تنوير جوڻيجو
اچو ته قانون سکون
اسلامي نظام ۾ ورثي ۽ وراثت جي ورھاست کي وڏي اھميت حاصل آھي.
ورثي لاءِ اصول ۽ قائدا قرآن پاڪ ۾ موجود آھن جڏھن
ته انھن جي تشريح سنت نبويءَ ۾ ڪئي وئي آھي. قرآني
حڪم مطابق وراثت جي صحيح طريقي سان ورھاست ڪرڻ
گھرجي جنھن جو تفصيل ملڪي قانونن ۾ درج آھي.
وراثت جي ورھاست جا بنيادي اصول:
وارث، منقوله ۽ غير منقوله جائداد مان حصي وٺڻ لاءِ حقدار بڻيا.
وارثن ۽ سندن حصن جو تعين شرعي حڪمن موجب ڪيو
ويندو.
وارثن ۾ پھرئين درجي وارن وارثن کي
Sharers
يا ”ذوي الفروض“ ڪوٺيو ويندو آھي. ھي اھي وارث
آھن. جن جا حصا شريعت مقرر ڪيا آھن. ھي تيرنھن فرد
آھن يعني پيءُ، ڏاڏو، ماءُ شريڪ ماٽيلو ڀاءٌ، ڀيڻ،
مڙس، زال، ماءُ، ڌيءُ، پوٽي، سڳي ڀيڻ، پيءُ شريڪ
ماٽيلي ڀيڻ ۽ ڀاءُ ڏاڏي ۽ ناني.
متوفي جي خوني يعني رت جي مٽيءَ وارا مائٽ جن جو تعلق پھرئين
درجي يعني
Sharers
سان ھوندو آھي. اھي ٻئي ۽ ٽئين درجي جي وارثن کي
وراثت کان محروم ڪري ڇڏيندا آھن. نسل ۾ ويجھا
مائٽ، ڌيءُ ۽ پٽ ان بعد پوٽا پوٽي ۽ پوءِ سندن
ولاد، جڏھن نسب ۾ نزديڪ ترين ماءُ پيءُ آھن. پوءِ
ڏاڏو، ڏاڏي ۽ ان کان مٿي.
متوفيءَ جا وارث اھي ئي هقدار ھوندا جيڪي جيئرا ھوندا آھن.
ورٿي جي ورھاست متوفي جي مذھب ۽ فرقي مطابق ٿيندي ۽ نه وارث جي
مذھب ۽ فرقي پٽاندر.
وراثت جي ورھاست ۽ اثاثن جو تفصيل:
متوفي يا گذاري ويندڙ جي اھا ملڪيت ورھائي ويندي آھي جنھن جو ھو
ٻئي ڪنھن جي شرڪت يا ڀائيواريءَ کان سواءِ پاڻ
مالڪ ھوندو. پوءِ اھا ملڪيت، سندس زور بازوءِ جو
نتيجو ھجي يا وري کيس ورثي ۾ ملي ھجي يا گفٽ طور
حاصل ٿي ھجي يا جنھن جا حق ھن خريد ڪيا ھوندا.
ھاڻي سڀ کان پھرين
گذاري ويندڙ، جي منقوله ۽ غير منقوله جائداد جي
تفصيل جي فھرست جوڙي ويندي.
جيڪڏھن گذاري ويندڙ، پنھنجي هياتيءَ ۾ پنھنجي زال يا مڙس سان
ازدواجي تعلق ختم ڪري ڇڏيو ھوندو ته ان صورت ۾ ھو
ھڪ ٻئي جي ورثي مان حقدار نه ھوندا.
گذاري ويندڙ ڏانھن رھيل قرضن جي تفصيل، بيماريءَ جو خرچ، ڪفن
دفن جو خرچ، زال جي ادائگيءَ قابل مھر جي رقم
وغيره جو به حساب ڪيو ويندو.
گذاري ويندڙ جيڪڏھن ڪنھن جي حق ۾ وصيت ڪئي آھي ته ان جو تفصيل
پڻ مرتب ڪيو ويندو ۽ پوءِ اھا سموري رقم جيڪا
گذاري ويندڙ تي واجب آھي. مثال قرض، بيماري، ڪفن،
دفن تي خرچ زال جي مھر جي رقم، عدت ٽئين نان
نفقعو. اگر متوفيءَ ڪا وصيت ڪئي آھي ته ھڪ ڀاڱي ٽي
(ٽيون حصو) ڪٽيو ويندو ۽ باقي ملڪيت وارثن ۾
ورھائي ويندي.
سٺي مڪتب فڪر موجب وارثن جو تفصيلل
ذوي الفروض
(Sharers)
عصبات
(Residuaries)
ذوي الارحام
(Uterine Relations)
شيئررس:
اسلامي قانون وراثت ۾ ذوي الفروض ۾ اُھي وارث شامل آھن، جيڪي ڪن
مخصوص حالتن ۾ مقرر ٿيل ورٿي جي رقم وصول ڪندا
آھن.
پيءُ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد آھي ته پيءُ کي ملڪيت جو
ڇھون حصو6/1 ملندو. پر جي اولاد نه ھجي يا باقي
حصو به پيءُ کي
(Residuri)
جي حيثيت ۾ ملندو.
ڏاڏو: جيڪڏھن پيءُ موجود ناھي ته ڏاڏي کي ملڪيت جو ڇھون حصو
ملندو پر جي پيءُ آھي ته ڏاڏو ملڪيت کان محروم
رھندو.
ماءُ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد آھي ته ماءُ کي جائداد مان
6/1 حصو ملندو. پر جي اولاد يا ڀيڻ ناھن ته جائداد
مان 3/1 حصو ماءُ کي ملندو.
ڏاڏي/ناني: جيڪڏھن ماءُ جيئري ناھي ته ماءُ جو حصو
ڏاڏيءَ کي ملندو پر جي ڏاڏي به جيئري ناھي ته اھو
حصو ناني کي ملندو. پر جي پيءُ جيئرو آھي ته ڏاڏي
۽ ناني ملڪيت کان محروم رھنديون ۽ ماءُ جو حصو به،
پيءُ کي ملندو.
مڙس: جيڪڏھن اولاد آھي ته مڙس کي چوٿون حصو پر جي اولاد ناھي ته
ھڪ ڀاڱي ٻه 2/1 حصو مڙس کي ملندو.
زال: جي اولاد آھي ته زال کي اٺون حصو ملندو ۽ جي اولاد ناھي ته
جائداد جو چوٿون حصو ملندو، پر جي ٻه يا ٻن کان وڌ
زالون آھن ته حصو برابر ورھائبو.
ڌيءَ: جي پٽ ناھي ته ڌيءُ کي ملڪيت جو اڌ حصو
ملندو ٻه يا ٻن کان وڌ ڌين جي صورت ۾ ملڪيت جي 3/2
حصو سمورين ڌيئن ۾ برابر ورھائبو. البت پٽ جي
موجودگيءَ ۾ ورثو پٽ کي ٻه ۽ ڌيءُ کي ھڪ پَتي
ملندي.
پوٽي: جيڪڏھن ڌيءَ ناھي ته پوٽيءَ کي ڌيءَ جيتري پَتي ملندي، پر
جي ٻه يا ٻن کان وڌ ڌيون آھن ته پوٽيءَ کي ملڪيت
مان حصو نه ملندو. پر جي ھڪ ڌيءَ آھي ته پوٽيءَ کي
ڇھون حصو ملندو.
سڳي ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد ۽ پيءُ نه جي ته سڳي ڀيڻ
کي 2/1 حصو ملندو جيڪڏھن ٻه يا ٻن کان وڌ سڳيون
ڀيڻون آھن ته 3/2 حصو ملندو. البت جيڪڏھن ڀاءُ
موجود آھي ته ڀاءُ جا ٻه حصا ۽ ڀيڻ جو ھڪ حصو
ھوندو.
ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد، پيءُ ۽ سڳا ڀاءُ
ڀيڻ موجود نه آھن ته پيءُ شريڪ ڀيڻ کي سڳي ڀيڻ جو
حصو ملندو، نه ته کيس ملڪيت نه ملندي. ماٽيلي ڀاءُ
جي موجودگيءَ جو کيس يعني ماٽيلي ڀيڻ کي ھڪ حصو ۽
ڀاءُ کي ٻه حصا ملڪيت ملندي.
ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد، پيءُ ۽ سڳا ڀاءُ
ڀيڻ نه آھن. ماءُ شريڪ ماٽيلي ڀيڻ يا ڀاءُ کان
ملڪيت جو ڇھون حصو ملندو پر جي ٻه يا ٻنکان وڌ
ھوندو ته 3/1 حصو ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ھڪ جيترو
ورھائبو.
عصبات
(Residuaries):
عصبات ۾ اھي وارث شامل ھوندا آھن جن جا حصا قرآن ۽ سنت ۾ مقرر
نه ھوندا آھن. پر ھو
Sharers جا مقرر حصا ڪڍڻ کان پوءِ بچيل ورثي جا حقدار ھوندا آھن
۽ قرآني حڪم مطابق ھڪ حصو عورت کي ملندو آھي ۽ ٻه
حصا مڙد کي،
عصبات جي تفصيل ڪجھ ھن ريت آھي
پٽ ڌيءَ: جيڪڏھن پٽ نه ھجي ته پوٽو ۽ پوٽي، جي پوٽو نه ھجي پڙ
پوٽو. پڙ پوٽي ۽ ان کان ھيٺ.
پيءُ، پٽ، پوٽو، پڙ پوٽو نه ھوندو ته ان صورت ۾ پيءُ کي حصو
ملندو. جي پيءُ به ناھي ته ڏاڏو حقدار بڻبو ۽ ڏاڏو
به ناھي ته پڙ ڏاڏو ۽ ان کان مٿيون مائٽ حقدار
ٿيندو.
سڳا ڀاءُ ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي سڳا ڀاءُ ڀيڻ موجود ناھن
ته ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ حقدار ٿيندا، پر جي ماٽيلا
ڀاءُ ڀيڻ موجود نه آھن، ته سڳو ڀائٽيو ڀائٽي ۽ جي
سڳا ڀائٽيا ڀائٽي نه آھن ته ماٽيلو ڀائيٽو ۽ ڀائٽي
حقدار ٿيندا.
چاچو پڦي: جيڪڏھن چاچو موجود نه آھي ته سوٽ حقدار ٿيندو.
پيءُ جو چاچو، پيءُ جي پڦي: جيڪڏھن پيءُ جو چاچو پيءُ جي پڦي نه
آھن، پيٽ جو سوٽ ۽ پيءُ جي سوٽ حقدار ٿيندا.
ذوي الارحام
(Uterine Relations)
ذي الارحام ۾ اھي وارث شامل آھن جن جو تعلق گذاري ويندڙ سان
ڪنھن عورت جي ناتي سان ھجي ۽ انھن کي ملڪيت مان
حصو فقط ان صورت ۾ ملندو آھي، جڏھن
Sharers
يا
Residuaries
منجھان ڪو به وارث موجود نه آھي.
ڌيءُ جو اولاد (ڏوھاٽا ۽ ڏوھٽي) جي ڏوھٽا ۽ ڏوھٽيون نه ھجڻ ته
پوٽيءَ جو اولاد جيڪڏھن پوٽيءَ جو اولاد نه ھجي ته
ڀائٽيءَ جو اولاد جي ڀائٽي نه آھي ته ڀاڻج جو
اولاد.
نانو ۽ ناني نه ھجن ته پڙنانو ۽ ان کان مٿي.
جيڪڏھن نانو يا پڙنانو نه ھجي ته مامو ۽ ماسي پر جي اھي به
موجود نه آھن ته سندن اولاد
(ب) فقه جعفريه مطابق وارثن جو تفصيل
فقه جعفريه ۾ سمورن وارثن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.
ذوي الفروض جن جا حصا قرآن موجب مقرر آھن ۽ جن تي سڀني کي اتفاق
آھي.
عصبات جيڪي باقي بچيل ورثي جا حقدار آھن. فقه جعفريه ۾ رت جي
رشتي جي وارثن کي ٽن درجن ۾ ورھايو ويو آھي.
پھرين درجي جي وارثن جي موجودگيءَ ۾ ٻئي ۽ ٽئين درجي جا وارث
محروم رھندا آھن. پھرين درجي جي وارثن جي غير
موجودگيءَ ۾ ٻئي درجي ۽ ٻئي درجي جي وارثن کي
وراثت مان حصو ملندو آھي.
البت زال ۽ مڙس ڪنھن به درجي جي وارثن سان گڏ ھڪ ٻئي جي ورثي ۾
مقرر حصي لاءِ حقدار ھوند ا آھن.
پھرين درجي جي وارثن ۾ ماءُ، پيءُ، پٽ ڌيءُ ۽ ان جي اولاد پوءِ
ڀلي ھو ڪيترو نه ھيٺين درجي جو ھجي شامل آھي،
اولاد جي موجودگيءَ ۾ گذاري ويندڙ جي حصي مان ماءُ
پيءُ کي ڇھون حصو ملندو آھي. البت جيڪڏھن اولاد
موجود نه ھجي ته ماءُ کي ٽيون حصو ۽ بقي پيءُ کي
ملندو.
ٻئي درجي جي وارثن ۾ ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ان جو
اولاد شامل ھوندو آھي. ڀاءُ پيڪن جي غير موجودگيءَ
۾ سمورو ورثو ڏاڏي ڏاڏيءَ ۾ ھڪ حصو ۽ ٻن حصن جي
حساب سان ورھائبو. ٽئين درجي جي وارثن ۾ چاچا
پڦيون، ماما، ماسيون ۽ ان جو اولاد شامل آھي، چاچن
۽ پڦين کي ورثي جا ٻه، ٽيان حصا ملندا جڏھن ته
مامي ۽ ماسين کي ھڪ ٽيون حصو ملندو. انھن جي غير
موجودگيءَ ۾ انھن جي اولادن کي اھو حصو ملندو.
يتيم پوٽن ۽ پوٽين، ڏوھٽن ۽ ڏوھٽين جو وراثت ۾ حق
مسلم عائلي قانون 1941ع جي ايڪٽ چار تحت جيڪڏھن گذاري ويندڙ جو
پٽ يا ڌيءَ سندس حياتيءَ ۾ ئي گذاري وڃن ته سندس
وفات کان پوءِ سندس پوٽا ۽ پوٽيون، ڏھٽا ۽ ڏھٽيون،
ماءُ پيءُ جي قائم مقام ھئڻ جي صورت ۾ ان جو حصو
وٺندا ۽ کين ڏاڏي ۽ ناني جي وراثت مان اوترو ئي
حصو ملندو. جيڪو کيس سندن والدين جي حياتيءَ جي
صورت ۾ ملڻو ھئو.
ذڪر ڪيل ايڪٽ چار ۾ ترميم لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل سفارش
ڪيل آھي، ته جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي حياتيءَ ۾
سندس ڌيءُ يا پٽ فوت ٿي وڃن ۽ ٻيو پٽ يا ڌيءُ سندس
وفات وقت جيئرا ھجن ته ان ڌيءُ ۽ پٽ جو اولاد
پنھنجي ناني ۽ ڏاڏي جي وراثت مان ايترو حصو کڻندو،
جيتري جي وصيت سندس ناني يا ڏاڏي سندن حق ۾ ڪئي
ھوندي. بشرطيڪ اھا وصيت مجموعي طور تي ميت جي
ابتدائي واجبات ادا ڪرڻ بعد ڪل ورثي جي ٽئين حصي
کان وڌ نه ھجي. البت جيڪڏھن ڏاڏي يا ناني، ذڪر ڪيل
اولاد جي حق ۾ وصيت ناھي ڪئي ته ان ڏاڏي يا ناني
جي وارثن تي لازم آھي ته ذڪر ڪيل اولاد کي ايترو
نفقو ادا ڪن جيترو عائلي عدالت متعلقه ڪمن تي غور
ڪرڻ کان پوءِ اسلامي شريعت مطابق انھن لاءِ تجويز
ڪيو آھي.
عاق يا لادعويٰ جو اسلامي تصور:
قرآن ۽ سنت ۾ اولاد کي عاق ڪرڻ جو رائج طريقه ڪار جو تصور موجود
ناھي. ان ڪري اھڙي عاق نامي جي ڪا وقعت ڪانھي ۽
عاق نامي جي باوجود به اھو شخص وراثت مان پنھنجي
حصي جو حقدار بڻبو.
وصيت
(Bequest)
قرآن مجيد ۾ وراثت جو قانون مقرر ڪرڻ سان گڏو گڏ ماڻھوءَ کي مرڻ
کان اڳ پنھنجي ملڪيت مان وصيت جي به ھدايت ڏنل
آھي. ڪوبه عاقل بالغ شخص پنھنجي منقوله يا
غيرمنقوله ملڪيت جي باري ۾ وصيت ڪري سگھي ٿو، جيڪا
زباني يا تحريري صورت ۾ ٿي سگھي ٿي. وصيت ڪرڻ وقت
ٻه مسلمان عاقل ۽ بالغ مڙد يا ھڪ مڙد ۽ ٻن عورتن
جي موجودگي بطور شاھد ضروري آھي. البت موت وقت
جيڪڏھن مسلمان شاھد موجود نه ھجي ته اھل ڪتاب مان
عادل ۽ عاقل ۽ بالغ ٻن مڙدن جي وصيت ضروري آھي.
فرمان نبوي موجب وصيت جي اجازت رڳو ھڪ ڀاڱي ٽئين حصي تائين
محدود آھي. ۽ رڳو انھن ماڻھن جي حق ۾ جائز آھي
جيڪي وارثن جي فھرست ۾ شامل نه ھجن. ھن اصول تحت
والدين جي موجودگيءَ ۾ ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ
جي حق ۾ وصيت ٿي سگھي ٿي. ڇو ته مائٽن جي
موجودگيءَ ۾ ھي وارث جي حق ۾ يا ڪنھن غير وارث جي
حق ۾ ٽئين حصي کان وڌيڪ جائداد جي وصيت کي ڪورٽ ۾
چئلينج ڪري سگھن ٿا ۽ ٽئين حصي کان وڌ وصيت کي
منسوخ ڪرائي سگھن ٿا.
وراثت مان محروميءَ جا سبب
عام طرح ھيٺ بيان ڪيل ڪنھن وارث کي وراثت جي حق محروم ڪري سگھجي
ٿو.
غير مسلمان شخص، مسلمان جو وارث نه ٿو ٿي سگھي.
قاتل کي مقتول جي حصي مان ورثو نه ملندو، مثال ڪو پٽ پيءُ کي
قتل ڪري ته ان پٽ کي ورثو نه ملندو.
حرام النسب (بنا نڪاح جي پيدا ٿيندو اولاد) پنھنجي مائٽن جي
ورثي جو وارث نه ٿو ٿي سگھي.
عورت جي وراثت لاءِ قانوني تحفظات
ڪنھن به شخص جي وفات کان ھڪدم پوءِ، سمورا وارث سندس ملڪيت جا
حقدار بڻجي ويندا آھن، جن کي ڪنھن به حالت ۾
پنھنجن حصن کان محروم نه ٿو ڪري سگھجي. سپريم ڪورٽ
جي ڏنل فيصلي (پي ايل ڊي 1990 صفحو1) مطابق ڀاءُ،
ڀيڻ، زال يا ڌيءُ کي زندگيءَ ۾ ڏنل تحفن يا ٻين
خرچن باعث کين سندن ورثي جي حق کان محروم نه ٿو
ڪري سگھجي. اھڙي طرح ڌيءُ جي شاديءَ تي ٿيندڙ خرچ،
ڏاج ۽ ٻيا تحفا، ورثي جي حق جو نعم البدل ناھن ۽
نه زال کي مھر جي ادائگي کيس سندس ورثي جي حق کان
محروم ڪري سگھي ٿي يا متاثر ڪري سگھي ٿي. ملڪي
قانون مطابق اھا متعلقه ادارن جي ذميواري آھي ته
گذاري ويندڙ جي جائداد جي سڀني وارثن پوءِ توڙي
اھي مڙد ھجن يا عورتون انھن جي نالي منتقلي ٿئي.
جائداد يا ملڪيت جي منتقليءَ کان پوءِ ڪو وارث
پنھنجو حصو وڪڻڻ چاھي يا گفٽ طور ڏيڻ چاھي ته اھو
کيس اختيار آھي. پر وارث جي نالي جائداد جي
منتقليءَ کان سواءِ، گفٽ ۾ ملڪيت ڏيڻ کي مشڪوڪ
تصور ڪيو ويندو.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل تجويز ڪري ٿي ته نمبردار، چئرمن، يونين
ڪائونسل علائقي جي ڪائونسل جي ذميواري آھي ته ٽيھن
ڏينھن اندر گذاري ويل جي ملڪيت ۽ وارثن جو تعين
ڪري بئنڪ اڪائونٽ جي صورت ۾ فيصلي کان اڳ ڪفن دفن
لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ وارث کي گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ھزار رپيا
عدالت جي فيصلي کان سواءِ بئنڪ مينيجر، شاھدن جي
تصديق سان ڏئي ته جيئن وارثن کي تڪليف نه ٿئي.
(ھيءُ مواد قانون ۽ انصاف ڪميشنس جي ڪتاب قانون فھمي تان ورتو
ويو آھي.)
ڊپريشن
Depression
ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو
ڊپريشن جي لفظي معنيٰ آھي اداسائي يا خراسائي، ھيءَ ھڪ نفسياتي
بيماري آھي، جيڪا اڄڪلھ تمام گھڻي ڦھليل آھي.
جيڪڏھن انسان ڪجھ چاھيندو آھي ۽ اھا شيءِ ان کي نه
ملندي آھي ۽ ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ ان انسان جي وَس
کان ٻاھر ھوندو آھي ته اھو انسان ڊپريشن جو شڪار
ٿي ويندو آھي.
ڊپريشن اڪثر ڪري عورتن ۾ وڌيڪ ٿيندو آھي. مثلاً جيڪڏھن ڪنھن کي
اولاد ه ھجي، پنھنجو گھر نه ھجي، يا جيڪڏھن مڙس ٻي
شادي ڪري ته اھا عورت گھڻو ڪري ڊپريشن جو شڪار
ھوندي آھي.
اھي ٻار جن جا والدين اڪثر پاڻ ۾ جھيڙو ڪندا رھندا آھن يا ٻارن
تي ڌيان نه ڏيندا آھن اھي پڻ ڊپريشن ۾ ھوندا آھن.
اڄڪلھ نوجوان به اڪثر ڊپريشن ۾ ڏٺا ويا آھن خاص
ڪري اھي جن کي نوڪريون نه ٿيون ملن ۽ ٻه ٻه ڊگريون
حاصل ڪري به بيروزگار آھن. اسان وٽ اڪثر ڪري
رٽائرڊ ماڻھن کي ڪانٽريڪٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن
ٿيون، پر نوجوان نسل کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو،
جنھن ڪري به نوجوانن ۾ ڊپريشن ۽ خودڪشيءَ جو رجحان
وڌيل آھي. پر اسان جي نوجوانن کي ھمت کان ڪم وٺڻ
گھرجي ۽ بجاءِ پريشان ٿيڻ جي ڪجھ نه ڪجھ ھمت ڪري
ڪجھ حاصل ڪرڻ گھرجي.
ڪجھ انسان اھڙا ھوندا آھن جن جون خواھشون، انھن جي آمدنيءَ کان
وڌيڪ ھونديون آھن ۽ انھن خواھشن کي پورو ڪري نه
سگھندا آھن، اھي به اڪثر ڊپريشن جو شڪار ٿي ويندا
آھن.
ان کان سواءِ جيڪڏھن ڪنھن انسان کي گھڻي عرصي کان بيماري رھي ٿي
ته اھو پڻ پريشان ۽ ڊپريسڊ ھوندو آھي.
ڊپريشن موروثي پڻ ھوندو آھي.
ڊپريشن جون نشانيون
ننڊ نه اچڻ
بک نه لڳڻ يا وري گھڻي بک لڳڻ
طبيعت ۾ ھر وقت مونجھارو ھجڻ
ھن ماڻھوءَ ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ جي سگھ نه ھوندي آھي
ھر وقت پاڻ کي گھٽ سمجھڻ يعني ھيءُ ماڻھو اڪثر
انفرادي ڪمپليڪس ۾ مبتلا ھوندا آھن.
جيڪڏھن ڪا به ڳالھ غلط ٿي پوي ته ان جو ذميوار پاڻ کي سمجھندا
آھن.
ھن مريض جو وزن يا ته گھٽ ٿيندو ويندو آھي يا وري
وڌندو ويندو آھي.
عورتن ۾ اڪثر ماھواريءَ ۾ رڪاوٽ پڻ ٿيندي آھي.
مريض کي اڪثر پُٺيءَ ۾ ۽ مٿي ۾ سور رھندو آھي.
ڪڏھن ڪڏھن مريض قبض يعني
constipation
جي شڪايت پڻ ڪندو آھي.
ھي ماڻھو ٺيڪ ٺاڪ ھوندي به اڪثر پاڻ کي بيمار
محسوس ڪندا آھن ۽ ھر وقت بي چين ھوندا آھن.
مريض ھر وقت ٿڪ محسوس ڪندو آھي ۽ سست پڻ رھندو آھي.
Depressed
ماڻھو چاھيندو آھي ته ڪوئي نه ڪوئي ھر وقت ان جا
ڏک سور ٻڌندو رھي.
ڪجھ مريض تنھائيءَ ۾ رھڻ پسند ڪندا آھن ۽ ڪنھن سان
ملڻ جلڻ نه چاھيندا آھن ۽ ھر وقت سوچيندا آھن ته
جيڪر ھيئن ڪريان ھا يا ھيئن نه ڪريان ھا!
مريض کي اڪثر گھڻي ڪاوڙ به اچي ويندي آھي.
ڪڏھن ڪڏھن ھيءُ مريض خودڪشي به ڪري ڇڏيندا آھن.
علاج
ڊپريشن کي داوئن ذريعي روڪي سگھجي ٿو. ھنن دوائن کي
Antidepressant drugs
چئبو آھي. انھن کي نفسياتي ڊاڪٽر جي مشوري سان
استعمال ڪجي. انھن دوائن جو اثر تقريباً ٻن ھفتن
جي استعمال کان پوءِ شروع ٿيندو آھي.
مريض کي گھُرجي ته ھر وقت پنھنجو من پسند ڪم ڪندو رھي. مثلاً
سلائي، ڪڙھائي، پينٽنگ وغيره.
مريض لاءِ موسيقي جو ٻڌڻ پڻ سٺو ثابت ٿي سگھي ٿو.
مريض کي ورزش پڻ ڪرڻ گھرجي.
مريض کي سماجي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺڻ گھرجي.
نماز پڻ باقاعدگيءَ سان پڙھندو رھي.
مريض کي اڪيلو نه ڇڏجي.
مريض کي سٺو کاڌو کائڻ کپي مثلاً کير، فروٽ ۽ ڀاڄيون وغيره.
سرتيون پينل
نئين ٽھيءَ جي فنڪاره ليليٰ لطيفي سان ڳالھ ٻولھ
ساجده پروين_رياض جمالي
ھن جو اصل نالو ته شھزادي آھي، پر فن جي دنيا ۾ کيس ليليٰ لطيفي
جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. مڌر آواز ۾ ھوريان
ڳالھائيندڙ ھيءَ ڪلاڪاره پنھنجي روپ سروپ ۾ ڪوھ
ڪاف جي پري لڳندي آھي. کيس پنھنجو اصل نالو وسري
ويو آھي، ھاڻ ڪابه ساھيڙي کيس شھزادي ڪري سڏي ته
ھوءَ کن پل لاءِ حيران ضرور ٿيندي آھي. چوڻ وارا
چون ٿا ته ننڍي کنڊ جي ٻن حسين اداڪارائن مڌو بالا
۽ پري چھري نسيم جي حسن جو سچو روپ فلمي دنيا جي
اسڪرين به جھٽي ماڻھن آڏو پيش نه ڪري سگھي. ليليٰ
به اسڪرين تي جيڏي سھڻي نظر اچي ٿي، پر حقيقت ۾
ھوءَ ان کان وڌيڪ سونھن ۽ سوڀيان رکندڙ آھي.
ھن سان ساڍي ٻارنھين وڳي جو ٽائيم مقرر ٿيل ھو، در کڙڪائڻ سان
سندس ماءُ رڌڻي مان پڇيو ته ڪير؟ جواب تي در
کُليو. ليليٰ جي ماءُ مرڪندي آجيان ڪئي، صاف سٿرو
گھر، سندس سگھڙائپ جو مھر ھو. ھن ٻڌايو ته صبح
پھتا آھيون، رات جو فنڪشن ھو.
ھاڻ اٿاريانس ٿي. وري ڄاڻ ڏنائين ته چانھ پي اچي ٿي. اسان کي اڳ
۾ چانھ بسڪيٽ پيش ڪيا ويا.
موقعي جو فائدو وٺندي اسان فيصلو ڪيو ته انٽرويو ته ليليٰ کان
وٺنداسين، پر ليليٰ جي ماءُ سان به ڳالھ ٻولھ
ڪنداسين. ليليٰ جي ماءُ پروين بيگم سادگيءَ ۾ ھن
بابت ٻڌائيندي چيو ته اڃا تائين گُڏين سان کيڏندي
آھي، تمام گھڻيون گُڏيون وٽس ھُيون. ھاڻ ھن گھر ۾
شفٽ ٿيڻ مھل ٻڌي ڏئي ڇڏيم. وري به ڏسو اھي ڀالو!
ليليٰ جي ڪمري ۾ بيڊ جي چئن پاسي ڀالو ۽ گڏيون
ڏيکاريندي چيائين، پسند، ناپسند، طبيعت، تعليم،
رڌپچاءُ، کائڻ پيئڻ بابت سڀ ڪجھ بڌائيندي ليليٰ جي
ماءُ، ليليٰ جي پيءُ جي بيماري، وفات ۽ بعد ۾ ٻارن
کي سنڀالڻ لاءِ ڪيل ڪشالن، ٻن پٽن سليم ۽ بابر علي
۽ ھڪ نياڻيءَ ليليٰ کي نپائڻ جو ذڪر ڪندي ھوءَ ڪجھ
ڏکاري ٿي وئي ۽ پنھنجي ڏک کي لڪائيندي ٻيھر چانھ
جو پڇڻ لڳي.
ايتري ۾ ليليٰ به اچي وئي. اسان ليليٰ کي ٻڌايو ته رسالي
”سرتيون“ جي ايڊيٽر ادي گلبدن چيو ھو ته انٽرويو
عام ۽ روايتي نه ھئڻ گھرجي، ڪجھ مختلف ھئڻ گھرجي،
انڪري اسان اوھان کان اھو نه پڇنداسين ته ڪپڙڻ ۾
ڪھڙو رنگ پسند آھي؟ ڪھڙو گل پسند آھي؟ وغيره.
ليليٰ اسان جي ڳالھ نه سمجھندي معصوميت سان
وراڻيو:
رنگن ۾ اڇو، ڪارو ۽ گلابي رنگ وڻندو آھي ۽ گلن ۾ گلب جو گل.
اسان ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو ۽ مرڪي ڏنو، ته ٺيڪ آھي، ڳالھ ٻولھ ٿيندي
رھي.
سرتيون پينل: گھرداريءَ ۽ راڳ داري، ٻنھي مان ڪنھن ھڪ جي
زندگيءَ ۾ چونڊ ڪرڻي پئي ته ڇا ڪنديون؟
ليليٰ: ٻنھي سان نڀائي وينديس.
سرتيون پينل: گھرو ڪم ڪار ڪري وينديون آھيو؟
ليليٰ: امي ڪرڻ نٿي ڏئي، نه ته سڀ ڪم، گھر جي صفائي، رڌ پچاءُ
وغيره ايندو آھي.
سرتيون پينل: صاف سٿري گھر ڏانھن ڏسندي، ھيءَ صفائي سٿرائي
اوھان ڪئي آھي.
ليليٰ: ھن وقت به امي ۽ ڪم واري مائي گھر صاف ڪيو آھي، پر مون
کي گھر ۾ ڪک به نظر اچي ته برداشت نه ڪندي آھيان.
الائي ڇا لڳندو آھي.
ڪابه مائي ڪم لاءِ رکندي آھيان ته ليليٰ ڏسندي آھي ته مائي پاڻ
صاف سٿري آھي يا نه. ليليٰ جي ماءُ ڳالھ کي
وڌائيندي چيو. پوءِ مائيءَ کي ڪم ڪار ڪرڻ ڏيندي
آھي.
گندگي اصل نه وڻندي آھي. صفائي سٿرائي نه ڏسي ڪري الائي ڇا ٿيڻ
لڳندو آھي. طبيعت تي گھٻراھٽ طاري ٿي ويندي آھي،
ليليٰ ٻڌايو.
رڌڻ پچائڻ بابت ھن چيو ته کيس برياني سٺي ايندي آھي. ٻيو ڇا سٺو
رڌڻ ايندو آھي جي جواب ۾ چيائين ته پڪ بريانيءَ جي
ڏيان ٿي.
اسان سندس ماءُ کان اھا ڳالھ پھرئين پڇي چڪا ھئاسين، جا مرڪي
رھي ھئي، ڄڻ چوندي ھجي ته منھنجو جواب ته صحيح ھو،
اوھان ڀل پڪ ڪري وٺو.
قورمو۽ کيرڻي به سٺي رڌي ويندي آھي ليليٰ جي ماءُ چيو.
سرتيون پينل: (ليليٰ جي ماءُ کان) ليليٰ ڪي ٽي اين جي ھڪ سيريز
”آخري معيار“ جي ايڪٽنگ به ڪئي ھئي، اوھان کي
ليليٰ جي ايڪٽنگ وڻي ٿي يا ليليٰ جي گائڪي؟
مون کي ته ليليٰ جون سڀئي ڳالھيون وڻن ٿيون. ليليٰ جي ماءُ
وراڻيو.
سرتيون پينل: اوھان کي ته ليليٰ جو رڌ پچاءُ، ھر شيءِ وڻي ٿي،
پر اسان ته کائي پوءِ فيصلو ڏينداسين، سڀ کلڻ لڳون
ٿا. ليليٰ ٻڌائي رھي ھئي ته ننڍپڻ کان راڳ وڻندو
ھو، سائنڻ لتا منگيشڪر، مادام نورجھان، عابده
پروين ۽ رونا ليليٰ، انھن کي ٻڌندي ٻڌندي شوق ٿيم
ته پاڻ به ڳايان. پوءِ اسڪول جي ھڪ فنڪشن ۾ ھڪ گيت
ڳايم ته سمجھيم ته آءٌ ڳائي سگھان ٿي. ليليٰ وڌيڪ
ٻڌايو ته، 11سالن جي عمر ۾ اميءَ کي چيم ته آءٌ
راڳ سکندس، ڪجھ وقت کان پوءِ اميءَ اجازت ڏني.
استاد رجب علي رضا صاحب کان سڳو ٻڌايم. ھاڻ استاد غلام حسين
سيکارڻ ايندو آھي.
ھن چيو ته: روازانو ٽي چار ڪلاڪ رياض ڪندي آھيان. موسيقيءَ بابت
ليليٰ ٻڌايو ته کيس نيم ڪلاسيڪل رنگ ۾ ڳائڻ وڌيڪ
وڻندو آھي. ڪوشش ڪريان پئي ته وڌيڪ محنت ڪريان.
KTN ۽
SINDH T.V
تان گانا رليز ٿي چڪا آھن،
جڏھن ته چوٿين ڪيسٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ واري آھي، جڏھن
ته اٽڪل، 30 کن گانا ۽ گيت ڳايا اٿم. ھڪ سوال جي
جواب ۾ ليليٰ ٻڌايو ته: شاعرن ۾ مرشد لطيف سائين،
سچل سرمست، بابا فريد، بُلي شاھ، استاد بخاري ۽
اياز وڻندا آھن اٿم.
ھن ٻڌايو ته نئين ٽھيءَ جي شاعرن جو ڪلام ملندو ته ھوءَ ضرور
ڳائيندي.
سرتيون پئنل: اوھين پنھنجي آواز جي حفاظت لاءِ ڇا ڪنديون آھيو؟
ليليٰ: کٽاڻ اصل ڪانه وڻندي آھي، ٿڌيون شيون به ڪونه وڻن، باقي
برياني ضرور کائيندي آھيان.
ڳالھ کاڌي پيتي جي نڪتي ته سندس ماءُ چيو: ڪٿي به ھوندي آھي اصل
ماني کائي ڪانه. چوندي ته امي گھر ھلي ماني
کائينداسين.
ليليٰ: ماني گھر جي ۽ امي جي ھٿ کان سواءِ ڪنھن جي ڪونه وڻي.
سرتيون پئنل: شھرت ڪيئن ٿي لڳي؟
ھڪ ڏينھن اميءَ سان گڏ ريشم گليءَ ويس، ڇوڪرين سڃاڻي ورتو، آٽو
گراف وٺڻ لڳيون، سڀني کان شاپنگ وسري وئي. مون کان
به شاپنگ وسري وئي، مون کان سوال جواب پيون ڪن.
سٺو به لڳي ٿو پر گھٻراھٽ به ٿيندي آھي. پر ماڻھو
ڏاڍي عزت ڏين ٿا.
ليليٰ ھڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ڳائڻ ڏکيو آھي، جڏھن ته ان جي
ڀيٽ ۾ ايڪٽنگ ڪرڻ سولي آھي، ان ۾ سڄي رھنمائي
ڊائريڪٽر ڪري ٿو.
سرتيون پينل: اوھان کي ٽي وي ننڍي اسڪرين کان وڏي اسڪرين (فلم)
لاءِ چانس مليو ته ڇا
Response ھوندو؟
ليليٰ: ھڪ وقت ماڻھوھڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. راڳ سان منھنجو روح آھي،
سنگيت تي آءُ ڪنھن به ڳالھ کي ترجيح نه ڏينديس.
منھنجو ھاڻ سڀ ڪجھ سنگيت آھي.
سرتيون پينل: اوھان جي اميءَ ھڪ سوال پڇڻ کان منع ڪيو ھو؟
ڇا امي؟ ليليٰ پنھنجي ماءُ ڏانھن ڏٺو؟
ھن جي ماءُ ھن جي ڪن ۾ ڪجھ چيو، ليليٰ وراڻيو ته ھن وقت منھنجو
سڄو توجھ سنگيت ڏانھن آھي ۽ اڃا مون کي گھڻو ڪجھ
سکڻو آھي. اھڙي صورت ۾ آءُ ڪنھن ٻئي طرف توجھ ڏيڻ
نه ٿي چاھيان.
ليليٰ اداڪاريءَ بابت ٻڌايو تنھن جي نه شائسته سان ملاقات ٿي ۽
نه ئي بلخ شير سان. ڊائريڪٽر ادل گبول مون کي
سيريل ”آخري معيار“ جو اھو اسڪرپٽ ڏنو، مون پھرين
ته انڪار ڪيو ۽ پوءِ جڏھن اسڪرپٽ پڙھيم حامي ڀريم.
اھو اتفاق ھو جو مون ڊراما سيريل ۾ ڪم ڪيو. صحيح
ڳالھ اھا آھي ته مون کي ايڪٽنگ ڪرڻ جي بلڪل به ڄاڻ
ناھي.
سرتيون پينل: ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
ليليٰ: سٺو گذريو.
سرتيون پينل: شرارتي ھيون؟
ليليٰ: بلڪل نه.
سرتيون: ضدي آھيو؟
ليليٰ: مرڪي ڏنو.
سندس ماءُ ٻڌايو ته ضد ۾ ماني نه کائيندي آھي.
سرتيون پينل: ٻار ننڍپڻ ۾ ڪي رانديون ڪندا آھن، ليليٰ جي پسند
جي راند ڪھڙي آھي.
ليليٰ جي جي ماءُ: ننڍپڻ ۾ ٽيچر بڻجي ڀائرن ۽ پاڙي جي ٻارن کي
پڙھائيندي ۽ کين ليڪچر ڏيندي ھئي ۽ گڏين جون
شاديون ڪرائيندي ھئي.
سرتيون پينل: زندگيءَ جو اڻ وسرندڙ واقعو ٻڌايو؟
ليليٰ: ڏک وارو يا خوشيءَ وارو.
سرتيون پينل: اوھان کي جيڪو ياد اچي؟
ليليٰ: منھنجي سالگرھ جو ڏينھن ويجھو ھو، اوچتو مينھن وسڻ شروع
ٿي ويو. لاڳيتو ٻه ڏينھن مينھن وسندو رھيو. سالگرھ
واري ڏينھن به مينھن وسندو رھيو. آءٌ روئڻ لڳيس ته
ھن وسندڙ مينھن ۾ ڪو به منھنجي سالگرھ ۾ نه ايندو.
اميءَ مون کي پرچايو ته سڀني ايندا . ۽ پوءِ جڏھن
شام جو وسندڙ مينھن ۾ مھمان اچڻ شروع ٿي ويا ته
منھنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه رھي. اھا ڳالھ مون کي
ڪڏھن به نه وسرندي آھي ته منھنجا عزيز ۽ سھيليون،
وسندڙ مينھن ۾ منھنجي سالگرھ ۾ شريڪ ٿين.
سرتيون پينل: سلائي ۽ ڀرت وغيره اچي ٿو!؟
ليليٰ: رڳو بٽڻ لڳائڻ ايندو آھي.
سرتيون پينل: سنڌ کان ٻاھر، اسلام آباد، لوڪ ورثه جي ھڪ پروگرام
۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويس. ڪوئيٽه ۽ زيارت ۾ حمد
”ياخدا“ جي ريڪارڊنگ لاءِ وڃڻوپيو ھو. شاھ نوراني
تي حاضري ۽ دوا لاءِ وئي ھئس.
سرتيون پينل: بزرگن تي عقيدو رکو ٿيون؟
ليليٰ: ھا اڄ جا ڪجھ آھيان، مرشد لطيف جي ڪري آھيان. لطيف سائين
جي درگاھ تي ”لطيفي آستاني“ تي ھر سال ڳائيندي
آھيان.
سرتيون پينل: ٻاھريان علائقا ڪيئن لڳا؟
ليليٰ: ڏاڍا سھڻا علائقا ڏٺم، زيارت تهم تمام خوبصورت آھي. جبلن
تي به چڙھڻو پيو، گھمڻ ڦرڻ جي لحاظ سان ٻاھريان
علائقا سٺا آھن، پر اتي رھڻ ڪٺن ڪم آھي.
سرتيون پينل: زيارت ۽ ڪوئيٽه جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعوٻڌائيندا؟
ليليٰ: ڪوئٽه ۾ حمد ”ياخدا مون کي تنھنجو ھر فيصلو منظور آ“ جي
ريڪارڊنگ لاءِ ھڪ منظر لاءِ 150 فوٽ مٿي جبل تي
چڙھڻو پيو ھو. جڏھن ته ڪئميرامين اڃا به مٿي ساڳئي
جبل تي بيٺا ھئا. مٿي ڪئميرامينز جي چُرپُر سان ھڪ
وڏو پٿر پنھنجي جڳھ تان ٿڙي ھيٺ ڪرندو ٺيڪ انھيءَ
جڳھ تي آيو، جتي آءٌ بيٺي ھيس. پٿر ايندي ڏسي،
سڀني رڙيون ڪيون، کن پل لاءِ عقل ڪم نه پيو ڪري،
پوءِ ھمٿ ڪري ٿورو پاسيري ٿي ويس ته ٺيڪ انھيءَ
جڳھ تان جتي آءٌ بيٺي ھئس، اتان اھو وڏو پٿر ٿڙندو
وڃي 150 فوٽ ھيٺ ڪريو. سڀني الله جو شڪر ادا ڪيو.
وري جڏھن زيارت پھتاسين ته اتي صبح جو 6 وڳي
ريڪارڊنگ ھئي. گاڏيءَ جي ونڊ اسڪرين تي برف ڄميل
ھئي. اھو ڏسي ڏاڍو مزو به آيو. ٿڌ تمام گھڻي ھئي،
ماڻھن ٻڌايو پئي ته چئن سالن کان گھٽ برف پئي آھي.
اسان ريڪارڊنگ ڪري واپس ٿياسين ته ٻئي ڏينھن
سنوفال شروع ٿي ۽ پوءِ
T.V
تي ٻڌم ته گذريل .... ڪجھ سالن کان تمام گھڻي برف
باري ٿي آھي، ۽ اتي جي ماڻھن جو رابطو سڄي ملڪ سان
ڪٽجي ويو آھي.
سرتيون پينل: قومي گيت وڻندا آھن؟
ليليٰ: ھڪ قومي گيت ”دنيا جي ھن باغ جو سھڻو گل سنڌ آ. ”سنڌ ٽي
وي تان اچي رھيو آھي.
سرتيون پينل: ساز ڪھڙو وڄائي ڄاڻو؟
ليليٰ: ھارمونيم سٺو وڄائي ويندي آھيان. جڏھن ته ھيل تائين ڇھن
(6) ٻولين سنڌي، اردو، بلوچي، پشتو، سرائيڪي، ۽
مارواڙي ۾ گيت ڳايا اٿم.
سرتيون پينل: سنڌ جو ڪھڙو شھر وڌيڪ وڻندو آھي؟
ليليٰ: جنم جو شھر ڪراچي آھي، انڪري گھڻو وڻندو آھي. جڏھن ته
رھڻ جي لحاظ کان حيدرآباد وڌيڪ وڻندو آھي، اتي ئي
گھڻو وقت گذاريو اٿم.
سرتيون پينل: سنگيت جي شروعات
KTN
کان ڪئي؟
ليليٰ: نه سنگيت جي شروعات
PTV
کان ٿي،
KTN
وڌيڪ شھرت ڏني، ھاڻ
Sindh TV
لاءِ ريڪارڊنگ ڪري رھيا آھن.
سرتيون پينل: ٻي ڪا اھڙي زندگيءَ جي خوبصورت ياد؟
ليليٰ: ڪھڙي؟ سوچيندي ...
سندس والده ياد ڏياريو تاجپوشي)
ليليٰ: ھا لاڙڪاڻي جي سئنيما ”المنظر“ ۾ داتا پروڊڪشن پاران
محترم رميش ڪمار تاج پوشي ڪئي ھئي. اھو فنڪشن ھن
ئي سال 2005ع ۾ ٿيو ھو. لاڙڪاڻي جي ماڻھن ڏاڍو
مانُ ڏنو.
سرتيون پينل: سئنيما تان ڳالھ نڪتي آھي ته ٻڌايو، فلمون ڏسندا
آھيون؟
ليليٰ: ”چئنل فلم“ تان پراڻيون فلمون اينديون آھن، اھي شوق سان
ڏسندي آھيان. جھڙوڪ محمد علي، زيبا، وحيد مراد،
نديم، شبنم، راڻي وغيره جون فلمون پسند آھن.
سرتيون پينل: اھي ته پراڻا اداڪار آھن؟ اھي ھن دور ۾ اوھان کي
ڪيئن وڻندا آھن؟
ليليٰ: ھڪ ته اھي فلمون ڪونه ڪو
Message
ڏين ٿيون، ٻيو ته پراڻين فلمن جون ڪھاڻيون سٺيون
ھونديون آھن، اداڪارن جي ايڪٽنگ به سٺي ھوندي آھي،
جڏھن ته انھن فلمن جو سنگيت به تمام معياري آھي.
سرتيون پينل: ڀلا پراڻيون سنگيت وڻندو آھي؟
ليليٰ: سنگيت نئون ۽ پراڻو ٻئي وڻندا آھن.
سرتيون پينل: سنگيت جي ٻنھي دورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪھڙو سنگيت
وڻندو آھي؟
ليليٰ: پراڻن گيتن ۾ تازگي آھي، انھن تي گھڻي محنت ڪيل آھي.
انھن ۾ ھڪ اھڙي سچائي آھي جو اھي گيت پراڻا ٿيندا
ئي ڪونه. بلڪه آءٌ چونديس، سنگيت ڪڏھن به پراڻو نه
ٿيندو آھي. سُر به ڪڏھن پراڻا نه ٿيندا.
سرتيون پينل: ھن ڌرتيءَ جا ڪي گيت گھُريا،
وعدو ڪيوسين ته کيس بلبل کورواھيءَ جو ھڪ گيت
”سنڌ مرڪي پئي،
جيءَ جيارن مٿان، جانثارن مٿان،
ديس جي ھر ڪنڌيءَ ۽ ڪنارن مٿان.
مڪمل لکي ڏنو.
سرتيون پينل: مطلب ته ايڪٽنگ جو ڪو به ارادو ڪونھي.
ليليٰ: نه، اھا ڳالھ ڪونھي، پر گھڻو وقت سنگيت کي ڏبو.
(ھن وڌيڪ ٻڌايو) تازو سنڌ ٽي وي لاءِ ھڪ سيريل ڪئي آھي، جيڪا
جلد آن ايئر ٿيندي.
سرتيون پينل: ”سرتيون“ پڙھندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
ليليٰ: پنھنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو. ماءُ پيءُ جي عزت ڪندا ته
ترقي ڪري سگھندا، ۽ ڪنھن به فيلڊ ۾ اچو ته اُتي
سخت مصحنت ڪري پاڻ کي مڃرايو. |