سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

 

صفحو :6

   

پشتو شاعري

 

پشتونن جي تاريخ ۽ تھذيب ۽ ثقافت ڏاڍي قديم آھي. پشتو ٻوليءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُھا لڳ ڀڳ پنج ھزار پراڻي آھي. ۽ اُھا ڇڙو ھڪ ٻولي ئي نه آھي، پر رھڻي ڪھڻيءَ جو ڄڻ ته دستور به آھي. اسان جي خيالن ۾ شايد سڀ ٻوليون ائين ئي آھن ۽ خاص طور تي اُھي ٻوليون جيڪي ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتيون آھن ۽ ڌرتيءَ جيتريون ئي قديم آھن، سنڌي ٻولي به اھڙين ئي ٻولين مان ھڪ آھي:

مرنداسين ته دعائون ان ۾.

جيئنداسين ته صدائون ان ۾.

”ٻولي“ ڪنھن به قوم جي زندگي آھي، اُھا ڄمڻ، پرڻي ۽ مرڻي تائين رواج ۾ رھي ٿي، سنڌ ٻوليءَ تي ان ڏس ۾ ڪم ٿيو ضرور آھي، جيئن ڊاڪٽر الھداد ٻوھئي جي تصنيف ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ پر ان ڏس ۾ اڃا به گھڻو ڪم رھيو پيو آھي. بھرحال، ھتي ھڪ پشتو ٻوليءَ جي تصنيف ”تورسري“ مان ڪجھ لکڻيون ”سرتيون“ جي پڙھندڙن آڏو پيش ٿا ڪريون. ان تصنيف جي تحقيق، ترتيب ۽ تدوين پروفيسر ڊاڪٽر سلميٰ شاھين ڪئي آھي ۽ ان جو اڙدو ترجمو، پشتو ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا زيتون بانوءَ ڪيو آھي ۽ ھيءَ ڪتاب اڪئڊمي آف ليٽرز جي سھڪار سان، پشتو اڪئڊمي، پشاور يونيورسٽيءَ ڇپايو آھي. اسان جي ڪوشش رھندي، پاڪستان جي ٻين ٻولين جي لوڪ توڙي ٻين دورن جو، نثري توڙي شعري، ادب توھان لاءِ ترجمو ڪندا رھون.

_________________ادارو

پشتو عورت جي لاءِ سخت پابندي ۽ حدبنديءَ جي ڪري ھتان جي عورت کي جيئڻ جو اتساھ مليو آھي، ۽ جبر، ڏاڍ ۽ سختين پشتو عورت کي شاعر ڪري ڇڏيو آھي. خاص ڪري پشتو جي ھڪ صنف ٽپه عورت جي ئي رچيل آھي جنھن کي نچڻ جي انداز سان ڳائڻ سان پشتو عورت پنھنجي دل جي ڳالھ آسانيءَ سان ٻين جي دلين تائين پھچائي ٿي اِھا شاعري ۽ ناچ پشتو عورت جي زندگيءَ جي حقيقت، نفسيات ۽ معاشرتي روين ۽ ان سان گڏ سماجي Structure جي ڀرپور عڪاسي ٿو ڪري.

انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته پشتونن عورت کي غيرت ۽ عزت جو علمبردار ڪري پيش ڪيو آھي. خاص ڪري جنگ جي ميدان ۾ موڪلڻ مھل جرئت ۽ حوصلي سان ڪم ٿي وٺي. اُھا شايد ڪابه عورت نه رکي، جيئن:

ترجمو:

تون کٽي نه آئين ته ڇا ڪندين؟

تو ته پشتو ماءُ جو کير پيتو آھي.

ترجمو:

جيڪڏھن جنگ تلوارن سان ھجي ته آءٌ ڪريان،

پر ڇا ڪريان مقدر جي جنگ آھي

۽ منھنجا حوصلا خطا ڪيا آھن.

ترجمو:

وجود منھنجو آھي، پر ان تي اختيار ٻين ماڻھن کي آھي،

اي خدا ھن بي اختيار وجود جو ڪھڙو فائدو.

ترجمو:

جڏھن آءٌ ماني کان ٿي ته ڏاڏا کي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي اچي،

جڏھن منھنجي قيمت ٿي لڳي ته روپين جي ڇڻڪار تي خوش ٿو ٿئي.

ترجمو:

ظالم جي ظلم کي ڏسو،

مون کي ماري به ٿو ۽ روئڻ به نٿو ڏي.

ترجمو:

منھنجي مائٽن کي چئو

آءٌ خوش ناھيان پر مجبوري ۾ رھان پئي.

پشتو سماج ۾ عورت کي ايثار ۽ قربانيءَ جو سمبل سمجھيو ويندو آھي. ھن ۾ تمام گھڻيون اميدون ھونديون آھن. ھوءَ خاندان جي لاءِ سڀ ڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار ھوندي آھي. خاندان جي عزت ۽ غيرت لاءِ ھوءَ مرندي آھي ۽ ماري ويندي آھي. ھن کي پنھنجي زندگي گذارڻ جو ڪو حق ڪانھي. ھوءَ ھر مصيبت صبر سان سھندي آھي، ڇو ته ھُن جو مڙس بندوق جي ٻولي ۾ ڳالھائيندو آھي. ھوءَ ڪنھن به ڳالھ تي احتجاج ناھي ڪندي ڇو ته ائين ڪرڻ سان سندس گھر ۾ باھ ڀڙڪي پوندي آھي. ھوءَ صاف شفاف نديءَ وانگر وھندي آھي، جيئن جنھن سماج ۾ ھوءَ رھي ٿي ان جو توازن خراب ٿي پوي. تڏھن ھوءَ پنھنجي نياڻين کي سمجھائيندي چوي ٿي.

ترجمو:

چڪي ھلندي ۽ گرڙ ڪندي سٺي لڳندي آھي،

۽ عورت گھر ۾ ويٺل ئي سٺي لڳندي آھي.

ترجمو:

عورت لاءِ تخت ھوندي آھي

يا تختو ھوندو آھي!

پر وري به عورت جي حيثيت ۽ اھميت موجود آھي ۽ ان کي مڃيو وڃي ٿو، جيئن ھن سٽن ۾ چيل آھي.

ترجمو:

مڙد اگر ڇت آھي ته عورت

ان جا ٿنڀ آھن.

ان کان سواءِ عورت سان واڳيل ڪيترن ئي مسئلن تي عورت جي حيثيت ۾ پنھنجون ڪھاڻيون، شاعري جن رائيٽرس عورتن لکيو آھن تن ۾ الف جا نه خٽڪ، زيتون بانو، فوزيه انجم، سلميٰ شاھين، حسينه گل تنھا وغيره.

جديد پشتو شاعري ۾ شاعرن پنھنجي نظرياتي، سياسي وابستگين کان مٿانھون ٿي ڪري عورت جي مجبوري ۽ بي وسي، بھادري، جرئت جھڙن موضوعن تي لکيو آھي. وري به ڏٺو وڃي ته عورت تي جيڪو ڪجھ لکيو ويو آھي ۽ جن وقتن تي ليکو ويو، ۽ جن حالتن ۾ لکيو ويو آھي، سڀ لکڻيون ان نتيجي تي ٿيون پھچن جيڪو بنيادي ۽ اھم آھي ته جيسين نظام ۾ تبديلي نه ايندي، جيسين تعليم عام نه ٿيندي، جيسين عورت معاشي طور مضبوط نه ٿيندي، تيسين ان جي حالت نه سڌرندي.

پشتو شاعر ھميشه پنھنجي عورت کي اڳيان ٿو ڪري. ھو دنيا جون خوشيون سندس جھول ۾ وجھڻ ٿو گھري. گل، روشنيون ۽ محبتون پنھنجي عورت تي قربان ڪرڻ جي آس ٿو رکي. ھو عورت جي خوشحاليءَ جي لاءِ امن ۽ سڪون ٿو گھري. جيئن ھتي جي عورت ۽ انسانن جي حالت بھتر ٿي سگھي. انھن خيالن جو اظھار پشتو جو ھڪ ترقي پسند شاعر ھن طرح ٿو ڪري.

ترجمو:

تنھنجا خشڪ وار ۽ سڪل ٺوٺ ٿيل چپ

ھِت جي غريب وطن جي نشاني آھي.

دانائن کي اڄ ڏينھن تائين خبر ناھي ته جيڪا عورت چورائي ٿي اُھا ڪھڙي ھستي آھي.

ڪڏھن ته ھي نانگڻ جو روپ ٿي ڌاري.

ڪڏھن گلن جو گلدستو ٿي ٿي پوي ۽ ڪڏھن ڪنڊن سان ڀريل ٽاري.

دوا گھرڻ وڃو ته زھر ڏئي ٿي ڇڏي، جيڪر ھن کي مئل سمجھو ته ڀرپور زندگي لڳندي.

نشو به پاڻ آھي، مدھوش به پاڻ، بيخودي به پاڻ ته ساغر جي مستي به ھيءَ عورت آھي.

ھيءَ ڪڏھن گيت ۽ مُرلي ٿي ٿي پوي ته ڪڏھن فرياد ۽ سُرور.

ھن جي تارن مان رنگين موسيقي ٿي اڀري.

ڪڏھن ته ھيءَ ٻين کي باھ ۾ ساڙي ٿي ڇڏي ۽ پوءِ ٻئي لمحي پاڻ به ستي ٿي ٿي پوي.

ڪڏھن ته پھاڙ جيڏو جگر ٿي رکي.

ڪڏھن ناري ٿي پوي ٿي ته ڪڏھن نُور،

اھو ڪھڙو راز آھي،

ھن جو جلوو ته نه ظاھر آھي نه ئي لڪل.

 

سلطانه وقاصي

ھڪ پل

 

اھو پل وڌيڪ اھم آ

جنھن پل ۾

ڪي موتي جھول ۾ جھلي

ھن آتش فشان کي

مون اورانگھيو ھو

ان ھڪ پل جو بار کڻي

اورانگھيان پئي ھڪ سمنڊ

در ياد رکجان

مان ترڻ نه ٿي ڄاڻان

پر ڪو به ھڪ پل مون کي

ھن سمنڊ ۾ ٻوڙي نه سگھندو.

******

ڪوريئڙن جي ڄار سان

ڀريل

ھن بي رنگ

پراڻي در کي

ھڪ ڌڪ سان کولڻ چاھين ٿو

پر اياڻا ڪجھ منھنجي به ته ٻڌ

مون ھن در کي

ٻاھران نه

اندرئين پاسي کان بند ڪيو آھي.

***

ڪجھ ڪويتائون

ويجھو به ناھين، ڏُور به ناھين

تون ئي آھين، منھنجو ماڳ

نگر نگر ۾ توکي ڳولھيم

گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ڦريس حيران

ھن چريءَ جي چت چوري

ھليو وئين ڪاڏي ٻڌ ته ھاڻ

ھاڻ ته مرجھائجي ويا من جا گل

سڪ به ڇڏي وئي ساءُ

رات ڏيئي جي وٽ سوريندي

ڪن ۾ پيم ھي پڙلاءُ

ھل چري جيئڻ آ جنجال

ڏئا ٻاري در کولي ائين نه ويھ نادان

وڃڻ وارا ويا، ڏُور ويا

ھاڻ تون به ڇڏ کڻي انھن جي مانڌاڻ

چيم

ڪونه بدليو ھي وقت جو وھنوار

اڄ به واٽن تي آ وڻڪار

اڄ به ساڳيو سج نڪري ٿو

اڄ به اھا ئي آھي رات

ڇو ڇڏيان مان ڇو ڇڏيان انھن جي واٽ

جي ويجھو رھي به ڏُور آھن

موٽي ايندا ماڳ

در کولي ڏيئو ٻاري

ڏسان پئي انھن جي واٽ

ٻري پيئي آڳ آ سڄڻن ڏي ساھ

مند مٽي آ باک ڦٽي آ

آيا ڪي آيا جن لاءِ ورتم ويراڳ.

****

زيب نظاماڻي

رشتا _ رانديڪا

ھو بانبڙا پائڻ مس سکيو آ،

ھن کي تون بندوق ڏيکاري،

ھيئن چوين ٿو:

”مڙسن جي کيڏڻ لاءِ،

پُٽڙا ھيءُ رانديڪو آھي!“

ھُن جا پتڪڙا ھٿ کڻي

ڪھاڙيءَ جي ڳن تي رکين ٿو.

۽ ھيئن چوين ٿو:

”مڙسن جي کيڏڻ لاءِ

پٽڙا ھيءُ رانديڪو آھي!“

راند ڪندي ھو وڏو ٿئي ٿو....!

تنھن کي تون عورت ڏين ٿو،

۽ ھيئن چوين ٿو:

”مڙسن جي کيڏڻ لاءِ،

پٽڙا ھيءُ رانديڪو آھي!“

****

جوت

جوت جلائڻ چاھين ٿو تون،

جوت جلڻ لاءِ ٻارڻ گھرجي.

ڪنھن کي ٻاري جلندي جوت...!

ھٿ ھر ڪو آلي ڪاٺي آھي!

جنھن وانگر ھوءَ .....!!!

مُڙي سگھي ٿو جھڪي سگھي ٿو،

پر ڌرتيءَ جي جياپي ڪارڻ،

ڪوئي آ جو ٻري سگھي ٿو؟؟؟

رَتُ رڳن ۾ ٺري ويو آ

دلين جا جذبا پيٽ جي خاطر ڪالھ وڪاڻا.....!!

ڪنھن چُنيءَ ۾ ويڙھيل جسم وانگر

جنھن جي جوڀن جي موتين سان......

ھن جي گھر جي چُلھ ٻري ٿي

ھاءِ حياتي ھيئن جلي ٿي

روز ڳري ٿي روز مري ٿي

روز ٻري ٿي، روز ٺري ٿي!

***

غزل

ڏات کي ڪھڙ ڏات ٿي گھرجي،

مون کي سنڌ جي بات ٿي گھرجي.

اماوس جيون انڌ انڌارو،

تنھن کي پونم رات ٿي گھرجي.

تن تنبورو ٻول ڀٽائي،

لال لطيفي لات ٿي گھري.

ٻاٽ واٽ ۽ پنڌ پراھون،

ڀنڀت ڀڙڪا لات ٿي گھرجي.

ڪوئي تماچي ايندو تڙ تي،

اڻ تُڻ ان جي تات ٿي گھرجي.

***

غزل

ھوءَ جا کِلڻي گُلاب جھڙي آ،

روپ جوڀن شباب جھڙي آ.

مرڪ مدھوش ائين ڪري ٿي ڇڏي،

ڪامڻي ڄڻ، شراب جھڙي آ.

گھُور گھائي من موسم جو،

ڪنھن ڪنواري حجاب جھڙي آ.

زندگي ڄڻ ته ھڪ سوال آھي،

ھوءَ ان جي جواب جھڙي آ.

ٽھڪ ڇولين جيان ڇُلن ان جا،

ساڀيان جھڙي، خواب جھڙي آ.

”زيب“ ان لاءِ غزل لکيا جيڪي،

شاعري سان ثواب جھڙي آ.

***

ھيءَ پاڳل ھوا

ھي پيار تنھنجو

ھي تنھنجو ڇُھاءُ

محسوس ڪرڻ لاءِ ته گھڻو ڪجھ آھي

پر منھنجا احساس؟

***

 

 

مايا راھي

شادي ۽ پيار

 

تون منھنجي آھين

۽ مان؟

۽ مان الائي ڪنھن جي؟

خوش ھيس

تو جھڙي ساٿيءَ جو

جيون ڀر لاءِ ساٿ پائي

پر گھڻا ٻار پوءِ

محسوس ٿيو

ته توکي مان نه

منھنجي گھريلو

”ڪوالٽي“ وڻي ھئي

پاڪ دامن، سٻاجھي،

سُشيل، سھن شڪتيءَ واري

ورنه!

رات راڻيون

اڄ به گھڻيون توکي

تنھنجي تن

۽ من بھلائڻ لاءِ!

رات رات ڀر

۽ مان؟

 

اکيون پايو

ويٺي ھجان

تنھنجو ھلڪو ھٿ

ھر ھر پيو کڄي

مان دنيا کان پيئي

داغ لڪايان!

تون رُسين مان پرچايان

تون ٿڪجين مان ڏيانءِ

تون ڏاڙھين ۽ ڏنڀين

مان سور پي وڃان

تون وڙھين

مان پيار ڪيانءِ

اھو سڀ ڇا انڪري آھي

نه تو شادي ڪئي آھي

۽ مون پيار!

 

 

عذرا سرور           

پيار جا پاپي

ھر ھر ڇو ڪري پيو ماڻا،

دل جا گل سڀ ڪوماڻا.

ٻرن پيا اندر ۾ ڄڻ ٽانڊاڻا،

پريت جا پکيئڙا سڀ اڏاڻا.

ڏک سک جي ھن سنسار ۾،

ياد آيا گھاريل پل سڀ پراڻا.

ڪري وئين تون مون کي ھيڪلو،

خوشين جا ديپ سڀ اُجھاڻا.

سچ چون اھي صالح سياڻا،

پيار جا پاپي آھيو سڀ پراڻا.

***

ڪونج

ڪونج ڪا ولر واريا،

ھيڏانھن ھوڏانھن اُڏري پئي،

محبوب پنھنجي کي ڳولي پئي،

ڪنھن پاپيءَ ان کي ماريو آ،

درد جدائيءَ جو ان کي ڏياريو آ،

ڪونج ڪا ولر واري آ.

ڪونج ڪا ولر واري آ،

پرين جو پنڌ جا پڇائي ئي،

واٽون ان جون واجائ پيئ،

سورن ۾ سا سڙي پئي،

راتو ڏينھان رڙي پئي،

ڪونج ڪا ولر واري،

***

زبي پروين ڏاھري

ڀرت ڀريندڙ ڇوڪريءَ جا خواب

ھوءَ جا نينگر سانوري،

گھر جي ڪم کان فارغ ٿي،

نم جي ڇانوَ ۾ کٽ رکي،

سرتين سنگ ڀرت ڀري ٿي،

گجن، پوتين، چولن تي،

ريشم_پت جي ڌاڳن سان،

ڪيئي نفيس چٽ چئي ٿي،

ھر مچ... ڪينويس ۽ موتيئڙي جي

باريڪ باريڪ ٽانڪن سان،

سپنن جھڙا سندر سھڻا،

ڳاڙھا، ساوا، سرمئي، پِيلا،

ناسي، فيروزي، ڪارا ۽ نيلا،

رنگ برنگي گل ڀري، ٿي.

نيري رئي کي، جيون سان ڀيٽي،

سونھري خوابن چانديءَ جذبن،

جھڙي ڪلاباد سان،

شوخيءَ جا شيشا ٿي لڳا

موتي ۽ ستارا به ٿي سجائي

رنگين ۽ حسين ڏاڳن جي جھرمٽ ۾

سي ڪھڪشان جو ڏيک ڏين ٿا.

کيس پنھنجي خواب جو عڪس لڳن ٿا

چنچلتا مان گنگا ٿي ليئو پائي

تن جھلملائيندڙ شيشن ۾

پنھنجو پاڻ ڏسي

ٽڪرا_ ٽڪرا مک پسي ٿي

ته سڏڪي پئي ٿي ۽ سوچي ٿي

ڪاش! ڪوئي اھڙو به ھجي

ھن جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل چھري کي

پنھنجي ھٿن ساڻ سميٽي

منجھيل ڌاڳن جي ڍيرين جيان

الجھيل ھن جي جيون سٽ کي

محبت سان سلجھائي وجھي.

محبت سان سلجھائي وجھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com