سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون جنوري، فيبروري، مارچ 1991ع

مضمون

صفحو:2

سرتيون: سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ليکڪ/ ليکڪا جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ ان سلسلي ۾ خاص طور اسان جي ليکڪائن  ڇا ڪيو آهي؟

سحر امداد: سماج کي بدلائڻ ۾ ليکڪ/ دانشور اهم رول ادا ڪري سگهي ٿو- پر جي چاهي. ڇو ته ليکڪ ان پوري سماج ۾ اهو اڪيلو شخص آهي جيڪو ٻين کان مختلف، گهرو، انوکو ۽ سچو سوچي ٿو. پر.... ليکڪ / دانشور  ۾ سچ چوڻ ۽ ان سچ تي اٽل  ۽ اڏول ٿي بيهڻ جي قوت هجي. سقراط، گليليو، لورڪا، ناظم   حڪمت، مولائيز..... اهي سڀ سچ  جا ساٿاري هئا- ۽ سچ جي ڏوهه  ۾ ٻڌا ويا، ماريا ويا. پر پري ڇو وڃون، خود اسان وٽ شاهه عنايت شهيد جو مثال آهي. جنهن جاگيرداري ظلمن خلاف هارين جو ساٿ ڏنو ۽ غلط  سماجي نيمن کي بدلائڻ جي ڪوشش ۾ شهيد ٿيو. خود سنڌ جو مهان ڪوي شاهه لطيف جنهن کي ڪلهوڙن ڪيترا ڀيرا مارائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جو ڦوهه جوانيءَ ۾ ڀڀوت مکي جوڳين ۽ کاهوڙين سان گڏ هنگلاج ڏانهن نڪري ويو هو ۽ ساڍا ٽي سال سڄي سڌ رليو هو. سمنڊ جهنگل، جبل،  ميدان ۽ رڻ پٽ سڀ ڀيٽائين ۽ا ن ئي عرصي ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا اَمُلهه مشاهده ماڻيا هئا. جيڪي اڄ ضخيم رسالي جي صورت ۾ اسان جي آڏو آهن. لطيف جو هيءُ عمل ان ”سوڪالڊ سسٽم“ خلاف بغاوت ئي ته هو. موٽي اچڻ کانپوءِ به شاهه لطيف اڪيلي سر وڃي ڀٽ وسائي ويٺو هو. ..... سو ڇا هو! دولت، دنيا ۽ دُنيوي خواهشون تياڳڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. لطيف جهڙي اعليٰ پائي جو شاعر/ دانشور جي چاهي ها ته ڪلهوڙن جي درٻار مان هُن کي ڇا نه ملي ها!- سَنَدون، خلعتون، هيرا جواهر، انعام اڪرام سڀ ڪجهه. پر اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ضمير جو، پنهنجي روح جو سودو ڪرڻو پئي ها ۽ ”لطيف“ جهڙو سچو، کرو ۽ حساس ماڻهو اهو سودو ڪيئن پئي ڪري سگهيو؟ ائين ته اُهي ئي ڪري سگهن  ٿا جن لاءِ لطيف سائينءَ چيو آهي:

جنين سندي منهن ۾ نهائيون نڪن

۽ اڄ هي ”نهائيون نڪن“ جون رکندڙ ليکڪ/ شاعر/ دانشور سنڌي ادب ۾  ٻڌي ليکي ڪاهي پيا آهن. انهن جو هڪڙو نڪ وڍي ڇڏيو ته به کين ڪو فرق نه پوندو- ٻيو نڪ مورجي ايندو!

ليکڪ/ شاعر/ دانشور ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي- پر ڪوڙ کي وائکو ڪندو آهي. دوکو نه ڏيندو آهي- پر هر دوکي آڏو ديوار ٿي بيهندو آهي. ظلم نه ڪندو آهي- پر مظلوم  جو ساٿاري ٿي بيهندو آهي. هر لوڀ، لالچ ۽ طمع کان بالاتر هوندو آهي هڪ فنڪار ۽ اهو ”آمر“ جنهن وڏاءُ مان چيو هو ”مان سيٽي وڄائيندس ته سمورا سياستدان منهنجي ڪڍ پڇ لوڏيندا ايندا. پر هُن جي هڪڙي ”ٻچڪار“ تي نه رڳو سياستدان پر اديب/ دانشور به پڇ لوڏيندا پهتا هئا-

قول ۽ عمل جي ان تضاد ئي نثري توڙي شعري تخليقن کي ”صحيفا“ نه بڻجڻ ڏنو ۽ ان ڪري ئي اڄ جو ڪو به ليکڪ / دانشور نه پيغمبر ٿي سگهيو- نه ئي وَلِي!

اڄ جو ليکڪ ڪرپٽ ٿي چڪو آهي- ان ڪري ڪنهن به سماجي تبديلي آڻڻ جي اهليت وڃائي چڪو آهي. هو وڪاڻل آهي- ۽ هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا اگهه چڪايا آهن. بس فرق رڳو اهو آهي ته ڪي ڪوڏين مُلهه وڪاڻا آهن- ته ڪي ويهين ٻاويهين گريڊ ۾ وڪاڻا آهن. پر ڪو هڪڙو اهڙو آهي جو اَملهه آهي ۽ ڪنهن به بازار ۾ ڪونه وڪاڻو آهي؟ ليکڪ نه رڳو قومي ۽ سياسي Blunders  تي پر ادبي Blunders   تي به چپن تي چُن لائي ٿا ڇڏين. ”نه پُڇڻ، نه ڪُڇڻ“ جي سونهري پاليسي اختيار ڪئي اٿن. يعني ”تون منهنجا ڍڪ ڍڪيندين ته مان تنهنجا ڍڪ ڍڪيندس!“ باقي بچيون ليکڪائون ته سي سڀئي ويچاريون exceptions)  ته هرهنڌ آهن) ۽ ڪوبه ويچارو ڪنهن جي ڪهڙي ڪم اچي سگهي ٿو. ڏيڏر ڦوڪجي به نيٺ ڪيترو ڦوڪجندو؟ جڏهن ڦوڪ نڪرندس ته ”ڏيڏر“ ساڳو ”کوهه جو ڏيڏر“: ”جي سالورو سڌ لهي ڪنولان سندي ڪاءِ تو پيو پاتال ۾ هوند نه مٽي کاءِ“

(قاضي قادن)

سرتيون: ”سرتيون“ رسالي کي وڌيڪ معياري بنائڻ لاءِ پنهنجون ڪي تجويزون/ صلاحون ڏينديون.

سحر امدا: سرتيون پنهنجي گيٽ اپ ۽ سيٽ اپ ۾ نئون هوندي به نئون ناهي (سرڪاري گرانٽ تي هلندڙ ادارن / رسالن جي اهائي ٽرئجڊي آهي.) نواڻ آڻيو. پر نواڻ جي نالي ۾ گند بلا ڇپڻ بند ڪيو- خاص ڪري گند شاعري. ماڻهن ۾ وڃو- انهن جا ڏُک سُک شيئر ڪيو. توهان وٽ وسيلا آهن. انهن وسيلن کي سجايو ڪيو.

سرتيون: سرتيون رسالي جي پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

سحر امداد: ”انفراديت“ کان اجتماعت ڏانهن ”اچو.“ ”ڪين  مان ڪجهه“ ٿيو. فقط پنهنجي ”ذات“ لاءِ نه سوچيو- ذات جي گهيرن کي ٽوڙيو ۽ سڀني لاءِ سوچيو.  ”خود غرض“ نه پر لاغرض ٿيو. ”حد“ جي قيد مان نڪرو- ”لاحد“ اُڪري وڃو روايتي سستي ڇڏيو ۽ چست ٿيو. مسڪيني ۽ پن جو پيالو نه کڻو- پنهنجن مارڻ، پنهنجن کي ڦرڻ، پنهنجن سان پلاند- اهو سڀ بند ڪيو. پنهنجا حق وٺو پر پنهنجا فرض به سڃاڻو. علم حاصل ڪيو توڙي جو ان لاءِ چين وڃڻو پئي. پراڻن قدرن جي جاءِ تي نوان ۽ صحتمند قدر پيدا ڪريو. پنهنجي قومي روايتن کي نئين سنئين جياريو. سنڌ تي اهڙو ڏکيو وقت ڪڏهن ڪو نه آيو هو- پنهنجي سائيڪيءَ (نفسيات) تي سوچيو- ۽ پنهنجي Strategies  بدلايو. هڙئون وڙئون سنڌي ماڻهوءَ جي مدد ڪيو. ان جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچيو ۽ ان تي عمل ڪيو. ٺلهي آڪڙ، ٽانءِ ۽ ڦونڊ کان پاسو ڪيو. گند جي تري ۾ نه پئجي رهو- اٿو آڪاس تي اُڏامو- هي سورج، چنڊ، ستارا سڀ توهان جا منتظر آهن!

* سحر امداد

ڪارو سورج

 

تنهن ڏينهن

جنهن ڏينهن

منهنجي اڱڻ تي ڪارو سورج اُڀريو هو

ڏينهن ڏٺي جو اونداهه انڌوڪار ٿيو هو

پکي پکڻ سڀ آکيرن ۾ لِڪي ويا ها

ٽڙيل ٽانگر جا ڳاٽا ٽِڙڪي پيا ها

گهاٽي بڙ جا پن سمورا ڇڻي پيا ها

گهٽيءَ ۾ کِلندڙ ڪُڏندڙ ٻارن جا

آواز سمورا مري ويا ها

 

هڪڙي اک ۽ سُورُ- وڄ ۽ چئن هٿن وارو

اونداهيءَ جو راڪشس

وسندي وسندي ڪاهي پيو هو

چئن هٿن سان چوڌاري

هُو ٻارڻ ٻاري ويٺو هو

ساهه نپوڙي ويٺو هو

نرڙ تي اُڪريل هڪڙي اک سان

خوني، چور ۽ رهزن، زاني

عالم، ليکڪ، دانشور کي

شاعر، سرجڻهار سڀن کي

هو هڪڙي اک سان ڏسندو هو

”انڌير نگري- چرٻٽ راجا وارو“

قصو هِت به هلندو هو

 

تن ڏينهن ۾

ڏينهن به راتين جهڙا ها

راتيون ڪاريون راتيون

گگهه اونداهيون

ڪاڻي- ڏائڻ جهڙيون:

ڪاتيون راتيون

۽ ههڙي ئي هڪ

يخ، ٿڌي ۽ ڄمي ويل اونداهي انڌي رات جو

آڌيءَ آڌيءَ

ٻرندڙ سورج

اونداهين کي چيري، ڦاڙي ۽ چيٿاڙي

تيز تکن ۽ ڪوسن روشن ڪرڻن کي

چئني ڏسن ڦهلائيندو

اُلري اُڀري آيو هو

۽ تڏهن

سڀ چٻرا ۽ چمڙا انڌا ٿي پيا ها

چُرن، ٻِرن ۽ اونداهين جي تلاش ۾

ڦٿڙاٽيندا اُڏريا ها

ان ساڳي لمحي

ڪاري گدلي سينور ۾

هڪ نيل ڪنول

ٽهڪ ڏيئي ٽڙي پيو هو

۽ سمورا سورج مکي

ڪيڏي نه مڌرتا سان مُرڪيا ها

 

سونهري سورج

يخ، ڄَميل ٿڌي رات جون

برفاني ڇِپون رِجائيندو

ڇل ڇل ڇل ڇل پاڻي بڻجي

لڪن، پهاڙن ۽ جبلن تان

پنهنجا رستا ٺاهيندو

ڌوم تتيءَ جو گجگوڙن سان ڪاهيندو

هر روڪ، بند ۽ ڊيم سمورا ڊاهيندو

ڌرتيءَ جي اُڃايل ڪُک ۾ پنهنجو پاڻ سمائيندو!

* فرزانه شاهين مڱڻيجو

سمجهوتو

هُن کي ڏسي مون کان ڇرڪُ نڪري ويو ڄڻ ڪو ڀوائتو خواب ڏسڻ کان پوءِ هڪدم اک کُلي وئي هجي. آئون حيرت جي اونهائين ۾ ڪيترائي پهر پٿر جي بت جيان سوچيندو رهيس. منهنجون اکيون هن جي وجود ۾ ائين کُپيل هيون ڄڻ پنج هزار سال ڪنهن پراڻي ڦٽل شاهڪار جي آثارن جي برباديءَ جا ڪارڻ ڳولي رهيون هجن. ماضيءَ جا گمشده ورق اکين اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ هر ورق تي چٽيل تحرير چٽي ٿيندي وئي. اکين کي ويساهه  ئي ڪو نه پيو اچي ته هيءَ اها ئي ڪوئل آهي جنهن جا تکا مٺا ٻول سريليءَ موسيقيءَ جيان ڪنن کي وڻندڙ نرم احساس ڏيندا هئا اُها ڪوئل جيڪا هر وقت چهڪندي رهندي هئي جنهن جا زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ يونيورسٽيءَ جي ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيندا هئا. جنهن جون اکيون چنڊ جيان روشن هونديونڍن هيون جن ۾ هزارين مرڪندڙ سپنن جا اڻ کٽ سلسلا هئا.  مون ڪوئل کي پهريون ڀيرو تڏهن ڏٺو هو جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ”عورتن جو عالمي ڏينهن“ جي موقعي تي ملهايل فنڪشن ۾ هوءَ تقرير ڪري رهي هئي هن جي تقرير جو هر لفظ احساسن سان ڀرپور هو هُن جي گرما گرم تقرير ٻڌندي سڄي هال ۾ ويٺل ماڻهن تي سانت ۽ خاموشي ڇائنجي وئي هئي. هر ڪنهن جي نظرن جو مرڪز ڪوئل جو گلابي ٻهڪندڙ چهرو هو جيڪو جذبات جي تپش ۾ ٽانڊي جيان ٻري رهيو هو ۽ جڏهن هن تقرير ختم ڪئي ته  سڄو پنڊال تاڙين جي گونج سان وڄي اٿيو ۽ هوءَ ڪنهن فاتح جيان اسٽيج تان هيٺ لهي رهي هئي ڄڻ مردن جي سڄي دنيا کي هڪ ئي لمحي ۾ فتح ڪري ڇڏيو هجئين.

فنڪشن ختم ٿيڻ کانپوءِ مون ماڻهن جي ميڙ مان نڪرندي هُن کي روڪيندي چيو.

”اوهان کي مردن لاءِ ايتري ڌڪار ۽ نفرت ڇو آهي“ .....؟ هن پل کن لاءِ مون ڏانهن نهاريو ۽ چيائين منهنجي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ڪانهي هي سڀني عورتن جي بقا جو گڏيل مسئلو آهي ۽ هر پڙهيل ڳڙهيل باشعور عورت کي پنهنجن گڏيل مسئلن تي ڳالهائڻ جو پورو حق آهي ”ڇا مون غلط چيو.“ هوءَ مرڪندي اڳتي وڌي وئي ۽ مان هن جي پر وقار چال کي ڏسندو رهجي ويس. ان ڏينهن کان پوءِ هر روز هن سان ملاقات ٿيندي هئي هوءَ ڏاڍي بولڊ ڇوڪري هئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندي هئي هر موضوع تي ڀرپور دليل ڏئي مقصد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي هئي. اسان ٻئي هڪ ئي رستي جا مسافر هئاسين. پر منزل الڳ الڳ هئي اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ذهنن جي تمام ويجهو هئاسين پر دلين کان اوترو ئي پري هئاسين اسان جي اندر ۾ پيار جا گل ته هئا پر ان جي خوشبوءَ کان ٻئي محروم هئاسين اسان هڪ ٻئي کي ڏسي خوش ته ٿيندا هئاسين پر پنهنجي اکين ۾ هڪٻئي لاءِ سپنا ۽ خواب سجائڻ گناهه سمجهيوسين. اسان جي وچ ۾ فاصلي جي جيڪا حد لڪير موجود هئي ان کي اورانگهڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ڪونه ڪئي سين ان جي باوجود اسان هڪ ٻئي جا ڏک سک جا ساٿي هئاسين پر ايتري انڊر اسيٽڊنگ جي باوجوداسان هڪ ٻئي کان تمام گهڻو پري هئاسين. شايد ان لاءِ به ته ڪوئل کي هميشه مردن کان نفرت هوندي هئي ۽ مان ڪوئل جي ذات ۾ ڪو به مطلب رکي پاڻ کي خود غرض ۽ نفرت لائق بڻائڻ نه ٿي چاهيو. پر جڏهن هڪ ڏينهن ڪجهه دوستن اها خبر ٻڌائي ته ڪوئل جو مڱڻو ٿي ويو آهي ته مون ان خبر کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پهريون ڀيرو پنهنجي اندر ۾ ڪجهه اڀرندو محسوس  ڪيم ڄڻ منهنجو قيمتي اثاثو ۽ خزانو ڪنهن ڦري ورتو هجي. منهنجا خيال، منهنجا سپنا، منهنجا آدرش ڪنهن جهٽي ورتا هجن. ان ڏينهن ڪوئل تي ڏاڍي ڪاوڙ آيم ۽ ڪوئل سان ملي بغير يونيورسٽيءَ مان واپس گهر هليو آيس ۽ ٻه ٽي ڏينهن ڪوئل جي سامهون وڃڻ کان لنوائيندو رهيس. شايد پهريون ڀيرو پنهنجي اکين جي گنهگار ٿيڻ جو احساس ٿي ويو هيم. چوٿين ڏينهن يونيورسٽيءَ ويس ته هوءَ سامهون ئي ملي وئي ڄڻ منهنجي انتظار ۾ صدين کان اتي ئي بيٺي هجي هن کي ڏسي ڪاوڙ اڃان به وڌي وئي مون هن کي نظر انداز ڪري قدم اڳتي وڌايو هن پويان سڏ ڪندي چيو:

”ناراض آهين ڇا“......؟

شايد هن منهنجي چهري تي پکڙيل رنگن کي پڙهي ورتو هو. ”مون کي ناراض ٿيڻ جو ڪهڙو حق آهي تنهنجو منهنجو رشتو ئي ڪهڙو آهي.“ ”تون مون کي غلط سمجهي رهيو آهين رشتا ۽ حوالا ڪنهن به نالي جامحتاج نه هوندا آهن اسان هڪ ٻئي لاءِ جيڪي ڪجهه محسوس ڪيون ٿا اُها ئي هن رشتي جي سڃاڻ آهي ۽ اهو احساس ئي هن خوبصورت رشتي جو نالو آهي . انهيءَ احساس جي حوالي سان اسان هڪ ٻئي تي پورو حق رکون ٿا.“

”پر ڪوئل تو هيڏي وڏي ڳالهه مون کان ڇو لڪائي ڇا مون تي ايترو ڀروسو به ڪو نه هو؟“ مون سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو.

هن شڪي نظرن سان مون ڏانهن نهاريو. ”پر مون ڪهڙي ڳالهه لڪائي آهي“ ....؟ پنهنجي مڱڻي جي...... مون هڪدم چئي ڏنو من جي سموري اوٻر کي ٻاهر ڪڍيو. پر توکي ڪهڙي خبر ته مون کي خود ان ڳالهه جي خبر ڪجهه ڏينهن پهرين پئي آهي مان پاڻ ڏک جي ان احساس ۾ ڪجهه ڏينهن کان مري ۽ جي رهي آهيان ته مون کي منهنجي زندگيءَ جي فيصلي کان ايترو بي خبر ڇو رکيو ويو. ڪجهه ڏينهن پهرين مامي وارا شاديءَ جي تاريخ وٺڻ آيا هئا تڏهن مون کي خبر پئي ته منهنجي قسمت جو فيصلو ڄمڻ وقت ئي ڪيو ويو آهي ۽ مان ننڍپڻ کان ئي ان اڻ ڄاڻ رشتي جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهيان منهنجون سوچون، منهنجا خواب منهنجا جذبا ننڍپڻ ۾ئي گروي رکيل آهن ۽ هاڻي وڏن جي عزت ۽ ناموس خاطر مون کي ان فيصلي جو وياج سميت قرض چڪائڻو آهي.“

ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڏکُ هن جي چهري تي پکڙجي ويو ۽ هوءَ ماٺ جي پاتار ۾ لهي وئي مون سندس ماٺ کي ٽوڙيندي چيو ”پر ڪوئل تو ته هميشه اهڙين ريتن رسمن جي مخالف ڪئي آهي مون کي خبر ڪونه هئي ته تون ايترو جلدي پنهنجي ارادن ۾ هار کائي ويندينءَ“ ......؟ مون سندس ئي ڳالهين کي ورجائيندي چيو-

ڪوئل ياد اٿئي هڪ ڏينهن بحث ڪندي مون توکي چيو هو ته فرض ڪر اگر تنهنجي شادي ڪنهن اهڙي شخص سان ٿي وڃي جنهن کي تون پسند نه ڪندين هجين ته پوءِ ڇا ڪندينءَ.....؟ ۽ تو جواب ڏنو هو ته ”ناممڪن ائين ٿي نه ٿو سگهي“ ۽ مون رڙ ڪئي هئي آخر ڇو ......؟ مان پنهنجو پاڻ تي وقت ۽ مجبورين جو استحصال ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪنديس مان هڪ باشعور عورت آهيان مان پنهنجو پاڻ تي مڙهيل ڪوڙي عزت داري ۽ هٿ ٺوڪيل رسمن جي نوڙيءَ کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪڏهن به نه وجهندس“ مون تنهنجو جواب ٻڌي ڦڪي مرڪ سان توڏي نهاري چيو هو ”هون! جيڪو اڄ تائين بدلجي نه سگهيو آهي ان کي تو جهڙي نازڪ ڇوڪري ڪڏهن به تبديل ڪري نه سگهندي ۽ تو منهنجي ڳالهه ٻڌي عزم وچان چيو هو.

”اهو توکي وقت ٻڌائيندو“ .....؟ ٻڌاءِ ڪوئل ڪيڏانهن ويا تنهنجا آدرش.....؟ ٻڌاءِ تنهنجو عزم ڇو ڀور ڀور ٿي ويو ٻڌاءِ ڪوئل جواب ڏي صرف اسٽيج تي بيهي رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري عورتن جي حقن جو ڍنڍورو پٽڻ وڏين وڏين ڪانفرنسن ۾ ويهي ڪوڙين دستاويزن تي صحيحون ڪرڻ .... ڇا اهي آهن تنهنجا آدرش..... تو جهڙي پڙهيل باشعور عورت جڏهن  ائين ئي موت جي صليب تي چپ چاپ ٽنگي ويندي ته پوءِ هزارين مظلوم عورتن جي سادائپ جو مذاق اڏاري انهن کي باغي ڪرڻ جو اوهان کي ڪو به حق ڪونهي“ خدا جي واسطي بند ڪر اِها پنهنجي تقرير تو رڙ ڪري ڪاوڙ مان چيو ۽ تون سڏڪن ۾ پئجي وئينءَ ۽ مون ۾ ايتري همت ڪونه هئي جو تنهنجن لڙڪن کي پنهنجي آڱرين ۾ جذب ڪري سگهان- ان ڏينهن کانپوءِ تون ۽ مان  ملندا به هئاسين ته اجنبين وانگر....... اسان جي وچ ۾ خاموشيءَ جي ڊگهي ليڪ ديوار بڻجي بيهي رهي هئي جنهن کي اورانگهڻ اسان ٻنهي جي وس ۾ ڪو نه هو هاڻي ته الائي ڇو هڪ ٻئي کي پنهنجو مجرم سمجهندا هئاسين. اهي بحث اهي ادبي ڪچهريون اهو ٻارن وانگر وڙهي پوڻ ۽ وري پرچي پوڻ سڀ ڪجهه يادن جو حصو بڻجي ويو هو. يونيورسٽيءَ جا آخري ڏينهن ڏاڍا بي چس ۽ بي رنگ گذري ويا ۽ اهو ڏينهن به آيو جڏهن آخري ڀيرو يونيورسٽيءَ جي گيٽ وٽ بيهي هڪ ٻئي کي خدا حافظ چئي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي وياسين. مان آخري گهڙيءَ تائين توکي اهو ٻڌائي نه سگهيس ته منهنجي چاهتن جي آخري منزل تون آهين، منهنجي جيئڻ جي آخري وِٿَ تون آهين. اگر تون اڄ به بغاوت ڪرين ته مان تنهنجو آهيان. پر مان هُن کي ڪجهه به چئي نه سگهيس. وقت ڏاڍو تيزي سان گذري ويو. لمحا وقت جي وير ۾ لٽبا ويا صرف درد جو احساس ساڻ رهيو.

ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ ڪوئل جي شادي جي خبر پئي هيم ۽ مون ان خبر کي به چپ چاپ سيني سان لائي دفن ڪري ڇڏيو...... هن کان وڇڙي ورهيه گذري ويا. زندگيءَ جا ڪيترائي تلخ ۽ سندر پل بهارن ۽ خزائن جا ڳاڙها پيلا ويس اوڍي، تن تي پنهنجا نقش چٽي ڌار ٿي ويا پر اڄ به ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪالهه جوئي ڪوئي گذريل پل هو جنهن جو هر عڪس اڄ به ائين ئي چٽو ۽ واضح آهي شايد يادن جا زخم ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا آهن. منهنجي اندر جا زخم به ناسور بڻجي چڪندا رهيا آهن ۽ مان يادن جي ٻيٽ ۾ تنها هلندي هلندي جيون جو هر رستو وساري چڪو آهيان. پنبڻين تان لڙڪ چونڊيندي آڱريون به چچرجي ويون آهن هر خواهش بي وسي جو ٻور هاري مجبورين جو احساس ڏياريندي آهي. ڪاش تون ۽ مان هڪ دفعو ئي سهي پيار جي فلسفي تي بحث ڪيون ها. هڪ ٻئي کي سمجهائي سگهون  هان هڪ ٻئي کي چاهتن جي زنده هجڻ جو احساس ڏياري سگهون ها. پر شايد چاهتن جي شدت جو احساس وڇڙي وڃڻ کانپوءِ ٿيندو آهي. اڄ ورهين جي وڇوڙي کانپوءِ تنهنجو گمشده وجود منهنجي پاڇي جي پويان خاموشيءَ جو ويس اوڍي بيٺو هو. اچانڪ نظر پيم منهنجا قدم هڪدم رڪجي ويا ڄڻ سج جي چوڌاري ڊوڙندڙ ڌرتيءَ ٽي سئو پنجهٽ ڏينهن جو سفر پورو ڪري وري ان نقطي تي بيهجي وئي هجي جتان پنهنجو سفر شروع ڪيو هئائين. مون کي لڳو پوري ڪائنات ان هڪڙي پل جي سرحد تي رڪجي وئي هجي. اکين تي چڙهيل موٽن شيشن جي فريم تي ورهين جا گذريل ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيندا ويا پر فرق صرف ايترو هو جو اُها ڪوئل ڪٿي ڏکن جي جهنگل ۾ وڃائجي وئي هئي. روح کان خالي هن جو زنده لاش منهنجي سامهون بيٺو هو اڄ ان ڪوئل جا ٽهڪ خبر ناهي ڪٿي وڃائجي ويا هئا. هن جي چهري جي تازگي لڙڪن جي ڪلراٺي پاڻيءَ ۾ سينورجي وئي هئي. هن جون روشن اکيون روشني وڃائي چڪيون هيون ۽ سندس جسم صدين کان رُڃ ۾ سفر ڪندو غمن جي گهاڻي ۾ پيڙجي هڏائون ڍانچو ٿي ويو هو. هن جي اِها حالت ڏسي مان پاڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ مون کان رڙ نڪري وئي ۽ مون ڪوئل کي جهنجهوڙيندي پڇيو ”ڪوئل تو پنهنجي ڇا حالت ڪري ڇڏي آهي؟ ڪٿي منهنجون اکيون ڀليون ته ناهن؟ تون اُها ڪوئل ناهين جنهن کي ڏهه سال اڳ مون يونيورسٽيءَ جي گيٽ تي خدا حافظ چيو هو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com