سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون جنوري، فيبروري، مارچ 1991ع

مضمون

صفحو:9

ماروئڙن کي مهڻا ملندا
لاک جي لوئي ڪيئن لڄائي
 

هن جي آهه به ڄاڻ ڇڏيندي
ڪوٽ ڪڙا هي سڀ ڪيرائي
 

شمع منير سنسار ۾ آخر
ڪنهن کي پنهنجا سور سڻائي
          

*ليليٰ پروين سومرو

Compromise

جيون مان اسان کي مليو به ڇاهي

پيڙائون، ڀوڳنائون.

ڇا آهي هن جيون ۾؟

جيون گهارڻ لئه ڄڻ

ساعتن جا غلام هجون،

ٿوري گهڻي تي پنهنجي ضمير آڏو،

هڪ ڏوهاري جوابدار وانگر،

ڪنڌ لاڙي نيڻ نايون.

رڳو سمجهوتو،

۽ سمجهوتو

اهوئي ته وڏو دوکو آ.

اسين سڀ هڪ ٻئي کي نه.

پر،

پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏيون ٿا.

ها سمجهوتو (Compromise)ئي ته دوکو آ.

اهي سڀ دوکا، پيڙائون، ڀوڳنائون

جيون گهارڻ لاءِ ئي ته آهي.

جيون مان اسان کي مليو به ڇاهي.

ڪمپرومائيز- (سمجهوتو)

 

*گوري و لڀ

سڃاڻپ

اي ٿر جون ڀٽون

اي اڪ جا ٻوٽوءَ

اي ڪونڀٽوءَ

اي اونهاري جي گرميءَ ۾

پچندڙ پيرونؤ

اي ڀٽن تي

ٽهوڪڻ وارا مورؤ

منهنجي سڃاڻپ توهان سان آهي

منهنجي جسم ۾ موجود گرمي

هتي جي تتل واري سان آهي

جڏهن مينهن جا ڦڙا

واري تي ڪرن ٿا

ته ڄڻ آئون جاڳي پوان ٿي

تڏهن مان، مان نٿي رهان

ٿر ٿي وڃان ٿي.

 

*شاهده تارا ڀٽي

هائيڪا

ٻڌين پيو چريا

هي وڻ نه

ماڻهو اٿئي ٻريا

*

بيد جي ٽاري

هيڏي خوشبو

ڪنهن آٻاري

*

اهڙو آهي ڪو!

ٻاٽ کي گُهٽو ڏئي

لاٽ جلائي جو

*

نه ڪو قياس

ڪيئن کائي پيو

مرون ويٺوماس

*

اڳيان چڪڻ

متان ڪرين

ڏسي ترڪڻ

*

 

هٿ ۾ پٽي

مَسُ ۽ قلم

ٻار جي ڇَٺي

*

سهڻي سڏي ميهار

وڇوڙي وڌايا

ٻيڻان درد هزار

*

هيءَ جهرڪي

صفا سُڪ ۾

ڪيئن تِرڪِي

 

*فوزيه قاضي

ٽيڙو

جيون موت آڏو

ساحل رهيو اڃايل

سدا سمنڊ آڏو.

*

چولا گج ڀريل

ڪنهن سيني تي- ڄڻ

سوين چنڊ کڙيل.

*

ريکا منهنجي ڀاڳ جي

ماکيءَ جي ماناري منجهه

بچيل ڄڻ  کاڄ  هئي.

*

وچن پرديسيءَ جو

ڀت تي هئو ڄڻ اولڙو

ڪنهن درسناتيءَ جو

*

سارو سرير سڙيو

ڪاريءَ جي تهمت

واهَ ۾ لاش لڙهيو

 

*فهميده سحرش ميمڻ

آزاد نظم

پنهنجي پيار جي صدا جيان

پيار جون پهريون  صدائون

دَردَ جون سڀ وارتائون

پنهنجي نالي

تُنهنجي لاءِ

دلنشين ۽ خوبصورت

تنهنجا سارا لهجا

منهنجي دل جي نرم گوشن

لُنئو ۽ درن مان گُهلجي ڪانڊاريندڙ لمحا

پنهنجي پيار جي لهجن منجهه

سجائي

ويٺي آهيان

تو ۾ جي ناهي همتَ

حوصلو ڪو زندگيءَ جو

پوءِ تنهنجو ڪوبه حق نه هو

ته تون پيار ڪر

 

*شيبا بلوچ

بنتي

منهنجي من مندر ۾

تنهنجي نانءَ جا

ڏيئا ٻرن ٿا

ائين نه ٿئي

ڪو تيز واچوڙو

انهن کي اجهائي ڇڏي

تون

پنهنجي هٿن جي اوٽ ڏيئي

ان کي جيون ارپي ڇڏ.

 

*شمس صديقي

نثري نظم

تو چيو منهن جي

دل بند آ

مون سهمت ٿيندي چيم

مکڙي جيان گهٽيل آ

پر پوءِ به

تون ائين مهڪندينءَ

جيئن سورج جا

پهريان ڪرڻا

پنهنجون پاڻ کي

سڄي دنيا لاءِ

ارپي ڇڏيندا آهن.

 

*ج. ع منگهاڻي

ترائيل

ڀرجي آيا ڇو؟ تنهنجا نيڻ ڪٽورا!
اهاڀي ڳالهه آ ڪا روئڻ جهڙي!!
روز وڪامن نٿا ڇا!؟ جذبا ڪورا
ڀرجي آيا ڇو تنهنجا نيڻ ڪٽورا!
 

ڪهڙي هينئڙي ۾ اٿئي هورا کورا!
تنهنجي مرضي هلڻ ڳالهه آ هونئڻ جهڙي!
ڀرجي آيا ڇو؟ تنهنجا نيڻ ڪٽورا
اها ڀي ڳالهه آ ڪا روئڻ جهڙي!

 

*ابرار طائر/ مرتضيٰ سيال

تولاءِ

مون کي سٺو لڳندو آهي

ڏاڍو سٺو لڳندو آهي

تو سان گڏ گُهمڻ

پري پري تائين رستن تي آوارا

نه منزل جو تُعين

نه لمحن جو ڪو احساس

مون کي سٺو لڳندو آهي

ڏاڍو سٺو  لڳندو آهي

عجيب انداز ۾ ماڻهن جو تڪڻ

مُرڪڻ، خار کائن، بي حيا چوڻ،

مون کي سٺو لڳندو آهي

ڏاڍو سُٺو لڳندو آهي

ڇڙو اڳ ڳالهيون، اڻ چيل قصا

ٻُڌائڻ هڪ ٻئي کي

تُنهنجو مسڪرائڻ

۽ ڪجهه ڳالهيون اڌوريون ڇڏي ڏيڻ

ها پر

منهنجو تجسس ڏسي

ڪجهه چئي ڇڏڻ

ڪجهه بچائي رکڻ

مون کي سُٺو لڳندو آهي

ڏاڍو سٺو لڳندو آهي

تنهنجو نيچرل انداز ۾ رهڻ

ڇو جو ٺاهه ٺوهه کان عاري

سادگي جي حسن ۾

جو ڪجهه آهي

مون کي سُٺو لڳندو آهي

ڏاڍو سٺو لڳندو آهي

ظاهري طور پاڻ کي سڌو سادو بنائڻ

اندروني طور سڀ ڪجهه ڄاڻن جي باوجود

خاموش رهڻ

بظاهر بلڪل عام ۽ سادي هڪ ڇوڪري

نظر اچڻ

اندروني طور خوابن ۽ خيالن سان

گهيريل هئڻ

سوالن جو ٻرندڙ لاوي جيان

رستو ڳولڻ جي جستجو ڪرڻ

پر اهو ڇا

مُنجهيل خيالن ۽ سوالن کي سموئي

پنهنجي اندر ئي لهندي پئي وڃين

ڪٿي ائين نه ٿئي

جو تون پاڻ ۾ گم ٿي وڃين

اهي سڀئي ڳالهيون صحيح پر

مون کي سٺو لڳندو آهي

ڏاڍو سٺو لڳندو آهي

تو سان گڏ گهمڻ

پر يري تائين رستن تي آوارا.

 

*سلميٰ پنهور

هائيڪا

 

تنهنجي آئي فون

ڪيڏن ڏينهن کانپوءِ

گهر ۾ هيس ڇو نه!

*

ياد ڇو نه رکيائين

گذري جنم ڏينهن ويو

فون ئي ڪونه ڪيائين

*

ملڻ لاءِ چيائين

ڪيم جو انڪار

فون رکي ڇڏيائين.

*

فون پئي وڳي

پڪ سمجهائين ساجن هوندو

ڊُڪ پائي ڀڳي

*

ٻارن گوڙ  متل

پوءِ به گهري ننڊ ۾

پوڙهو هيو ستل.

*

کلندي پئي ملهايم

توکان پري جنم ڏينهن

اکيون ڀرجي آيم

*

 هينئو ايڏو نه هار

سپنا ڪڏهن ساڀيا نه ٿيندا

سپنا سڀ وسار

*

منهنجي مَن اڱڻ

برسن پيون بوندون

آيو آ سانوڻ

*

لاتئي ايڏا ڏينهن

ڪيئن گذاريئي مون سواءِ

هُت سانوڻ جا مينهن

*

ڪيم جي اقرار

چيائين چري ڇوڪري

ڪر نه ايڏو پيار

*

منهنجو جنم ڏينهن

آيو ڪونه پرين

نيڻ وسن جيئن مينهن

*

اچي ڪونه سگهيو

ساجن منهنجي شهر ڏي

ڪرفيو جو هيو.

*

مينهن ۾ پسي

ڊُڪي ڇوري گهر ڏي

وٺي نه ڪو ڏسي

*

تنهنجو منهنجو نينهن

ناتو اهڙو آهي

ماروئڙا ۽ مينهن.

*

ڪُويل پئي ڪوڪيو

منهنجو اندر اڌ ٿيو

ڇو نه هو موٽيو

*

مينهن جو سٽڪو

رستي ويندي ماڻهو جو

ڀڄي پيو   پٽڪو

*

آيو سانوڻ وري

ٿر ۾ ماروئڙن جا

نيڻ پيا ٺري

*

توکي وڻان ٿو مان

هر هر ٿي پڇيائين

ڪيئن چوانس ها

*

هر هر ٿي سمجهائي

پرديسي پرين سان

نينهن نه ڇوري لائي

*

توکي ڇا چوان

ڪيڏو ڳالهايان ٿو توسان

تنهنجي اُهائي هان!

 

نازڪ الملائيڪه (عرب شاعره)

پارس حميد

نازڪ الملائيڪه بغداد (عراق) ۾ 1923 ۾ ڄائي ۽ اتان جي ٽيچر ٽريننگ مان تعليم ورتائين ۽ ڪويت يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهي  آهي. سندس لکڻين ۾ Collected poems جا ٻه جلد ۽ ان کانسواءِ عربي، انگريزي، شاعري جي تنقيدي مطالعي تي ٽي ڪتاب پڻ شامل آهن. جديد عربي شاعري ۾ سندس وڏو نالو آهي

 

نئون سال

نوان سال! اسان جي گهر نه اچجانءِ

اسان ڀوتن جي دنيا جا پڙاڏا آهيون

ماڻهن اسان کي ڇڏي ڏنو آهي

رات ۽ ماضي اسان کان وڇڙي ويا آهن

قسمت اسان کي وساري ڇڏيو آهي

چاهت جا چچريل، اُميدن جا نپوڙيل

نه اسان جا ڪي خواب، نه ئي ڪا ياد آهي

اسان جا مُرڪندڙ چهرا

پنهنجو رنگ روپ وڃائي چڪا آهن

اسان زمان ۽ مڪان جي بي معنيٰ حد تائين پري

ٿي ويا آهيون

معذرت جي ڍنگ کان اڻ سونهان

اسان رڳو پنهنجن گهرن ۾ ئي پيا گهاريون

نوان سال! هلندو هل

اسان جي سجاڳيءَ جي  ڪائي اُميد ناهي

اسان جون رڳون سامونڊي گاهه جون ٺهيل آهن

ڪير ٿو چئي روح ٽٽي سگهي ٿو

ڪاش! اسان مري وڃون ها

۽ قبرون اسان کي ٺڪرائي ڇڏين ها

جيڪڏهن اسان رڳو سالن جي وقت جو ڪا ٿو ڪري سگهون ها

جيڪڏهن رڳو ايترو ئي ڄاڻون ها ته ڪنهن جاءِ سان لاڳاپو ڇا ٿيندو آهي

جيڪڏهن اسان رڳو ديوانگيءَ کان ڊنل هجون ها

جيڪڏهن سفر اسان جي زندگين جا ڳانڍاپا ٽوڙي ها

جيڪڏهن رڳو ٻين ماڻهن وانگر ئي مري سگهون ها

 

*شاهده ناز

ترجمو: اسد عباسي

تحرير جي انتها

بس اهوئي من ۾ ويو سمائجي

قلم، پنهنجي اڱر جو گهڙيان ۽

رت جي روشنائيءَ سان

لکان مان حال دِل توکي

ايستائين جو

رت جي روشنائي ختم ٿي وڃي

جيتوڻيڪ اهو ڀي علم آهي

رت جي روشنائي

پوري ٿي به

رهنديون ڪيئي ڳالهيون

اڻ پوريون ۽ اڌوراڻيون ئي

پر ائين به ٿي سگهي ٿو

خير پئجي وڃي توکي

وفا ۽ دل لڳيءَ ۾

فرق آهي ڪيترو؟

 

موهن سنگهه

ولي سروري

ماءُ

ماءُ جهڙو گهڻ ڇائون ٻوٽو

مون کي نظر نه آيو

جنهن جي ڇانوَ جيان ئي موليٰ

پاڪ بهشت بنايو

ٻيا سڀ ٻوٽا دنيا وارا

پاڙ سڪي ڪومائن

هن ٻوٽي جا گل جي ڪوماڻا

پاڻ سڪو ڪومايو

(ساوي پتر تان آزاد ترجمو)

**

*ڪوثر پروين

پورهيت

ٻين جو پيٽ پالي،

پنهن جو پيٽ خالي،

ٻين جا گهر ٺاهي،

پاڻ بي گهر رهي

يا اجڙيل اجهي ۾

ٻين لاءِ مشعل

پاڻ اونده ۾

سک هن جو نصيب ناهي

هي هڪ پورهيت آهي.

شاعره: ڪرسٽيناني آلوٽ

ترجمو: آدرش

جرمن نظم

جڏهن ڪارا ڪڪر،

مون کي اُداس ڪندا آهن،

ته مُنهنجو وسُ اُنهن تي ڪونه هلندو آهي.

پر.

آئون ڪنهن ڇِتِ هيٺان پناه وٺي سگهان ٿي،

جيئن مِينهُن مون کي،

چوٽِيءَ کان وَٺي کُڙين تائين ڀِڄائي نه سگهي.

**

شبيلا حسين سجاول

غزل

مان وک وڌائي سوڀاري ٿيڻ گهران ٿي،
تنهنجي سکن جي سونهن وڌائڻ گهران ٿي.
راتيون ساريون تارن ساڻ گهاري،
تنهنجي اکين جا خواب چونڊڻ گهران ٿي.
وارياسو وياڪل آ جيون جو منهنجو،
تنهنجي دنيا ۾ آباد ٿيڻ گهران ٿي.
اٿاهه ساگر ڇو نه بڻجي پوان تڏهن پڻ،
تنهنجي اکين جا لڙڪ اگهڻ گهران ٿي.
پنهنجا جذبا جدائي ساڻ سهڻا،
تنهنجي مک تي مرڪ ٿيڻ گهران ٿي.
مان وک وڌائي سوڀاري ٿيڻ گهران ٿي.
تنهنجي سکن جي سونهن وڌائڻ گهران ٿي.
                       

شاعره: ليڊي هوري ڪاوا

ترجمو: آدرش

جپاني نظم

 

”ڇا هُو هميشه لاءِ،

مُون سان پيار ڪندو؟“

اڄُ صبح جو منهنجون سوچون،

منهنجن ڪارن وارن وانگر،

وِکريل رهيون.

 

*پرڀات سنڌي

وائي

زندگيءَ جو هي سفر، ڄڻ قهر، ڄڻڪي زهر

واري واري توبه زاري، ڄڻڪي ٿر

زندگيءَ جو هي سفر!

ڏکن جي ڏونگر جو ڪوئي ٿر نه بر

زندگيءَ جو هي سفر

سور سختيون سڀ ٿين هت هم سفر

زندگيءَ جو هي سفر

روڄ راڙو آه زاري بي اثر

زندگيءَ جو هي سفر

 

*مستور بخاري

بد دعا

هڪڙي سمي

مونکي کل ۾ ٻُڏندو ڏسي

چيو هيئه:

”شل ائين ئي سدا

کلندي رهين!

ٽڙندي رهين!

اهڙي جيئري کِلَ ته

ڪوئي ڪوئي کلندو آهي!“

پر اڄ اچي ڏِسُ

تنهنجي دُعا

بَد دُعا بڻجي وئي آ.

 

*شازيه سنڌو

ٻهراڙي جي نياڻي جي فرياد

 

مان نياڻي ٻهراڙي جي آهيان
اوهان کان ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيان
 

ڇو تعليم کان مون کي روڪيو ٿا؟
مان به ڀائرو پڙهڻ ٿي چاهيان
 

ڇو ٿا قيد ڪيو چوديواري ۾؟
مان به آزادي ماڻڻ ٿي چاهيان
 

اي انڌا سماج هي رواج تنهنجا
هاڻي مان نه ڏسڻ ٿي چاهيان
 

ڇو اهڙي ويڌن مون سان سنڌو؟
مان انقلاب آڻڻ ٿي چاهيان.
 

خوابن جا عذاب

جنهن سان گڏجي

مون ڏِٺا ها

گهر- اڱڻ ۾

گلن ٽڙڻ جا خوابَ!

تنهن گُلَ ٽِڙڻ کان اڳ ۾ ئي

مُنهنجي مَن- اڱڻ ۾ ڀري ڇڏيا هَن

درد- ڪنڊن جا خوابَ!

 

اعتراف

مان آهيان

تُنهنجي منزل ڏانهن

ويندڙ

هڪ

ڌُوڙ اُڏائيندڙ

ڀڳل ٽُٽل رستو ڪوئي

منزل نه!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com