عليشاه
سنگدل
12 سال اڳ جي ڳالهه آهي ته حيدرآباد ۾ هڪ فيملي
رهندي هئي. ان فيملي ۾ 5 ڀينر ۽ هڪ ڀاءُ ۽ ماءُ
پيءُ هوندا هئا. ۽ انهن جي چاچي جو گهر ڄام شوري ۾
هوندو هو. انهن جي فيمليءَ ۾ وري 5 ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ
۽ ماءُ پيءُ هوندا هئا. حيدرآباد ۾ رهندڙ فيملي
مان هڪ ڀيڻ، جنهن جو نالو ايمن هو ۽ ڄام شوري ۾
رهندڙ ان جو ڪزن جنهن جو نالو عيان هو. عيان جڏهن
ننڍو هوندو هو ته پنهنجي چاچا جي گهر اڪثر ايندو
هو.
پر ڪجهه وقت کان هن جو اچڻ وڃڻ بند هو. جڏهن عيان
پنهنجي جواني کي پهتو ته تمام خوبصورت ٿي پيو هو.
عيان هڪ ڏينهن اچانڪ پنهنجي چاچي جي گهر آيو ته ان
جي نظر پنهنجي ڪزن ايمن تي پئي، ايمن به پنهنجي
جوانيءَ جي اوج تي هئي. ايمن جا وار وڏا ۽ پاڻ به
سنهڙي ۽ ڊگهي ۽ تمام خوبصورت ٿي پئي هئي. ايمن ۽
عيان جو پاڻ ۾ پهريان ته تڪرار شروع ٿيو. عيان
اڪثر ايمن سان وڙهندو هو. شايد ان ويڙهه ۾ ئي عيان
جو پيار لڪل هو. ايمن به اڪثر عيان سان وڙهندي هئي
۽ سوچيندي هئي. عيان جو آخر مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي
جو، هو مون سان وڙهي ٿو. عيان ائين ڪجهه ڏينهن
ڄام شوري ۾ ته ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو.
هلندي هلندي ايمن کي به عيان سان محبت ٿي وئي.
جڏهن عيان پنهنجي گهر ويندو هو ته ايمن عيان جو
احساس هر شيءِ ۾ محسوس ڪندي هئي. ايمن کي عيان جي
خوشبوءِ هر وقت محسوس ٿيندي هئي. ايمن اڪثر پنهنجي
ڀيڻ کي چوندي هئي عيان مون کان نفرت ڪندو آهي.
ڀيڻس ايمن کي چوندي هئي ته نه، هو توسان محبت ڪندو
آهي. پر عيان جي محبت ڪرڻ جو انداز شايد ائين آهي.
عيان ايمن سان ڪڏهن به اظهار نه ڪيو ته مان توسان
محبت ڪندو آهيان. پر جڏهن ايمن جو ٻئي هنڌان رشتو
آيو ۽ اها خبر عيان کي پئي ته هن ايمن جي ڀيڻ کي
چيو ته فرح، ايمن سان مان شادي ڪندس. بابا جن کي
جهل ته ايمن جو رشتو ٻئي هنڌ نه ڪن.
ايمن کي به عيان سان محبت هئي. پر ايمن جو نظريو
هو (ماڻهو جنهن سان محبت ڪري ته ان سان شادي نه
ڪري) حاصلات محبت جو موت آهي. عيان اڪثر ايمن کي
چوندو هو ته مان توکي وٺي ويندم. ايمن چوندي هيس
ته توکي خوشفهمي آهي. ته عيان چوندو هوس ته توکي
غلط فهمي آهي. ائين عيان جا ماءُ پيءُ ايمن ڏي
رشتو کڻي آيا. پر ايمن ان رشتي تي راضي نه هئي.
ايمن کي فرح چيو ته مان ٿي بابا جن سان ڳالهايان
ته ايمن رشتي تي راضي نه آهي. هوءَ اها شادي نه
ڪندي. پر ايمن پنهنجي ماءُ پيءُ جي مرضيءَ تي چپ
هئي.
ائين ايمن ۽ عيان جو رشتو طئي ٿي ويو. نيٺ هڪ
ڏينهن سندن جي شادي ٿي وئي. جيڪو ايمن سوچيندي
هئي. ته عيان مون سان پوءِ به وڙهندو ۽ مون کان
صرف بدلو وٺڻ لاءِ شادي ٿو ڪري. پر عيان ان جي
بلڪل ابتڙ هو. شادي کان پوءِ عيان ايمن سان ايتري
محبت ڪندو هو، جنهن جو ايمن ڪڏهن تصور به نه ڪيو
هو. هڪ ڏينهن عيان پنهنجي چاچيءَ کي فون تي چيو ته
توهان مون کي ايمن ڏئي وڏو احسان ڪيو آهي ته عيان
جي ماءُ به ويٺي هئي. ان عيان کي چيو ته ائين منهن
تي تعريف ڪري مٿي تي نه چاڙهيس. سال کان پوءِ ايمن
کي ڌيءَ ڄائي، جنهن تي عيان ڏاڍو خوش هو. هڪ ڏينهن
ايمن جي ڌيءُ جي طبيعت خراب ٿي پئي. ته ايمن
پنهنجي ڏير سان ننڍڙيءَ جي دوا وٺڻ وئي. پٺيان
عيان کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ الائي ڇا چيو جو، ايمن
واپس آئي ته اهو عيان ئي نه هو، جيڪو ايمن جي پوڄا
ڪندو هو. عيان جي دل ۾ ايمن لاءِ ايتري نفرت ڀرجي
وئي جو، ان کان سڀ محبت وسري وئي. هن ضروري نه
سمجهيو ته ايمن کان پڇي ته ڪاڏي وئي هئينءَ. عيان
پنهنجن تي ايترو ڀروسو ڪيو. ائين عيان ايمن سان
وڙهندو رهيو. ائين سال گذرندا ويا. ايمن کي 3 ٻار
ٿي ويا. پر عيان پنهنجن جي چوڻ تي ايمن کي پنهنجي
دل تان ڪيرائي ڇڏيو. ته اڄ ڏينهن تائين پنهنجي دل
۾ اها جاءِ نه ڏئي سگهيو. عيان جي سنگدليءَ تي
اڪثر ايمن روئندي ۽ سوچيندي رهندي هئي. ته بنا
ڏوهه جي عيان مون کي ايڏي سزا ڇو ڏني آهي. اڄ به
عيان جا پنهنجا عيان کي جيڪو ڏيکاريندا آهن. عيان
اهو ڏسندو آهي. اڄ ايمن جي حيثيت عيان جي ٻارن جي
آيا کانسواءِ ٻي ڪجهه به نه آهي.
ان کي ايمن عيان جي سنگدلي چوي يا زماني جي بي
رحمي. زمانو ڪڏهن به نه چاهيندو آهي ته زال مڙس
پاڻ ۾ خوش هجن. زمانو جڏهن ٻن ڄڻن کي پاڻ ۾ خوش
ڏسندو آهي ته برداشت نه ڪندو آهي. انهن ٻن ماڻهن
جي وچ ۾ پيا غلط فهميون پيدا ڪندا آهن. بنا سوچڻ ۽
سمجهڻ جي هڪٻئي خلاف غلط فهميون پاليندا آهن ۽
عيان به اهو ئي ڪيو. هن به بنا سوچڻ سمجهڻ جي ايمن
جي خلاف پنهنجي دل ۾ ايتريون غلط فهميون پيدا ڪيون
جن جو ايمن جي ملائڪن کي به علم نه هو. آخر ۾ عيان
ان حد تائين پهتو جو پنهنجي خاندان جي ننڍي ٻار تي
به اعتبار ڪندو هو، پر ايمن تي نه. اها ايمن جي
قسمت آهي يا ماڻهن جي سازش! عيان کي ائين ڪرڻ بلڪل
به نه پيو جڳائي. ته دنيا جي چوڻ تي پنهنجي دل مان
ايمن جي لاءِ محبت ختم ڪري ڇڏي. سچي محبت ته اها
هوندي آهي، جنهن ۾ دنيا ڀلي هڪ پاسي هجي، پر محبت
قائم هجي! ان جو مطلب ته عيان کي پاڻ تي ڀروسو نه
هو جو هڪ دفعو ايمن کي ٻڌائي سگهي ها ته مان توکان
نفرت ڇو ٿو ڪريان يا سندس محبت سچي نه هئي.
ذوالفقار قادري
سنڌ جي ’ويٽنام‘ طور مشهوري ماڻيندڙ ضلعي دادوءَ ۾
جنم وٺندڙ سيده فرزانه انور شاهه جو وڇوڙو!
هي قصو مارچ 2016ع ۾ شروع ٿئي ٿو جنهن جي انت ۾
آخر هڪ عورت ڊسٽرڪٽ سيشن جج عدليه
۽ انتظاميه
تي غالب مرد بالادستي جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾
ھلي وڃي ٿي.
هن جو نالو سيده فرزانه
شاه هو.
ھن عدالتن ۾ جڏھن غريبن کي انصاف لاءِ
ڌڪا ٿاٻا کائيندي ڏٺو
ته
هن فيصلو ڪيو
ته
هوءَ
جج بڻجندي
۽
غريب ۽ بي پهچ ماڻھن جو آواز ٿيندي.
هو چاهي ها
ته
ڪنهن ٻئي شعبي ۾
به
وڃي سگهي پئي،ٖ
پر هن سنڌ جي عدالتي نظام جو حصو بنجڻ قبوليو.ٖ
سنڌ جي ويٽنام طور مشھوري ماڻيندڙ ضلعي دادو جي
ميهڙ جي هڪ لکيل پڙھيل سيد گهراڻي ۾ پهرين مارچ
1965ع تي جنم وٺندڙ فرزانه
انور شاهه
قانون جي ڊگري وٺڻ بعد ڪميشن امتحان نمايان نمبرن
۾ پاس ڪري 9 اپريل 1996ع تي سول جج طور سنڌ جي
عدالتي نظام جو حصو بڻي.
فرزانه
شاهه
جو سمورو عدالتي ڪيريئر بي داغ رهيو،ٖ
هن جي مٿان ڪافي دٻاءَ
به
ايندا رهيا پر هن هميشه
انصاف پٽاندڙ فيصلا ڏنا.
هن پنهنجي وس آھر ڪيسن کي جلد اڪلايو ۽ بي پهچ
ماڻھن لاءِ
آٿت ٿي اڀري.
سنڌ جي عدالتي سرشتي هيٺ ڪم ڪندڙ 87 ڊسٽرڪٽ سيشن
ججن واري لسٽ ۾ ھو ان وقت سينارٽي لسٽ ۾ 14 نمبر
تي هئي،
پروموشن جي صورت ۾ هوءَ
سنڌ ھاءِ
ڪورٽ جي جج بڻجي ها،
فرزانه
شاهه
کي ڪهڙي خبر هئي
ته
روايتي سردارن ۽ بگڙيل امن امان جي حوالي سان
مشھوري ماڻيندڙ گهوٽڪي ضلعو،
سندس زندگي ۽ عدالتي ڪيريئر جي حوالي سان سندس
لاءِ
آخري ضلعو ثابت ٿيندو.
ٿيو هيئن جو مارچ مهيني جي پهرين هفتي ۾ سول جج
ميرپور ماٿيلو اعجاز علي شاهه
مختلف ڪيسن ۾ پوليس رڪارڊ پيش
نه
ڪرڻ تي انسپيڪٽر رانا آصف کي پندرهن سو رپيا
ڏنڊ ۽ عدالت جي برخواست ٿيڻ تائين جي سزا ٻڌائي،ٖ
عدالتي ڪاروائي ختم ٿيڻ بعد انسپيڪٽر رانا آصف خير
سان گهر روانو ٿي ويو.
پر ٻئي ڏينهن بلڊپريشر وڌي وڃڻ سبب کيس دل جو دورو
پيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس پٽي ڀائين الزام مڙھيو
ته
انسپيڪٽر رانا آصف جو موت سول جج ميرپور ماٿيلو
اعجاز شاهه
جي رويي سبب ٿيو آھي.
اهڙي صورتحال بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان
سيشن ڪورٽ وڃي ڊسٽرڪٽ سيشن جج گهوٽڪي فرزانه
شاهه
سان سندس چيمبر ۾ مليو،
فرزانه
شاهه
سڄي ماجرا ٻڌڻ کان پوءِ
ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان کي چيو اوهان مون کي
هن سڄي مامري جي رپورٽ لکت ۾ ڏيو اسين انڪوائري ٿا
ڪرايون.
چون ٿا ڊسٽرڪٽ سيشن جج فرزانه
شاهه
جي اهڙي جواب بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان
ساڻس انتهائي
اڍنگو رويو اختيار ڪيو،
کانئس
سيڪيورٽي واپس ورتي وئي.
اهڙي حڪم نامي ۽ رويي سبب فرزانه
شاهه
کي صدمو رسيو.
ان صدمي ۾ سندس بلڊپريشر شوٽ اپ ڪري ويو جيڪو دل
جي دوري ۽ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ جو سبب بڻيو،
کيس
هڪدم
سي ايم ايڇ پنو عاقل منتقل ڪيو ويو جتان کيس
ايمرجنسي ۾ ڪراچي جي ساؤٿ سٽي اسپتال منتقل ڪيو
ويو،
جتي هوءَ
پنهنجي زندگي ۽ انصاف جي آخري جنگ پهرين اپريل
2016ع تي هارائي ويٺي.
عجيب اتفاق آھي فرزانه
شاهه
اپريل جي مهيني ۾ عدالتي نوڪري جوائن ڪئي ۽ اپريل
۾ ئي هن دنيا مان پنهنجو عدالتي ڪيريئر اڌ ۾ ڇڏي،
هن جهان مان
هلي
وئي.
جن حالتن ۾ سندس موت واقع ٿيو آھي اهي ڪنهن کان
ڳجهيون
نه
آھن.
جڏھن سماج کي انصاف ڏيندڙ ماڻھو اهڙي دٻاءَ،
گهٽ،
ٻوسٽ ۽ ناانصافي وارن روين جو شڪار ٿين
ته
پوءِ
عام ماڻھو سان ڇا وهندو واپرندو هوندو.
اهڙيءَ
طرح سنڌ جي عدليه
هڪ بهترين انصاف پسند خاتون جج کان محروم ٿي وئي.
ارشاد سومرو
سرهاڻ
سرهاڻ جو جڏهن جنم ٿيو ته سڄو گهر سرهاڻ جي سڳنڌ
سان واسجي ويو. سڄو خاندان خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳو.
ڏاڏي امان، ٻانگ جي آواز سان گڏ، سرهاڻ جي ڪن ۾
سارنگ جو نالو به وجهي ڇڏيو، ڏاڏي امان جي اهڙي
اعلان تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونه ٿيو. جيتوڻيڪ
سارنگ ان وقت پنجن سالن جو هو.
سرهاڻ جيئن جيئن وڏي ٿيڻ لڳي هن جو حسن به نکرڻ
لڳو. هوءَ ڪليءَ مان گلاب ٿي پئي. سارنگ به
جوانيءَ جي جوڀن تي هو، سارنگ جو نالو ته هوش اچڻ
سان ئي سرهاڻ جي دل ۽ دماغ ۾ سمائجي ويو هو، هوءَ
سارنگ سان بي انتها محبت ڪرڻ لڳي. سارنگ به هن کي
دل ئي دل ۾ چاهڻ لڳو، پر ان جو اظهار ڪو نه ڪندو
هو. سرهاڻ ته وڏي واڪ سارنگ سان محبت جو اظهار
ڪندي هئي، ڇو ته هوءَ سارنگ سان منسوب هئي. سارنگ
۽ سرهاڻ بيحد خوش هئا.
سرهاڻ جي خوشين کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي! سارنگ جي
بابا شاڪر کي ڪسٽم ۾ نوڪري ملي ته، رشتن تي به
ڪسٽم لڳي ويا. سياڻن جو چوڻ آهي ته ”وقت، موسم ۽
ماڻهن کي بدلجڻ ۾ دير ئي ڪونه لڳندي آهي“. سارنگ
جي ماءُ کي به، مائٽن کان نفرت ٿي وئي. هن ڏاڏيءَ
جا ڪيل اعلان به وساري ڇڏيا. هن پنهنجا فرمان جاري
ڪيا، ته هوءَ سارنگ لاءِ سرهاڻ جو سنڱ نه وٺندي ۽
نه ئي سرهاڻ جي ڀائرن کي پنهنجيون ڌيئر ڏيندي. ان
فيصلي کان هن شاڪر صاحب کي به آگاهه ڪري ڇڏيو،
اها ڳالهه شاڪر کي به خراب ڪونه لڳي. ان معاملي ۾
هن بيگم صاحبه کي آزاد ڇڏي ڏنو هو. بيگم صاحبه
خاندان ۾ ان جو اعلان ڪري ڇڏيو، ته آءٌ صابر جي
پٽن کي پنهنجيون ڌيئر ڪونه ڏيندس ۽ سارنگ لاءِ
سرهاڻ به ڪونه وٺندس.
ان اعلان سرهاڻ جي پيءُ صابر کي ڏاڍو ڏکارو ڪري
وڌو، ته سارنگ کي به پريشان ڪري وڌو، سارنگ ماءُ
جي اڳيان ڪڇي ڪين سگهيو. پر سرهاڻ ان فيصلي جي
مخالفت ڪئي. هن دل جهلي ماءُ ۽ پيءُ سان ڳالهايو،
”مون کي اوهان جو فيصلو منظور ڪونه آهي. اوهان
خاندان جي جهڳڙن ۽ پنهنجي انا ۾ اسان کي ڇو ٿا
رلايو؟ اوهان ڄمڻ سان مهنجي ڪن ۾ سارنگ جي نالي جي
ٻانگ ڇو ڏني هئي؟؟؟ سارنگ جي سڪ جي ستي ڇو پياري
هئي؟ سارنگ جي نالي جي ميندي ڇو لڳائي هئي؟؟؟ جيڪو
سَلي مان ڦُٽي وڌي وڻ ٿي ويو آهي“.
سارنگ جو خون وهي چڪو هو، هن جي زندگيءَ جو
ڏيئو اجهامي چڪو هو. ايڌيءَ وارن لاش کڻائي
ايڌيءَ جي سردخاني ۾ رکيو. سارنگ جي کيسي مان
موبائل ڪڍي، آخري ڊائل ٿيل نمبر ڊائل ڪيو.
نمبر سرهاڻ جو هو. اجنبي آواز آيو ”هن نمبر جي
مالڪ جو لاش ايڌيءَ جي
سردخاني ۾ پيو آهي اچي کڻائي وڃو.“
سرهاڻ کي ماءُ پيءُ ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيا، هنن
وٽ سرهاڻ جي سوالن جو ڪوبه جواب ڪونه هو. سرهاڻ
ماءُ پيءُ کي پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته هوءَ سارنگ
کانسواءِ ڪنهن سان به شادي ڪونه ڪندي.
سرهاڻ، سارنگ کي فون ڪري پنهنجي گهر گهرايو.
”سارنگ، اوهان کي ته پنهنجي اميءَ جي اعلان جي خبر
پئجي وئي هوندي؟“ سرهاڻ سارنگ کان سوال ڪيو.
”ها! پئجي وئي آهي.“ هن مختصر جواب ڏنو.
”ته پوءِ اوهان جو ڇا خيال آهي؟“سرهاڻ سوال ڪيو.
”مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ اوهان ٻڌايو،“ سارنگ الٽو
سرهاڻ کان سوال ڪيو.
”ڇا مطلب آهي اوهان جو؟“ سرهاڻ حيرت مان چيو.
”منهنجو ڪهڙو مطلب هوندو؟ جيڪو اوهان جو حڪم،“
سارنگ بي وس ٿي چيو.
”ڏس! سارنگ جيڪڏهن تون مون کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي
اک کڻي به ڏٺو ته مان تنهنجون اکيون ڪڍي ڇڏيندس، ۽
هن کي به گولي هڻي ماري ڇڏينديس.“ سرهاڻ جذباتي
ٿيندي چيو.
”پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ ته ڪجهه به ڪري نٿو
سگهان.“ سارنگ بيوسيءَ مان چيو.
”ته پوءِ تون مون کي آسانيءَ سان ڇڏي ڏيندين؟“
سرهاڻ سارنگ کان ٻيهر سوال ڪيو.
”مون اهو ڪٿي چيو“ سارنگ وراڻيو.
ته پوءِ...! سرهاڻ جو هن پوءِ ۾ ۾ سارنگ لاءِ
ڪيترائي سوال هيا، پر سارنگ هڪ سوال جو به جواب نه
ڏئي سگهيو ۽ هٿ مهٽيندو اٿي هليو ويو.
سارنگ جي اهڙي رويي تي سرهاڻ جي نيڻن مان نير وهڻ
لڳا. هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇانئجي ويو، هن کي دنيا
ويران نظر اچڻ لڳي. هوءَ سڄي رات تڙپندي رهي. ننڊ
هن جي اکين مان اُڏامي وئي، ۽ هن جي بيوسيءَ تي
کلڻ لڳي. هن دنيا ۾ رشتا صرف دولت جا ئي مضبوط
هوندا آهن، باقي پيار جا رشتا ته واريءَ جي گهرڙن
وانگر ڊهي پٽ پوندا آهن. جيئن معصوم ٻار سمنڊ جي
ڪناري گهر ڊاهي وري هڪ ٻيو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن. پر سمنڊ جون بي رحم لهرون اهي گهر ڊاهي
پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ڇوليون هڻندي واپس هلي ويندي
آهي. ويچارا ٻار سمنڊ ڪناري پنهنجن گهرڙن کي حسرت
سان ئي ڏسندا آهن. ۽ سمنڊ جون ڇوليون ويتر وڌيڪ
شور ۽ زور سان ڊوڙنديون آهن. سرهاڻ کي به پنهنجي
حسرتن جا گهرڙا واريءَ جي گهرڙن وانگر ڊهندي نظر
پئي آيا.
آءٌ پنهنجي حسرتن کي بيگم صاحبه جي نفرتن جي ويرن
۾ لڙهڻ ڪين ڏيندس. آءٌ پنهنجي سارنگ کي حاصل ڪندس،
پوءِ ان لاءِ مون کي جيڪو به ڪرڻو پيو ڪندس. هتي
سرهاڻ جي ننڊ ڦٽل هئي ته، هتي سارنگ به تڙپي رهيو
هو. هُو به سڄي رات سوچن ۾ گم هو ته ڇا ڪري.
سارنگ جي اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ هئي. انهيءَ پيڙا
هن جي اندر ۾ هڪ فولادي طاقت پيدا ڪري ڇڏي. هن
سرهاڻ کي حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو. هن جي ذهن
تي، سرهاڻ جي سوالن ۽ لفظن جو ٻوريون سٿجي ويون
هيون، سي هڪ هڪ ٿي ڪرڻ لڳيون. سارنگ جو ذهن ڪنهن
وڏي دٻاءَ مان ٻاهر اچي ويو. گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ هڪ تازي
۽ دل کي وڻندڙ هير گهلڻ لڳي. هن هڪ عجيب سڪون
محسوس ڪيو ۽ سک جي ننڊ سمهي پيو.
صبح جو ناشتي جي ميز تي سڀ گهر جا ڀاتي ويٺل هئا.
بيگم شاڪر سارنگ کي نه ڏسي، سارنگ کي ڪمري مان سڏڻ
لاءِ نوڪر کي چيو، پر سارنگ پاڻ ئي تيار ٿي اچي،
ناشتي جي ميز تي ويٺو، سارنگ بلڪل خاموشيءَ سان
ناشتو ڪرڻ لڳو. سارنگ کي خاموش ڏسي بيگم صاحبه
سارنگ سان مخاطب ٿي. ”سارنگ طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“
”ها!“ سارنگ مختصر جواب ڏنو.
”پوءِ خاموش ڇو آهين؟“
سارنگ ڪوبه جواب نه ڏنو. شاڪر صاحب ڪوپ ٽيبل تي
رکندي چيو: ”بابا! پئسا گهرجن ڇا؟“ شاڪر صاحب جي
سوال سارنگ کي باهه ڪري ڇڏيو.
”بابا! هر مسئلي جو حل پئسا آهن ڇا؟“ سارنگ پيءُ
کان سوال ڪيو.
”ها! اڄ جي دور ۾ ته هر مسئلي جو حل پئسا ئي آهن.“
شاڪر جواب ڏنو.
جڏهن کان هن کي ڪسٽم ۾ نوڪري ملي هئي. هن سڀ ڪجهه
پئسي کي ئي سمجهيو هو.
”بابا! مون کي اوهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“
”ها، ها چئو، ڇا مسئلو
آهي؟“ شاڪر صاحب، سارنگ ڏي متوجهه ٿيو.
”بابا! مان سرهاڻ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.“
”اهو ڄاڻندي به ته، مون ان رشتي کان انڪار ڪيو
آهي،“ بيگم صاحبه پنهنجو نادري حڪم ياد ڏيارو.
”ها! مون کي خبر آهي. مون به اوهان کي پنهنجو
فيصلو ٻڌايو آهي.“ سارنگ ڪاوڙ مان چيو.
”اهو ڄاڻندي به ته نتيجو ڇا نڪرندو؟“ بيگم صاحبه
پنهنجي حڪم کي ورجايو.
”نتيجي جي مون کي ڪا به پرواهه ناهي.“ سارنگ بي
پرواهيءَ مان وراڻيو.
”ته پوءِ توکي هڪ ٻيو به فيصلو ڪرڻو پوندو. سرهاڻ
۽ اسان مان توکي ڪنهن هڪ جو انتخاب ڪرڻو پوندو.“
بيگم صاحبه جو لهجو اڃان به سخت ٿي ويو.
”ان ۾ سرهاڻ جو ڪهڙو قصور؟ ان جي ڪنن ۾ اوهان جي
نالي جي ٻانگ ڇو ڏني؟“ سارنگ ماءُ کان سوال ڪيو.
”ته پوءِ تون به ٻڌي ڇڏ ته، اڄ کان پوءِ تنهنجو
اسان سان ڪوبه واسطو نه رهندو.“ بيگم صاحبه حڪم
ڏنو.
”مون کي منظور آهي.“ سارنگ پنهنجو سامان بيگ ۾ وڌو
۽ گهر کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڪنهن کي به خدا
حافظ نه ڪيو. ۽ نه ئي وري ڪنهن هن کي هٿ وٺي جهليو
ته گهر نه ڇڏ. شاڪر ۽ بيگم صاحبه هن کي ڏسندا رهيا
۽ هو گهر ڇڏي هليو ويو.
هو سڌو سرهاڻ وٽ آيو، هن کي سڄي ڳالهه کان آگاهه
ڪيو، ”سرهاڻ! آءٌ جاب ڳولهي پوءِ چاچا وارن سان
پنهنجي شاديءَ جي باري ۾ ڳالهائيندس.“ سارنگ سرهاڻ
کان موڪلائي، پنهنجي هڪ دوست وٽ رهڻ لڳو.
هن ڪيترين ئي پرائيويٽ ڪمپنين ۾ جاب لاءِ اپلاءِ
ڪيو. هن آءِ، ٽي ۾ فريش ماسٽر ڪيو هو. هن کي هڪ
سٺي ڪمپنيءَ ۾ جاب ملي وئي. هو ڏاڍو خوش هو، هن جي
جاب جو اڄ پهريون ڏينهن هو، سارنگ جي خوشي ڏسڻ
وٽان هئي. هو خوب تيار ٿيو. هن ڪال ڪري سرهاڻ کي
خوشخبري ٻڌائي. سرهاڻ به خوشيءَ جي خبر ٻڌي بي
انتها خوش ٿي. سارنگ جي ڪاميابيءَ تي هوءَ الله
پاڪ جي حضور ۾ سجدا ڪرڻ لڳي. هن خدا جي حضور ۾ دعا
لاءِ هٿ کنيا ته هن جي اکين مان خوشيءَ جا لڙڪ لڙي
پيا.
سارنگ سرهاڻ کان دعائون وٺي، منزل تي رسڻ لاءِ هڪ
رڪشو پڪڙيو، هو ٿورو اڳتي مس وڌيو ته، ٻٽ ٻڌل موٽر
سائيڪل سوارن ڪلاشنڪوف جا منهن کولي ڇڏيا. هڪ بي
رحم گولي سارنگ جي سيني مان آر پار ٿي وئي. سارنگ
رڪشا ۾ ڪري پيو. رڪشا وارو ڊپ مان رڪشو ڇڏي وڃي پل
جي ڀرسان سيمنٽ جي ٻورين ۾ لڪو. ٻٽ ٻڌل موٽر
سائيڪل سوار ڪارروائي ڪري غائب ٿي ويا. ڄڻ ڪا
سليماني ٽوپي پاتل هجين. سارنگ سميت ڪيترائي ٻيا
ماڻهو به روڊ تي تڙپندا رهيا.
هيءَ سنڌ جو دارالحڪومت ڪراچي آهي، جتي اهڙا واقعا
روز جو معمول بڻجي چڪا آهن. هاڻي اهڙين ڪاررواين
تي ڪنهن کي سيسراٽي به ڪين ٿي اُڀري، ڇو ته ماڻهو
اهڙن حادثن جا عادي ٿي ويا آهن. هيءَ مائي
ڪولاچيءَ جي ڪالاچي آهي. جتي انسانن جو قتلام ٿيڻ
عام ڳالهه آهي. ڪولاچيءَ جي ڪن ۾ ڪيترن ئي گهاتن
جا لاش مانگر مڇن جي پيٽ ۾ پيل آهن. هي ماڻهن جو
سمنڊ آهي جتي ڪيئي واڳون وات پٽيون ويٺا آهن. هن
شهر ۾ ماڻهو ارمانن جا تاج محل کڻي ايندا آهن، پر
واپس ايڌي ايمبولنس ۾، رت ۾ ريٽو ٿيل لاش ويندا
آهن.
سارنگ جو خون وهي چڪو هو، هن جي زندگيءَ جو ڏيئو
اجهامي چڪو هو. ايڌيءَ وارن لاش کڻائي ايڌيءَ جي
سردخاني ۾ رکيو. سارنگ جي کيسي مان موبائل ڪڍي،
آخري ڊائل ٿيل نمبر ڊائل ڪيو. نمبر سرهاڻ جو هو.
اجنبي آواز آيو ”هن نمبر جي مالڪ جو لاش ايڌيءَ جي
سردخاني ۾ پيو آهي اچي کڻائي وڃو.“ هن اڻڄاڻ آواز
سرهاڻ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو. هن هاڻي ئي ته پنهنجي
سارنگ لاءِ رب کان دعائون گهريون هيون.
جواب نه ملڻ تي ايڌيءَ وارن ٻيو نمبر ڊائل ڪيو.
هيءُ نمبر بيگم شاڪر جو هو. بيگم شاڪر کي ٻڌايو
ويو ته، ”هن نمبر جي مالڪ جو لاش ايڌيءَ جي
سردخاني ۾ پيو آهي اچي کڻائي وڃو. هو دهشتگردن جي
فائرنگ ۾ هلاڪ ٿي ويو آهي.“ بيگم شاڪر جي هٿن مان
فون سيل ڪري پيو، هوءَ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي.
شاڪر صاحب ڪال بيڪ ڪيو ته هن کي سڄي ماجرا سمجهه ۾
اچي وئي. سارنگ جي دردناڪ موت سڄي گهر کي نهوڙي
ڇڏيو. بيگم شاڪر جيڪا دولت جي نشي ۾ مست هوندي
هئي. جنهن رت جا رشتا به ڪين پئي سڃاتا اڄ ان جي
حالت عبرتناڪ هئي! دولت جو نشو ڪافور ٿي ويو. هوءَ
بار بار سارنگ کي سڏڻ لڳي، پر سارنگ ان منزل تي
رسيو هو جتان ڪوبه سڏ جو جواب ڪين ڏيندو آهي. بيگم
شاڪر جي اندر ۾ سدائين سرهاڻ وارن لاءِ نفرت جي
باهه ڀڙڪندي هئي. پر ان باهه ڪنهن ٻئي کي نه، پر
هن کي ئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو. هن ٻين جا ارمان
ساڙيا، پر ان حسد جي باهه هن جي اندر ساڙي ڇڏيو.
هوءَ اُڏهيءَ کاڌل پوري ڪاٺيءَ وانگر، ڀڄي ڀورا
ڀورا ٿي پئي. جوان پٽ جي موت هن کي نهوڙي ڇڏيو. هن
جو غرور مٽيءَ ۾ ملي ويو. خدا جي ذات بيپرواهه
آهي، هو سک ڏئي به آزمائيندو آهي، ته ڏک ڏئي به
آزمائيندو آهي. شايد بيگم شاڪر جي به آزمائش شروع
ٿي وئي هئي.
سرهاڻ جي حالت به ڪا گهٽ خراب نه هئي. هوءَ سارنگ
جي اچانڪ حادثي کي دل سان قبول نه ڪري سگهي. هوءَ
بار بار سارنگ جا چيل لفظ ياد ڪرڻ لڳي. ”مون کي
جاب ملي ته مان چاچا وارن سان پنهنجي شاديءَ جي
باري ۾ ڳالهائيندس.“ سارنگ جي وڇوڙي سرهاڻ کي
بيحال ڪري ڇڏيو. ڪيترا مهينا هوءَ گهر کان به ٻاهر
نه نڪتي، هن جي ويجهي سهيليءَ هن کي پاڻ سان گڏ
هاسپٽل ۾ جاب وٺرائي ڏني ته جيئن سرهاڻ زندگيءَ ۾
واپس موٽي اچي. سرهاڻ ڊاڪٽري پاس ڪري هائوس جاب
جو انتظار پئي ڪيو ته، هيءُ حادثو پيش آيو.
سرهاڻ هاسپٽل ۾ مريضن جي تيمارداري ڪري، پنهنجا ڏک
وساري ڇڏيا هئا. هن جي زندگيءَ جو مقصد هاڻي
بيمارن جي خدمت ڪرڻ هو.
اڄ جيئن ئي هوءَ رائونڊ تي آئي ته بيگم شاڪر کي
ڏسي حيران ٿي وئي. هن تي فالج جو حملو ٿيو هو. هن
اهو نه سوچيو ته، هيءَ منهنجي اُها چاچي آهي جيڪا
اسان کان نفرت ڪندي هئي ۽ منهنجي خوشين جي قاتل
آهي. پر هن هڪ فرض شناس ڊاڪٽر جي حيثيت سان بيگم
شاڪر جو دل سان علاج ڪيو. بيگم شاڪر جي صحت بهتر
ٿيڻ لڳي.
اڄ شام جو جيئن ئي سرهاڻ رائونڊ تي آئي ته، بيگم
صاحبه ننڊ ۾ ستل هئي. هن بيگم صاحبه جو آرام ڦٽائڻ
نه پئي چاهيو. سرهاڻ ڪمري ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي
رهي ۽ انتظار ڪرڻ لڳي ته بيگم صاحبه ننڊ مان جاڳي
ته هن جو چيڪ اپ ڪري ۽ کيس دوا پياري. هوءَ بيگم
صاحبه کي پاڻ دوا پياريندي هئي. ٿوري دير ۾ بيگم
صاحبه اکيون کوليون. هن اُٿي ويهڻ پئي چاهيو، پر
هن ۾ ايتري سگهه ڪونه هئي جو اُٿي ويهي سگهي.
سرهاڻ اُٿي بيگم صاحبه کي سهارو ڏنو ۽ وهاڻن جي
ٽيڪ ڏئي ويهاريو. بيگم صاحبه سرهاڻ کي سڃاڻي ورتو.
هن سرهاڻ کان اشارن سان پڇيو: ”تون سرهاڻ آهين؟“
”جي چاچي آءٌ سرهاڻ آهيان.“ سرهاڻ وراڻيو.
سرهاڻ جي جواب تي بيگم صاحبه جي اکين مان لڙڪ
لارون ڪري وهڻ لڳا، هن سرهاڻ کان هٿ ٻڌي معافي وٺڻ
پئي چاهي، پر هن جا رڳو چپ چرندا رهيا، آواز نڪري
نه سگهيو. ڇو جو بيگم صاحبه ڳالهائڻ جي سگهه وڃائي
چڪي هئي. جيڪا زبان گهر جي نوڪرن ۽ شاڪر صاحب جي
مائٽن تي قينچيءَ جيان هلندي هئي، اڄ اها هڪ لفظ
ڳالهائڻ کان به قاصر هئي. هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا. سرهاڻ
بيڊ تي بيگم صاحبه جي ڀر ۾ ويهي هن جي هٿن کي
پنهنجي هٿن ۾ ورتو ۽ بيگم صاحبه کي مخاطب ٿيندي
چيو:
”چاچي! اوهان مون کي گهنگار نه ڪيو، ان ۾ اوهان جو
ڪهڙو قصور منهنجو نصيب ئي اهڙو هو، پوءِ ڪنهن کي
ڪهڙي ميار ڏيان؟“
بيگم شاڪر سرهاڻ جا هٿ، پنهنجي چپن تي رکي چمڻ لڳي
۽ ڪيتري دير تائين، هن جا هٿ سيني سان لائي ڇڏيا.
سرهاڻ چپ چاپ، چاچيءَ کي ڏسڻ لڳي. هوءَ ڄڻ پنهنجي
غرور ۽ ناانصافين جو ازالو ڪندي هجي ۽ پنهنجي ڪيل
ظلمن کي پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوئيندي هجي.
”چاچي، اوهان لاءِ منهنجي دل ۾ ڪوبه رنج ڪونهي،
اوهان مون لاءِ اڄ به، اوترا ئي اهم آهيو جيترا اڳ
هئا. بلڪه ان کان به وڌيڪ. ڇو جو اوهان سارنگ کي
جنم ڏيندڙ ماءُ آهيو. اوهان ۾ سارنگ جي سرهاڻ آهي.
اوهان جي خدمت مون لاءِ عبادت آهي.“
سرهاڻ جي اهڙي جواب تي بيگم صاحبه جي اکين مان
ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا. هن جو سڄو وجود ڏڪڻ لڳو.
سرهاڻ وڌي بيگم صاحبه کي سيني سان لڳايو. هن ٽشو
پيپر سان بيگم صاحبه جا ڳوڙها اُگهيا. ۽ دل ۾ سوچڻ
لڳي ته، هن دنيا ۾ رشتن کي به انا ۽ دولت جي ٽشو
پيپر سان اگهي، غربت جي ڊسٽ بن ۾ اڇلايو ٿو وڃي؟
هوءَ ڊسٽ بن ۾ اڇلايل ٽشو پيپر کي ڏسڻ لڳي! |