سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

 

صفحو :7

”بالي“ سيريل جي ھيرو مشھور اداڪار ۽ ھڪ ٽريجڊيءَ جي شڪار امانت مغل سان ماڻڪ موتي تنظيم پاران روح رهاڻ

امداد حسيني

 

9_ سيپٽمبر 2005 تي، سنڌالاجي آڊيٽوريم ۾، ”بالي“ سيريل، ”جرم ۽ سزا“ جي ھيرو، مشھور اداڪار امانت مغل سان، ماڻڪ موتي تنظيم پاران روح رھاڻ رچائي وئي، ان جي صدارت حميد سنڌيءَ ڪئي ۽ خاص مھمان ھئا سيد صالح محمد شاھ ۽ مشتاق چنگيزي. اھي اسٽيج تي ويٺا ته نصير مرزا لطيف سائينءَ جي حمديه بيتن سان پروگرام جو آغاز ڪيو. ھن امانت مغل بابت مختصر تعارفي جملا چئي سيد صالح محمد شاھ کي ڳالھائڻ جي نينڍ ڏني، ڇو ته سيد صالح محمد شاھ کي جلدي وڃڻو ھو، ھن چيو:

”آءٌ ڪنفيوز ٿي ويو آھيان، جو توھان جھڙن ڏاھن، دانشورن، اديبن ۽ شاعرن جي ھوندي مون کي مٿي ويھاريو ويو آھي. ريڊيو تي جڏھن آءٌ ناٽڪ ڪندو ھوس، تڏھن جنھن ناٽڪ جي پڄاڻي سوکدائڪ ھوندي ھئي، يعني ھيرو ھروئن پاڻ ۾ ملندا ھئا، تڏھن خوشي ٿيندي ھئي، پر جيڪڏھن ڪنھن ناٽڪ جي پڄاڻي دکدائڪ ھوندي ھئي، ته ڏک ٿيندو ھو ۽ آءٌ چوندو ھوس ته اھو نڀاڳو ناٽڪ آھي. ڪنھن به ناٽڪ ۾ اداڪارن جي چونڊ به ڪردار موجب ڪرڻ کپي. ان جو ھلڻ گھمڻ، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ، قدبت، ان اصل ڪردار جھڙو لڳي، جيئن امانت ”بالي“ سيريل م مير عيل نواز ناز جو ڪردار ادا ڪيو. ۽ ھمراھ نظر جي پيو. ھاڻ ھو جيئرو آھي پر مئلن مثل، آءٌ ته سوير ئي ڀڄي پئي ويس. ٻُڏتر ۾ ھوس ته وڃان نه وڃان، پر پوءِ نه ويس امانت مغل جي ڪري.“

ان کان پوءِ زيب سنڌيءَ کي سڏيو ويو. ھن چيو:”پھرين مان ھڪ شڪايت/وضاحت ڪريان. منگي (عثمان) صاحب مخلتف پروگرام ڪندو آھي. ھن وانگي اڳي به ھي پروگرام رکيو ويو پر ملتوي ڪيو ويو. ھتي ماڻھو ٿورا آھن، ان جو ڪارڻ اھو آھي ته، نه اخبار ۾ خبر ڏني وئي، نه ئي ريڊيو تي، ”بالي“ ۾ مير علي نواز ناز وارو ڪردار پھرين شفيع محمد شاھ کي آڇيو ويو ھو، پر محرم جي ڪري پاڻ معذرت ڪيائين، ائين ھي ڪردار امانت جي پُکي پيو، ھي ڪردار کي سمجھي ٿو. ڪيترا فنڪار آيا جن سنڌي/اردو ناٽڪ ۾ پاڻ مڃايو. شفيع محمد شاھ کان پوءِ امانت مغل ھڪ وڏو ايڪٽر آھي.“

ان کان پوءِ طارق عالم ابڙي جو وارو ھو. ھن امانت بابت چيو ته: ”ھو ھڪ سٺو آواز آھي. ھو نه رڳو ٻاھر پر اندر به سھڻو آھي. محمود صديقي، انور سولنگي به وڏا اداڪار آھن، ھي به انھن جي ڪڙيءَ جو آھي. امانت آخري نسل جو آخري ايڪٽر آھي.“

اعجاز قريشيءَ چيو ته ”آءُ آرٽ جو ماڻھو ناھيان، پر سنڌي ناٽڪ ضرور ڏسندو آھيان. ھن جو ”بالي“ وارو ڪردار بھترين ھو. اڳ ۾ واقفيت نه ھئي. منگي (عثمان) وڏو ڪم ڪري رھيو آھي. ھن مون کي چيو ته امانت کي ڪراچيءَ مان آڻڻو آھي ۽ مان کيس وٺي آيس، اسين گاڏيءَ ۾ ٽي ڪلاڪ گڏ ھئاسين. ھن جي صورت توڙي سيرت سٺي آھي. ھن سان سڄي واٽ ڪچھري ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.“

انعام شيخ چيو کي سڏ ٿيو ۽ ھن چيو ته:”بالي ناٽڪ لاءِ وڏي بجيٽ کپي، 40 يا 50 ڪروڙ، پر ٿوري بجيٽ ۾ اھو ناٽڪ ڪيو ويو. مير علي نواز ڪارو ۽ ٿلھو ھو، جڏھن ته امانت مغل چاڪليٽي ھيرو آھي. جيڏو وڏو ماڻھو ھوندو آھي، ان سان ٽريجڊي به اوڏي وڏي ٿيندي آھي.“

نصرت ڪلھوڙو چيو جو ته: ”امانت جو قد ايڏو وڏو ٿيندو جو ماڻھو ڪنڌ کڻي کيس ڏسندا. ڪجھ ڏينھن اڳ امانت سان ڪراچيءَ ۾ ھڪ شاپنگ سينٽر تي ملاقات ٿي ھئي، کيس ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مون مٿس ھڪ ڪالم لکيو، ان ۾ لکيم ته رخسار جوڻيجو، شائسته عالماڻيءَ، مختياران مائي وغيره سان جيڪي ڪجھ ٿيو، ان تي پرنٽنگ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ليٽي پئي، پر امانت سان جيڪي ڪجھ ٿيو، ان جو نوٽيس ڪنھن ورتو؟“ ناز سھتي چيو ته: اسين زور خطابت ۾ گھڻو ڪجھ اھڙو چئي وڃون ٿا، جيڪو سچ نه ھوندو آھي، مثلاً ھتي چيو ويو ته امانت سان ٿيل ٽرئجڊي تي صرف ھڪ گانو ٺھيو! جڏھن ته ان ڏس ۾ ھڪ ڊاڪيومينٽري به ٺھي آھي ۽ ان ھڪ فيسٽيول ۾ انعام پڻ کنيو آھي. امانت به ڪنھن جي اکين تي مست ٿئي ٿو ۽ اھو ئي ھن تي تيزاب ھاري ٿو. امانت چئي ٿو ته: .ھُن جو چاھتن ۾ اڄ به ويساھ آھي، پر منھنجي چونڊ غلط ھئي!، ھن سان وڏي ۾ وڏو دوکو ته ھن جي رشتن ڪيو آھي.“

غلام نبي مغل چيو ته: ”جيڪي به ڳالھائي ويا اھي سڀ ٽرئڪ تان لٿل ھئا. ھيءَ روح رھاڻ نه پر ھڪ فنڪشن آھي. اصل ۾ امانت کي ٻڌڻ گھرجي ته ھن سان ڪھڙو حشر ٿيو! محبت، جنھن جو ڪئنواس ايڏو وڏو آھي، جو عبادت به ان جو حصو آھي.“

عبدالقادر جوڻيجي چيو ته: ”مختصر ڳالھ، پنھنجو مثال. مون تي بيماريءَ جو حملو ٿيو، مون فيصلو ڪيو ته اخبار ۾ خبر ناھي ڏيڻي، پِنڻو ناھي. اھو نيوروسس جو حملو ھو، جنھن ۾ ماڻھو چريو ٿي پوندو آھي. سو ان ۾ عالم برزخ ۾ گذاريوسين. ھڪڙو ماڻھو، چوڌري جبار، اسپين مان نڪتو، منھنجي گھر آيو، منھنجي بيماريءَ جو ٻڌي، ھن مون کي اٺن لکن جو چيڪ ڏنو ۽ چيو ته تنھنجي ھڪڙي ڊرامي مان مون اٺ ڪروڙ ڪمايا آھن، KTN وارا اھڙو ڪردار ادا ڪري سگھن. ”ڪاوش“ اڳي به اھڙا ڪيس کڻي چڪي آھي. ان ڏس ۾ مھم ھلائڻ گھرجي. امانت گھٽ ۾ گھٽ منھن ته کولي ھلي سگھندو. ھن کي لنڊن موڪليو وڃي. 15 لک ڪا وڏي ڳالھ نه آھي.“

آغا شھاب الدين چيو ته: ”امانت ۽ مان ھڪ ڳوٺ جا آھيون، مائٽ آھيون. اسان جي ڳوٺ ۾ سھڻا ماڻھو پيدا ٿيندا آھن، امانت لاءِ ھڪ فنڊ قائم ڪرڻ کپي.“

گل محمد عمراڻيءَ چيو ته:”عشق ۾ ائين ٿيندو آھي، اسان کي ھاڪاري سوچ رکڻ کپي. ھينئر ادارن جو رول نه پر فردن جو رول آھي. ڏسو آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ڪيڏو نه ڪم ڪيو آھي؟ وري ھيڏانھن ”مھراڻ آرٽس ڪائونسل“ کي به ڏسو. امانت مغل جي ٽرئجڊي اھا آھي ته ھو اسان جي ٻوليءَ جو فنڪار آھي. امانت اسان جو ۽ اسين مانت جو حصو آھين، اڪئڊميون کوڙ آھن، پر ھن ڏس ۾ ڪميٽي ٺاھي وڃي.“

مشتاق چنگيزيءَ چيو ته: منھنجي امانت سان روبرو ھيءَ پھرين ملاقات آھي. فني لحاظ کان مون امانت کي بار بار ڏٺو آھي ۽ جڏھن ھن سان ٿيل حادثي جو ٻڌم ته مون کي لڳو ته اھو ڄڻ مون سان ٿيو آھي، ڇاڪاڻ ته مون سان به اھڙا حادثا ٿي چڪا آھن.“

ھن وڌيڪ چيو ته ”مشڪ ڪھڙي ھرڻ جي دُن ۾ ٿئي ٿي؟ موتي ڪھڙيءَ سِپ ۾ ٿو سپجي؟ فنڪار به ائين پيدا ٿيندا آھن. اسين اَمانت جو پورو چھرو ڏسڻ ٿا گھرون.“شھباز درانيءَ کي صالح محمد شاھ جي وڃڻ جي ڪري اسٽيج تي ويھاريو ويو ھو. ھن چيو ته: مون امانت کي اسڪرين تي ڏٺو ته سمجھيم ته ھي سٺو نڪرندو. ھن سان جڏھن ھي سانحو ٿيو ته لڳم ته ڄڻ منھنجو ٻچو سڙي ويو. آءٌ سندس گھر ويس ته امانت جي والده چيو ته شھباز اسان جو مائٽ آھي، ھن کي اندر اچڻ ڏيو، مون امانت لاءِ مسجدن ۾ اجتمائي دعائون گھرايون. شھباز درانيءَ امانت کي مخاطب ٿي چيو ته: ”ھيءَ ھڪ آزمائش جي گھڙي آھي، تون ان مان اُڪري پار پوندين.“

ان کان پوءِ امانت مغل کي ڳالھائڻ لاءِ سڏيو ويو. (امانت مغل جي چھري جو ساڄو اڌ اجرڪ سان ڍڪيل ھو، ان جي اڃا پلاسٽڪ سرجري نه ٿي آھي، چھري تي تيزاب ھارجڻ کان پوءِ ھن جي آواز تي به اثر پيو آھي). امانت مغل چيو ته:”مون کي ھتي سڏي عزت ڏني وئي آھي. ھيءَ تقريب پھرين ڪراچيءَ ۾ ٿيڻي ھئي، پر سينيئر آرٽسٽ اي آر بلوچ جي لاڏاڻي جي ڪري ملتوي ڪئي وئي. ھتي وڏا نالا آھن، آءٌ انھن آڏو ڪنڌ جھڪايان ٿو، حالتن مون سان ڇا ڪيو؟ زخم به گل ٿا لڳن. اسپتال ۾ ھوس ته ڪو به رشتو، ڪو به دوست ويجھو نه آيو. 9 مھينن کان علاج ھلي پيو. وڏيرا، ڪامورا، دوست يار، مِٽ مائٽ ھئا، پر ڪوبه ويجھو نه آيو. پر مون کي جيڪا موٽ ملي آھي، پيار مليو آھي، ڪڏھن ڪڏھن دل ڀرجي ايندي آھي. پرچائڻ وارا ھوندا آھن ته روئڻ تي دل ٿيندي آھي. زندگيءَ، وقت ۽ حالتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. رات جو دير سان ھڪ شخص فون ڪري حال احوال پڇندو آھي، ۽ اُھو آھي علي قاضي. علاج تي به ان خرچ ڪيو آھي. آءٌ نااميد ناھيان. لفظ ساٿ نٿا ڏين. ڄڻ مان حيدرآباد (ڄام شوري) نه آيو آھيان، حيدرآباد مون وٽ ھلي آئي آھي.“

آخر ۾ محفل جي صدر حميد سنڌيءَ کي ڳالھائڻ لاءِ سڏيو ويو. ھن چيو ته: ”امانت مغل کان پوءِ مون کي ڳالھائڻ نه کپي ھا، پر منگيءَ

(عثمان) چيو ته توھان ڳالھايو ۽ Cover ڪريو. امانت ڳالھايو پئي درد مان ته مون کي پنھنجو ٻچو لڳو. منھنجي ھٿ ۾ سگريٽ ھئي اھا منھنجي ڪڪيءَ کي لڳي ۽ ھوءَ رڙڻ لڳي. ھينئر امانت پئي ڳالھايو ته مون کي اُھا ڳالھ ياد اچي وئي. امانت کي توھان جي محبت جي ضرورت آھي. اسان جي صلاح آھي ته ھي علاج لاءِ ٻاھر وڃي، خدا ڪري امانت جلد ٺيڪ ٿئي ۽ وري ڪم ڪري.“

ڪنھن چيو ھو ته ماڻھو ٿورا آھن ھن تقريب ۾، پر پوءِ سنڌالاجي آڊيٽوريم پورو ڀرجي ويو ماڻھن سان، جڏھن ته ڪنھن به اخبار ۾ يا ريڊيو تي خبر نه آئي ھئي، سڀني کي صرف ڪارڊ وسيلي سڏيو ويوھو. ڀريل آڊيٽوريم ڏسي لڳو ته امانت مغل ماڻھن ۾ مقبول آھي ۽ ماڻھو ھن سان پيار ڪن ٿا. انھيءَ ڀريل آڊيٽوريم ۾ خواتين صرف ٻه ھيون: نصرت ڪلھوڙو ۽ سحر امداد، پھرئين سيشن کان پوءِ آيلن کي مانيءَ تي سڏيو ويو ۽ ان کان پوءِ راڳ رھاڻ ٿي ۽ ممتاز لاشاريءَ پنھنجي آواز ۾ جادو جاڳايو.

انھيءَ ”روح رھاڻ“ ۾ شايد اڳواٽ طئه نه ڪيو ويو ھو (۽ اڪثر ائين ئي ڪيو ويندو آھي) ته ڪنھن کي ڳالھائڻو آھي؟ ۽ لکي اچڻ تي اسين اڃا ھريا به ناھيون. بھرحال، ”ماڻڪ موتي تنظيم“ جيڪي مختلف پروگرام ڪندي رھي آھي ۽ امانت مغل سان ھيءَ روح رھاڻ به ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي ڪئي، جيڪا ”سرتيو“ جي ڪنھن صفحي تي توھان کي پڙھڻ لاءِ لبي ويندي.

*****

 رشيده سيال تنھنجون يادون

خالق اڄ آءٌ ڳوٺ ويس. پنھنجي پراڻي گھر ويس. اھو گھر جيڪو تنھنجي ۽ منھنجي محبت سان اڏيل ھو. اھو گھر جتي پاڻ پھريون دفعو مليا ھئاسين. پر توکان پوءِ اھو خوشين سان ٻھڪندڙ گھر ھڪ کنڊر ٿي ويو آھي. ڀلا تون ئي بڌاءِ ته توکان سواءِ آءٌ پنھنجو پاڻ سنڀالينديس! ھاڻي ته اُھي ماڳ مڪان ڏنگين ٿا، اھي رستا، اھي راھون، اھي لنگھ، اھي واٽون سڀ مون کان پڇن ٿا ته تون اڪيلي ۽ اداس ڇو آھين. مان ڇا ٻڌايان ته تون مون کان وڇڙي ويو آھين. تون مون سان گڏ ناھين. ھاڻي ته اڳُ به نه ٿي چئي سگھان ته تون مون سان ساڻ ناھين. ڀلا توکي پاڻ کان الڳ ڪيئن سمجھايان! تون ته منھنجي ساھ ۾ سمايل آھين. ڀلا ڪڏھن روح به جسم کان الڳ ٿي سگھيو آھي. پر پوءِ جسماني طور تون مون سان گڏ ناھين ته پوءِ سڀئي منظر ۽ نظارا مون کي ويران لڳن ٿا ۽ مان رُئندي رھا ٿي. مان توکي بلڪل به وساري نه ٿي سگھان. تو سواءِ ڄڻ ته جي نه ٿي سگھان پر مجبور آھيان جيئن لاءِ. صبح ٿيندو آھي ته انھيءَ اوسيئڙي ۾ ھوندي آھيان ته جلد شام ٿئي، ان شام کي ڳوليندي آھيان جيڪا تنھنجي انتظار ۾ گذرندي ھئي ۽ ان انتظار ۾ خوشيءَ جي لھر ھوندي ھئي. پر ھاڻي اھو احساس ته تون اھڙي ماڳ ويو آھين جتان اڄ تائين ڪو به ناھي موٽيو. اھو سُور ڏنگي ٿو. ھانءُ ڳاري ٿو. ۽ آءٌ ھر ويل ھر گھڙي تنھنجي جھوريءَ ۾ جھڄندي رھان ٿي. روئندي رھان ٿي. بس ھڪ آس اٿم اندر ۾ ته ھڪ ڏينھن ضرور توسان ملنديس!

کير پياڪ ٻارن لاءِ

ننڍڙا ٻار بيحد نازڪ ھوندا آھن. انجي بھتر پالنا انتھائي ڌيان ۽ سنڀال گھرندي آھي. انڪري ٻارن جي پيدائش وقت بنيادي ڳالھين کي ذھن ۾ رکڻ گھرجي.

ٻارن جو دُن صاف ۽ خشڪ رکو.

مکين کان بچائڻ لاءِ ٻارن کي ڪپڙي ۾ ويڙھي رکو يا مڇرداني استعمال ڪريو.

دُن خشڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻارن کي روزانه وھنجارڻ گھرجي.

ٻار پيشاب ۾ پسي وڃي ته ان جو پوتڙو ھڪدم تبديل ڪريو. پوتڙي کي صحيح طرح ڌوئي اس ۾ سڪايو، ٿي سگھي ته ڌوئڻ لاءِ گرم پاڻي استعمال ڪريو.

مکين ۽ مڇرن کان بچائڻ لاءِ ٻار تي ڄاري وجھي ڇڏيو.

وچڙندڙ مرض جي شڪار ماڻھن کان ٻار کي پري رکو.

___ادارو

ڪجھ ٽوٽڪا

ڪن جي سور ۾ جاڻ، تِرن جي تيل ۾ پچائي ھلڪا گرم ٻڙا وجھڻ سان سور ختم ٿي ويندو جيڪڏھن ڪن ۾ ڦرڙي آھي ته اُھا ڦاٽي پوي ٿي.

معدو ڪمزور ھجي، کاڌو سٺي طرح ھضم نه ٿيندو ھجي ته ادرڪ جي استعمال سان فائدو پھچي ٿو.

سيءَ جي ڪري آواز ويھي رھي ته ٿورو لوڻ ادرڪ تي لڳائي کائو، آواز کلي ويندو.

 

ماھين ھيسباڻيءَ سان ھڪ رنگ رتي سانجھي

۽ سندس شعري مجموعي_ تون“ جو مھورت

 

ماھين جي شعري مجموعي ”تون“ جو آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ مھورت ٿيو. جنھن جي صدارت منھنجي حصي ۾ آئي. مھتاب اڪبر راشدي مُک مھمان ھئي. اھا تقريب به دير سان شروع ٿي. ماھين پاڻ به چيو ھو ته 6 کان 8 تائين اچي وڃجو، سو اسين اچي وياسين. ان دير جو ھڪڙو فائدو ته اھو ٿيو، جو ڪيترن دوستن سان ملاقات ٿي. الطاف شيخ سان، جنھن کي سنڌ باد به چيو وڃي ٿو جديد دور جو، سالن کان پوءِ ملاقات ٿي. انعام سان به اتي ملاقات ٿي، نه ھڪ آفيس، سنڌي ادبي بورڊ، ۾ ھوندي به ساڻس گھٽ ملاقات ٿيندي آھي، ادل سومري سان به ملڻ ٿيو، ھو سکر مان پھتو ھو ۽ ھن، الطاف، انعام ”تون“ تي ڳالھايو به. تاجل سان به اتي ملڻ ٿيو. انور سولنگي به اتي مليو، جيڪو اسان کان به اڳي ويٺو ھو. ان سان سٺي ڪچھري رھي. اخلاق انصاري ٻيا سر قاضي، عبدالغفار تبسم به اتي مليا، انھن به ڳالھايو ڪتاب تي. زيب سنڌي به انھن ۾ شامل ھو.

اسٽيج تي منھنجي ساڄي کان تاجل، انعام، ادا ۽ تبسم ويٺل ھئا ۽ کاٻي کان ماھين، مھتاب، سحر ۽ ماريا (ماھين جي امڙ) ويٺل ھيون. شمشير ۽ تاج بلوچ جا نالا به ڪارڊ ۾ اعزازي مھمان طور ھئا، پر اُھي پھچي نه سگھيا ھئا.

زيب سنڌيءَ ماھين ۽ اُن جي شاعريءَ بابت چيو ته ”ماھين مون کي پنھنجي شاعري شروع ۾ ڏيکاري ھئي. مان پاڻ بحروزن نٿو ڄاڻان، پر لکي ٿو وڃان. مس ماھين جي شاعريءَ کي به مون ان حساب سان پڙھيو.“

انعام شيخ چيو ته:”شاعري، جي شاعري آھي ته اُھا سُتل قومن کي جاڳائي سگھي ٿي.“

ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ چيو ته: آءٌ ماھين کي شاعره نه پر شاعر ئي سڏينديس، ڇو ته اولھ ۾ به ھاڻي اھو فرق ختم ڪيو ويو آھي.“ ھن وڌيڪ چيو ته: ”اڄ سڀاڳو ڏينھن آھي، جو اسان سٿ ۾ ھڪ سُٺي شاعر جو اضافو ٿيو آھي.“ ھن شاعريءَ ۾ پيغام جي اھميت بابت چيو ته”شاعريءَ ۾ جيڪڏھن اعليٰ پيغام ناھي ته پوءِ اُھا اعليٰ شاعري ناھي.“

جاويد قاضيءَ، ماھين جي ڪتاب ”تون“ جي حوالي سان چيو ته: ”تون_مان جي نفي آھي.“

لياقت راڄپر، علي نواز خاصخيليءَ ڪتاب نه پڙھيو ھو ۽ ھنن ماھين کي دعائون ڏنيون.

راجا چيو ته: ”ماھين“ جي شاعري نوجوانن کي اتساھي ٿي.“

انھيءَ موقعي تي حسن درس، حبيب جتوئي، غفار تبسم، تاجل بيوس پڻ ڳالھايو ماھين جي ڏات ۽ ڏانءُ کي ساراھيو.

مھتاب اڪبر راشديءَ چيو ته: ”گيت پيڙا مان جنم وٺي ٿو ۽ ماھين وٽ ٻئي آھن.: پيڙا به ته گيت به.“

مون چيو ته: ”بحروزون/ڇنڊ يا ردم شاعر جي اندر موجود ھوندو آھي، پر انھن کي سکڻ لازمي آھي، ڇاڪاڻ ته ان جي سکڻ سان شاعر جي ذھن کي وڌيڪ وسعت ملي ٿي.“

 

سرتيون سروي

گورنمينٽ گرلس ڪاليج قاسم آباد جون استادياڻيون چون ٿيون

 

اڄڪلھ جي شاگردن ۾ مطالعي جو رجحان گھٽ آھي، ڇو؟

ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ اوھان جي نظر ۾ ڪي اپاءَ؟

زرينا عباسي (ليڪچرر زولاجي)

اڄڪلھ جا شاگرد مطالعي ڪرڻ جي بجاءِ پنھنجو ٽائيم T.V ڏسڻ، فيشن ڪرڻ ۽ ٻين Activities ۾ وڃايو ڇڏين. منھنجي نظر ۾ اھا والدين جي غير ذميواري آھي، جيڪو ٻار مطالعي بجاءِ گھمڻ ڦرڻ ۾ پنھنجو قيمتي وقت وڃائين ٿا.

ڪاپي ڪلچر اسان وٽ ڪينسر وانگر پکڙجي چڪو آھي، جيڪو لاعلاج مرض آھي. ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻ لاءِ والدين، استاد ۽ انتظاميا جيڪڏھن سچائيءَ سان ڪوشش ڪن ته ڪا اميد پيدا ٿي سگھي ٿي.

پروفيسر رضيه ڀٽو (پوليٽيڪل سائنس)

اڄڪلھ جي شاگردن جو رويو Parasitic ٿي ويو آھي. گھر ۾ ھنن کي اھڙو ماحول نه ٿو ملي جيڪو اڳ جي شاگردن کي مھيا ھو، جنھن ڪري نفسياتي طور اڄ جو ٻار ڀڄي ڀري پيو آڳي. ھو صرف ڊش ۽ انٽرنيٽ ڪلچر جي پيداوار ٿي ويو آھي. ھن وٽ ڪمپيوٽر ڊش ڪتابن ۽ رسالن جي جڳھ وارلاري آھي.

ڪاپي ڪلچر کي جيستائين استاد، شاگرد ۽ والدين جو Triangular گڏجي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجھد نه ڪندو، تيستائين اھو ڪڏھن به ختم نه ٿيندو، ڇو ته استاد جيڪڏھن سچائيءَ ۽ ھمت سان شاگردن کي پڙھائن ۽ نفسياتي طور تي کين سمجھن ۽ سمجھائن، جڏھن ته شاگرد به دل جي گھرائين سان علم حاصل ڪن ۽ والدين ذميواري جو احساس نڀائيندي استاد ۽ شاگرد سان مسلسل contact ۾ رھن ته پوءِ ڪاپي ڪلچر کان به وڏي مصيبت کي منھن ڏيئي سگھجي ٿو.

پارس راڻي (ليڪچرر سنڌي)

اھا ڳالھ درست آھي ته اڄڪلھ مطالعي جو رجحان گھٽ ٿي ويو آھي، ان جا مختلف سبب آھن، ڇو ته ڪيبلز تي ڪيترائي مختلف قسمن جا چينلز اچي ويا آھن. ٻار جڏھن اسڪول يا ڪاليج مان گھر واپس اچن ٿا ته سڌو ٽي وي يا وڊيو گيمز ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. ان کان علاوه اڄ ڪلھ انٽرنيٽ تي چيٽنگ جو رواج گھڻو وڌي ويو آھي، جنھن جي ڪري فائدي جي بدران نقصان پيو ٿئي. ٻار نيٽ تي ڪم جي يا معلوماتي ويب سائيٽس ڏسڻ بدران فضول قسم جي چيٽنگ ۽ ويب سائيٽس ڏسڻ بدران فضول قسم جي چيٽنگ ۽ ويب سائيٽس ڏسڻ ۾ مصروف ٿي ٿا وڃن ۽ سڄي سڄي رات ننڊون ڦٽائي ڪمپيوٽر تي ويھن ٿا، جنھن جو نتيجو اھو ٿو ٿئي جو صبح جو دير تائين سُتا پيا ھوندا آھن. اسڪول وڃڻ لاءِ سُسُت ٿي ٿا وڃن. ان کان علاوه ميڊيا جي ذريعي ٻاھر جو ڪلچر اسان جي ڪلچر کي تباھ پيو ڪري. ھُو وڌيڪ دلچسپي سان ٻاھر جي ڪلچر ۾ جڪڙجي ويا آھن. ڪڏھن اھو دور ھو جو ھر محفل ۾ ۽ ھر گھر ۾ علمي ۽ ادبي ڪتابن جو چرچو ھوندو ھو، پر اڄ جي تيز دور ۾ ماڻھو معاشي جنگ لڙڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويا آھن، جو اُھي نه پاڻ ڪتاب خريد ڪري پڙھي ٿا سگھن ۽ نه ئي پنھنجن ٻارن کي ڪتاب پڙھڻ ڏانھن مائل ٿا ڪري سگھن، ڇو ته انھن وٽ ايترو وقت ناھي ھوندو، ظاھري ڳالھ آھي ته جنھن گھر ۾ ڪتاب پڙھڻ جو رجحان ئي نه ھوندو ۽ ڪتاب ئي نه ھوندا ته ٻار ان ڏانھن ڇو متوجه ٿيندا. والدين ٻارن کي انگريزي سکڻ ۽ سائنس سبجيڪٽ پڙھڻ لاءِ وڌيڪ زور ڏيندا آھن. باقي ھاڻي ته اھو اميج به ٿي ويو آھي ته ادب، شاعري، تاريخ وغيره سڀ ائين آھن. ماڻھن جا جذبا سرد پيا ٿين ۽ ماڻھو، ماڻھو گھٽ مشين وڌيڪ ٿي ويو آھي.

ڪاپي ڪلڇر جي وڌڻ جو وڌيڪ سبب اھو به آھي جو ٻارن کي علم جي اھميت جي خبر ئي ناھي. پڙھڻ کي صرف نوڪري جو ذريعو سمجھيو وڃي ٿو ۽ ٻيو وڏو سبب ڪاليجن يا اسڪولن جي پرنسيپلز جو ڏوھ آھي، جيڪي ڪاليج يا اسڪول جي بھتر رزلت لاءِ ڪاپي جي ڇوٽ ڏين ٿا.

رخسانا مغل (ڪيمسٽري)

توھان جي پھرين سوال جو جواب ٻئي سوال ۾ موجود آھي.

ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ امتحاني طريقه ڪار درست ڪرڻ جي ضرورت آھي. منھنجي نظر ۾ رائج امتحان سسٽم ھر لحاظ کان ڪاپي ڪلچر کي پروٽيڪٽ ڪرڻ وارو آھي. جنھن ڪري ھاڻي امتحانُ، امتحان نه رھيو آھي. تباھ برباد ٿيل نظام، امتحان کي مذاق بڻائي ڇڏيو آھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو ھاڻي قوم جي مڪمل تباھي ڪا گھڻي پري نظر ڪانه ٿي اچي. شاگردن ۾ ڪتابن جو مطالعو ته پري جي ڳالھ، پر پنھنجي ڪورس جي ڪتابن جي صرف مِٽي ڇنڊي صاف ڪري رکڻ جي اميد به گھٽ آھي. امتحاني نظام کي بگاڙي اسان پنھنجي قوم کي ھڪ وڏي ڏکئي امتحان ۾ وڌو آھي، ان لاءِ سڄي سماج کي سندرو ٻڌي ميدان ۾ لھڻو پوندو ته جيئن قوم جو مستقبل بچائي سگھجي.

رضوانه عباسي (ڪمپيوٽر ليڪچرر)

(1) اڄ ڪلھ جو شاگرد پڙھائي ته ڪري ٿو، پر پڙھائيءَ جي ڪتابن ۾ انھن جو ڌيان گھٽ آھي، شاگرد ھيڏانھن ھوڏانھن جي مطالعي يا اجاين ڪتابن تي ڌيان ٿا ڏين. پنھنجي ڪورس کان ھٽي ڪري، باقي ڳالھين تي توجھ ڏين ٿا ۽ ان جو سبب ميڊيا آھي. جھڙيءَ طرح سان ھر شيءِ جا ٻه پھلو ٿين ٿا، اھڙيءَ طرح ميڊيا مان به ٻار مثبت پھلوءَ کان وڌيڪ منفي پھلوءَ ڏي ڌيان ڏين ٿا. اھڙيءَ طرح سان اُھي فضول ڊرامن وغيره ۽ اجاين فلمن تي ڌيان ڏئي، پنھنجو قيمتي وقت خراب ٿا ڪن ۽ ان سان گڏ، اسان جي فرسوده نظام جي ڪري به ٻار ڌيان نه ٿا ڏين. گورنمينٽ جيڪڏھن ڪورس وغيره ۾ تبديلي آڻي به ٿي ته شاگردن جي ذھني لاڙي کي نظر ۾ نٿو رکيو وڃي، جنھنڪري ٻار اڃان وڌيڪ مطالعي کان پري ٿي ٿا وڃن.

(2) ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ نه صرف مائٽ پر گورنمينٽ ۽ استاد سڀ ملي ڪري ان سسٽم کي ختم ڪري سگھن ٿا، مائٽن کي ٻارن جي پڙھائي جي سلسلي ۾ گائيڊ ڪرڻ گھرجي ۽ توجھ ڏيڻ گھرجي، گورنمينٽ کي گھرجي ته بھتر پاليسيون ڏئي ۽ استادن کي گھرجي ته ٻارن کي سٺو سمجھائن ۽ انھن ۾ شوق پيدا ڪن.

حُور بلوچ

1. بنيادي ڳالھ تي ڪيبل ۽ نيٽ چيٽنگ جي ڪري ٻار چاھيندي به تعليم کي گھڻو وقت نه ٿو ڏيئي سگھي ۽ ان کان سواءِ اڄ ڪالھ جيڪو مواد ڇپجي ٿو اھو به ٻار جي ذھني معيار مطابق نه آھي، پراڻيون روايتون برقرار آھن.

2. منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن انويجيليٽر تي سختيءَ سان قدم کنيو وڃي، بجاءِ ٻين ٽيمن مقرر ڪرڻ جي، اھو مسلسل عمل ٻارن کي ڪاپي ڪرڻ کان روڪيندو. ڪاپي ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار انويجيليٽر جو ھوندو آھي. ان ساڳئي انويجيليٽر کي اٽينڊنس شيٽ به سائينِ ڪرائڻي ھوندي آھي، شيٽون ۽ رول نمبر به لکي ڏيڻا پوندا آھن، انھيءَ سبب ان وٽ صحيح نظرداري لاءِ وقت جي به کوٽ ھوندي آھي.

عائشه چنا (اسسٽنٽ پروفيسر)

مطالعي جو رجحان گھٽ ھجڻ جو سبب شاگردن کي امتحانن ۾ ڪاپيءَ جو آسرو، ڪلاسن ۾ حاضريءَ تي سختيءَ جو نه ھجڻ، امتحاني فارمن جو وقت کان اڳ ڀرجڻ آھي. جنھن جي ڪري شاگردن مان Attandence نه ملڻ جو خوف ختم ٿي وڃي ٿو. ڪورس اڌ ۾ ئي رھجي وڃي ٿو. فارم ڀرجڻ کان پوءِ شاگرد ڪلاسن ۾ اچڻ ڇڏي ڏين ٿا.

امتحاني فارمن ڀرجڻ جي تاريخ سال جي آخري مھيني ۾ رکڻ گھرجي.

(2) قوم تي رحم کائي ڪاپي ڪرائڻ ته غريب ٻار آھن، سال ھليو ويندو. اھو حقيقت ۾ رحم نه، پر پنھنجي قوم سان دشمني آھي! ٻيو پيءُ، ماءُ جي امتحاني نظام ۾ مداخلت ڪرڻ کي ختم ڪيو وڃي. ٽيون شاگردن مان سياست کي ڪڍيو وڃي، سياسي پارٽين ۾ ھجڻ ڪري نوجوان پڙھن نه ٿا ۽ ڏاڍ ڪري ڪاپي ڪن ٿا ۽ امتحاني نظام ۾ خرابي پيدا ڪن ٿا. سفارشي نظام کي ختم ڪيو وڃي. پرچي سسٽم ختم ڪيو وڃي. ڪورس جيڪو پڙھايو وڃي ٿو، امتحان ۾ سوال ان ڪورس مان ڏنا وڃن.

پڙھائڻ وارا استاد ھڪڙا آھن ۽ پيپر ڪڍڻ وارا ٻيا جيڪي ان سبجيڪٽ سان Related ئي نه آھن، ان ڪري پيپر ڏکيا ھجڻ ڪري شاگردن ۾ ڪاپي جو رجحان پيدا ٿئي ٿو.

انھن سڀني شين کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي

معاشري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ميڊيا جي ذريعي ماڻھن جي ذھنن کي تبديل ڪرڻو پوندو. ھُو جيڪو پنھنجو حق سمجھي ڪاپي ڪن ٿا، انھن کي اھو ٻڌائڻو پوندو ته اھو انھن جو حق نه پر پاڻ سان ظلم آھي!

زاھده شمس (سنڌي)

(1) شاگردن ۾ مطالعي جي گھٽتائيءَ جو ڪارڻ منھنجي نظر ۾ اڄڪلھ سيٽلائيٽ چينلز جي ڀرمار آھي. ڪمپيوٽر ذريعي نيٽ تي چيٽنگ. ٻيو سبب اھو به آھي ته اسان وٽ معياري ڪتابن جي کوٽ آھي. مواد جي لحاظ کان به اھي اڄڪلھ جي ٻار جي تفريحي ۽ تعليمي ضرورتن تي به پورو نه ٿا لھن.

(2) ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جو بھتر طريقو اھو آھي ته اسان جي سماج ۾ قابليت جي بنياد تي روزگار ملي، نه ڊگريون ائين ڪاپي ڪري حاصل ڪيون وينديون. ڇاڪاڻ ته معاشري ۾ سفارش کي بنياد بڻائي نوڪري حاصل ڪئي ٿي وڃي. اھو ئي سبب آھي جو اسان مان ھر ٻيو شخص ڪاپي ڪرائڻ ۽ ڪاپي ڪرڻ کي پنھنجو حق ٿو سمجھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com