سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون جنوري، فيبروري، مارچ 1991ع

مضمون

صفحو:3

منهنجي سوال تي هن جون اکيون ڀرجي آيون اڄ هوءَ ورهين جو زهر اوڳاڇڻ چاهي پئي پر لفظ هن جو ساٿ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا هئا. هوءَ گهڻو ڪجهه چوڻ چاهي پئي پر چئي نه سگهي. گهڻو ڪجهه ٻڌڻ چاهي پئي پر ٻڌي نه سگهي. لڙڪن جو سيلاب اکين ۾ لڪائي هوءَ دوائن جو پيڪٽ جلديءَ ۾ کڻي اسٽور تان هيٺ لهي وئي ڄڻ ڪو گرم هوا جو جهوٽو آيو ۽ گذري ويو ۽ منهنجي اندر ۾ درد جي طوفان کي گهلي آيو ۽ اندر جو موسم هڪدم تلخ ٿي ويو..... مان اهو ته ڪڏهن به نه چاهيو هو ته ڪوئل کي اهڙي هيڻي روپ ۾ ڏسندس ڪوئل جي ان روپ من ۾ هورا کورا مچائي ڇڏي. ڪوئل جي حالت ڄاڻڻ لاءِ دل بي چين هئي آخرڪار ڪوئل جي هڪ سهيليءَ کان خبر پيم ته ڪوئل ڏاڍي ڏکي زندگيءَ گذاري رهي آهي. ڪوئل جو مڙس ڏاڍو بد دماغ، بخيل ۽ شڪي مرد آهي ڪيڏانهن به  ڪوئل کي ڪونه ڇڏيندو آهي. آفيس ويندو آهي تڏهن به گهر کي  ٻاهران تالو ڏيئي ڪوئل کي اندر بند ڪري ويندو آهي. گار گند، مارڪٽ ته سندس روز جي زندگيءَ جو معمول اٿس. وڌيڪ اذيت ڏيڻ لاءِ طلاق جي ڌمڪي اٿي ويٺي ڏيندو اٿس ۽ اڪثر مارڪٽ ڪري ٻار کسي ماءُ جي دَر تي اڇلائي ويندو اٿس. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هينئون ڇڄي پيو ۽ مان سوچڻ لڳس ڇا هر عورت ائين ئي وقت ۽ حالات سان سمجهوتو ڪري زندگي جو انت آڻيندي رهندي؟ ڪڏهن وڏن جي عزت ۽ ناموس خاطر سمجهوتو...... ڪڏهن سماجي پاسداريءَ ڪرڻ لاءِ سمجهوتو...... ڪڏهن طلاق جي بدنما داغ کان بچڻ لاءِ سمجهوتو....... ۽ ڪڏهن اولاد جي کسجي وڃڻ جي خوف کان سمجهوتو...... ڇا زندگي واقعي سمجهوتي جو نالو آهي؟ جنهن کي وِک وِک تي سمجهوتي جي ٽيڪ سهاري بيهاريو وڃي ٿو...... پر سمجهوتي جي سهاري بيٺل عمارت جهٽ ۾ ڊهي پٽ اچي پوي ٿي. منهنجي ڪنن ۾ ڪوئل جي اُها تقرير گونجڻ لڳي جيڪا مون پهريون ڀيرو ٻڌي هئي جنهن ۾ مردن لاءِ ڌڪار ۽ نفرت جي باهه ٻري رهي هئي پر هاڻي انهن لفظن جي تپش منهنجي وجود کي به ساڙي رهي هئي....

امر لغاري

ناني نصيبان

 

 شل جنت ۾ جاءِ ملي، منهنجي مرهائت ناني نصيبان کي، ڏاڍي نيڪ ۽ بُردبار ضاعفان هئي. جيترو سندس سفيد کوپڙيءَ ۾ عقل هوندو هو. اوتروئي مغز هڻڻ جي ڀڙ هوندي هئي هوءَ حاضر دماغ ۽ غضب جي ڏاهي هوندي هئي. جڏهن ڳالهيون ڪرڻ ويهندي هئي، ته سامهون ويٺلن جون اکيون سُن ۽ ڪن ڍراٿي پوندا هئا. سڀ کيس طوق پتلو ڪري ويهي پوڄندا هئا.

ڳالهيون ٻڌائڻ جي ته ڪوڏي هوندي هئي. ڳالهين مان ڳالهيون ڪڍندي هئي،  ۽ ڪچهريءَ کي مچائي ڇڏيندي هئي. ايتري قدر جو، اوڙي پاڙي جون مايون ۽ ٻار، نوان ۽ ننڍا، پوڙها ۽ پڪا، محفل ۾ اهڙي ته دل هڻي ويهندا هئا، جو اُٿڻ تي روح نه چوندو هئن. نانيءَ کي وري قصن ۽ تمثيلن تي به عبور هوندو هو. منجهس اِها به خاصيت هوندي هئي، جو ٻهراڙي جي اٻوجهه عورتن ۽ مردن کي ڪاٽڪو پيرن ۽ فقيرن کان بچائڻ لاءِ، هوءَ سڳا  به وٽيندي هئي، ته وري ڦيڻا به رکندي هئي. صدقو ٽڪو پائي به نه اڳاڙيندي هئي. انڪري اوڙي پاڙي ۾ اڪيلو اک جو تارو هُئي.

جنهن زماني جي مان اوهان کي ڳالهه پيو ٻڌايان، ان زماني ۾ مان گهڻو وڏو نه هئس. ٿي سگهي ٿو ته مُڇن کي اڃا ساوڪ پئي آئي ياد نه اٿم ته ان وقت منهنجي عمر ڇا هوندي، بس نائون يا ڏهون درجو ضرور پڙهندو هوندس.

ڪڻڪن ۾ ڏاٽا پيل هئا ۽ سيارو سِسڪي سِسڪي، پنهنجو الوداعي سلام ڪري رهيو هو، اُن ڏينهن مان اسڪول نه ويو هوس. ڇاڪاڻ ته نانيءَ نصيبان، اچي مون کي سج اڀرڻ کان اڳ اٿاري ڇڏيو. ڪن ۾ ڦوڪ هڻندي چيائين، ”اڄ اسڪول نه وڃجان. پاڻ چاچي عالم وارن جي ڳوٺ هلنداسين.“

مون کي تعجب ٿيو ته اڳ ناني ڪڏهن به ائين مخفي نه ڳالهايو آهي ۽ اڄ ڇو؟

مون دل ۾ سوچيو: ڇو نه نانيءَ کي اڄ وزنائتو ڌڪ هڻجي. ڏوڪڙ ته مان هونءَبه نانيءَ کان اهڙن موقعن تي وٺندو هوس، پر اڄ ڳالهه ڪجهه ڳري پئي لڳي، ان ڪري ڌڪ گُسائڻ نانيءَ جي وس کان ٻاهر هو.

مون ڳالهه جو پول پڌرو ڪرڻ خاطر اٽڪل سِٽي، ٿورڙي گيهه ڪيم. ”چاڪائي ڪونهي ناني! مان نه هلي سگهندس.“

”ابا، ايئن ته نه چئو.“ نانيءَ جي روح مان رڙ نڪتي. ”هُن ويچاريءَ سان ويڌن آ ڪِن....!“ ”ڪنهن سان ناني؟“

”اي ابا، هوءَ ڇُهَر ڪونهي،“ نانيءَ ياد ڏياريندي چيو، ”جا رئيس رانجهن جي پٽ پريل کي پرڻائي هيئون. الا منهنجي گيسي، ساڻس زاري آهي.“

”ڪهڙو ويل ٿس ناني؟ “ ”حساب ٿي پيو اٿس!“ نانيءَ رازداريءَ واري نوع ۾ چيو. ”حساب؟“ ”هائو، ابا. حساب“ نانيءَ يقين ڏياريندي چيو. ”ته پوءِ ناني، حسابن ۾ ته مان ڀڙ آهيان. منٽن ۾ حل ڪندس.“ نانيءَ کان ٽهڪ نڪري ويو. مان نانيءَ جي چٿر نما ٽهڪ تي وائڙو ٿي ويس. نانيءَکي مون پهريون ڀيرو وڏو ٽهڪ ڏيندي ڏٺو هو، انڪري مان پاڻ پريشان ٿي ويو هوس.  ”ڇو ناني؟ مون ڪوگهٻو هنيو آ ڇا؟“ ”اڙي الوچ، اِهي حساب، ڪتابن وارا ڪينهن.“ نانيءَ مون کي سمجهائيندي چيو، ”فقيرن سان پالو پيو ٿَن، ُپُٽ.“ نانيءَ جي ڳالهه تي مان ذري گهٽ چڪرائجي ويس. مون دل ئي دل ۾ فقيرن بابت سوچيو: گهورڙيا فقير، طارق فقير، پنڻا فقير ۽ ذات جا فقير.

مان اُلجهي پيس. الائي ڪهڙن فقيرن سان پالو پيو ٿن؟ مون دل ۾ چيو. ”ڪهڙن فقيرن مان هِن، ناني؟“ مون نانيءَ کان انهن فقيرن جي باري ۾ پڇيو، جي دادليءَ کي چنبڙيا پيا هئا.

”تون ڇا ڄاڻين،“ بابلا، نانيءَ منهنجي سوال کي ڄڻ نظر انداز ڪندي چيو، ”بس، تون سنبت ڪري وٺ مان ٺِڪر ٿانو سانڀيو اچان ٿي.“

ناني تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. مون کي باهه وٺي ويئي ته نانيءَ مون کي نادان سمجهيو آهي. مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته نانيءَ کان فقيرن جي باري ۾ پڇي پوءِ دم کڻندس. ويچارن کي وٽي سٽي ڪنهن ڪنڊ ڀيڙو ڪيم. کٽ تان لهي، پاڻيءَ جي ڪونري۾ هٿ وڌم. منهن تي ٻه- ٽي ڇنڊا هڻي، وڃي لسيءَ جي چاڏي تي ڪڙڪيس.  امان گهڻو ئي پِٽيو ته، ”مئا، اڃا اڌ وِلوڙ آهي.“ پر مان ڪٿان هوس مُڙڻ وارو. منگر کڻي، ڏنو مانس چاڏيءَ ۾ ٽوٻو وري مٿي ڇِڪي، منهن تي چاڙهي، چُڪي- چُڪي ڪري چوسي ويس.

نانيءَ جو گهر بس ويهن وکن تي ئي مس هو. جهڙي عُجلت ۾ آئي هُئي، تهڙي تڪڙ ۾ واپس موٽي وئي هئي. اڃا چولي جو بالو مٿي کڻي ٻوٿ ئي ڪونه اگهيو هوم، جو هوءَ مٿان اچي ڪڙڪي.

”ناني، اچي وئينءَ؟“ مون بس نانيءَ کان ايئن ئي پڇيو. ”هائو، ابا.“ اُن ويل مان، لسيءَ جي چاڏيءَ ڀرسان، ڇَپَر جي ٿوڻ جي ويجهو ويٺو هوس. امان سنجڻ ڪرڻ لاءِ ڇيڻا ميڙڻ وئي هئي. نانيءَ جي ڪڇ ۾، کُٿل وائلي ۾ ويڙهيل ڳنڍڙي، کيس ڀرت ڀريل ڊگهو چولو، گرڀيءَ جي سُٿڻ، جنهن جا ور پٺتي وريل هئا ۽ پيرن ۾ ٻوڏو ين جوتي پاتل هئي. تڪڙي وري اهڙي هئي، جو ريل ڇُٽيو پئي ويس.

جهٽ چيائين، ”ابا، جلدي ڪر. چِرڪ ٿي ويو هي. وري سِگهو ورڻو به آ.“

”ناني، اڳ فقيرن جي باري ۾ ٻڌاءِ، نه ته مان نه هلندو مانءِ.“ مان به پِڙ ڪڍي بيهي رهيس. آخرڪار هوءَ مجبور ٿي پيئي ۽ ٻڌايائين، ”اهي، هڪ اهڙي بلا وانگر ٿيندا آهن، جنهن کي ٻه سنڱ، ٽي اکيون ۽ چار پڇ ٿيندا آهن. اِهي اڻپرڻيل ڇُهرن ۽ ننڍين نيٽين ضاعفن کي چنبڙندا آهن ۽ کين تنگ ڪندا آهن، هيڪر ته مان ٻڌنديئي هيراسجي ويس، پر پوءِ دماغ تي زور ڏيندي سوچيم: اهڙين بلائن کي ڳوٺ وارا ڪيئن ڇڏيو ويٺا آهن؟

”بندوق ڇو نه ٿا هڻن اهڙي بلا کي؟“ مون نانيءَ جي منهن ۾ چتائي ڏٺو ۽ پوءِ کانئس پڇيم. ”اڙي ڳهيلا، اها ڪا ڏسڻ وائسڻ ۾ ٿورو ڪو ايندي آهي،“ نانيءَ بيزار ٿيندي چيو، ”اِها ته بس جنهن کي چنبڙي، تنهن کي تات. توکي ڪهڙي سوڻ؟“

”ڏسڻ وائسڻ ۾ نه ايندي آهي؟ ڪمال آهي! ”مون دل ئي دل ۾ حيران ٿيندي چيو. هاڻ ته ڳالهه به پلئه پوڻ کان چڙهي چڪي هُئي. ان کان اڳ جو مان ڪجهه وڌيڪ گهل ڪرايانس ها.

نانيءَ ليلائيندي چيو، ”ابا، جانو هاڻ گهڻي گهل نه ڪر. ڏس ته سج ڪٿي بيٺو آهي.“ مان ٽپ ڏئي اٿي بيٺس. هٿ ۾ لڪڻ کڻي اڳيان ٿيس. ناني منهنجي ڪڍ ائين پئي هلي، ڄڻ ستاوڙي تي ويندڙ جوڙو. گهٽ ۾ گهٽ پري کان ته عين ايئن محسوس ٿئي ها.

پنڌ سيريندي، وڃي چاچي عالم خان جي ڳوٺ پهتاسين. ننڍڙن ٻارڙن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. نانيءَ جِهميءَ جي پلئه کي آيل ڳنڍ کولي، ان منجهه ٻڌل ڪجهه ٻير ڪڍي ورتا. ٽي- ٽي ڪري ٻارڙن جي تِريءَ تي رکندي ويئي. ٻار ڏاڍا خوش ٿيا. نانيءَ کي ٻيرن جي موسم به چڱڙو ڪم ڏنو. ٿورو اڳتي، ڍورن جي ڪلن وٽ چاچي عالم جي گهر واري ”عالمو“ وڌي آئي. منهنجي مٿي تي هٿ رکيائين ۽ وري ناني کي ته هوءَ ڀاڪر پائي ملي. ضاعفن جي ڀاڪر تي مان هميشه کلي ڏيندو هوس. ان ڪري هن ويل به مان ڏند شيڪي مُشڪڻ لڳس. بهرحال نانيءَ سان حال احوال ۽ ڏک سور ٻارين ٻچين، اوڙي پاڙي ۽ دين مذهب سميت سليا ويا. مون وري پريان کٽ تي ويٺي ويٺي اِهو ارادو پئي ڪيو ته، اِها حسابن واري بلا ضرور ڏسندس، جيڪا ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ۽ ضاعفن جي رنگ ۾ ڀنگ ٿي ڪري.

ڪجهه دير کانپوءِ مايون نانيءَ کي ڪانن جي چوئنري اندر وٺي وڃڻ لڳيون، جتي دادلي سُتي پئي هئي. مون به نانيءَ سان گڏ اندر وڃڻ ٿي چاهيو، پر هُن مون کي روڪي ڇڏيو. نتيجي ۾ ٻيون به ٻه ٽي زالون دروازي تي بيهي رهيون. ان آسري تي ته، ڪيئن ٿي ناني فقيرن جو پڙ پٽي!

جيئن ئي ناني گهر اندر داخل ٿي، اندر ڪيڪون، کيکڙاٽ ۽ ڪچيون گاريون گونجڻ لڳيون. آواز عين عورت جو هو. گاريون وري اهڙيون پئي ڇڏي، جو اسان  سڀني کي پيو شرم وٺي. ٻيون مايون ته آهستي آهستي کسڪي ويون، باقي هڪ رهيس مان، جيڪو دروازي تي فقيرن کي ڏسڻ جي اوسيئڙي ۾ ڪَن هِڪ ڪيو بيٺو هوس.

اوچتو رڙ ٿي. منهنجي دل اُڇل کاڌي. ”ڇڏ مون کي...... هو مون سان جنسي انڌ ٿو ڪري. هو منهنجو ساه ٿو ڪڍي،“

منهنجي هانءَ ۾ ڌڪ لڳو، دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ نانيءَ جو کپارو ٿيڻ لڳم. ڇوريءَ نانيءَ کي ساڱاهيو به ڪونه پئي. اوچتو مون کي دروازي مان ٿورڙي وٿي نظر آئي. جهٽ ڪري مٿس کڻي اکيون رکيم. دادلي زمين تي ليٽي پئي هئي ۽ ناني ٿورڙو پرڀرو ٿي ويٺي هئي ۽ چپن ئي چپن ۾ ڪجهه پڙهي رهي هئي. مون دادليءَ ڏي غور سان ڏٺو. ملوڪ ڇوڪري هئي. موڪرو مهانڊو، سڊول ٻانهون ۽ گهڙيل بُت: هر شيءِ وڻندڙ حد تائين حسين هئس. جيتوڻيڪ ڪپرا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا هئائين، وار وکرائي مٿن مِٽي وجهي ماتمي منهن ٺاهيو ويٺي هئي، پر پوءِ به نه ڄاڻ معصوميت ڇو سندس چهري تان بکي رهي هُئي.

هوءَ هاڻ ڪي قدر ماٺ هئي. شايد نانيءَ جي پڙهائيءَ جو اثر ٿي رهيو هوس. مون پنهنجو اکيون ڦاڙي، تڪي توري، چوئنري  جي اندر چوطرف ڏٺو، پر مون کي ٻن سنڱن، ٽن اکين ۽ چار پُڇن واري بلا نظر نه آئي. گهڙي کن کان پوءِ ناني دادليءَ ڏانهن سري ويئي ۽ ساڻس ڳالهائڻ لڳي. ٻاهران کان چاچي آمنه مون کي سڏ ڪيو. مان اوڏانهن هليو ويس.

”ابا، نيرن ڪئي اٿئي؟“ چاچيءَ مون کان پڇيو. ”ها، چاچي.“ مون اطمينان سان وراڻيو، ”مڙئي لسي وٽو ڳڙڪائي آيو آهيان.“ ”ابا لسيءَ سان ڇا ٿيندو!“ چاچي آمنه مکڻ جو چاڻو مانيءَ تي رکندي چيو، ”هان وٺ. ڪجهه سڻڀو ٽڪر کاءُ ته هانءَ جاءِ تي اچئي.“

مون مانيءَ منجهان، اڃا چوٿون کن گِرنهن مس ڀڳو هوندو، جو ناني ٻاهر نڪري آئي. چاچيءَ کي پري وٺي وڃي ڪجهه ٻڌائڻ لڳاسين. واپس ايندي مهل مون نانيءَ کان پڇيو، ”ڇا ٿي چيو، ناني، فقيرن؟“ ”بابلا، چُوندا ڇا،“ نانيءَ خفي ٿيندي چيو، ”ڪارو ٿن منهن. اهڙا ڪم ڪرائيندا، ته ڇُهِرن کي فقير نه چنبڙندا ته ٻيو ڇا ٿيندو.“

”آخر ٿيو ڇا؟“ مون به ڊيٺ ٿيندي پڇيو. ”ڏس ناني، جي نه ٻڌائيندينءَ ته مان رستي تي ويهي رهندس.“ ”ابا- ابا، ويهجان نه، ٻڌايانءِ ٿي.“ نانيءَ پڪائي ڇڏيندي چيو، ”ابا، دادلي آ ڪالهه ڪالهوڪي ٻارڙي. اڃا ٿڻين ئي مس ٿي. ته مائٽن کڻي سان لاتي. اڳيان به ڪو ٻار ڪو نه هو، جو ڇوري ڪلو نه ڇنائي ها، بَدُو هو. بدُو  مٿس ڏينهن رات کڻي گاهٽ ٻڌئينس. چوريءَ گهڻو ئي ست ستاءُ ڪندي هيس. پر ته به شيخ تي چوندو هوس، ”تون ڪو هتي گور چرڻ آئي آن ڇا؟“

ابا، سچي لاڻي کائي ايندو هو الائي ڇا، جو جهڳ ڳاڙي اچي مٿس ٽٽندو هو. ٻيو ته ٺهيو، لائون لهي اڃا چار ڏينهن مس ٿيا هئا، جو ڪنوار کان وڃي ڪڻڪ وڍرايائون. پُٽ، ٻنيءَ ۾ پوئجي پيا. بس پٽ، پوءِ ته ٻارڙيءَ جورن ۽ کورن ۾ پئجي وئي. ليهه لاهي، ڇند ڪرڻو پئجي ويس. بس ابا، ڇوري پئي سور پٽي، هُنن کان ته حساب جو بهانو ٺاهي، جان ڇڏائي اٿس.“

مون کي نانيءَ جي واتان  اِها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پريل تي خار آئي. پوءِ الائي ڪيئن نانيءَ کان پڇيم. ”ناني، پوءِ اهڙن ست ڌارين ۾ سنڱ ڏنئون ڇو؟“

”ابا، ڪو وقت هوندو هو، ڳوٺ قُرب جون لانڍيون هوندا هئا، ناني ڏک ڪڍندي چيو، ”اڄ ته لانڍيون ويران هِن، پٽ مان مڻيا موڪلائي وئي. پيءُ پٽ جو دشمن آ، پٽ پيءُ جو. ماءُ ڌيءَ جي ڪڍَ آ، ته وري ڌيءَ ماءُ جي. ماڻهو- ماڻهو، پنهنجي منهن ٿي ويو آ، ٻچا.“ ”ناني، سچ ٿي چوين.“ مون سندس وٽ ورائي. ”ڀلا، تو ڇا صلاح ڏِنَنَ؟ “ “پُٽ، مون ته چيو مان: ڇُهر کان ڪڻڪ نه وڍرائجو، نه ته فقير هڻي مڻڪو ڀڃي ڇڏيندس.“

”پوءِ هنن ڇا چيو؟“ چيائون: نانگ کائي، جو وري ائين ڪيون. حساب رڳو ڇڏي وڃي پاڻيهي اسين سماءُ لهنداسين.“

مون کي نانيءَ جي ڳالهه اهڙي ته سمجهه ۾ ويٺي، جو مان پهچڻ سان ئي گهر جي اڱڻ تي ليٽي پيس. ڇاڪاڻ ته شامڙيءَ جو منهنجو وڏو ڀاءُ شاهو مون کان گاهه وڍرائيندو هو. جنهن ۾ ڪانڊيرا ايترا ته هوندا هئا، جو مُٺ- مُٺ ۾ ڪنڊو کپي ويندو هو.

* شبنم گل

کليل اکين جا سپنا

 

رات ٿڌي ۽ ويران هئي . ڊسمبر جون روح کي ڪنبائيندڙ هوائون لڳي رهيو هيون. هوائن جي آڌار تي لڏندڙ وڻن جا ڪارا پاڇا ڏاڍا پر اسرار پئي لڳا. پوئين تاريخن جي چنڊ جي ڦڪي ۽ بيمار روشني ڪنهن جي اجڙيل خوابن وانگر دم ٽوڙڻ تي هئي هر طرف خاموشي ڇانيل هئي. قبرستان جهڙي سانت! گهٽيءَ مان رکي رکي ڪتن جون اونائيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. آمنه ڪيتري دير تائين ڪچيءَ ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويٺي هئي، سندس وار وکريل ۽ اکيون اُڀ ۾ کُتل هيون. هوءَ رڃ ۾ ڀٽڪندڙ ڪنهن اهڙي مسافر جيان لڳي رهي هئي جيڪو پنهنجا سمورا آسرا لاهي هر گهڙي هر لمحي زندگيءَ کان ڏور ٿيندو ويندو آهي. هوءَ جيڪا شيءِ جي هلڪي لهر به برداشت ڪري نه سگهندي هئي. بنان ڪنهن گرم ڪپڙي جي آڱڻ ۾ ويٺي هئي ۽ ٿڌيون هوائون سندس ڪمزور وجود سان ٽڪرائي ڪنهن وڃايل پڙلاءَ جيان، اونداهيءَ ۾ گم ٿي پئي ويون. پاسي واري گهر مان رکي رکي زينب جا سڏڪا ٿي اُڀريا. اڄ زينب وري شاموءَ جي هٿان مار کاڌي هئي. ان ڳالهه کي ڪيترا پهر گذري ويا هئا، پر زينب چپ نه ٿي هئي. اڄ شايد سندس جسم وانگر روح به گهايل ٿي لڳو ۽ جڏهن روح گهائل هوندو آهي ته سڄي ڪائنات وسعتن مان سميٽجي هڪ ننڍڙي بي اهم نڪتي ۾ بدلجي  ويندي آهي. هميشه جيان نه ته آمنه ننڍڙي ٽيبل هيٺيان ٻه ٽي سرون رکي زينب جي گهر ليئو پائي ڏٺو ۽ نه ئي کيس سڏي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو سندس سڪل اکين مان ڳوڙها جهر جهر ڪري وهندا سندس گلابي ڳلن تان ترڪندا هڪ هڪ ڪري مٽيءَ ۾ جذب ٿيندا ويا. ان گهڙيءَ  هوءَ پنهنجي پاڻ کي ان پکيءَ جيان محسوس ڪري رهي هئي، جنهن جو آکيرو شرارتي ٻار چورائي ويندا آهن ۽ اهو پکي وڻ جي هڪ ٽاريءَ تان ٻي ٽاريءَ تائين پنهنجو آکيرو ڳوليندو وتندو آهي ۽ جڏهن اُهو آکيرو کانئس نه لڀي سگهندو آهي ته  هو آسمان جي وسعتن ۾ بي مقصد اڏامندو رهندو آهي. اوچتو کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ اندر ڪمري مان ڪو کيس سڏي رهيو هجي.

”آمنه! او آمنه، ڌيءَ ڪيسين تائين ٻاهر ائين ويٺي هوندينءَ؟ ٿڌ لڳي ويئي ته بيمار ٿي پوندينءَ........ اجائي هوڏ نه ڪر اچ اندر ڪمري ۾ اچي ويهه.“

آمنه پنهنجي خيالن مان ڇرڪي چوڌاري ڏٺو، جتي ڪير به نه هو. حقيقت کي محسوس ڪري سندس دل بي يقينيءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ ٻڏي وئي..... ته ڇا هيءَ زندگي خواب آهي.....! صرف پل جو سپنو ۽ ان کانپوءِ ڪجهه به نه...... هڪ گهڙيءَ ۾ وقت ڪيڏو نه بدلجي ويندو آهي ۽ ڪيئن محبتن جي نور سان چمڪندڙ چهرا ۽ وڻندڙ پياريون آوازون پل ۾ مٽيءَ جو ڍير ٿي، خاڪ ۾ سمهي رهنديون آهن...... اميدن جا سمورا ڏيئا هڪ هڪ ڪري اجهامندا رهيا ۽ ڪاري رات پنهنجي ڀوائتي روپ سميت سندس من اندر لهي آئي. آمنه جو هن دنيا ۾ ماءُ کان سواءِ ڪير به نه هو. ماءُ جي مرڻ کان اڳ هن ۾ ايتري ته چنچلتا هئي جو شوخ هوائون به سندس ساٿ نه ڏيئي سگهنديون هيون. هوءَ بهار جي شامن، سرمئي صبحن، باغن ۾ ٽڙندڙ رنگ برنگي گلن، پوپٽن ۽ چنڊ سان پيار ڪرڻ واري معصوم ڇوڪري هئي. سندس دنيا جڳ کان نرالي هئي.  ڪجهه مهينا اڳ سندس ماءُ بيمار ٿي پئي هئي ۽ ان بيماريءَ ۾ ئي کيس هن هيڏي ساري جڳ  ۾ تنها ڀٽڪڻ لاءِ هيڪلو ڇڏي وئي هئي.

ان خاموش ماحول ۾ کيس ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳي. ان گهڙي هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هوءَ ڪنهن اهڙي گهر ۾ رهندي هجي، جنهن جي مٿان ڪا به ڇت نه هجي،  هن کي ياد آيو ته ڪجهه سال اڳ جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو هو ته سندس ماءُ جا احساس به ساڳيا هئا، پر ان وقت هوءَ اها ڳالهه نه سمجهي سگهي هئي. کيس پنهنجي پيءُ جي مرڻ جو اهڙو ڏک نه ٿيو هو، جهڙو فطرتي طور تي پنهنجي ڪنهن ويجهي عزيز جي جدا ٿيڻ تي محسوس ٿيندو آهي. ڀلا هن کي ڏک محسوس به ڪيئن ٿئي ها! هن ڪڏهن آمنه جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکيو ئي ڪٿي هو. هو ته هر رات دير سان نشي ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندو ايندو هو ته اچڻ سان ئي ساران سان وڙهڻ لڳندو هو ۽ ويچاري ساران عام عورتن جيان دنيا جي ڪمزور ترين مخلوق بني ڪنڌ جهڪائي، ائين بيٺي هوندي هئي، جيئن هو کيس گارين جا نه پر پيار جي مٺڙن ٻولن جا هار پهرائيندو هجي ۽ جڏهن سندس پيءُ دير تائين وات هڻڻ کان پوءِ سمهي رهندو هو ته ساران جي اُها سڄي رات ڳوڙهن جي نذر ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن اڌ رات جو اوچتو آمنه جي اک کُلي ويندي هئي ته هوءَ پنهنجي هنڌ تان اُٿي پنهنجا چپ ماءُ جي ٻرندڙ پيشاني تي رکي ڇڏيندي هئي ته ساران پنهنجا ڳوڙها اُگهي مرڪي ڏيندي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com