سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون جنوري، فيبروري، مارچ 1991ع

مضمون

صفحو:5

هو سڌو اچي استاد وٽ پهتو جيڪو رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به پاڙي جا ٻار پڙهائي رهيو هو. ”ڪريم ڪهڙي ڳالهه آ ڪجهه پريشان پيو لڳين.“ استاد پڇيس- هن استاد سان حقيقت ڪري دل جو بار هلڪو ڪيو. ”پٽ همت نه هار- نراسائي گناهه آهي.“ استاد اڪبر کي آٿت ڏيندي گهر ڏانهن ويو ۽ موٽي اچي رومال ۾ ٻڌل ڪا شيءِ آڻي اڪبر کي ڏنائين ۽ چيائنس. هي ڪجهه زيور آهن. نياڻي جي ڏاجي لاءِ رکيل آهن. پر هن وقت تنهنجي زندگيءَ جو سوال آهي- هنن جي توکي وڌيڪ ضرورت آهي.“ ڪريم ٻڏتر ۾ پئجي ويو ۽ وڌندڙ هٿ رُڪجي ويس- استاد سندس همت  ٻڌائيندي چيو.“ گهٻراءِ نه پٽ هي وٺ.“ وقت گذرندو رهيو، ڪريم جي قابليت، ذهانت ۽ اخلاق جي ڪري کيس ڪافي ٽيوشنيون ملڻ لڳيون هيون. ان ڪري هو اڄڪلهه گهڻو مصروف ۽ خوش رهندو هو.

مائي زينب کوڙ ڏينهن کان ڪم تي نه وئي هئي. هاڻي سندس ڪمزوري ۽ بيماري ايتري وڌي وئي هئي جو ڪم ڪرڻ جهڙي ڪانه رهي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي ڪکائين گهر ۾ هڪ کٽ تي پئي هوندي هئي. پٽ کانسواءِ سندس خدمت وارو ڪوئي نه هو. هو به صبح کان وٺي شام تائين گهر کان ٻاهر رهندو هو.

اڄ زينب جي تڪليف روز کان گهڻي وڌيل هئي- کيس پاڻي چڪو پيارڻ وارو به ڪوئي ڪونه هو. سخت تڪيلف جون گهڙيون ڪاٽي رهي هئي، ڪريم شام جو ٽيوشن کان فارغ ٿي جڏهن گهر ڏانهن موٽي رهيو هو ته اخبار واري هوڪو ٿي ڏنو ”اچي ويو اچي ويو ايم. اي. جي آخري سال جو نتيجو اچي ويو.“ ڪريم هڪدم اخبار وٺي پنهنجو نمبر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هو فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو هو- سندس خوشي جي انتهائي نه رهي. هو ڊوڙندو..... اخبار هٿ ۾ کنيو هوا ۾ لهرائيندو گهر ۾ داخل ٿيو.

”امان..... او امان....“ خوشيءَ ڪري سندس آواز ڏڪي رهيو هو. ”امڙ! تنهنجي پٽ تنهنجي سڄي عمر جي محنت کي سجايو ڪري ڏيکاريو آهي..... هاڻي اسين عزت جي زندگي گهارينداسين.

هاڻي تون ڪڏهن به ڪنهن جي نوڪري نه ڪندينءِ هاڻي....“ هو سڀ ڪجهه چوندو رهيو، جيجل کي سڏيندو رهيو، پر ماڻس ڪو به جواب ڪونه ڏنو. هوءَ بي جان بُت بڻي سُتي رهي، ڪريم پنهنجا چپ سندس پيرن تي رکيا ۽ هڪ زوردار رڙ ڪيائين” امان....“ ۽ پوءِ چوڌاري خاموشيءَ جو راڪاس ڇانئجي ويو ۽ ڪريم جا ڪوسا ڪوسا ڳوڙها اکين مان ڳڙي ڳلن تان ٿيندا ماڻس جي ٿڌن برف جهڙن پيرن تي پوڻ لڳا- پر سندس ماءُ چپن تي مرڪ سجايو دنيا جي ارهه زوراين تي مرڪندي هن دنيا کان پري تمام پري پنهنجا ٽٽل ارمان کڻيو وڃي چڪي هئي.

 

* زرينا عباسي

راڳي

 

گلشير، يڪتارو ۽ چپڙي، ٽئي هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزوم هئا- گلشير سنڌي راڳي هو، جيڪو ڳوٺ وارن کي سندن ٿڪايل زندگيءَ جي شامن ۾ پنهنجي سُر ۽ سنگيت جي سادي انداز سان وندرائيندو هو- ڳوٺ جي عَلَم هيٺان پلال جي چادر تي گلشير شاهه لطيف جي شعرن سان شروعات ڪندو هو ۽ جهٽ پل ۾ ئي ڳوٺ جو ٻار، جوان، پوڙهو، هرڪو ڪنڊ وٺيو اچي کيس ٻڌندو هو. ڪجهه جوانڙيون وري ڪوٺن ۽ گهرن جي لوڙهن جي اوٽ کان نڪ تي رئو ڏيو بيٺيون هونديون هيون، گلشير جي نڙي ۾ خدا تعاليٰ درد جي ميٺاڻ  اوتي ڇڏي هئي، محفل اوج تي پهچندي هئي ته اڪثر گلشير يڪتاري مان ”سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار!....“ جو آلاپ اهڙي ته انداز ۾ ڪڍندو هو جو سڄي پنڊال ۾ ”نعره سنڌ“ ”جيئي سنڌ“ جا نعرا لڳي ويندا هئا.

گلشير هڪ مسڪين ڳائڻو هو- يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سُرن تي پيو ڳوٺ ڳوٺ وستي وستي سنگيت جي خوشبوءَ جي ورکا ڪندو هو، پوءِ به اتان جيڪو ڪجهه نقدي ۽ وَٽ جي صورت ۾ ملندو هوس تنهن سان پنهنجو پنهنجي گهر جو گذربسر ڪندو هو. گلشير  جي سنگيت جي خوشبو ڳوٺن کان نڪري شهرن تائين به پهتي هئي ۽ اڪثر شهر جي ڪاليج جا نوجوان کيس مختلف فنڪشن ۾ ڳائڻ لاءِ وٺڻ ايندا هئا ۽ اتي هو پوري موج ۾ ڳائيندو هو- هڪ گيت پورو ٿيو ناهي ته نوجوان کيس ٻئي جي فرمائش ڪندا هئا- پوري پنڊال ۾ گلشير جي گيت تي ڌمال لڳي ويندي هئي. ٻين جي روحن کي گرمائيندڙ، سنگيت وسيلي سندن نظريي ۾ سگهه پيدا ڪندڙ مسڪين جڏهن صبح صادق جو گهر ڏانهن اکيون مهٽيندو ٿڪل ٿڪل واپس ايندو هو ته سندس هڙ ۾ ڪجهه به نه هوندو هو. هو شاگردن جي فنڪشن ۾ کانئن پئسا ڪونه وٺندو هو- چوندو هو ”ابا..... توهان اڃا پنهنجن پيرن تي ناهيو- مون لاءِ صرف ايترو ئي ڪافي آهي جو منهنجا گيت توهان کي شعوري سجاڳي ڏين ۽ توهان جي نظرين ۾ سگهه پيدا ڪري سگهن.“

گلشير جو گهر به ڪانن جي ديوارن جي اڏيل هڪ چوديواري هئي، جنهن کي لوڙها ڏيو ويٺو هو. سُر ۽ سنگيت جو ماڻهو هو، کيس هڪ گهر واري ۽ هڪ ننڍڙو پنجن سالن جو پٽ هو- گلشير کي زال ۽ پٽ سان ڏاڍو پيار هو. سر ۽ سنگيت جو ماڻهو هو، پٽ جو نالو به سارنگ رکيو هئائين. سارنگ به اڪثر پيءَ وانگر ڪڏهن ڪڏهن يڪتاور ڇيڙي پيو راڳ ڳائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

روز وانگر اڄ به ميلو متل هو. گلشير ڳائڻي جي محفل زور تي هئي، هر ڪو سانت ۾ هو، فضا ۾ رڳو گلشير جي سنگيت جي مهڪ هئي. ايتري ۾ ڪجهه گاڏيون ”زون“ ”زون“ ڪنديون اچي بيٺيون، غريب ڳوٺاڻن ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. پوليس ۽ رينجرز سڄي ڳوٺ کي گهيرو ڪيو هو، هڪ همراه گاڏيءَ مان لهي ڳوٺاڻن ڏانهن وڌيو. سندس ڪلهي تي لڳل معتبري جي نشانن مان هو ڪو آفيسر ٿي لڳو، هن هڪدم اچي گلشير کي ڳچيءَ کان ورتو ۽ کيس لتون مڪون هڻڻ لڳو، يڪتارو گلشير جي هٿن مان ڇڏائجي پري پَٽِ پيو. ايتري ۾ ڪجهه ٻيا سپاهي به وڌي آيا ۽ گلشير کي ٻکي وڌائون ۽ ڇڪي کيس گاڏيءَ ۾ وڌائون، ڪجهه ٻيا نوجوان به پڪڙي پنهنجي گاڏيءَ ۾ وڌائون، ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو، خلق سڄي ڄڻ پنڊ پهڻ بڻجي هئي. ٿوري دير بعد ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام اڳتي وڌيو ۽ پوليس جي هڪ آفيسر کان پڇڻ لڳو: ”صوبيدار صاحب، هي ڪهڙو ناحق آهي، ڇو پيا غريبن جي آهن کي پڪاريو.“ صوبيدار کيس وڏن ڳاڙهن تارن سان ڏٺو ”مولوي صاحب بس ڪري وڃي مسجد جي ڪنڊ وٺ ته ڦاسين نه، هي ڳائڻو ملڪ و قوم جي سلامتيءَ واسطي خطرو بڻجندو ٿي ويو.“ صوبيدار مڇن کي هٿ ڦيرڻ لڳو. مولوي صاحب ڪجهه به نه سمجهيو. ”پر سائين.....“ صوبيدار مولوي صاحب جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي، ”مولوي صاحب..... هاڻي ڇڏ جند....“ صوبيدار  وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ پوءِ سموريون گاڏيون، ساڳي طرح ”زون“ ”زون“ ڪنديون هليون ويون.

آهستي آهستي ڳوٺاڻن ۾ چوٻول وڌڻ لڳو. هرڪو تبصرا ڪرڻ لڳو- ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا پيو ٿئي. ڳوٺاڻا ويچارا معصوم، بي سمجهه، کين ڪهڙي خبر ته هڪ قومي فنڪار ڪيترو نه خطرناڪ آهي- گلشير ته هڪ ڳائڻو هو، هن وٽ گيت هئا، سُر هئا، جيڪي روحن ۾ سگهه ڦوڪي ڇڏيندا هئا. گلشير نوجوانن جي جذبن کي قومي ويڙهه واسطي، پنهنجي سنگيت جي بٺيءَ ۾ تپائي راس ڪندڙ هو. حڪومت جي ايجنسين کي پنهنجي تعليم يافته نوڪرن کان  ڀئو ڪونه هو. ڪاروباري ذهن رکندڙ انهن لاءِ خطرناڪ نه هئا، مفاد پرست وڏيرا ۽ سرمائيدار انهن جي جُتين جا ڪوڪا هئا، پر سندس مفادن کي خطرو هو، ملڪ کي خطرو هو، ملڪ جي نظريي کي خطرو هو ته صرف ۽ صرف ان معصوم يڪتارو چپڙي ڇيڙيندڙ راڳيءَ کان گلشير جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ پوري ثقافت هو، قومي سڃاڻپ جو اهڃاڻ هو، جيستائين اهو ماڻهن ۾ هو ته ماڻهن ۾ پنهنجي سڃاڻپ هئي.

سڀني ڳوٺ وارن فيصلو ڪيو ته تڪ جي وڏي آفيسر سان هلي ڳالهائجي، آخر مسڪين گلشير جو ڪهڙو ڏوهه هو. هو اڃان ٿورو اڳتي هليا مس ته پويان ساڳيو يڪتاور ۽ چپڙي وڄڻ لڳي. ماڻهن جي جسمن مان سيسراٽيون نڪري ويون. سڀ حيران ٿي ويا، ڪنڌ ورائي ڏسن ته گلشير واري جڳهه تي سارنگ سندس پٽ ماحول جي ڪيفيت کان بي نياز، پيءَ جو ڇڏيل يڪتاروي ۽ چپڙون کڻي، ڳائڻ جا پيو سانڀا ڪري، ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو..... سهندو ڪير.....!“ سارنگ اڃا ايترو مس ڳايو جو مولوي صاحب اڳتي وڌي سارنگ جي منهن تي هٿ رکيو، سارنگ خاموش ٿي ويو، مولوي صاحب جون خوف کان اکيون ڦاٽي ويون. هن ڳوٺاڻن جي ميڙ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ سندس نظرون پڪي رستي ڏانهن کڄي ويون، ڄڻ کيس ڀؤ هو ته اُهي گاڏيون وري واپس نه اچن، ڳوٺاڻن کان به هڪ ٿڌو ساهه نڪري ويو ۽ سڄي ڳالهه کين سمجهه ۾ اچي وئي.

 

*الله نواز سمون

 

مُرجهايل مکڙي

هفتو کن اڳ ۾ سندس خط ملڻ بعد، کيس مِلڻ ڪراچي ويو هئس. سي بريز اپارٽمينٽس جي ڇهين منزل تي فليٽ ٻاهران ئي سندس والد مليو هو. قدآور ۽ رعبدار شخصيت جي مالڪ پروفيسر خان سان مان اڳ ۾ به مليل هئس پر اُن وقت ۽ هن وقت جي خان ۾ گهڻو فرق ڏٺو. ويڪري ڪلين شيو چهري جي ڄڻ گهنجڻ ۾ گم ٿيندي پئي ويئي ۽ لوڻن جي سفيدي هوريان هوريان اکين ۾ لهڻ لڳي هئي. هُو ڪنهن وڏيءَ پيڙا ۽ ڪرب ۾ پي لڳو، پر پوءِ به منجهس پختگي ۽ عزم هو. شايد سندس سبجيڪٽ هسٽريءَ وانگيان سڀڪجهه صبر سان پي وڃڻ جي کيس قدرتي شڪتي مليل هئي. اسان ٻئي گڏجي ڪمري ۾ داخل ٿيا هئاسون.

هوءَ ڪرسيءَ تي ويٺي ڪو ڪتاب پڙهي رهي هئي. ”شازي! پت ڏس ته ڪير آيو آهي-“ پروفيسر جي ڳري آواز موت جهڙي خاموشيءَ کي ٽوڙيو هو.

ڪتاب منهن تان هٽايو هئائين ته کيس ڏسندو ئي رهجي ويو هئس. هوءَ پوئين پهر جي چانڊاڻ کان وڌيڪ پيلي ٿي چڪي هئي. اهڙو وڻ ٿي لڳي  جنهن ۾ سرءُ جي هوا ڪو به سائو پن باقي نه ڇڏيو هجي. هڏائين چهري ۾ پيوست ٻن اکين کانسواءِ، سمورو جسم اهڙو بگڙيل اسڪيچ بڻجي چڪو هو جنهن جا سڀ رنگ ۽ سڀ ڪششون اُڏامي ويا هئا.

سوچيم هئم. پنهنجي ئي حسين تخليق کي هيئن مسخ ڪندي، قدرت کي ذرو به رحم نه آيو. (شايد ان ڪري ئي هُن پاڻ کي قهار ۽ جبار چورايو آهي) آفيس ٽائيم ٿيڻ ڪري پروفيسر هليو ويو هو ۽ رات جهڙي ڀوائتي خاموشي وري ڇائنجي ويئي هئي. اُن کي ٽوڙڻ لاءِ نه مون وٽ لفظ هئا ۽ شايد نه وري هُن وٽ.

”ڪا پروگنوسز....... وغيره“ ڪافي وقت بدحواسي مان هڪٻئي کي چتائڻ بعد نيٺ پڇي ويٺو هئس. ”پروگنوسز..... اونهه...... ڪينسر جي چيپٽر ۾ اهڙو به ڪو لفظ پڙهيو هئيه ڇا؟ پڇتائڻ لڳس. مون کي اهڙو سوال ڪرڻ نه کپندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن سوال بي قابو ٿي ويندا آهن. اُميدون مجبور ڪنديون آهن حقيقتن کي فراموش ڪرڻ تي- خوابن جا خيالي محل آڏڻ تي ۽ ناممڪن کي حاصل ڪرڻ جي احمقانه خواهشن تي.

سندس ڀر واري ميز تي پيل ٽي ڪتاب لڳو ٿي تنهاين جا ساٿي هوندا. هيٺان خليل جبران جو The broken wings   اُن مٿان ساڳئي ليکڪ جو Mirror of the soul  ۽ اُن جي ڀر ۾ ساحر لوڌيانوي جو تلخيان.

”جبران کي ڏاڍو پڙهڻ لڳي آهين؟“

”ها! شايد انڪري جو جبران جيون ڪٿا ۾ پنهنجون محروميون جهلڪنديون نظر اينديون اٿم. هُن کي به قدرت کيڏڻ واري ڄمار ۾ ماءُ کان ڌار ڪيو هو.... پوءِ سندس پهريون پيار کسيو هو.... ۽ هُو تڙپندڙ روح کڻي، سُڪون جي ڳولها ۾ بيروت کان نيويارڪ تائين رُليو هو.

پر اُتي به.... مصروف شاهراهن- نچندڙ زندگين ۽ ڀريل ڪلبن سندس ڀٽڪندڙ روح کي تسڪين نه ڏني. هُن موت جو انتظار ڪيو هو. ان لاءِ تڙپيو هو.

ان اُميد تي ته ايندڙ جنم ۾ هُو وري واديءَ قدسيه جي گود ۾ يڊرس جي پاڪ وڻن ۾ پينگهون ٻڌي پنهنجي وڇڙيل پيار سان کيڏندو. ٻه آزاد روح هر قيد و بند کان اجا ٿي واديءَ جا ساوڪ ۾ ڳوٺاڻين جي گيتن ۾ ۽ سيڊرس جي خوشبوئن ۾ هميشه هميشه لاءِ جذب ٿي ويندا.“

”تون مايوس آهين شازي! مايوسي ڪفر آهي ..... بزدلي آهي.“

”هوندو! پر حقيقتن جو زهر ابدي سچائي رهيو آهي. اِهو هر ڪنهن کي مڃڻو پوندو.“

خشڪ چپن تي زبان گهمائيندي هوءَ کليل دريءَ کان هُن پار نهارڻ لڳي هئي. پوءِ ڪجهه گهڙين کانپوءِ پڇيو هئائين.

”اڃا اُتي ئي آهين.“

”ها“

”ڄام شوري جون شامون ڏاڍيون انجوائي ڪندو هوندين.“ ڄام شوري جي نالي سان پهرينءَ جي چنڊ جهڙي سنهڙي مُرڪ ڦٽي پئي هئي. ”انجوائمنٽ تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن رفاقتون هجن. جڏهن اُهي نه رهيون ته پوءِ ڪهڙي صبح ۽ ڪهڙي شام بس سڀني کي گذارڻو آهي.“

”رفافت ٽٽڻ جو يقين ٿي ويو اٿئي- نه!“

”نه..... نه تو غلط سمجهيو آهي. الاجي ڇو ڏاڍي پسي مسٽ ٿيندي ٿي وڃين . منهنجو مطلب هو اُها اسٽوڊنٽ لائيف.....“

”ڪڏهن به واپس نٿي اچي سگهي.... ائين نه ....“ منهنجو جملو پاڻ ئي پورو ڪيو هئائين. ڪجهه دير خاموش نظرن سان مون ڏي ڏسندي رهي ۽ پوءِ اُداس لهجي ۾ چيو هئائين.

”مان چاهيان ٿي يونيورسٽي جي ڪا شام گڏجي انجوائي ڪيون.... آخري ڀيرو شايد ان پل لاءِ سڪون ملي وڃي.

پاڻ.... پاڻ وري سينٽرل لائيبريريءَ جي پاسي ۾، سرنهن جي اُن وڻ هيٺ ويهنداسين جت تون اڪثر ڄامشوري جي بس مس ڪندو هئين ۽ اڪنامڪس جو پهريون ليڪچر  ..... ڏور ڏکڻان وڻن جي گهونگهٽ مان جهاتيون پائيندڙ سنڌ الاجي هوندي! گلاب جي گهاٽن ٻوٽن سان ڇانيل رستن جي گود مان مُرڪندڙمارئي هاسٽل هوندي. پنهنجن محبتن جي جهومندڙ بهارن کي خاموشيءَ سان گهوريندڙ امڙ ايلسا ۽ علامه قاضيءَ جي مزار هوندي. پاڻ چار سال پوئتي موٽي هلنداسين..... ٽهڪڙن جا پڙاڏا وري گونجي پوندا..... شوخيون ۽ چنچلتائون ڪر موڙي اُٿنديون .... مان ....مان..... وري اُها شازي بڻجي وينديس ۽ تون.... اُهو.....“

نڙيءَ ۾ اٽڪيل لڙڪن جو سيلاب آکين ۾ لهي آيو هو. چپ ڏڪيا هئا ۽هوءَ چُپ ٿي ويئي هئي.

سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ ورتو هئم- ”ڪاش! مان تنهنجن پيڙائن ۽ ڏکن کي ونڊي سگهان ها، جيئن تنهنجون خوشيون ونڊيون هئم...... تون  نٿي ڄاڻين شازي! مان به روئان ٿو پنهنجي وڃايل رفاقتن لاءِ- مان به تڙپان ٿو سُڪون لاءِ، منزل لاءِ بلڪل تو وانگيان-“

”پر مجبور آهين.... بي وس آهين.... ڪنهن جي خوشيءَ کي منهنجن ڏکن تي ترجيح ڏنئي..... منهنجي تباهي کان ڊڄي وئين...... ۽ پاڻ بچائيه.... سچ پڇين ته رشتن جي ڀرم تان ائين ته ويساه ٽٽو اٿم جو ايندڙ جنم ۾ مارئي هاسٽل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪا مرجهايل مکڙي بڻجي ڦٽڻ ته  پسند ڪنديس پر انسان ٿيڻ نه......“

اڄ ..... اڄ هوءَ مارئي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مکڙي بڻجي ڦٽي چڪي هوندي يا يونيورسٽي جي آزاد هوائن ۾ ڪا اپسرا بڻجي اُڏامندي هوندي....... کيس سڪون ملي ويو...... ائين جيئن علامه قاضيءَ کي مليو هو..... ماٺيڻي اوٺي کي مليو هو.

اهڙو سڪون جنهن تي وقت جو ڪو وس ناهي..... جيڪو کانئس ڪوبه ڦري نٿو سگهي.... جيڪو ڪڏهن به مري نٿو سگهي.

 

*اختر ٽانوري

پرائي ماس ۾ ڪاتي

ننڍي هوندي وڏن واتان اها چوڻي ٻڌندا هئاسين، ته پرائي ماس ۾ ڪاتي هڻندي ڪهڙو احساس ٿيندو. چوڻيءَ جي ڪل تڏهن پئي جڏهن ناني نورل کان پڇيوسين ۽ هن جون قهري ڪارروايون ڏٺيون سين نانو نورل اسان جي ذات ۾ مٽي مائٽي ڪرائڻ جو ڏاڍو هوشيار آهي. شل نه ڪنهن مائٽ جي گهر نينگري ڏسي اصل اکين ۾ پئي ترندس. جهڙو ناني جي گهران پئي کائي. نينگري جي مائٽن مٽن کي زماني جا لاها چاڙها ٻڌائي منٽن ۾ مائٽي لاءِ تيار ڪري وٺندو. وڏي ڳالهه ته اها گهوٽ پاڻ ڳولهيو کيسي ۾ کنيو ايندو. اهو ناني نورل جو ڪمال آهي جو سورهن سالن جي نينگري 60 سال جي پوڙهي سان پرڻائڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندو. چوندو ”بابا چريو کريو  هجي، انڌو منڊو هجي، پنهنجو هجي. ناني نورل جي اٻهرن ۽ اڙانگن فيصلن سبب نه ڄاڻ ڪيتريون نياڻيون پنهنجي جوت جواني ڳاريون ويٺيون آهن. ڪيتريون ئي نياڻيون جڏهن ساهر يجن ۾ سک جون گهڙيون ڏسڻ بجاءِ ڏک ۽ ڏنڀ ڏسنديون آهن تڏهن ناني نورل کي وڏا پاراتا ڏينديون آهن ناني نورل کي هڪ ڏينهن مون چيو ته نانا توکي پاڻ پٽائڻ ۾ ڪهڙو مزو ٿو اچي ، ته نانو هڪو بڪو ٿي ويو ۽  چوڻ لڳو ڇا ڳالهه آهي ڪير مون کي پٽيندو ۽ ڇو پٽيندو آئون ته وتان سڀن سان نيڪيون ڪندو تڏهن مون چيومانس نانا هو فلاڻن مائٽن واري جيڪا زوري مائٽي ڪرائي اٿئي اهي ٻئي ڌريون توکي ٿا پٽين. ناني وڏو ٽهڪ ڏنو. چريا ڏس پاڻ ۾ ويجها آهن مون ته انهن کي پاڻ ۾ اڃا ويجهو ڪيو جو سندن اولاد جون پاڻ ۾ شاديون ڪرائي کين ڳنڍي ڇڏيم منهنجو ته ڪم ئي آهي ڳنڍڻ. باقي جي شاديءَ کان پوءِ پاڻ ۾ نه ٿا ٺهن ته انهن سان نورل ته ٻڌل ڪونهي. مون چيو مانس ته نانا پهريائين رشتو سوچي سمجهي ڪجي ته ميان اهي شاديون ڪامياب وينديون مون کي خبر آهي ته ٻئي ڌريون هٿ کڻي توکي پاراتاڏينديون آهن چونديون آهن ته نورل کي ڳار پوي انهيءَ اسان کي ٿاسايو ناني نورل کي وري ياد ڏياريم ته نانا هو جيڪا تو سومر ۽ صدوبدار وارن  واري مائٽي ڪرائي هئي نانا، انهن ٻنهي ڌرين جي زندگي به عذاب آهي ۽ ٻنهي همراهن جون زالون سالن کان پنهنجن پنهنجن مائٽن ۾ ويٺيون آهن تڏهن نانو کلي چوڻ لڳو ته ٻئي ڌريون جي هونديون بي نصيب ته نانو ڇا ڪري منهنجو ڪم آهي مائٽي ڪرائڻ منهنجو سندن سڄي زندگي سان ته ڪجهه نه وڃي. وڃي کڏ ۾ پون نه ٿا ٺهن ته نه ٺهن.

تڏهن مون ناني کي چيو ته قسم سان نانا اڄ سچي ڳالهه ٻڌاءِ ته ڀلا مائٽين ڪرائڻ جي عيوض توکي راڄ وارا ڇا ڏيندا آهن تڏهن نانو مرڪيو ۽ چوڻ لڳو ڇو ڀلا ٻڌايائين تون ڪو مون جيڏو آهين تڏهن مون چيو مانس ته نه نانا! مان ته توهان جو ڏوهٽو آهيان ۽ ڏوهٽاپٽن برابر آهن پٽ کي به نه ٻڌائبو آهي ڇا؟ تڏهن نانو نورل کلي پيو ۽ چوڻ لڳو اڙي ابا ڇا ڏيندا آهن بس اهو مڙئي هرک جو وڳو ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌائيندا آهن. باقي جيڪي ڏينهن جنهن وٽ رهندو آهيان سي چڱو چوکو کارائيندا آهن. تڏهن مون چيو مانس ته نانا بس هرک جي وڳي، بوسڪي جي پٽڪي ۽ چڱي چوکي کاڌي تي وتين ٿو هيڏا ڪيس ڪندو ۽ ماڻهن جي زندگين سان کيڏندو. نانو سنجيده ٿي ويو چوڻ لڳو ڇو مان ماڻهن جي زندگين سان کيڏندو آهيان مون چيو مانس نانا توکي وڳي، بوسڪيءَ جي پٽڪي ۽ چڱي چوکي کاڌي ۾ ڪجهه نه نظر ايندو آهي. اهي تنهنجا ڪم آهن، جو هڪ هڪ مرد کي ٽي ٽي زالون پرڻائي ڇڏين. اهي تنهنجا ڪم آهن جو گهوٽ ڏهن سالن جو ته ڪنوار ويهن سالن جي. اهي تنهنجا ڪم آهن جوگهوٽ سٺ سالن جو ۽ ڪنوار سورهن سالن جي. اڙي نانا ڪجهه ته قهر خدائي کان ڊڄ ڪا ڇپ نه مٿان ڪرئي. نانو نورل خير سان ڪارپت جو به ڏاڍو ڀلو آهي. پنهنجن ويجهن عزيزن جا ڪيترائي عيوض ( سڱ) کايو ويٺو آهي سو مون کي به ڳالهه زبان تي تري آئي چئي ڏنو مانس ته نانا ڀلا سانوڻ وارن جا تو ڏي گهڻا لهڻا آهن اهي ڇو نه ٿو ڏين. منهنجو ايترو چوڻ نانو باهه ٿي ويو اڙي ڀڻان ڪرڻ کان پو چيائين ته ڇا جا لهڻا ڏيان. مون کي چون ٿا ته حيدرو چرئي لاءَ سڱ ڏي سو مان پنهنجي نياڻي جي زندگي تباهه ڪيان. مون چيو مانس ته نانا اهو به تون چوندو آهين چريا کريا به پنهنجا کڻجن – حيدرو به ته تنهنجو ڀائٽيو آهي. ڀائٽيو هجي کڻي ڇا هجي پر اهڙو به انڌو ڪونه ٿبو. ابا توکي ڪهڙي خبر لڳئي ماس ۾ ڪاتي ته خبر پوئي. تڏهن مون چيو مانس نانا توکي ماس ۾ ڪاتي لڳي آهي ڇا؟ تڏهن ناني نورل چيو اها سنئين سڌي ماس ۾ ڪاتي نه آهي ته ٻيو ڇاهي. تنهن تي مون چيو مانس نانا پوءِ ٻين کي ته تون ماس ۾ ڪاتي هڻڻ ۾ دير ڪونه ڪندو آهين. اڄ مس مس اهو احساس ٿيو اٿئي ڪنهن نياڻي جو زندگيءَ جي، تڏهن نانو نورل ماٺ ڪري چلم مان گڙڪا ڪڍڻ لڳو .......... ۽ مان ناني نورل جي منهن ۾ گهور يندو رهجي ويس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com