ترجمو: لعل خاتون
چهري کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ ڪجهه گهريلو
ٽوٽڪا
چهري جي خوبصورتيءَ ۾ جيڪا شيءِ گهڻو اهم ڪردار
ادا ڪري ٿي اها آهي اسان جي چمڙي. جنهن کي ڪڏهن به
نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. اڪثر عورتون اهو
سمجهنديون آهن ته چمڙي ڪيئن به هجي ان تي سٺو ميڪ
اپ ڪنديون ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. پر اهو خيال بلڪل
غلط آهي. جيڪڏهن چمڙي خراب هوندي ته ان تي ميڪ اپ
صحيح نه ٿيندو.
چمڙيءَ جي تروتازگي حسن جو بنياد آهي. چمڙي جيڪڏهن
نرم، صاف سٿري ۽ چمڪدار هوندي ته ڪافي عرصي تائين
ان تي گهنج ظاهر نه ٿيندا.
چهري جي کَل ان لحاظ کان به اهم آهي ته اها اسان
جي عمر لڪائي به سگهي ٿي ۽ وڌائي به سگهي ٿي.
چمڙيءَ جو رنگ ڀل ڪهڙو به هجي اصل شيءِ چهري جي
شادابي آهي.
صاف سٿري چمڙي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ضروري
آهي ته توهان پرسڪون رهو. سوچ مثبت رکو. ننڊ پوري
ڪريو ۽ کاڌو خوراڪ صحيح نموني وٺو. ان کان پوءِ
پنهنجي چمڙيءَ جي ٻاهرين حفاظت ڪريو.
چهري جي ٻاهرين حفاظت جي لاءِ ٽماٽو به وڏو اهم
ڪردار ادا ڪري ٿو. دراصل ٽماٽو وٽامن سي سان ڀرپور
هوندو آهي جيڪو موهيڙن ۽ داڻن کان علاوه بي رونق
کل کي چمڪدار ۽ پرڪشش بنائي ٿو. اسان جي چمڙيءَ کي
شاداب رکڻ لاءِ وٽامن اي جي به ضرورت هوندي آهي.
ٽماٽي ۾ وٽامن اي
(A)
به گهڻي مقدار ۾ ملي ٿي.
ٽماٽي ۾ شامل نمڪيات چمڙيءَ کي متوازن رکڻ ۾ ۽
چمڙيءَ مان سڻڀ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان کان
علاوه ٽماٽي ۾ شامل اينٽي آڪسيڊينٽس چمڙي، جي خلاف
ڪم ڪرڻ وارن جراثيمن سان به مقابلو ڪري ٿي.
ٽماٽي جي ذريعي عورتون پنهنجي چمڙيءَ کي نه صرف
خوبصورت ڪري سگهن ٿيون، پر ان ۾ وڌيڪ رونق ۽ دلڪشي
به پيدا ڪري سگهن ٿيون.
تازي ڳاڙهي ٽماٽي جو رس ۽ ان ۾ چار قطرا ليمي جو
رس شامل ڪريو. پوءِ ان کي صاف ڪپهه جي مدد سان
چهري تي لڳايو. پندرهن منٽ ان کي چهري تي لڳائي
رکو، پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان چهرو ڌوئي ڇڏيو. آخر ۾
ڪا موئسچرائزر استعمال ڪريو. توهان جو چهرو
تروتازه ٿي ويندو.
چمڙي کي داڻن ۽ موهيڙن کان بچائڻ لاءِ هڪ تازي
ٽماٽي جو ڳر ڪڍي ان کي چهري تي لڳايو هڪ ڪلاڪ کان
پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ سان چهرو ڌوئي ڇڏيو. هڪ هفتي
جي مسلسل استعمال سان بهترين نتيجا ملندا.
ٽماٽي مان هڪ بهترين ماسڪ به ٺاهي سگهجي ٿو. جنهن
کي ٽماٽي ۽ آواڪاڊو جو ڪليزنگ ماسڪ چوندا آهن.
آواڪاڊو ۾ چمڙي کي ڇڪڻ ۽ صحيح رکڻ جي صلاحيت هوندي
آهي. هن ۾ وٽامن اي، بي 12، سي ۽ وٽامن ڊي ملي
ٿي، جيڪي صحت ۽ جسماني سڪون جي لاءِ تمام گهڻا
فائديمند هوندا آهن.
ماسڪ ٺاهڻ لاءِ هڪ ننڍو ٽماٽو ۽ هڪ آواڪاڊو جو
اندريون ڳر ڪڍو. ٻنهي کي چڱيءَ طرح ملايو پوءِ ان
مڪسچر کي چهري تي لڳايو.
20 کان 30 منٽ لڳائي رکو. پوءِ هلڪي گرم پاڻيءَ
سان ڌوئي ڇڏيو. توهان سڪون ۽ تازگي محسوس ڪندؤ.
ٽماٽو چهري جي کل تي پنهنجي
قدرتي جادوگري
ڏيکاريندو آهي. چاهي اهو ماسڪ جي شڪل ۾
لڳايو وڃي يا فيشل طور تي استعمال ڪجي. ٽماٽي جي
ڳر تمام گهڻي فائديمند آهي جيڪڏهن اها ڳر روزانو
هڪ ڪلاڪ چهري تي لڳائي هلڪي گرم پاڻيءَ سان چهرو
ڌوئي ڇڏجي ته چهري جو رنگ نکرجي ويندو. ٽماٽو صحت
جو ئي نه، پر حسن جو به محافظ آهي.
جيئند علي مهر
جبل جيڏي بي حسي....
ڇوڪري!
جي بابو...
هيڏي آءُ،
سيٺ جي سڏ تي رضيه ڊوڙندي آئي،
چؤ بابو! خيرات ڏيندي ڇا؟ هزاري مهينو ٿئي ڀلو
ٿيندئي... ڀاڳ لڳندئي اڃان به وڏو سيٺ ٿيندين هن
اسان جي شهر جو،
توکي ته سدائين خيرات جي، نه کپي تنهنجي اها دعا
ٻُئا... سيٺ ڪاوڙجندي چيس!
چوهه وجهي سيٺ تڪيندو رهيس، ڪهڙو ڪم آ سيٺ؟
هوءَ.... هوءَ .... سيٺ هٻڪندي چيس هوءَ ناهي تو
واري سنگتياڻي.....
مڌو! رضيه چيس چاهي مڌو کي!!!؟
اڄ ته جمعو آ.... اڃان نه آئي آ.
الائي جي سيٺ مون کي ته خيرات ڏي مان ته وڃان دير
به ٿي وئي آ، اڃان ته سڄو شهر پنڻو مڱڻو آ....
ٻڌائين ڇو نه ٿي ڪاٿي آ! سيٺ زور ڀريندي رضيه کي
چيو.
او سيٺ! رات ني هن جي ماءُ کي بخار هيو، ڏاڍو
تيز.... دوا لاءِ پئسا به ڪانه هيس! پيءُ به جواري
ٿس. رضيه ويچاري ٿي، مڌؤ بابت سيٺ کي ڏسيندي رهي.
ڇا ٿو پڇين سيٺ رضيه کان مڌو جي بيوس زندگيءَ
بابت....
ايتري ۾ مڌو به آئي، مڌو جنهن جي حسن جا هل هئا.
سڄي شهر ۾! اڇي اڇي کير جهڙي، هٿن کي ميندي جا چٽ
ڪڍيل، ڪپڙا فٽنگ ۾ سوڙها پاتل، اکين ۾ ڪجل چپن تي
لالي لڳل مڌو، جنهن تي سڄو شهر مرندو هو. ڪو ڪاٿي،
ڪو ڪاٿي ڪا نه ڪا ڪنڊ وٺيو بيٺو هوندو هو، حسن جي
هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ.
ماءُ بيمار ٿئي...!!
ها! سيٺ، مڌو چيس.
ڪافي ڏينهن کان امان جيجان جي طبيعت خراب آهي،
چاچي ملان کان دعا به گهرائي هئم، صبح چانهه پاپو
موڪلي!! پير تان به چڪر ڏياري آئي آهيانس ۽ سوائي
بابا جي پڙ ۾ بيٺل ڪنڊيءَ جي وڻ تي 10 رپيا باس
باسي امان جي چاڪ ٿيڻ واسطي ڳاڙهو سڳو به ٻڌي آئي
آهيان... تڏهن به بخار ڪونه ڇڏيو آهي امان کي،
مڌوءَ جهيڻائي ۽ ويڳاڻپ واري انداز ۾ ڍري ڍري سيٺ
کي ٻڌائيندي رهي.
پو.... ڪا دوا درمل ورتي ٿئي، سيٺ پڇيس!!
نه بابو! دوا جيترا پئسا ڪاٿي... مڌو ويتر
روئڻهارڪي ٿي وئي، مفت ۾ ته ڊاڪٽر ڪرسيءَ تان اٿن
ئي ڪونه ٿا، ته ڪو مريض مري يا بچي.....
سيٺ بهادر سالن کان عاشق هو مڌوءَ جو.
مڌو صبح جو شهر ايندي هئي پنڻ مڱڻ لاءِ، ڪجهه پئسا
روڪ ۽ ڪچو پڪو سيڌو سامان کنيو. گهر موٽندي هئي
شام جو،
پوءِ.... ڇا مرضي ٿئي پئسا ڏيانءِ، سيٺ بهادر زور
ڀريندي چيس.
نه بابو! پئسا ته ڪافي سارا ٿا کپن.... ٻيو وري
مون وٽ ايترا پئسا ايندا ڪٿان جو توکي واپس ڪيان!
سڄو ڏينهن ڊڪي ڊڪي ڄنگهون ساڻيون ٿيو پون، تڏهن مس
وڃي ڪجهه پيٽ پالڻ جيترا ڌوڪڙ ٿا هٿ اچن.... شهر ۾
هڪ فقير ٿوروئي آ... رات به بابو انهن نمبرن وارين
پرچين جي ڪڍ گهر ۾ روز جي کائڻ وارا جڳ گلاس وٽو.
ٿالهي به کپائي آيو، امير ٿيڻ جي آسري ساڳيا ئي
مٿي تي هٿ!! اڳيون نور به چٽ ڪري موٽيو...
خير آ! ڪونه ٿو گهران توکان واپس پئسا مان!! سيٺ
بهادر مڌوءَ جي ڊگهي تقرير اڌ ۾ ڪٽيندي چيو....
سيٺ هٿ جي مٿان هٿ رکي چيس، صفا ڪا سادي آهين
مڌو...
هي ڇا بابو!؟
اوچتي ڇهاءَ تي مڌو ڇرڪي پئي، سڄي جسم مان
سسراٽيون اڀرڻ لڳيس!
ماءُ جو مڪمل علاج ڪرائڻو اٿئي يا نه... پوءِ به
گهٻرائين ٿي! ڇڏ ڪاوڙ کي، مڌو ويچاريءَ جي هڪ به
نه هلي، ”زور اڳيان زاري آ،“ مجبوري ئي ٿي سڀ ڪجهه
ڪرائي سيڪنڊ... منٽ، ڪلاڪ گذرندا ويا.
مڌو جو پيءُ تاس، پتن ۾ گم، ماءُ مرڻ ڪنڌيءَ تي...
عزت اڊڙندي نه ته ٻيو ڇا ڪندي!!
پڃري ۾ قيد جهرڪيءَ جيان چرڙاٽ ڪندي رهي مڌو
ويچاري، پنهنجي جبل جيڏي بي حسيءَ تي!! ماءُ جهڙي
رشتي کي بچائڻ لاءِ ڪو دڳ نه ڏسي پاڻ هاري ويٺي!!
سيٺ ڪڍي هزار جا نوٽ تريءَ تي رکيس! هي وٺ ٻيا به
کپن ته ڏيندونسانءِ!
ڊاڪٽر عاشي ڏي به فون ڪيان پيو ماءُ جون ٽيسٽون
ڪرائي دوا وٺي اچجانءِ....
مڌو ويچاري ڄڻ رشتن جو قرض لاهي، ڍرڪيل قدمن سان
ڀنل پنهنجا نيڻ کڻي، پنهنجي جوڀن جا اڻڀا رنگ
سهيڙي، ڀورا ڀورا ٿيل زندگيءَ جي هڙ ٻڌي، شهر مان
ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري، ماءُ جي علاج لاءِ پنهنجي گهر
ڏانهن وڃڻ لڳي....!!!
جيئند علي مهر
وائي
مَنَ، ڀاونائون!
مُٺ ۾ واري جيئن!
سپنا اُڀ سڄو!
هي ساڀيائون،
مُٺ ۾ واري جيئن!
ڀاڳ ڪاٿي، ڪهڙو....
هٿ ۾ ريکائون!
مُٺ ۾ واري جيئن!
پيار صليب تي ئي،
جيءَ، آشائون!
مُٺ ۾ واري جيئن!
مُٺ ۾ واري جيئن!
وائي
اکين، آڳر ۾!
احساس جاڳي پيا!
سڀ سڏڪا سمائي
تنهنجي ڀاڪر ۾!
احساس جاڳي پيا!
نانءُ لکيم تنهنجو...
خالي ڪاڳر ۾!
احساس جاڳي پيا!
ڪري ياد
يار وهي!
سکڻي ساگر ۾!
احساس جاڳي پيا!
احساس جاڳي پيا!
نور حسين
فقيرياڻي ماءُ
ٻن پهرن جو ٽائيم
هيو.
آگسٽ جي ڪاڙهن کي سامونڊي هوائن جهڪو ٿي ڪيو. ڄام
شوري جي هوائن، ڦيرو هڻي، زمين جي دز ۽ مٽيءَ کي
پاڻ سان ملائي ڌڌڙ ٿي اُڇلائي. مختيارڪار آفيس آڏو
ماڻهن جي پيهه متل هئي. ڇولن ۽ سمبوسن وارن ٿالهه
ڪلهي تي رکي هوڪا ٿي ڏنا. قلفيءَ واري جي ٽڻ ٽڻ،
ماڻهن جي چوٻول کي موسيقي جو آلاپ ٿي ڏنو. آفيس
آڏو روڊ جي سائيڊ تي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ، ديو
قامت بيد مشق جي ٽارين ۽ پنن مان هوا جا ها سا ٿي
نڪتا.
روڊ جي اڏاوت لاءِ پٿر رکيا ويا هيا. جيڪي بي
ترتيب ٽڙيل پکڙيل هيا. ايندڙ ويندڙ ماڻهو ٿاٻا
کائي رهيا هيا. هلندڙ گاڏيون کڙ کڙ ڪنديون، ٽين
دٻن جو ڏيک ڏيئي رهيون هيون. اولهه اوڀر کان ايندڙ
ويندڙ گاڏين جي هارنن ماڻهن کي بتال ٿي ڪيو. ڪارن
۽ رڪشن جي ٽين ٽين کٽي ئي نه پئي.
فقيرن به ٿڙي ٿاٻڙي ماڻهن جي انبوهن ۾ صدائون ٿي
هنيون. دڪانن مان فوٽو اسٽيٽ جي مشينن پيٽان پنا
ٿي اڇلايا. ماڻهو دڪانن ۽ وڻن هيٺان اڀ پيرا بيٺل
هئا.
اچانڪ هڪ رڪشي ٻڍڙي فقيرياڻي کي ٽڪر هڻي پٿرن تي
اڇليو. وٺي دانهن ڪيائين. سندس سڄو جسم رهڙجي چڪو
هو. هٿن پيرن ۽ مٿي مان رت جا سيما ٿي ٽميان. بيٺل
انبوهه ڊوڙ پائي فقيرياڻي کي سنڀاليو. رڪشي واري
تي ڦٽڪار شروع ٿي وئي. سهارو ڏئي کيس بينچ تي آندو
ويو. هڏ گڏ ڀڄڻ کان ته بچي ويا پر، ڌڪن، زخمن جي
ايذاءَ ۽ تڪليف سبب وٺي کڻي دانهون ٿي ڪيائين. مٿي
تان رئو ڪري پيو هيس. آڻي کيس هٿ ۾ ڏنائون. رئي
سان پنهنجا ڳوڙها ۽ زخم ٿي صاف ڪيائين. سندس اڻڀا
وار منهن تي لڙڪي بي بسي ظاهر ڪري رهيا هيا. درد
جي شدت سبب وري ٻيهر دانهن ڪيائين. ماڻهو مڙي
کانئس پڇڻ لڳا. امان ڪير آهين... ڪٿي ويٺي آهين.
اوڇنگارن ۾ سڏڪي پئي.....!
چيائين پنجن پٽن جي ماءُ آهيان. بيواهه آهيان.
پنجن کي پالي نپائي وڏو ڪيم شاديون ڪرايم. پر پنج
پٽ مون هڪ ماءُ کي پالي نٿا سگهن. پٽن هوندي
ننڌڻڪي آهيان. ائين چئي روئڻ ۾ پلٽجي پئي. آلين
اکين مان ڳوڙهن جا بند ٽٽي پيا.
ڊاڪٽر ريحانه نظير
فيڪ آءِ ڊي
ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي ذات ۾ ڪيڏو اڪيلو ڪيڏو
وياڪل ٿيندو آهي، جو پوري ڪائنات ۾ به هو پاڻ کي
پولار ۾ اڏامندڙ ان ڪک وانگر سمجهندو آهي، جنهن کي
پاڻ تي ڪوبه ڀروسو نه هجي ۽ سندس وجود هوا تي
منحصر هجي جيڪا جيئن چاهي ۽ جتي چاهي کيس ڦٽو ڪري،
هن جو پنهنجي جسم توڙي دماغ تي ڪوبه ڪنٽرول نه
هجي.
اياز اڪيلي ويٺي اهو سڀ ڪجهه پاڻ سان محسوس ڪري
رهيو هو. هو ڪراچيءَ ۾، پنهنجي فليٽ جي گئلري ۾
ويٺو هو. هو پنهنجو ڌيان مٽائڻ لاءِ هيٺ ويٺل
چوڪيدار ۽ پٽيوالن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. ڳالهيون،
ڏکن سورن جون.. مهانگائي جون... ٻارن جي بيمارين
جون... مطلب ته هر قسم جون ڳالهيون.. وري رکي رکي
حڪمرانن کي پئي گاريون ڏنائون.
پاڻ ته عياشيون پيا ڪن اسان غريب ڪاڏي وڃون! اهو
سڀ ٻڌي اياز سوچي رهيو هو ته ڪيڏي نه محدود ۽
پريڪٽيڪل آهي هنن ماڻهن جي دنيا، گهڙيءَ ۾ دل جا
غبار لاهيو ڇڏين.
اياز جي دل تي به ڏاڍو وڏو قرض هيو جيڪو هو ادا
ڪرڻ کان پهرين ئي نڪري آيو هو.
اهو دلين جو قرض هيو جيڪو نه هن کي جيئڻ پيو ڏئي
نه وري مرڻ. رڳو درد بنجي سندس رڳن ۾ ڊوڙي رهيو
هو. هي اهو درد هيو جنهن جو نه ڪو ويڄ هيو نه
طبيب.
ويڄ ۽ طبيب ته هو پٺتي ڇڏي آيو. اياز اها نظر ياد
ڪئي، جنهن کڄڻ سان ئي هن جي دل جو سمورو سک آرام
کسي ڇڏيو هو.
ها! اياز توکي ته اها خبر پهرئين ڏينهن کان ئي هئي
ته هوءَ شادي شده ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي، پوءِ به
تو هن سان پيار ڪيو هيو. ڪيڏا وڏا وڏا واعده انهن
کي توڙ تائين نڀائڻ جو وچن ڪيو هو. تون ته هن کي
هڪ لمحي لاءِ به غمگين ڏسي ڪونه سگهندو هئين.
پوءِ اڄ ڇو هن کي اڪيلو بي رحم دنيا ۽ هن جي مڙس
جي رحم ڪرم تي ڇڏي آئين. ڇا تون نه پيو ڄاڻين ته
تنهنجي مومل محبت جو هي ڪاڪ محل توسان گڏجي جوڙيو
هيو. تون ته سندس وڏين گهرين اکين ۾ نهاري وڏا ۽
گهرا رشتا جوڙيا هئا. ۽ چيو هو ته، مومل مان توتي
ڪنهن جو به منحوس سايو اچڻ ڪونه ڏيندس مان توکي هن
وحشت زده ماحول مان ضرور ٻاهر ڪڍندس.
اياز اهو سڀ ڪجهه سوچي پريشان ٿيڻ لڳو. مومل ته
مون کان ڪڏهن ڪجهه به نه گهريو، نه واعدو نه وچن،
پوءِ هاڻي ڇا ٿيو جو مان ائين هليو آيس. مان ته هن
سان عمر ڀر گڏ رهڻ جا واعده ڪيا هئا. پوءِ ڇو ائين
هن کي رڻ ۾ اڪيلو رولي آيس. اياز ڪيترو وقت پنهنجي
پاڻ سان ڳالهائيندي گذاريو. ها...!! مان مڃان ٿو
ته مومل هڪ ڊڄڻي زال ۽ بزدل ماءُ هئي، هوءَ گهر
جوڙڻ لاءِ مڙس ۽ ساهرن جا ظلم سهي رهي هئي. گهر ۾
وڌيڪ ڪمائڻ واري رڳو پنهنجي مرضيءَ جو کاڌو به
پچرائي ڪونه سگهندي هئي. ته پنهنجي مرضي جو رشتو
ڪيئن پئي جوڙي سگهي. پر مومل اهو به جوڙيو. هوءَ
پنهنجي هر خوشي هر غم مون سان ونڊيندي هئي. اسان
گڏجي ڪيئي ڏينهن ڪيئي راتيون ڳالهيون ڪندي ڪاٽيون
هيون. هن جو مڙس ٻاهر نوڪري ڪندو هو ۽ هفتو هڪ ٻه
ڏينهن گهر ايندو هو. هوءَ ٻار کنيون ويٺي هوندي
هئي. سندس گهر مٿي هو. اتي سندس سس ڪانه ايندي
هئي. انڪري مومل آسانيءَ سان هن سان ڳالهائي
سگهندي هئي. پر پوءِ ڇا ٿيو اياز سوچڻ لڳو، ها مون
ئي ته هن تي اڪيلي ملڻ جو زور رکيو هو. هن ڪيڏو نه
مون کي يقين ڏياريو هو ته هوءَ اڪيلي ڪونه ملي
سگهندي. باوجود ظلمن سهڻ جي به هوءَ ان مڙس ۽ سماج
جي بنايل ريتن رسمن کي نٿي ٽوڙي سگهي.
ڪيڏو نه مجبور ٿي هن اياز کي اهو سڀ ڪجهه چيو هو،
اياز منهنجو توسان جسم جو نه، پر روح جو رشتو آهي.
جسم جي قيد ۾ مان ڪنهن ٻئي سان رهان پئي. پر اياز
هن کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي چيو هو ته، ”پرين تون جسمن
جي حقيقتن کان ڇو منڪر آهين اهو پيار پڪار جوئي
پڙاڏو آهي.“
نه نه اياز مون کي مجبور نه ڪر، مومل هن کي نماڻي
نهار سان چيو هو. پر اياز کي ان وقت الائي ڪهڙو
مومل جي بدن جو سحر طاري هيو جو هن بغير سوچڻ
سمجهڻ جي چيو هو ته، ”نه مون کي تون پوري طرح کپي،
اڌورو رشتو مان هاڻي نڀائي ڪونه سگهندس“.
اياز هڪ ٽڪ چيو، مومل ڪنڌ هيٺ ڪري هن کي صرف اهي
لفظ چيا ته اها توهان جي پنهنجي مرداني انا آهي
جيڪا اوهان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ اڪسائي ٿي جي
اوهان جو اهو آخري فيصلو آهي ته پوءِ توهان جي
مرضي سان اهو نڀائي ڪونه سگهندس. اياز سوچي رهيو
هو ته،هن کي ڇا ٿيو، هو ڪيئن ايڏو مطلبي بنجي ويو.
اهو سوچي هو تيار ٿي واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري هيٺ
ڪار ۾ ويٺو. سڄي واٽ سوچڻ لڳو ته مومل کي هيئن
پرچائيندس، هونئن پرچائيندس. الائي ڪيئن ٽن ڪلاڪن
جو رستو ڪٽجي ويو. هو آفيس ۾ داخل ٿيو ۽ هن جي
آفيس ڏانهن وڃڻ لڳو ته کيس آواز آيو. ها هي سندس
مومل جو ئي آواز هيو فون تي ڪنهن سان ڳالهائي رهي
هئي. اياز آخري لفظ ٻڌي پنهنجا قدم اتي ئي روڪي
ڇڏيا ۽ واپس موٽي گاڏيءَ ۾ ويٺو لفظ پڙاڏو بنجي
سندس دل ۽ دماغ کي ڦاڙڻ لڳا هن کان گاڏي اسٽارٽ
ڪرڻ وسري ويئي.
اف خدايا!! مومل فون تي چئي رهي هئي ته روبي (روبي
سندس فرينڊ هئي) زندگي ۾ ڪير به ڪنهن سان ساٿ ڪونه
ٿو نڀائي. هر ڪو لالچ ۽ لوڀ کڻي اچي ٿو هن کي به
مون سان محبت نه پر مون ۾ لالچ هئي. توکي خبر آهي
مون ڪيترن ڏينهن کان ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ جي
ڪوشش پئي ڪئي ته هن جي محبت واقعي صرف طلب تائين
رکيل هئي. تڏهن ته هو مون کي ائين ڇڏي ويو.
شايد هو فيس بڪ تي رکيل ڪا فيڪ آءِ ڊي هئي، جنهن
کي مون پنهنجي فرينڊ لسٽ ۾ رکيو هو.
فيڪ آءِ ڊي... فيڪ آءِ ڊي ها مان فيڪ آءِ ڊي ته
آهيان...!
اياز پنهنجي منهن بڙبڙائي رهيو هو. گاڏي رک
اڏائيندي هلي ويئي!
سنڌو پيرزادو
غزل
زندگي تو سوا بس اڌوري رهي
هر خوشي تو سوا بس اڌوري رهي
تون نه آئين پرين باک ڦٽندي رهي،
روشني تو سوا بس اڌوري رهي
رت بسنتي هئي ڦول مهڪي پيا
دلڪشي تو سوا بس اڌوري رهي
رات تارن ڀريءَ ڪي ئي منظر چٽيا
چاندني تو سوا بس اڌوري رهي
ياد توکي ڪيم مڌ ڀري رت هئي
بي خودي تو سوا بس اڌوري رهي
*
....
خوشبوءَ ويس ڍڪائي آئين
جل ٿل جل ٿل ساوڻ بڻجي
سارنگ ڪوئي ڳائي آئين
منهنجي من جي پوتر جل تي
نيل ڪنول کلائي آئين
ڌرتي ساري روشن ٿي وئي
ديپڪ ڪوئي ڳائي آئين
گل گلاب رابيل ٽڙي پيا.
*
رشيده حجاب
بيوفا ڪير
سڄو هال
تاڙين جي شور سان گونجي ويو. هڪ سال جي ننڍڙي
فوزيءَ ڦوڪ ڏيئي موم بتي وسائي ڇڏي.
”شاباس! شاباس!“ ساجده هن جي چهري کي چمڻ لڳي.
”ويري گُڊ!“
”واه واه!“
”ڏاڍي ذهين بي بي آهي!“
هُن جي چپن تي اُداس ۽ طنزيه مُرڪ نچي اُٿي. هُن
ائين ئي چيو: ”هجي به ڇونه؟ آخر ڌيءُ ڪنهن جي
آهي!“
هُن جا طنز ڀريا لفظ ساجده جي دل ۾ زهريلن تيرن
وانگر پيوست ٿي ويا. سندس اکين ۾ غم ۽ مايوسي ڀرجي
آئي، ۽ سندس چپن تي اداسيءَ ۽ شڪايت جا پاڇا ٿڙڪڻ
لڳا. ڄڻ هوءَ پنهنجي خاموش زبان سان چئي رهي هئي:
’تون ائين ڇو ٿو چوين ... ڇا لاءِ؟ ڀلا ان ۾
منهنجو ڪهڙو قصور؟ مان اڳ گهٽ زخمي آهيان، جو تون
ائين منهنجن زخمن تي لوڻ ٿو ٻرڪين! مون کي تڪليف
ڏئي، ڇا توکي تسڪين ملي ٿي؟... ٻڌاءِ! ... ٻڌاءِ!‘
ساجده جي ان خاموش شڪايت کان ڄڻ هو مرعوب ٿي ويو،
۽ ٻئي طرف هليو ويو. هوءَ، گُم سُم بيٺي رهي- ۽
جڏهن فوزيءَ سندس ڳچيءَ ۾ اچي پنهنجون ٻانهون
وڌيون، تڏهن هوءَ ڇرڪجي وئي.
سڀ مهمان هن کي پياني تي نغما ٻڌائڻ لاءِ چئي رهيا
هئا، ۽ هو ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ساجده کي
چڱيءَ طرح خبر هئي ته هو پيانو تمام سٺو وڄائيندو
آهي؛ پر ان وقت سندس دل ڌڙڪڻ لڳي، ۽ سندس نظرون ڄڻ
التجا ڪري رهيون هيون: ’نجمي، انهن سُرن کي نه
ڇيڙجانءِ... انهن سُرن سان تنهنجي ۽ منهنجي ماضيءَ
جون تلخ يادگيريون وابسته آهن! ڪٿي اها چڻنگ وري
شعلو بڻجي نه ڀڙڪي اٿي، جنهن کي مون هزارين مڻ رَک
جي هيٺان دٻائي ڇڏيو آهي! اڄ منهنجي بيبيءَ جي
پهرين سالگرهه آهي... خدا جي واسطي، اڄ ته مون کي
خوش رهڻ ڏي- مٿينءَ دل سان ئي سهي! تنهنجن نغمن
ٻڌڻ سان شايد ضبط جو دامن وس ۾ نه رهي، ... ۽ پوءِ
... پوءِ!‘
مهمانن جو اصرار وڌندو رهيو ... ۽ پوءِ هن جون
ڊگهيون آڱريون پياني جي سيني تي تيزيءَ سان هلڻ
لڳيون. پياني جو آواز آهستي آهستي بلند ٿيندو ٿي
ويو. هو پيانو وڄائي رهيو هو. ٻڌڻ وارا ساڪن، دم
روڪي ويٺا هئا، هن جي نغمن ۾ وياڪلتا هئي، غم هو،
ناڪاميون ۽ نامراديون هيون؛ هن پنهنجي دل جو درد
نغمن ۾ پلٽي ڇڏيو هو... ۽ هوءَ ائين سمجهي رهي
هئي، ڄڻ سنگيت هن جي آڱرين ۾ سمائجي ويو هجي. نغمو
ختم ٿي ويو. هڪ دفعو وري هال تاڙين جي شور سان
گونجي ويو. هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
ڪا ڇوڪري هن کان پڇي رهي هئي: ”مسٽر نجمي، درد جو
هي انمول خزانو توهان ڪٿان حاصل ڪيو آهي؟“
”درد ... اُداسي ... افسردگي... غم... هي سڀ
منهنجي تنهائيءَ جا رفيق آهن!“ هو شرابين جي انداز
۾ چوڻ لڳو: ”هي سڀ مون پاڻ حاصل نه ڪيا آهن، هي
پاڻ مون وٽ آيا آهن... ها، بلڪل پاڻ آيا آهن! جڏهن
سڀ مون کان منهن موڙي هَليا ويا، تڏهن ... هي مون
وٽ هليا آيا- منهنجا سچا همدرد ... منهنجا
ساٿي...!“
هوءَ ڇوڪري ۽ ٻيا مهمان کلڻ لڳا. شاهد کلي چيو:
”معلوم ٿو ٿئي، نجمي، اڄ هڪ ٻه جام وڌيڪ چاڙهي ويو
آهين! هل، هلي آرام ڪر، صبح جو هليو وڃجانءِ.“
شاهد هن کي سهارو ڏئي، ،پلنگ تي سمهاري ويو؛ ... ۽
هو پاڻ کي واقعي شرابي سمجهڻ لڳو.
مهمان هليا ويا. شاهد ساجده کي وٺي ڪمري ۾ هليو
ويو.
هو ڦاٽل اکين سان چنڊ کي گهُورَڻ لڳو. رات پُرنم
ٿي ويئي هئي. پوين تاريخن جو چنڊ آهستي آهستي
اُڀري رهيو هو، ۽ ڪمزور چانڊوڪي ڄڻ هن جي دل وانگر
خاموش سڏڪا ڀري رهي هئي. هو ان ڪمزور چانڊوڪيءَ ۾
پنهنجي شوخ ۽ شاداب چانڊوڪي ڳولي رهيو هو. ڪٿي هئي
هن جي چانڊوڪي؟- هن جي ساجده، هن جي ’ساجي!‘
* *
”ساجي، تون ڪٿي آهين؟“
”نجمي، او نجمي، مان هتي آهيان! ڇا آهي؟“
”ڇا آهي!... اهو ته تون ٻڌاءِ نه؟“
”ڀلا ٻڌايانءِ؟ ٻڌايانءِ، ته ڇا ڏيندين؟“
”چاڪليٽ!“
”ته پوءِ چاڪليٽ ئي آهن- هيڏي ڪر!“
ننڍڙو سفيد هٿ وڌيو.
”هان وٺ! وٺي ته تنهنجي لاءِ ئي آيو آهيان، پر
توکي خبر ڪيئن پئي؟“
”بس، نجومت هلايم!“
”نجومت؟“
”ها ها، نجومت!“
”جيڪڏهن توکي نجومت ايندي آهي، ته ڀلا ٻڌاءِ، مان
ڇا ٿو سوچيان؟“
”واه، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“
”وڏي ڳالهه نه آهي، ته پوءِ ٻڌاءِ نه!“
”ٻڌايانءِ؟“
”ها، ٻڌاءِ!“
”- ’اما ۽ چاچيءَ کان لڪي باغ ۾ هلون، ۽ انب
پٽيون!‘ ڪيئن، نجمي!“
”اڙي ساجي، تون ته صفا ولي ٿي وئي آهين!“
”۽ اما جي چوڻ موجب، هاڻي سياڻي به ٿي وئي آهيان!“
...۽ پوءِ معصوم ٽهڪ گونجڻ لڳا.
***
”نجمي، او نجمي، ڳالهائين ڇو نٿو؟“
”چپ!“
”اڙي بابا، ڪُڇ ته سهي، آهي ڇا؟“
”نه، مان توسان نه ڳالهائيندس! تون ڪالهه ڇونه آئي
هئينءَ؟ ڪيڪ به سُڪي ويا، ۽ چاڪليٽ مون پاڙي جي
ٻارن کي ڏئي ڇڏيا!“
”بس، ڳالهه به ايتري!“ هن وڏو ٽهڪ ڏنو. ’بابا، اما
نه پئي ڇڏي- چي، ’تون هيڏي وڏي ڍڳي ٿي آهين، ڇوڪرن
سان ڪا ٺهين ٿي؟ سڄو ڏينهن نجميءَ سان پئي
رُلين!‘“
”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا! ڪالهه ته جيئن تيئن ڪري گذاري ڇڏيم، اڄ
هلي آيس. پر، نجمي، هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي:
جڏهن مان شاهد سان راند ڪندي آهيان، ته اما ڪجهه
به نه چوندي آهي- هٿئون چوندي آهي ته ’شاهد سان
راند ڪندي ڪر!‘ ... ڇو ڀلا؟“
”شاهد هن جي ڀاءُ جو پٽ آهي نه!“
”پوءِ تون به ته بابا جي ڀاءُ جو پٽ آهين نه!“
ساجده برجستو جواب ڏنو.
”الائي ڇو...؟“ نجميءَ جو معصوم ذهن جواب ڏئي نه
سگهيو، پر هن جي اداسي گهَري ٿيندي وئي.
”ڇڏ، نجمي، انهن ڳالهين کي- اچ راند ڪريون!“
هو بيدليءَ سان اٿيو، هن جي دل ۾ ڪا ڳالهه هئي،
جنهن کي هو فقط محسوس ڪري سگهيو ٿي، سمجهي نٿي
سگهيو.
هن جي ماءُ ۽ چاچيءَ جي ڪشيدگي وئي وڌندي... ۽
پوءِ هنن جو وسيع بنگلو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو.
باغ جي وچ ۾ ڪنڊن جي ڀت اچي وئي. هن جي ماءُ هر
شيءِ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. پر... هُن جي دل
کي تقسيم ڪرڻ هن جي ماءُ جي وس ۾ ڪٿي هو؟
ساجده ۽ نجمي- ٻئي، ننڍپڻ جون حدون ڇڏي، انهن حدن
کي پهچي چڪا، جتي هنن جو هڪٻئي کي ڏسڻ به مشڪوڪ
هو.
هوءَ اڪثر سوچيندي هئي: ’هن جي ماءُ ۽ چاچيءَ جا
جاهلانه جهيڙا، ڇا هن
جي زندگيءَ مان مسرت چوسي
وٺندا؟‘ پر هن کي پاڻ وٽان ڪوبه جواب ڪونه ملندو
هو، ۽ هوءَ عجيب ڪشمڪش ۾ متبلا ٿي ويندي هئي. اتي
هن کي تسلي ڏيڻ وارو هن جو ننڍپڻ جو ساٿي نجمي به
ڪونه هوندو هو.
نجميءَ ڪاليج جي مضمونن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پهريون
انعام حاصل ڪيو. هوءَ خوشيءَ کان بيتاب ٿي ويئي.
اهو سڀ هن جي دلي دعائن جو ئي ته اثر هو! پنهنجي
ڪاميابيءَ تي ڪنهن کي خوشي نه ٿيندي؟ نجميءَ جي
ڪاميابي به ڄڻ هن جي پنهنجي ئي ڪاميابي هئي.
هوءَ ان رات دير تائين پنهنجيءَ مخصوص جاءِ تي
گلاب جي ٻوٽن جي ويجهو ويٺي رهي، ۽ پوءِ، آهستي،
ٻوٽن ۾ ڪو پاڇو ٿڙڪيو-
”ساجي...“ ڪنهن آهستي سڏ ڪيو.
”اجها، نجمي، مان هتي آهيان...“
”اڄ مون کي پهريون انعام مليو.“
”مبارڪ هجيوَ... مون کي نگار ٻڌايو هو.“
هن جي ماءُ، ڳُجهڙي انداز ۾
مُرڪندي، هلي وئي.هوءَ آسمان جي وسعتن ۾ پنهنجي
نجميءَ کي ڳوليندي رهي. ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئس، بُت
بڻجي
”مبارڪ جي مستحق ته تون آهين، ساجي!“
”مان! مان ڪيئن؟“
”اهو سڀ تنهنجي ئي دعائن جو ته اثر آهي!“
- ۽ هوءَ شرمائجي وئي.
”هيءُ ڏس، ڪهڙي خوبصورت ٻيڙي آهي!“
ساجيءَ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏٺو. چانديءَ جي
خوبصورت ٻيڙي هئي، جنهن تي دلڪش نقش هئا.
”ڏاڍي سٺي آهي... هان، وٺ!“
”وٺڻ ڇا جو؟“
”هي ڇا ٿي چوين، ساجي! ياد اٿئي، مان تنهنجي لاءِ
ننڍپڻ ۾ اهڙيون ڪيتريون شيون وٺي ايندو هوس- تڏهن
ته تون وٺڻ کان انڪار نه ڪندي هئينءَ! اڄ انڪار
ڇو!“
”نجمي، مون کي ائين نه چؤ! مان... مان... چڱو، مون
کي ڏي...“
هوءَ تيزيءَ سان بنگلي جي طرف هلي ويئي، ۽ هو
اکيون ڦاڙي، هن جي پري پري ويندڙ پاڇي کي ڏسي رهيو
هو.
- ڪيترا نه معصوم هئا هنن جا جذبا!
***
هڪ ڏينهن نجميءَ ٻُڌو، هنن جي نوڪرياڻيءَ کي ساجده
جي ماءُ چئي رهي هئي: ”هاڻي دعا ڪر، مائي،
منهنجيءَ ساجده جا به هٿ پِيلا ٿين خير سان!“
نوڪرياڻيءَ دعا ڪندي چيو: ”ها، بيگم صاحبه، الله
ڪري ساجده بيبي خير سان ڪنوار بڻجي! پر، بيبي،
توهين دير ڇو ٿا ڪريو! خدا جي فضل سان ڇوڪرو توهان
وٽ پنهنجو ئي آهي؛ ڪنهن ڏينهن مولويءَ کي گهرائي،
نڪاح پڙهائي ڇڏيو. اها ئي عمر شاديءَ جي آهي. ابي
نجميءَ به بي. اي ته پاس ڪئي آهي، باقي دير ڇا جي؟
بسم...“
”ڇا؟ نجمي!“ هن جي چاچيءَ اهڙي زور سان رڙ ڪئي، ڄڻ
ڇت ٿي ڦاٽي. ”مان ان نجميءَ نکمڻي کي ڏيندس پنهنجي
ڌيءُ؟ آهي اڃا پاڻ پيءُ جو محتاج، منهنجيءَ لاڏن
جي پاليل ڌيءَ کي ڪيئن پاليندو؟ اهڙا بي. اي پاس
ته گهڻائي پيا رُلن. مان ته پنهنجي ڌيءَ ڪنهن
ولايت- پاس کي ڏيندس!“
”پر، بيبي، پهرين حق ته نجميءَ جو
آهي- وڏي چاچي جو پٽ
آهي.“ نوڪرياڻيءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.
”حق! حق ڇا جو؟“ هن دفعي هن
جو آواز سمجهڻ
کان ئي ٻاهر هو. ”ساجده ڪا ڄمندي ئي نجميءَ
جي نالي ٿورو ئي ٿيل هئي؟ ۽ مان وري ڪا پنهنجي
ڌيءَ جي دشمن آهيان ڇا؟ نجميءَ جي ماءُ مون کي سک
جو ساهه کڻڻ ڏنو هو، جو منهنجي ٻچڙيءَ کي سهندي؟
مون ته خير هوشياري ڪري، ساجده جي پيءُ کي چئي،
پنهنجو حصو الڳ ڪرائي ڇڏيو، پر منهنجي ڌيءَ جي وات
۾ ته زبان ئي ڪانهي- هوءَ ڇا ان افلاطون سان
پڄندي؟ منهنجي ڌيءَ کي جلائي جلائي ماري ڇڏيندي
هوءَ!“
نوڪرياڻي ته ويچاري چپ ڪري کسڪي وئي. هن جو سينو
زخمن کان چُور ٿي ويو. چاچيءَ جو هڪ هڪ اکر زهريلو
تِير هو، جو هن جي دل جي آرپار ٿيندو ٿي ويو. هو
سوچڻ لڳو: ’چاچي ويچاري به سچي آهي... زندگي
افسانن تي بسر ٿي نٿي سگهي ۽ نه خالي خولي محبت جي
سهاري، جبل جيڏي حياتي ڳاري سگهجي ٿي. اسين افسانن
۾ چاهي ڪجهه به لکون- محبت ابدي چيز آهي، لافاني
آهي، فلاڻ آهي، ڍينگ آهي- ليڪن حقيقت بهرحال حقيقت
آهي. بک ۾ ڪڏهن محبت جو خيال به نٿو اچي سگهي. بک
مٽائڻ لاءِ کاڌي جي ضرورت آهي، محبت جي نه. کاڌو
پيسن سان ملي سگهي ٿو؛ محبت سان ڪير کاڌو ڏيڻ لاءِ
تيار ٿيندو؟ جسم ڍڪڻ لاءِ ڪپڙن جي ضرورت آهي؛ محبت
سان ته جسم ڍڪجي نٿو سگهجي. پوءِ، مان ڪهڙي منهن
سان ساجده کي حاصل ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهيان! ساجده
زندگيءَ جي گهُرجن کي محبت سان ته پورو نه ڪندي، ۽
نه هن جي زندگي افسانن جي خيالي محلن ۾ گذري
سگهندي...‘ ۽ پوءِ هن جي چهري تي هڪ ئي وقت اُداس
۽ طنزيه مُرڪ نچڻ لڳي. ’ولايت پاس! ساجده کي صرف
ان خوش نصيب جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪو ولايت پاس
هوندو- ٻين اکرن ۾، ساجده جي قيمت ولايت مان آندل
ڪا ڊگري هوندي!‘ هن آهستي چپن ۾ ڀُڻڪيو: ’چاچي،
ساجده جو سودو ايترو سستو نه ڪر ... هوءَ انهن
ڊگرين کان بلند آهي- تمام بلند!‘
دروازي جي اوٽ ۾ بيٺل ساجده، سوچي رهي هئي...
’ڪهڙي نه همدرد آهي منهنجي ماءُ! هن جو خيال آهي
ته زندگي صرف بنگلن ۾ رهِي ۽ موٽرن ۾ گهمي ئي
خوشيءَ سان گذاري سگهجي ٿي! ... خوش رهڻ لاءِ انهن
بد رنگ شين کان وڌيڪ ڪنهن ٻيءَ چيز جي ضرورت آهي:
دولت ته فاني شيءِ آهي، زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن
لافاني شيءِ جي ضرورت آهي... امان، مون کي دولت جي
ضرورت نه آهي- تون ته چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿي ته مون
کي ڪنهن جي ضرورت آهي.... پوءِ تون ڄاڻي به اڻڄاڻ
ڇو ٿي بڻجين؟ ڇا، تون چاهين ٿي ته مان بيحيا بڻجي
توکي سڀ ڪجهه پنهنجيءَ زبان سان چوان؟... پر نه،
امان، مان ائين نه ڪنديس... مان ته آهيان ئي
بيزبان- بيزبان جانور! توکي جيئن وڻي تيئن ڪر، مان
ڪجهه نه چوندس... ڪجهه نه چوندس!‘
دل جي زبان اکيون- هن جي اکين روئي ڏنو. جيڪي ڪجهه
هن چوڻ چاهيو ٿي، اهو سڀ ڪجهه هن جا گرم گرم ڳوڙها
چئي رهيا هئا... پر، ڳوڙهن جي زبان عجيب- سمجهي
ڪير؟
***
ان رات جو هو دير تائين پيانو وڄائيندو رهيو. هن
جو جسم روح کان خالي هو- هن جو سڄو روح ڄڻ هن جي
آڱرين ۾ سمائجي ويو هو. نغمن جو سوز وڌندو رهيو.
چنڊ، هن سان گڏ روئڻ لاءِ، آسمان تان لهي، هن جي
دريءَ ۾ اچي بيٺو؛ ۽ روئي شفقت آميز لهجي ۾ چوڻ
لڳو: ’تون روئين ڇو نٿو؟ تنهنجا ڳوڙها تنهنجين
اکين جي ڪُنڊن ۾ ڄمي ڇو پيا آهن؟ هنن کي تون وهڻ
ڇو نٿو ڏين؟ تنهنجون آهون تنهنجو سينو جلائي رهيون
آهن. هنن کي پنهنجن لبن جي ديوار ٽوڙڻ ڏي، ته هنن
جي سوزش ٻيا به محسوس ڪري سگهن!... تون انهن نغمن
کي بند ڪمري ۾ ويهي نه ڇيڙ- دنيا کي ٻڌاءِ... دنيا
کي ٻڌاءِ!... مان توکي هن طرح اندر ئي اندر تڙپندو
ڏسي نٿو سگهان- نٿو برداشت ڪري سگهان! منهنجين
ٻڍين اکين تو جهڙو آتش فشان ڪونه ڏٺو آهي. اڙي،
مجنون ۽ فرهاد به ته ائين اندر ئي اندر ڪونه سڙندا
هئا، پوءِ تون...‘ هو چرين وانگر رڙيون ڪرڻ لڳو-
”تون شيطان آهين! تون مون کي پنهنجي تفريح ٿو
بڻائڻ چاهين!... هليو وڃ هتان!“ هن زور سان دري
بند ڪري ڇڏي، ۽ بي اختيار پياني تي جهُڪي پيو.
***
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساجده ٻڌو ته نجمي پنجن سالن
لاءِ آمريڪا هليو ويو. اهو ٻڌي، هوءَ بي اختيار
کلڻ لڳي. ماڻس جي چهري تي ناگواريءَ جا آثار پيدا
ٿيا. هن جي کل جيئن بي اختياريءَ سان آئي هئي،
تيئن هلي ويئي؛ ۽ ڪنهن نامعلوم احساس کان هن جو
سڄو جسم ڏڪڻ لڳو.
***
شاهد آمريڪا کان واپس آيو. ساجده جي ماءُ سندس
شاديءَ جون تياريون ڪرڻ لڳي. ان وقت الائي ڪيئن،
هن جي گونگي پيءُ جي وات ۾ زبان اچي ويئي- ڇو ته
هن جي سياهه و سفيد جي مالڪ ته بيگم صاحبه هئي، هو
ڪجهه ڪُڇندو ئي ڪونه هو. شايد نجميءَ ۽ ساجيءَ جون
خاموش بيقراريون هينئر زبان بڻجي آيون هيون-
”ساجده جي شادي نجميءَ سان ٿيندي!“
”۽ مان چوان ٿي ته شاهد سان ٿيندي!“
”نه، هرگز نه! نه... نه...!“
”آخر ڇو نه ٿيندي؟ شاهد ۾ آخر ڪهڙي گهٽتائي آهي؟
تنهن کانسواءِ، مان پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ کي
زبان ڏيئي چڪي آهيان. مان زبان ڏيئي ڦِرڻ واري نه
آهيان!“ ۽ پوءِ چال بدلائي، روئڻهارڪي لهجي ۾
ماترائڻ لڳي: ”مان ڪا پنهنجي نياڻيءَ جي دشمن ٿورو
ئي آهيان! ... اهڙو چڱو رشتو ڇڏڻ بيوقوفي آهي.
ڪهڙو نه لائق ڇوڪرو آهي! هرڪو ولايت وڃي ڪا مڊم
ضرور گهليو اچي، پر هن اشراف ائين نه ڪيو، ۽ هو
تنهنجو فرشتو ڀائٽيو!... وري ڪيڏانهن ٿو وات
وڃي...“ وٺي زور زور سان روئڻ شروع ڪري ڏنائين.
گونگي پيءُ جي زبان وري ڪيڏانهن گم ٿي وئي. عاجز
ٿي، چوڻ لڳو:
”چڱو، جيئن وڻئي تيئن ڪر، پر خدا جي واسطي روءُ
نه...!“
هن جي ماءُ، ڳُجهڙي انداز ۾ مُرڪندي، هلي وئي.
هوءَ آسمان جي وسعتن ۾ پنهنجي نجميءَ کي ڳوليندي
رهي. ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئس، بُت بڻجي ويئي- سنگ
مرمر جو بُت!
***
پوءِ هڪ ڏينهن شاهد هن جي دروازي تي گهوٽ بڻجي
آيو. هوءَ چپ چاپ ويٺي هرهڪ کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهي
هئي. بظاهر سڀ ڪجهه، ليڪن دراصل هن کي ڪجهه نظر نه
اچي رهيو هو. هوءَ ٻڌي سڀ ڪجهه رهي هئي، پر هن جي
سمجهه ۾ ڪا ڳالهه نه اچي رهي هئي. هن جي ظالم
ماءُ- جنهن تي هن جي ڳوڙهن ڪو اثر نه ڪيو هو- هن
جي خاموشيءَ کان الائي ڇو ڊڄي وئي. آهستي آهستي
اچي سندس ڪن ۾ چوڻ لڳي: ”امڙ، آءٌ لاچار هيس، مون
پنهنجي ڀاءُ کي زبان ڏئي ڇڏي هئي!“ هن چوڻ چاهيو:
”امان، ان ۾ تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونه آهي: دنيا ۾ سڀ
انسان لاچار آهن، اسين سڀ مجبور آهيون- تون
پنهنجيءَ ڏنل زبان کان مجبور آهين، بابا توکان
مجبور آهي، آءٌ نجميءَ کان مجبور آهيان- اسين سڀ
مجبور آهيون، لاچار آهيون...!‘ پر هن جو آواز
نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيو.
عورتون سهاڳ جا گيت ڳائي رهيون هيون. دُهل جِي ڌم-
ڌم هن کي ملڪ الموت جو آواز محسوس ٿي رهيو هو.
هوءَ هڪ مُردو هئي، جنهن کي هن جي ماءُ، ٺاهي
سينگاري، چِتا ۾ سڙڻ لاءِ موڪلي رهي هئي. اتي هن
جي دل ۾ هڪ خواهش پيدا ٿيڻ لڳي- ڪاش، شاهد جو گهر
هن جي چتا بڻجي وڃي! ... پر هن جي ڪهڙي خواهش پوري
ٿي هئي؟ کيس وهنجاريو ويو، نوان ڪپڙا ڍڪايا ويا،
سون مِين جا زيور پهرايا ويا... خاموش تماشائي
بنجي، هوءَ حيرت سان سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي. اوچتو
سندس نظر پنهنجن مينديءَ رَتن هٿن تي پئجي ويئي.
هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. کيس ائين معلوم ٿيو ڄڻ هن ڪنهن
تيز خنجر سان نجميءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هجي... ۽
پوءِ، ان جي گرم گرم رت کي ميندي بنائي پنهنجن هٿن
۾ رچايو هجي! هن جا دٻيل جذبا وري جاڳي اٿيا. هن
جي ماءُ سندس مٿي تي سهرو ٻڌي
رهي هئي... ’نه اما، ائين نه ڪر...!‘ هن رڙ ڪئي... پر اها رڙ صرف هن جي
نڙيءَ ۾ ئي رهي- ٻاهر نڪرڻ جي ان کي اجازت ئي ڪٿي
هئي؟
شاهد جي گهر ۾ اچي هن کي سڀ ڪجهه مليو، پر تڏهن به
هوءَ نامراد هئي- ڄڻ ته هن کي دنيا ۾ ڪجهه به ڪونه
مليو هو. هن انهيءَ ساجده جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو،
جيڪا نجميءَ جي هئي، ۽ جنهن نجميءَ سان رانديون
ڪندي پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو؛ هينئر اها ساجده
زنده هئي، جيڪا شاهد جي بيگم هئي، ۽ فوزيءَ جي
ماءُ هئي.
۽ اڄ، جڏهن فوزيءَ جي پهرين سالگرهه هئي، ته ڪٿان
نجمي به اچي نڪتو هو. هينئر به هن جو چهرو اڳي کان
زياده افسرده ٿي ويو هو. هن جي نغمن ۾ بيحد سوز
هو، ۽ افسانن ۾ بي انتها درد.
چنڊ لڪي ويو. رات جي تاريڪي به دور ٿي وئي هئي. هو
ٻاهر نڪتو. ساجده بينچ تي ويٺي هئي. فوزي هيٺ نرم
ڇٻر تي کيڏي رهي هئي. ساجده جي اندر واري ’ساجي‘
ڪَرَ موڙڻ لڳي. پر... ’ساجيءَ‘ تي ’ساجده‘ غالب
اچي وئي.
”توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه، نجم صاحب!“ ساجده
خشڪ لهجي ۾ پڇيو.
”نجم صاحب...!“ هن طنزيه ٽهڪ ڏنو. ”نئين زندگي
مبارڪ! ساجده، واقعي تو شاهد کي چونڊي، عقلمنديءَ
جو ثبوت ڏنو.“ يڪايڪ هن کي سخت غصو اچي ويو... هن
هڪ چماٽ ساجده جي ڳل تي هڻي ڪڍي- ”تون بيوفا
آهين!“ وڏا وڏا قدم کڻندو، هو تيزيءَ سان دروازي
کان نڪري ويو.
ساجده پنهنجو هٿ نجميءَ جي ڏنل تحفي تي رکندي
ڀڻڪيو- ’بيوفا!...ڪير؟‘.
گلشن سنڌو
غزل
توکي مان ساري وکري وينديس،
پاڻ کي وساري وکري وينديس
تنهنجي اچڻ جي آس ۾ ساٿي
دڳ تان نهاري وکري وينديس
درندن جي وشي جهنگل ۾
پرينءَ کي پڪاري وکري وينديس
واعدا، قسم، محبتون ان جون
اهي اکر اچاري وکري وينديس
ڌرتيءَ جو عڪس آهي جنهن ڏانءُ ۾
ڏات کي اجاري وکري وينديس
ڪري نه سگهيس جي دنيا جو مقابلو
بس هيانءِ هاري وکري وينديس
دل ضد ڪيو جي هن سان ملڻ لئه
نفس کي ماري وکري وينديس.
*
غزل
ڪهڙي آ حياتي، ڪهڙي زندگي آ
رسي وئي اسان کان هر ڪا خوشي آ
دماغ گهري حيات ٿو، دل گهري موت
وقت جي تقاضا ٿي پئي خودڪشي آ
نڀائڻ جا پاڻ ته پڪا هياسين
تو نه نڀايو ها اها ڳالهه ٻي آ
ڏات ڏني رب، لک احسان تنهنجا
جيئڻ جو سبب هاڻ رڳو شاعري آ
مرڪڻ جو حق مون کان نه کسجو
مرڪ آ سکي مرڪڻ سان دوستي آ |