سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون  جون 2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

محمد اڪرم

رزان اشرف النجار

 

گذريل سال جڏهن پوري دنيا ۾ ’نرسن جو عالمي‘ ڏينهن ملهائي رهي هئي، ان جي ٺيڪ 20 ڏينهن کان پوءِ 1 جون 2010ع تي غزه جي پٽيءَ تي احتجاج دوران اسرائيلي فورسز جي بارودي گولي هڪ فلسطيني نرس جي زندگي ڳڙڪائي وئي ۽ هن شهادت جو درجو حاصل ڪيو. ان جو نالو رزان اشرف النجار هو.

خوبصورت مسڪراهٽ واري، سانوري رنگت، مٿي تي اسڪارف پاتل ۽ اکين ۾ آزاديءَ جو خواب سجايل 21 سالن جي اها نرس بنان ڪنهن خوف خطري جي پنهنجي هم وطنن جي مرهم پٽي ڪرڻ ۾ مصروف هئي.

رزان اشرف جو جنم 1997ع ۾ ٿيو، هن طبي تعليم جامعه ازهر قاهره مان حاصل ڪئي. 2016ع ۾ هوءَ گهر جي معاشي صورتحال ڪمزور ٿيڻ جي ڪري فلسطين آئي، اتي حالتون تمام خراب ٿي چڪيون هيون. هن سور کان دانهون ڪندڙن، زخمن کان چور هم وطنن جي تڪليف کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي سارسنڀال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هوءَ اهو ڪم بنان معاوضي ۽ بغير ڪنهن فائدي ۽ لالچ جي ڪرڻ لڳي.

سوشل ميڊيا تي ان جا ڪجهه وڊيوز موجود آهن، جن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته ”عورت کي پاڻ مڃرائڻو پوندو آهي، ان کي مڃيو نٿو وڃي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سماج اسان جي ڪمن جي ڪري عورت کي مڃڻ تي مجبور ٿيندو.“ هن هڪ جڳهه تي چيو، ”مان هي ڪم ڪنهن ايوارڊ يا ڪنهن فائدي جي لاءِ نه پر پنهنجي ملڪ سان محبت ۽ انسانيت جي لاءِ ڪري رهي آهيان. ماڻهو منهنجي بابا کان پڇندا آهن ته انهن کي منهنجي ڪم تي فخر آهي. مان به ان شعبي مان مطمئن آهيان.“

رزان اشرف هڪ ڌيءُ جي ماءُ پڻ هئي، ظالم ۽ درنده اسرائيلي فوج منجهند جي تيز اُس ۾ بي گناهه ۽ پنهنجي حقن لاءِ رستن تي نڪتل فلسطينين جي مٿان بارود وسائڻ لڳي ۽ عمر ۽ جنس جي بغير ڪنهن فرق انهن جي مٿان وحشين وانگر ٽُٽي پئي، جنهن جي ڪري زخمي ۽ رتورت ٿيڻ وارن جي مرهم پٽي ڪرڻ واري هن ماءُ جي ممتا پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي جهوليءَ ۾ کڻڻ لاءِ ڪيتري نه بيتاب ٿي هوندي. اهو ڏک هڪ ماءُ ئي سمجهي سگهي ٿي. هوءَ پنهنجي فرض ۽ ذميواريءَ کان غافل نه ٿي. هوءَ چاهيندي هوندي ته اڏري گهر پهچي ۽ پنهنجي گڏيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري. ان سان ڳالهيون ڪري ۽ پنهنجي هٿن سان ماني کارائي، پر ان پنهنجي فلسطيني هم وطنن جي خدمت ۽ سارسنڀال جي ذميواري کنئين هئي. هو ان کي ائين ڪرڻ کان روڪيندا هوندا. ان جو نالو ۽ ان جو ڪم انسانيت ۽ نرسنگ جي شعبي سان تعلق رکندڙ عورتن لاءِ هڪ روشن مثال آهي.

رزان اشرف جي رت ۾ ٻڏل جيڪٽ دنيا کي جهنجهوڙي رهي آهي ته آخر ڪيستائين مظلوم فلسطينين جو رت ائين ئي وهندو رهندو؟ آخر اسان کي ڪڏهن آزادي ملندي؟ آخر ڪيستائين غزه جا رهواسي ڀتين جي پٺيان منهن لڪائي آهون ڀريندا ۽ سڏڪندا رهندا؟ عالمي ضمير ڪڏهن جاڳندو؟

دنيا هن سال وري نرسن جو عالمي ڏينهن ملهائيندي، دنيا رزان کي ان ڏينهن يقيناً ياد ڪندي. مهذب سماجن ۾ نرسنگ جي شعبي کي وڏي اهميت ۽ نرسن کي عزت ۽ اعليٰ مقام حاصل آهي، ۽ انهن کي حق به ڏنا ويا آهن، پر بدقسمتي سان ترقي پذير ملڪن ۾ جهڙيءَ طرح ڪنهن به شعبي ۾ عورت جو استحصال ڪيو وڃي ٿو، ان جي اڳيان ڪيترائي مسئلا آهن.، اهڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ به نرسن سان غلط رويي نامناسب سلوڪ جي ڪري تڪليفون ۽ مسئلا درپيش آهن، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ فيميل نرسن جي گهٽتائيءَ جو سبب اهو آهي ته عام ماڻهو نرسنگ جي شعبي کي قابل احترام پيشو نٿو سمجهي.

ڏک ۽ تڪليفن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ پنهنجي خوشي، سڪون ۽ آرام کي ڇڏي هر وقت تيار، چوڪني رهڻ واري نرس صرف ملم پٽي ئي ناهي ڪندي، پر مريض جو حوصلو وڌائي زندگيءَ جي طرف وٺي ٿي اچي، ان کي صحتيابي جو يقين ڏياريندي آهي، يقيناً نرسون ان جي پگهار وٺن ٿيون، پر ملم پٽي ۽ زخمن کي صاف ڪرڻ سان گڏ هوءَ مريض سان جهڙيءَ خلوص ۽ مهربانيءَ سان پيش اچي ٿي، ان جو اجورو ڏئي سگهجي ٿو؟

نرسن جي تعريف عالمي ادارو هن طرح ڪري ٿو  ته هي بيمارن جي سارسنڀال کان علاوه اهڙو ماحول ٺاهينديون آهن، جيڪو مريض کي صحتمند ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. نرسون بيماري جي وڌڻ کي روڪڻ ۽ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.

انسانيت جي خدمت انهن جو بنيادي ڪم آهي ۽ انهن جون خدمتون قوميت، رنگ نسل ۽ ڪنهن به سماجي حيثيت ۽ مرتبي کان وڏيون آهن. اسان کي ان پيشي جو قدر ۽ ان سان لاڳاپيل عورتن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ گهرجي.

 

انجنيئر غزاله چنڙ

 

 

 

 

 

 

عورت آزادي مارچ کان پوءِ ڪجهه سوال

 

]8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن[

 

(پنهنجي وجود جي اهميت کي سمجهڻ جو ڏينهن)

 

عورت آزادي مارچ کان پوءِ ڪجهه سوال جيڪي مردن توڙي عورتن اٿاريا آهن انهن مان هڪ سوال اهو به آهي ته اڃا ڪيتري آزادي کپيو؟ هڪ مشهور چوڻي آهي ته انسان پنهنجي چوڌاري ويڙهيل زنجيرون تڏهن محسوس ڪندو آهي، جڏهن هو چرندو پرندو آهي. حرڪت ڪندو آهي. اسان جي سماج کي صديون پراڻين ريتن رسمن جي زنجيرن ايڏو ته مضبوطيءَ سان جڪڙي رکيو آهي، جو اسان کي انهن زنجيرن جي عادت پئجي وئي آهي ۽ اسان انهن زنجيرن ۾ به پاڻ کي آزاد ٿا سمجهون.  چوندا آهن ته جڏهن غلامن کي پنهنجي زنجيرن سان پيار ٿي وڃي ته اها غلاميءَ جي بدترين شڪل هوندي آهي.

 اسان عورت هجڻ جي ناتي پنهنجي ٻئي درجي واري حيثيت قبول ڪري ورتي آهي. اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون آهن جيڪي مردن سان گڏ آفيسن ۾ ڪم ته ڪن ٿيون، پر انهن کي هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيندڙ عورتن جي ريلي ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي. ڇاڪاڻ جو نوڪري هاڻي وقت جي ضرورت بڻجي وئي آهي ان لاءِ ان جي اجازت مرد ڏئي ٿو، پر عورتن جي ريلي ۾ شرڪت جي اجازت ناهي. اسان اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي ڏوهه جي معافي وٺڻ لاءِ ته هڪ قبيلو ٻئي قبيلي ڏي نياڻي ميڙ وٺي وڃي ٿو، پر عورتن جي ميڙ ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي!

ٻي اهم ڳالهه ته عورت کي اظهار جي آزادي ناهي، نه فيصلي ڪرڻ جي آزادي. پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جي اجازت ناهي. هن ريلي کان پوءِ ڪافي ڇوڪرين جا نياپا آيا ته:

مون کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت نٿي ملي.

مون کي پڙهڻ جي اجازت نٿي ملي.

هڪ اهم وضاحت ڪندي هلان ته ”عورت آزادي مارچ“ ۾ شرڪت ڪندڙ هزارين عورتون صرف پنهنجي لاءِ نه، پر انهن لکين ڪروڙين عورتن جو آواز بڻجي نڪتيون هيون، جيڪي بي آواز بڻيل آهن، جيڪي اڻڄاڻ ۽ مگن آهن ۽ جيڪي ”ڊنل“ آهن. جيڪي ”مجبور“ آهن. جيڪي ”مظلوم“ آهن انهن لکين ڪروڙين عورتن ۾ صرف ٻهراڙيءَ جون عورتون ناهن، پر پڙهيل لکيل معاشي طور مستحڪم عورتون به شامل آهن، جيڪي روزگار ته ڪن ٿيون پر پنهنجو پئسو پنهنجي مرضيءَ سان خرچ نٿيون ڪري سگهن. پنهنجي زندگيءَ جو ڪو ننڍو وڏو فيصلو به پاڻ نٿيون ڪري سگهن. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته عورت کي پنهنجو پاڻ کي هڪ آزاد فرد تسليم ڪرائڻ لاءِ تعليم ۽ معاشي مقام سان گڏ پنهنجي وجود کي هڪ آزاد فرد طور سمجهڻ جي به ضرورت آهي. جڏهن هو پاڻ پنهنجي وجود جي اهميت کي تسليم ڪنديون، تڏهن هو پاڻ سان ٿيندڙ هر ناانصافي، هر زيادتي ۽ جنس جي بنياد تي ٿيندڙ متڀيد جي خلاف آواز اٿاري سگهنديون.

ڪاوش قريشي

مان ۽ منهنجي زندگي

 

مون 1992ع-01-10تي لاڙڪاڻي شهر جي ڪٽڻ بازار ۾  هڪ ننڍڙي گهر ۾ اکيون کوليون ۽ هن دنيا کي ڏٺو. ننڍپڻ ڪيئن کلندي کيڏندي گذريو ڪاخبر ئي ڪانه پئي. جيئن جيئن هوش سنڀاليندي  ويس، تيئن تيئن هن  دنيا جي ڏک سک، غم، خوشيءَ مان واقف ٿيندي ويس. زندگي  جي پنجين سال ۾ قدم رکڻ ڄڻ ته ڏکن، تڪليفن، بيمارين ۽ اسپتالن جي دنيا ۾ قدم رکڻ جي مثل هو. السر ۽ مٿي ۾ سور منهنجي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا هئا. زندگي ائين گذرندي رهي خوشين سان گڏوگڏ تڪليفون به ساٿ نڀائينديون رهيون. ننڍي عمر ۾ ئي جيئڻ  جي خواهش ختم ٿي چڪي هئي، پر ڪنهن جي چاهڻ يا نه چاهڻ سان ڇا پئي ٿي سگهيو، شايد منهنجي قسمت ۾ تڪليفن جي ختم ٿيڻ جو ڪو نالو ئي نه هيو.

ننڍپڻ کان ئي نه مون خواب ڏٺا نه ئي ڪي خواهشون ڪيون. بس هڪ ئي خواهش ڪئي سائيڪل وٺڻ جي. پر بابا جي گهٽ آمدني هجڻ جي ڪري اها خواهش هميشه جي لاءِ خواهش ئي رهجي وئي. هر ڳالهه ۽ هر فيصلو قسمت ۽ گهروارن تي ڇڏي ڏنو. سڄي زندگيءَ ۾ هڪ ئي فيصلو پاڻ ڪيو. پنهنجي آپريشن جو. جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جو عجيب رويو ڏسي  پڇتاءُ ٿيندو آهي ته افسوس به ٿيندو آهي. سوچيندي آهيان ته ڪاش!

چوڏهن سالن جي عمر ۾2005-07-01 تي هڪ معمولي جيت جي ڏنگ سان منهنجي ڄنگهه ۾ ڳوڙهي جي صورت ۾ ري ايڪشن ٿي چڪو هو. سڀني جو چوڻ هيو ته ڏينڀوءَ جو ڏنگ آهي، جلدي صحيح ٿي ويندو. ڪير نه پيو ڄاڻي ته ان معمولي جيت جي ڏنگ سان منهنجي زندگيءَ تي ايترو اثر ٿيندو ۽ منهنجي زندگي بلڪل مختلف ٿي ويندي. ان ڳوڙهي منهنجي زندگي ۾ سواءِ سور ۽ تڪليف جي، ڪجهه به نه آندو.

ڪجهه مهينن کان پوءِ گهر ۾  ڀاءُ جي شادي جون تياريون شروع ٿيون. گهر ۾ خوشين جو ماحول هو. سڀ خوش هئاسين. شادي ۾ هڪ طرف خوشي هئي ته ٻئي طرف وقت سان گڏ سور به وڌندو رهيو. سڀ منهنجي ان سور جي شدت کان اڻڄاڻ هئا. هڪ سال ان تڪليف سان ۽ علاج سان گذارڻ کان پوءِ 2006-12-28 تي ڊاڪٽر آپريشن جو چيو ۽ مون ٽيسٽون ڪرائي 2007-01-29 تي آپريشن ڪرائي. ان تڪليف مان آزادي حاصل  ڪئي  ۽  زندگي خوشيءَ سان گذارڻ جو سوچيو، پر شايد خوشين جو منهنجي زندگيءَ سان تعلق ختم ٿي چڪو هيو خوشيون مون کان ناراض ٿي ويون هيون. آپريشن کي پندرنهن ويهه ڏينهن گذريا ئي مس  ته  سور وري ساٿي ٿيڻ لڳو. ڄنگهه ۾ وري سور ڏکڻ لڳو. ڊاڪٽر جو چوڻ هيو ته منهنجي آپريشن چوڻ ۽ ڏسڻ  ۾ ته ننڍڙي ۽ سولي هئي، پر حقيقت ۾ آپريش مشڪل هئي. شايد ان جي ڪري توهان کي سور ٿي رهيو آهي ۽ وري زندگي انهيءَ تڪليف سان گذرڻ لڳي. ڏينهن ته ڏينهن پر رات  به ڏينهن ٿي گذرڻ لڳي. ٻه  ٽي مهينا تڪليف ۾ گذرڻ کان پوءِ سور گهٽ ٿيڻ  لڳو. آهستي آهستي سک جو ساهه کڻڻ شروع ڪيو. پر سک ۽ خوشي ته منهنجي قسمت ۾ لکيل ئي نه هئي. مان خوشيءَ ۽ سک سان زندگي گذارڻ جو ڪيئن پئي سوچي سگهان. آپريشن جي پورن ڇهن مهينن گذرڻ کان پوءِ اهو ڳوڙهو ٻيهر ٿيو. وري ساڳيا اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻ ۽ ٽيسٽون ڪرائڻ، پر هن دفعي ڊاڪٽرن سڀني جا هوش حواس خطا ڪري ڇڏيا. رپورٽون ڏسي ڊاڪٽر چيو ته هي ڪينسر جو ڳوڙ هو آهي ان لاءِ توهان کي آپريشن ڪرائي ڄنگهه ڪٽرائڻي پوندي جيڪڏهن زندهه رهڻ چاهيو ٿا ته !

ان ڳالهه کان سڀ گهر وارا ۽ مائٽ واقف ٿي چڪا هئا. جيڪڏهن ڪو اڻڄاڻ هيو ته صرف ۽ صرف مان. ڪيترن ئي ڪوششن جي باوجود مان ان ڳالهه کان ٻن  سالن تائين اڻڄاڻ رهيس. ۽ گهر جا ٻيا سڀ ڀاتي به منهنجي ان تڪليف جي شدت کان اڻڄاڻ رهيا. انهن ٻن سالن جي دوران ڪيترائي دفعا مان پنهنجي والده  سان اسپتال ويس، پر پوءِ به ڪجهه خبر نه پئجي سگهي.

هڪ دفعي حيدآباد ۾ منهنجي  ماسي جي طبيعت خراب ٿي پئي منهنجي والده کانئس پڇڻ لاءِ وئي ته مان پنهنجي پڦيءَ سان اسپتال ويس. مان شڪر گذار آهيان ڊاڪٽر قرة العين صاحبه جي، جنهن مون کي ان دفعي 2009-06-23 تي بنا ڪنهن  جهجهڪ جي سڀ  ڪجهه  ٻڌايو ۽ مان اڄ زندهه آهيان. ان وقت ته ڪجهه سمجهه  ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي. مائٽن کي روئيندو ۽ پريشان ڏسي بار بار اهو خيال اچي رهيو هو ته شايد پنهنجي خوشي ۽ صحت جي خاطر سڀني کي ڏک ڏئي غلط فيصلو ڪري چڪي آهيان

 زمين پيرن هيٺان نڪري وئي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته قسمت تي کلجي يا روئجي. ڊاڪٽر جي پڇڻ تي صرف ها ڪئي پوءِ آپريش ليٽر وٺي گهر واپس آيس ۽ سڀني کي ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻڌائي ۽ ليٽر ڏنو. پر ڪنهن کي به ان ڳالهه جو ايترو فرق نه پيو جيترو مون تي پيو، ڇو ته سڀ ان ڳالهه کان پهريان  ئي واقف هئا. ڊاڪٽر کي ها ته ڪري چڪي هيس، پر پنهنجي مستقبل جو ڪجهه به نه سوچيو ته زندگي ڪيئن گذرندي. سڀني جي گهڻي سمجهائڻ ۽ جهلڻ کان پوءِ مان ڪجهه نه چئي سگهيس. مون کي منهنجي پڦاٽ  آٽوگراف ۾ لکي ڏنو هو ته :

”ڏکن سکن ۾ زندگي گذاريان پئي، پر حوصلو آهي.“ بس ان آٽوگراف جيان مان به پنهنجي زندگي گذارڻ  لڳس. منهنجي ان فيصلي  ۾  صرف هڪ انسان  خوش هو،  منهنجو ٻيون نمبر چاچا. باقي سڀ ناخوش هئا. ڏکن  ۽ تڪليفن  سان جيئڻ زندگيءَ جو حصو ۽ منهنجي عادت ٿي چڪي هئي. منهنجي دماغ ۾ صرف  هڪ ئي ڳالهه هئي ته تڪليفن کان هاڻي هارائڻو ڪڏهن به ناهي. بس ان ئي حوصلي سان پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيس.

منهنجي ان فيصلي سان گهروارن ۽ سڀني مائٽن کي صرف ڏک مليو. مان اها بدنصيب ڌيءُ آهيان جنهن  پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڏک، پريشانين ۽ روئڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏنو آهي. اسان آپريشن ڪرائڻ جي لاءِ ڪراچي وياسين. اتي جناح هاسپيٽل جي ڊاڪٽرن جو  چوڻ  هو ته، هو منهنجو آپريشن ڪري ڄنگهه ڪٽجڻ کان بچائيندا. اهو ٻڌي سڀ تمام گهڻو خوش ٿيا، پر منهنجي دل مطمئن نه پئي ٿي ۽ ڇهه مهينا ٽينشن ۽  ان ڪوشش ۾ لڳي ويا. نيٺ 2009-12-29 تي منهنجو آپريشن ٿيو. بدقسمتيءَ سان ڊاڪٽرن جي هر ممڪن ڪوشش کان پوءِ  به  اهي  ڄنگهه  بچائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا هئا ۽ اڌ ۾ آپريشن روڪي ڇڏيو. بابا ۽ چاچا وارن کان ڄنگهه ڪٽڻ جي اجازت وٺڻ آيا ته انهن صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته اسان کي ڄنگهه ڪٽرائڻي نه آهي. ڊاڪٽرن مجبورن آپريشن اڌ ۾ روڪي ڇڏيو.  جڏهن هُو گهر وارن جي حوالي ڪري رهيا هئا  ته مان پنهنجو  پاڻ کي صحيح سلامت محسوس ڪري نشي جي حالت ۾ به خوش ٿي رهي هيس. مڪمل طور هوش ۾ اچڻ کان پوءِ مان ان غلط فهمي ۾ خوش ٿي رهي هيس ته ڊاڪٽر آپريشن ڪري ڄنگهه بچائڻ ۾  ڪامياب ٿي چڪا آهن.  پر مان غلط هيس. ٽن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته آپريشن اڌ ۾ روڪرائي واپس ڪرايو ويو هو. اهو ٻڌي گهروارن جي فيصلي ۽ پنهنجي قسمت تي اکين مان ڳوڙها  وهي پيا. چوٿين ڏينهن تي ڊاڪٽرن نه چاهيندي به ڊسچارج ڪيو، پر ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اهڙا مريض تمام گهٽ هوندا جيڪي اهي فيصلا پنهنجي همت ۽ رضامندي سان ڪن. ايڪسيڊنٽ ۾ به ته ماڻهن جون ٻئي ڄنگهون ڀڄي پونديون آهن. توهان کي ۽  توهان جي گهر وارن کي ته سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ وقت  به آهي. اسان چاهيون ٿا ته، توهان زندگي خوشيءَ سان گذاريو ۽ هن آپريشن لاءِ گهر وارن کي سمجهايو ۽ راضي ڪيو. ۽ مون ان ئي وقت بنا سوچڻ سمجهڻ جي هڪ دفعو ٻيهر چيو ته، ها مان آپريشن جي لاءِ تيار آهيان. سڀ ڊاڪٽر تمام گهڻو خوش ٿيا. منهنجي همت ۽ فيصلي کي ساراهي رهيا هئا. اتي اسپتال ۾ رهي مون نرسن سان دوستي رکي ۽ ڊاڪٽرن جون ڳالهيون ٻڌي همت ملي رهي هئي. نرسن جو چوڻ هو ته، هو پهريون اهڙو مريض ڏسي رهيون آهن. جيڪا هڪ ڇوڪري ٿي ڪري اهڙو فيصلو بنا ڪنهن پريشانيءَ جي ڪري رهي آهي.

2010-01-07 اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن آهي. ان ڏينهن تي منهنجو آپريشن ٿيو. آپريشن جي ڏينهن هر  ننڍي وڏي جي دل اداس ۽ اک آلي هئي سواءِ منهنجي. فقط منهنجي ئي دل پٿر جي ٿي چڪي هئي جيڪا ڌڙڪي ته  پئي، پر ڪجهه محسوس نه پئي ڪري ته ڇا غلط آهي ڇا صحيح. ڪنهن ۾  ڀلائي آهي، ڪنهن ۾  برائي. صبح جو  8 بجي  تيار ٿي ويٽنگ روم ۾ وڃي ويٺاسين ۽ انتظار ڪرڻ لڳاسين. آپريشن کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ اندر سڏ ڪري آپريشن ٿيٽر جي ٻاهران اسٽريچر تي ويهاريو ويو. اهو اڌ ڪلاڪ جو انتظار مون کي خوشي ڏئي رهيو هو. ان اڌ ڪلاڪ ۾ مان اسٽريچر تي ويهي پير لوڏي ٻارن وانگر کلي خوش ٿي رهي هيس ۽  پنهنجن ٽنگن ۽ پيرن ڏانهن نهاري رهي هيس ته اتان گذرندڙ هڪ ڊاڪٽر پڇيو ته ڇا توهان اسپورٽس گرل آهيو؟ ته مان کيس جواب ڏنو ته نه. هو ڊاڪٽر حيرت مان نهاريندو هليو ويو. منهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي پيرن تي هلڻ جو وقت پورو ٿي چڪو هو. مون کي اندر گهرايو ويو. اندر وڃڻ وقت منهنجي نظر صرف ۽ صرف پيرن ڏانهن هئي ته هي کنيل منهنجا آخري قدم آهن. پوءِ مون کي اسٽريچر تي سمهاري نشو ڏنو ويو. ٽن ڪلاڪن جي آپريشن کان پوءِ جڏهن مون کي هلڪو هوش آيو ته مون کان نالو ۽ ائڊريس پڇيو ويو. جڏهن مون نالو ۽ ائڊريس ٻڌائي مسڪرايو. ته ڊاڪٽرن پاڻ  ۾ ڳالهائيندي  ۽ مون ڏانهن نهاريندي چيو ته واهه ڇا ڳالهه آهي هن وقت به مسڪرائي رهي آهي. ان کان پوءِ مون کي آپريشن ٿيٽر کان ٻاهر موڪليو ويو. رات جو جڏهن پوري هوش ۾ آيس ته مون ٻڌو ته بابا سائين اڄ  نه ڪجهه کاڌو آهي نه پيتو آهي. ڊاڪٽرن ڳالهائڻ کان جهليو هو. پر پوءِ  به مون امڙ سان ڳالهايو ۽ چاچا کي بابا سان فون تي ڳالهرائڻ جو چيو، ته چاچا صرف هڪ منٽ لاءِ راضي ٿيو ۽ مون بابا سان ڳالهائي ماني کائڻ جو چيو ئي مس ته چاچا سائين فون وٺي آرام ڪرڻ جو چيو . جڏهن صبح جو اُٿيس ته ڊاڪٽرن جو رائونڊ تي اچڻ  جو ٽائيم ٿي چڪو هو. تيار ٿي ويٺس ته امان جن کي هيٺ موڪليو ويو ۽ سڀ مريض ڊاڪٽرن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ  لڳاسين. گهر وارن ۽ مائٽن کي روئيندو ۽ پريشان ڏسي بار بار اهو خيال اچي رهيو هو ته شايد پنهنجي خوشي ۽ صحت جي خاطر سڀني کي ڏک ڏئي غلط فيصلو ڪري چڪي آهيان. مان ان ئي سوچ ۾ هيس ته ڊاڪٽر اچي چڪا هئا. جڏهن منهنجي بيڊ تي آيا ته کلي طبيعت جو  پڇيائون ۽ منهنجي همت ۽ فيصلي کي ساراهي سلام ڪيائون. مون کي ان وقت يقين ٿي رهيو هو ته منهنجو فيصلو صحيح آهي. منهنجي فيصلي کي صحيح چوڻ وارا صرف ڊاڪٽر، چاچا ۽ پڦڙ هئا. باقي جيڏانهن نهاريم سڀني جون اکيون آليون ۽ سوال نظر ٿي آيا. ڊاڪٽرن جي وڃڻ کان پوءِ مائٽن جو ۽ ڀيڻ جيڪا شادي شده هئي، انهن جي اچڻ  جو انتظار هو. ڪجهه دير کان پوءِ منهنجي ڀيڻ پنهنجي پوري فيملي ۽ ٻارن سان آئي ۽ اچڻ سان روئڻ لڳي ۽ خبر ناهي ڇو مان به ان جي روئڻ تي روئي پيس. جڏهن ته آپريشن ڪرائڻ جي فيصلي تي به نه رني هيس. شام جو انهن  جي وڃڻ کان پوءِ  پڦڙ آيو.  جنهن منهنجي فيصلي کي صحيح  چيو ۽  مون  کان طبيعت جو پڇي هليو ويو. ايئن اهو سڄو ڏينهن گذري. ويو. ۽ ٻيو ڏينهن به سڀني جي اچڻ وڃڻ ۾ گذريو. ٻئي ڏينهن رات جو لاڙڪاڻي مان چاچا، چاچي ۽ پڦي ڪراچيءَ مان پڇڻ لاءِ اچڻ وارا هئا، ته مون انهن کي فون تي ڪيڪ وٺي اچڻ لاءِ چيو. ڇو ته سڀاڻي تي منهنجي سالگرهه هئي.

جيئن  ئي رات جا 12 ٿيا  ته ميسيج ۽ فونون اچڻ شروع ٿيون سالگرهه جون مبارڪون ڏيڻ لاءِ. صبح جو سوير اٿي تيار ٿي چاچا جن جو انتظار ڪندي ڪندي  ننڊ اچي وئي. جڏهن اکيون کليون ته چاچا سائين جن کي سامهون ڏٺو ۽ سڀني وانگر پڦيءَ ۽ چاچي وارن جون اکيون به آليون ڏٺم. انهن ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان پوءِ ڪيڪ تي ميڻ بتي رکي ٻاري ته، سمورو وارڊ حيرت مان ڏسڻ لڳو. مون اتي هڪ  نرس کي گهرائي ميڻ بتي وسائي ڪيڪ ڪٽيو. اهو ڏينهن منهنجي لاءِ  يادگار  ۽ سڀني لاءِ ڄڻ هڪ مثال هو. آپريشن جي ٻن ڏينهن کان پوءِ هاسپيٽل ۾ سالگرهه ڪرڻ منهنجي زندگي جي سڀني سالگراهن مان  يادگار سالگرهه جو ڏينهن هو. بس پوءِ ائين  ئي سڀني جي اچ وڃ ٿيندي رهي ۽ ڏينهن گذرندا رهيا. هاسپيٽل مان ڊسچارج ٿي هڪ هفتو ڪراچي ۾ ئي رهياسين. هفتي کان پوءِ ڊاڪٽر کي ڏيکاري، پوءِ لاڙڪاڻي واپس اچڻ جي تياري ڪئي. واپس موٽڻ  مهل گهمندي ڦرندي موٽياسين. قائداعظم جي مزار، سمنڊ تي ۽ عبدالله شاهه غازي تان ٿيندا حيدرآباد ماسيءَ وارن جي گهر وياسين، اتي سڀني سان ملي ماني کائي رات جو 9 بجي حيدرآباد مان  نڪتاسين ۽ رات جو 2 بجي لاڙڪاڻي پنهنجي گهر پهتاسين پڦي ۽ گهر وارا انتظار ڪري رهيا هئا. سڀئي مون کي ڏسي روئي رهيا هئا.  پر مان مهيني کان پوءِ گهر واپس اچڻ تي تمام گهڻو خوش هيس. سڀني سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي هئي. صبح ٿيو ته سڀني مٽن مائٽن ۽ پاڙي وارن جو پڇڻ لاءِ اچڻ وڃڻ  جو سلسلو جاري ٿيو.  سڀني کان پهريان چاچيون، پڦيون، پڦاٽيون، ماسي ۽ ماساتيون پڇڻ لاءِ آيا. انهن جي موجودگيءَ ۾ ئي پاڙي وارا به پڇڻ لاءِ آيا. کلڻ ڳالهائڻ، مستي مذاق ۾ وقت  ڪيئن گذري ويو ڪا خبر ئي نه پئي. رات  ٿي چڪي هئي سڀ پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ويا. سڄو ڏينهن گذري چڪو هو.  ان ڏينهن جيڪڏهن مون کي ڪنهن  جو انتظار هو ته بابا سائين جو. سڄي ڏينهن  ۾ بابا سان نه ملي سگهيس. رات جا 10 ٿي چڪا هئا ته بابا گهر آيو ۽ مون کان طبيعت جو پڇي ٻئي ڪمري ڏانهن هليو ويو ۽ مون آرام سان رات گذاري. صبح ٿيو ته وري مائٽن ۽ پاڙي وارن جي اچڻ وڃڻ ۽ پڇڻ جو سلسلو جاري  ٿيو  ۽ ڪيتري ئي وقت تائين هلندو رهيو. 

آپريشن کان پوءِ گهر ۾ پهرين خوشي ٿي ڀائٽي جي ڇٺيءَ جي جنهن ۾ سڀ مٽ مائٽ ۽ پاڙي وارا گڏ ٿيا. ميلاد ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀني سان گڏ ويهي کلڻ، ڳالهائڻ ۾ تمام گهڻو مزو آيو. ان کان پوءِ خوشيون ته ڪيتريون ئي آيون ۽ ويون. هر شيءِ ۾ شامل به ٿيس پر پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن سڀني کان الڳ ڏسي ڏک به ٿيندو آهي. نه چاهيندي به پاڻ کي اڌورو محسوس ڪندي آهيان اکين، مان لڙڪ وهي پوندا آهن ۽ دل اداس ٿي پوندي آهي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org