي نپايو
آهي. وڏو ڪيو آهي. تنهنجي شادي ٿا ڪرايون. ائين
نه ٿئي ته صرف ساهرن جي سڳي ڌاڳي ۾ هجين. اسان کي
به ياد رکجان.
ڳاني جو سهرو :
ڳانو ڇمڪي، هئه ڳانو ڇمڪي، لاڏل ويٺو مرڪي
مامن تولاءِ هار آندا، چاچن تولاءِ هار آندا
ويس گلابي پائي هلي ٿو
دل منهنجيءَ کي ڏاڍو وڻي ٿو
ويهي هوٽل تي آرڊر هلائي
مامن تولاءِ هار آندا
چاچن تولاءِ هار آندا
ڳانو ڇمڪي لاڏل ويٺو مرڪي
مامن تولاءِ هار آندا
چاچن تولاءِ هار آندا
اڇو وڳو پائڻ
:
هن اهڃاڻ ۾ ڪنوار کي پيغام آهي ته مان سدائين صاف
سٿرو رهندس ٻي عورت ڏانهن نه نهاريندس، ٻئي طرف
والدين لاءِ اهڃاڻ آهي ته:
گهوٽ کي اڇا (سفيد) ڪپڙا پارايا ويندا آهن. ماءُ
ڪپڙا کڻي ايندي آهي ۽ پيءُ ڪپڙا پارائيندو آهي.
اڇو ڪپڙو ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته سدائين صاف
سٿرو رهجانءِ. من ۾ مير نه ڪجانءِ. جهڙو اڇو
اُجرو ڪري پاليو آهي. تهڙو اڇو اجرو رهجانءِ.
تنهنجي ڪپڙي تي ڪڏهن به داغ نه اچي. يعني اسان جي
عزتن جو ڀرم رکجانءِ. ابي امان سان ڪوڙ نه
ڳالهائجانءِ. ٺڙڪ ٺڳي نه ڪجانءِ. پنهنجو ڪردار ۽
اخلاق صاف رکجانءِ. اڇو وڳو امن، محبت ۽ سچائي
جي نشاني آهي.
”گهوٽ کي ڪپڙا پارائڻ وقت سهرو “
وڳاويس اربيلا ماءُ کڻي آيئي
ماءُ کڻي آيئي، پيئڙي پارايئي
وڳا ويس شهز ادا ماءُ کڻي آيئي
ماءُ کڻي آيئي پيئٿري پارايئي
هار لاڏل جا مان لاڙئون آڻايان
لاڙئون آڻايان مان پارئون گهرايان
وڳا ويس اربيلا ماءُ کئي آيئي
ماءُ کڻي آيئي، پيئڙي پارايئي
ڌاڳو ڇنڻ :
ڪنواريتيون، ڪنوار جي ڪمري جي در تي ڌاڳا ٻڌنديون
آهن ته گهوٽ هميشه اسان جي سڳي ڌاڳي ۾ هجي. پر
گهوٽ سٽ ڏئي ڌاڳا انڪري ڇنندو آهي ته مون کي
ماءُ پيءُ ڀائر، ڀينرون، عزيز قريب آهن. آءُ صرف
اوهان جي سڳي ۾ نه رهندس، پر پنهنجي عيال جو به
خيال رکندس. توهان جي سڳن ڌاڳن ۾ ڪونه ڦاسندس.
پوئتي ابو امان به آهي، انهن سان به نڀائڻو آهي.
صرف ساهرن جو ناهيان. ابي امان جو به آهيان
تنهنڪري مون کي ڌاڳن ڦيڻن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش نه
ڪريو. صرف هڪ ڌرجو نه بڻايو. مون لاءِ ٻئي پاسا
برابر آهن. ڌاڳو جنهن کي
ڏانوڻ به
چوندا آهن. هن رسم ۾ ڪنواريتين طرفان اهو
مطالبو يا اهڃاڻ آهي ته، اسان کي ۽ اسان جي
ڇوڪريءَ کي ڇني ڌار نه ڪجانءِ.
گهوٽ جي ماءُ ڀينرون ۽ عزيزياڻيون هي سهرو
چونديون آهن.
سهرو
اُڀريو تارو عصر جو. وڌم ڳاڙهي کٽ
منهنجو ٻچڙو ٿو مومل ماڻي
منهنجو ادڙو ٿو مومل ماڻي
دهري گهرايم جن ريءَ
اُڀريو تارو عصر جو. وڌم ڳاڙهي کٽ
منهنجو ڀائڙو مومل ٿو ماڻي
جنهن کي پٽ جي پو شاڪ
جنهن کي ريشمي رومال
جهالر گهڙايم جن ريءَ
اُڀريو تارو عصر جو
ٻچڙو مومل ٿو ماڻي
سرمو پارائڻ:
هن اهڃاڻ مان اشارو آهي ته اکيون پٽجانءِ. ڊگهي
نظر رکجانءِ. حق سچ تي هججانءِ. ڪوڙ بدوڙ تي نه
هلجانءِ. هوشياري کان ڪم وٺجانءِ.
خوشيءَ ۾ ان وقت سهرو .
منهنجي ٻچي جو ڪونانءُ ناموس آ
اٿم خان امير، منهنجو مولا علي ٻيڙو تاريو تو
هار راڻل جا لاڙئون آڻايان
اٿم خان امير، منهنجو مولا علي ٻيڙو تاريو تو
دهري راڻل جي لاڙئون آڻايان
اٿم خان امير، منهنجو مولا علي ٻيڙو تاريو تو
منهنجي ٻچي جو ڪو نانءَ ناموس آ.
اٿم خان امير، منهنجو مولا علي ٻيڙو تاريو تو .
ڪنوار جو ڳاڙهو وڳو:
هن اهڃاڻ ۾ گهوٽ کي پيغام هُوندو آهي ته، مان
ڳاڙهي آهيان ڳاڙهي رهندس. ٻئي ڏانهن نه نهاريندس
تنهنجي اڇي ڪپڙي کي ٽڪو نه لائيندس.
ڍڪڻي ڀڃڻ:
هن اهڃاڻ ۾ گهوٽ جي طاقت ڏٺي ويندي آهي. يعني
ڪيترو چست ماڻهو آهي. پنهنجي گهرواريءَ جي ڍال
بڻجندو. مٿس ڏکيو ڏينهن نه آڻيندو. هڏ حرام ٽوٽي
نه هُوندو. محنت مشقت ڪندڙ آهي يا نه؟؟ ڪنوار تي
ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيندو يا نه؟ آڏو ايندڙ
رڪاوٽن کي ٽوڙيندو يا نه .....؟؟ ڪو ڪلياڻ اٿس يا
صفا ڀاڙيو آهي. جيڪڏهن ڀاڙي ٿيندو ته پنهنجي لڄ جي
عزت ڪيئن بچائيندو....؟؟
ڍڪڻي (ٺڪر) ڀڃڻ محل
ڪنواريتا ڄاڃين ۽ گهوٽ تي مڱ ڇٽينداآهن. ته سندن
وات بند هُجن. ٿڌو پاڻي هڻندا آهن ته، ٿڌا رهن.
ڪو ڪاوڙ ڪشالو نه ڪن.
منڊي يا ڇلو پارائڻ:
هن رسم جو مقصد آهي. هڪ ٿي رهجو. پنهنجا عيب ظاهر
نه ڪجو. اوهان جو هم خيال هُجڻ منڊيءَ جي ٽڪ
وانگر هُجڻ گهرجي. پاڻ ۾ هڪ ٿي رهجو. محبت قائم
رکجو. پاڻ ۾ نفاق يا دوري پيدا نه ڪجو. هڪٻئي جو
ڀرم رکجو. گڏجي سڏجي هڪ طاقت بڻجي وقت گذارجو .
پٽ تي سيج وڇائڻ:
معنى جيڪڏهن مٿين ڳالهين تي عمل نه ڪندؤ ته، اچي
پٽ تي ڪرندؤ، ته پوءِ توهان جو ساٿ ڪير به ڏيڻ
لاءِ تيار نه هوندو. سڄي برادري ۾ ڪريل ۽ بيڪار
سڏبئو.
سيج وڇائڻ وقت سهرو
اکيون لاڏل جون ٻرن مشالا
ڪجل جوڙ بنايو
راڻل سيج تي آيو
گهوٽ مٿان ان يامڱ ڇٽڻ:
ڪنوار جا راز يا گهر جون ڳالهيون ٻئي ڪنهن سان نه
ڪجانءِ. ڀلي کڻي ڪهڙي به مصيبت اچي. پر ٻاهر ٻاڦ
نه ڪڍجانءِ.
لانئون لهڻ:
لانئون ٻنهي ڌرين جا ماڻهو ڏيندا آهن. هن ۾ ڪنوار
۽ گهوٽ لاءِ سبق آهي ته، زماني جا ڪهڙا به ڏک سُک
۽ مشڪلون اچن اُنهن سان منهن ڏئي مقابلو ڪجو. پر
هڪٻئي کي نه ڇڏجو. متان اوهان جي ڪري اسان پاڻ ۾
وڙهي مرئون .
لانئن جي رسم ۾ پنهنجا عزيز قريب، گهوٽ ۽ ڪنوار
جي لانئن جي رسم ادا ڪندا آهن. يعني گهوٽ ۽ ڪنوار
جو هڪٻئي سان مٿو ٽڪرائڻ. هن رسم ادا ڪرڻ جو مقصد
آهي گهوٽ ڪنوار کي اهو احساس ڏياريو ويندو آهي ته
هاڻ اوهان ٻنهي تي ذميواريون لاڳو ٿيون. پنهنجي سر
تي وسائجو. مشڪلاتن کي صبر سان منهن ڏجو. هڪٻئي جي
ڏکن سکن ۾ گڏ هججو. پنهنجي گهر ۽ پنهنجن ٻچن کي
سنڀالجو. اڄ ڏينهن کان پوءِ مائٽن جون ذميواريون
ختم. هاڻ اوهان ٻنهي کي گڏجي زندگي گذارڻي آهي.
سدائين ابو امان نه هوندو. اوهان کي ابو امان ٿيڻو
آهي. جن هٿن سان اوهان کي پورهيا ڪري پاليوسين.
هاڻ اوهان کي پنهنجي همٿ ڪرڻي آهي. پنهنجي اولاد
سان گڏوگڏ والدين جو به سهارو بڻڻو پوندو. پوڙها
والدين، ڀائر، ڀينرون اوهان جي رهنمائي ۾ ايندا.
زندگي گذارڻ ڏاڍي ڏکي آهي، تنهنڪري انهن ڏکن ڏاکڙن
۽ تڪليفن کي منهن ڏجو. ٽڪو لڳرائڻ معنى تڪليفن جو
احساس! ڏيارڻ کين اهو احساس ڏياريو ويندو آهي ته،
هاڻ اوهان ٻنهي تي ذميوارين جو وزن پئجي چُڪو
آهي. جيئن تيئن ڪري زندگي گهارجو. مشڪلاتن کي مڙس
ٿي منهن ڏجو.
لانئن ڏيڻ وقت سهرا
لانئن ۾ نه ڪيو دير، اسان وڃڻ وارا
اسان وڃڻ وارا. پنهنجي قرب وارا
تنهنجي ساهرن جاوڻ ساوا ڙي بنا
بَنا ذات مان مليئي شهزادي بنا
بنا ذات مان مليئي اربيلي بنا
خاشي دُهري جوڙائي گهر آءُ ڙي بنا
بنا ذات مان مليئي شهزادي بنا .
بنا ذات مان مليئي اربيلي بنا
چانور چونڊڻ يا هارڻ:
هن اهڃاڻ مان اشارو آهي ته، هميشه سٺين ڳالهين
۽ ڪمن تي ڌيان ڏجو. تڪڙ ڪري جدا نه ٿجو. سوچي
ويچاري زندگي گهارجو. نه ته تڪليفون ڏسندؤ
رت جاڳوڙ ها ڳاڻڻا پوندوَ.
ڪپهه چونڊڻ:
هن اهڃاڻ مان اشارو آهي ته، پنهنجو پورهيو ڪري
کائجو. ٻين تي نه ڀاڙجو. ڪپهه چونڊڻ وقت مايون
هيئن چونديون آهن:
گل چونڊيانءِ گل چونڊيانءِ
پاري مان مکڻ ڪڍندينءَ
پٽ ڄڻيندينءَ، ننهون چونڊيندينءَ
گل چونڊيانءِ گل چونڊيانءِ
گهوٽ کي ڇُري چاڪوهٿ ۾ ڏيڻ:
هن اهڃاڻ ۾ گهوٽ لاءِ هدايت آهي ته جوان ٿجانءِ
ته جيئن ڪو دشمن تنهنجي گهر تي بري نظر نه رکي.
جيڪو بُري نظر ڪري اُن تي وار ڪجانءِ. پنهنجي گهر
جي عزت بچا ئجانءِ .
هار:
پنهنجي محنت پورهيي پگهر سان ڪمائجانءِ. پئسا
توکان پري نه هجن. ٻه روپيه پاڻ سان گڏ رکجانءِ
ته جيئن اوکي
سُوکي مهل ڪم اچنئي. مڙس ٿي ڪمائجانءِ. گهر جو خرچ
پکو ڏيڻو پوندئي. ٻين جي آسري تي نه
هلجانءِ. بچت ڪري پئسا بچائجانءَ. جيڪي توکي ڏکئي
ٽائيم تي ڪم اچن.
ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهارڻ:
هن اهڃاڻ ۾ ڪنوار کي پيغام آهي. جيڪي انگل آرا
مائٽن سان ڪيئي سي ڪيئي. هاڻ تو کي اڪيلو گهر ۾
رهڻو پوندو. تنهنجي نئين زندگي جي شروعات ٿي آهي.
تنهنجو ور ڪڏهن گهر ۾ هوندو ڪڏهن نه هوندو. پر
توکي پنهنجي گهر ۾ رهڻو پوندو. تو کي پردو ڪرڻو
پوندو. پنهنجي گهر ڀاتين ۽ هڪ جيڏين کان جدا اڪيلو
رهڻو پوندو. مڙس جي اجازت کانسواءِ گهر مان نه
نڪرجانءِ. ڏک سک ۾ اڪيلي به هجين ته پنهنجي گهر
۾ رهجانءِ .
جوتا لڪائڻ:
هن اهڃاڻ ۾ ڪنوار جون ڀينرون، گهوٽ کي هوشيار ڪرڻ
جو اشارو ڏين ٿيون ته، هي جيڪو ڏاج ۾ سامان ڏيون
ٿا ته ننڊ نه ڪجانءِ. هوشيار ٿجانءِ. نه ته هي
سامان چوري ٿي ويندئي. ۽ وري ٻيهر پئسا ڀري وٺڻان
پوندئي. هر طرح سان گهر تي نظر رکجانءِ.
گهوٽ جون ڀينرون سهرا چونديون آهن.
کيسي جو خيال ڪجانءِ.
اڳيان رومال ڏجانءِ .
تنهنجيون ساليون تيرهن تاليون
ڪندئي پئسا پئسا .
هار ته لاڏل جا لاڙئون آڻايان
لاڙئون آڻايان. پارئون گهرايان.
کيسي جو خيال ڪجانءِ
اڳيان رومال ڏجانءِ
تنهنجون ساليون تيرهن تاليون
ڪندئي پئسا پئسا.
|