سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

 

صفحو :5

 

پارس سڪندر جون ڳالھيون سرتيون لاءِ

 

س: مڪمل تعارف ڪرايو؟

ج: منھنجو نالو پارس سڪندر آھي. 1987/2/18، ڪراچيءَ ۾ پيدائش: اسٽار:دلو.

س: شوبز ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟

ج: اڳ ئي شوبز ۾ موجود، ڀيڻ عيني سڪندر وٺي آئي.

س: ٽي وي ماحول ڪئين ٿو لڳي؟

ج: صحيح ٿو لڳي.

س: پنھنجي ڪم مان ڪيترو مطمئن آھيو؟

ج: بس ٿوري مطمئن آھيان.

س: ڪو اھڙو ڪردار جيڪو اوھين ڪرڻ چاھينديون ھجو؟

ج: اداڪاريءَ جو شوق ناھي، ڪمپيئرنگ جو آھي، جيڪو پورو ٿيو.

س: شھرت ڪيئن ٿو لڳي؟

ج: ٺيڪ ٿي لڳي.

س: عزت، شھرت ۽ دولت مان ڪھڙي شيءِ جي چونڊ ڪندا.

ج: عزت کي.

س: ھونئن ته ھيءَ دنيا ھڪ رنگ منج آھي، جنھن ۾ اسين ھليا ٿا وڃون، پر توھان ڪڏھن اسٽيج تي ڪم ڪيو آھي.

ج: اسٽيج تي ڪم ناھي ڪيو.

س: شوبز ۾ اچڻ تي گھر وارن طرفان ڪا روڪ ٽوڪ ٿي يا انھن ھمٿايو؟

ج: روڪ ٽوڪ نه ٿي ۽ ڀيڻ ھمٿايو.

س: گرم مزاج جون آھيو يا ٿڌي مزاج جون؟

ج: ٿڌي مزاج جي آھيان.

س: کاڌي ۾ ڇا وڻندو آھي؟

ج: چائنيز.

س: ڊريس ڪھڙي قسم جي پسند ڪنديون آھيو؟

ج: شلوار قميض.

س: رنگ ڪھڙو وڻندو اٿو؟

ج: اڇو ۽ پرپل.

س: ڇا سٺو رڌي سگھنديون آھيو؟

ج: ڪندا آھيون ته سٺي ٿي ويندي آھي.

س: خوشبو پسند جي؟

ج: فيرن ھائيٽ.

س: 24 ڪلاڪن ۾ ڪھڙو پھر وڻي ٿو؟ ۽ ڇو؟

ج: شام جو پھر.

س: ڪھڙن فنڪارن کان متاثر آھيو؟

ج: عاطف اسلم کان.

س: جيڪڏھن فلم لاءِ آفر ٿئي ته؟

ج: ڪونه ڪنديس.

س: ڇا اداڪاريءَ جي فن لاءِ ڪو ادارو ھئڻ گھرجي؟

ج: ھجڻ گھرجي.

س: جيڪي ڇوڪريون/عورتون شوبز ۾ اچڻ چاھين ٿيون، انھن کي توھين ڪھڙي صلاح ڏينديون؟

ج: جيڪڏھن شوق ۽ ٽيلنٽ آھي ته اچڻ کپي پنھنجي ڪم سان سچيون رھن ته ڪاميابي سندن قدم چمندي.

(پارس لطيف)

 

فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب

 

 

مترجم: امرسنڌو                                                                    حصو 11

 

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر بولارن ڏانھن آھي. پر سنڌ جي عورت ايڪھين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي موڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگھي آھي. آجپي ۽ آزادگين جي گس ۾ دنيا جو عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گھڻيون اڳتي ھجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل ھيون. ” آزادگي ۽ آجپو فقط خواھشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگھجي.“ عورتن جي جدوجھد جي تاريخ بار بار اھو اھو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به ھڪ قدم پوئتي ھيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنھنجي جدوجھد جي حوالي سان گھڻو پوئتي ڇڏي چڪيو آھن. عورت جي حقن لاءِ جدوجھد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجھد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جئين اھڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنھن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آھي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آھي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙھندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آھي. (امرسنڌو)

 حرم جو سئنيما ڏسڻ:

اسان جي گھر ۾ تفريح کي ڪڏھن به سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويندو ھو، پوءِ جتي به تفريح جو موقعو ايندو ھو ته سڀئي ماڻھو ھجوم جيان گڏ ٿي ويندا ھئا. جيئن عورتون گھرو ڪم ڪار کان وانديون ٿينديون ھيون، ته اَچي پڇنديون ھيون ته پڦي حبيبه ڪڏھن قصه گوئي ۽ داستان شروع ڪندي؟ يا وري اِھو ته شمع پنھنجو ڊرامو ڪٿي ڏيکاريندي؟

تفريح جون جايون، اڪثر ڪري لڪل چبوترا يا مٿي ڇت ھوندي ھئي، ھر ڪوئي پنھنجو گاديلو کنيو ايندو ھو ۽ قالين جي سامھون ويھڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، پر اڪثر ڪري ماڻھو ان اصول جو خيال نه رکندا ھئا ۽ گڏ موڙھا به کڻي ويھندا ھئا، پر پوءِ کين پويان ھٽايو ويندو ھو.

مان به پنھنجي گدي ي پلٿي ماري آرام سان ويھي سڄي دنيا جو سير ڪندي ھئس، ھڪ ٻيٽ کا ٻئي ٻيٽ تائين اھڙين ٻيڙين ۾ سفر ڪندي وتندي ھئس، جيڪي مسلسل حادثن جو شڪار ٿينديون ھيون ۽ عين وقت تي ڪي بنھ حاضر دماغ شھزاديون کين بچائي وٺنديون ھيون. جڏھن منھنجو جوش گھڻو وڌي ويندو ھو ته مان پنھنجي گدي کي ھنج م کڻي اڳيان پويان جھومڻ لڳندي ھئس ۽ شمع ۽ پڦي حبيبه جي جادوئي لفظن جي ڄار ۾ ناظرين ڦاسي پوندا ھئا ۽ مان محَو ٿي ويندي ھئس ۽ سوچڻ لڳندي ھئس ته ھاءِ ھوءَ تصور جي دنيا جون عظيم ديويون!

پڦي حبيبه کي يقين ھو ته اسان سڀني جي اندر جادو ھوندو آھي. اسان جي خوابن سان اڻيل: ھوءَ چوندي ھئي ته ”جڏھن ڪو بيوس ديوارون پيان قيد ھجي ته پوءِ ان لاءِ خواب ڏسڻ ئي واحد رستو آھي ڇوٽڪاري جو.“

حدون پار ڪرڻ جا خواب جادوئي ھجن ٿا. خواب توھان جي زندگي بدلي سگھن ٿا ۽ نيٺ دنيا کي..... ”آزادي خوابن ۾ ئي جنم وٺندي آھي ۽ تصور توھان جي ذھن ۾ رقص ڪن ٿا ۽ پوءِ توھان تصورن کي الفاظن ۾ تبديل ڪري سگھو ٿا ۽ الفاظن جي ڪا قيمت ادا نه ٿي ڪرڻ پوي.“

ھوءَ مسلسل ان داخلي جادوءَ جو ذڪر ڪندي ھئي ۽ چوندي ھئي ته ڏوھ اسان جو پنھنجو آھي ته اسان پنھنجي خوابن جي دنيا کي اجاگر نه ٿا ڪريون. مان به حدون ختم ڪري سگھان ٿي، اھو سبق مون پنھنجي گدي تي ويٺي ويٺي ان ئي چبوتري تي سکيو ھو.

لُڏندي ۽ ڪنڌ پويان ڪندي آسمان کي ڏسڻ ۽ تارن جي روشنيءَ کي پنھنجي چھري تي محسوس ڪرڻ مون کي ھڪ فطري عمل لڳندو ھو. ٿيٽر کي ھميشه مٿاھين جاءِ تي ھجڻ کپي. سفيدي ٿيل چبوتري جي ويجھو، فيض ۾، اونھاري ۾ پري پري تائين آسمانن جو کير پيتو ۽ ڪھڪشان به اسان جي ٿيٽر ۾ شامل ھوندي ھئي ۽ اميد جي ڪا حد باقي نه رھندي ھئي.

اڙي ھا پڦي حبيبه، مان جادوگرياڻي بڻبس، مان قانونن ۾ قابو ان زندگيءَ کي جيڪا شھر جي ڳلين ۾ منتظر آھي، پار ڪري پنھنجون اکيون سپنن تي رکنديس.

مان جوانيءَ جا ڏھاڙا تيز رفتاريءَ سان پار ڪنديس، فرار کي سيني سان لائيندي جيئن ڀوريون ڇوڪريون پنھنجي عاشق کي گلي سان لڳائي نچن ٿيون.

لفظن جي حرمت جو خيال رکنديس

۽ انھن کي ائين نپائينديس ته راتيون روشن ٿين

ديوارون ٽُٽُي وڃن

ڦاٽڪ کلي وڃن.

اھو سڀ آسان لڳي ٿو.

پڦي حبيبه جڏھن شمع ۽ تون ٿيٽر جي نازڪ پردن مان نڪرو ٿيون

رات ويندي ۽ مان ان ناپائيدار چبوتري تي

پر اھا سڀ زندگي آھي، حيات آھي، قوت بخش ۽ وڻندڙ آھي

مان جادوگرياڻي ٿينديس!

اھڙا لفظ گھڙينديس جو ان سپني ۾ سڀ شريڪ ٿين ۽

سرحدون بيڪار ٿي وڃن.

سڄو ڏينھن شمع ۽ پڦي حبيبه وڏي صبر سان رات جو اوسيئڙو ڪنديون ھيون، جيئن اُھي تصور جي دنيا جاڳائي سگھن ۽ اسان جي خوابن کي بيدار ڪن. اسان مان، اھي جن کي ڪا دلچسپي نه ھئي، سي وڃي سمھي پوندا ھئا، گھر جون ڪيتريون ئي عورتون بيتابيءَ سان انھن راتين جو اوسيئڙو ڪنديون ھيون، پر ڇوڪرن کي ان ۾ ڪابه دلچسپي نه ھوندي ھئي. ڇو ته اُھي آزاديءَ سان بليوارد سئنيما، جيڪو پاڙي ۾ ئي حمام ويجھو ھو وڃي سگھندا ھئا. انھن جو ھنن داستانن ۽ ٿيٽر سان ڪھڙو ڪم؟

جڏھن جواد ۽ زين پنھنجون ڳاڙھيون ٽائيون پائيندا ھئا ته اسان سمجھي ويندا ھئاسين ته اُھي سئنيما ٿا وڃن. شمع سندن پٺيان لڳندي منٿون ميڙون ڪندي ته کيس به گڏ وٺي وڃن، پر اُھي سندس ھڪ به نه ٻڌندا ھئا ۽ چوندا ھئا ته چاچي وڏي يا بابي کان اجازت وٺ، پر پوءِ به اُھي جلدي سان جبو پائي ڪاري شيفون سان چھرو ڍڪيندي ۽ دروازي ڏانھن سندن پويان ڊوڙندي، کيس ڏسندي ئي احمد دربان اُٿي بيھندو ھو ۽ چوندو:

”شمع مون کي مجبور نه ڪر ته گھٽين ۾ تو پيوان ڊوڙان، مون کي اجازت نه آھي ته عورتن کي ٻاھر نڪرڻ ڏيان.“

پر شمع ائين ھلندي رھندي ڄڻ ھُن ڪجھ ٻڌوئي نه ھجي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته ٻاھر تائين به وڃي پھچندي ھئي. پوءِ سڀ عورتون اڱڻ تي نڪري اچي بيھنديون ھيون ته نيٺ ڇا ٿو ٿئي.

چند ئي گھڙين ۾ احمد دربان سھڪندو سھڪندو اچي شمع کي اندر ڌڪيندو ۽ چوندو ھو ”مون کي ڪوبه اطلاع ناھي ته عورتون سئنيما تي وڃن پيون، مھرباني ڪري مون کي مصيبت ۾ نه وجھو. ھن عمر ۾ به مون کي ڊوڙائين ٿي.“

جڏھن شمع ائين نڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي ۽ ان کي ڪڏھن ڏوھاري جيان واپس آندو ويندو ھو ته امان ڏاڍي پريشان ٿي ويندي ھئي. احمد دربان تي ڪاوڙ ڪڍندي چوندي ھئي.

”تون ڏسجانءِ احمد، جلد تون نوڪري وڃائي ويھندين ۽ عورتون آزاديءَ سان سڄي دنيا گھمنديون ڦرنديون.“ پوءِ ھوءَ شمع کي ڳراٽڙي پائي اڱڻ ڏانھن وٺي ويندي ھئي، جتي سڀ عورتون سندس پويان ايندي ۽ چپن ئي چپن ۾ ”بغاوت ۽ سزا “ بابت ڀُڻڪنديون رھنديون ھيون. شمع چُپ ھوندي ھئي، پر سندس اکين مان ڳوڙھا پيا ٽمندا ھئا. پوءِ ھوءَ حيرت مان امان ڏي ڏسندي چوندي ھئي ته ”مان سترھن سالن جي آھيان“ ۽ سئنيما نه ٿي وڃي سگھان ڇو ته مان عورت آھيان، ھيءُ ڪٿان جو انصاف آھي؟؟ جيڪڏھن ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان ھڪجھڙو سلوڪ ڪيو ويندو ته ڀلا عرب دنيا جو نيٺ ڇا ويندو؟؟

جڏھن ڪا فلم گھڻو ئي مقبول ٿيندي ۽ فيض جا سڀ ماڻھو ان کي ڏسڻ ويندا ته فقط پوءِ مرنيس گھراڻي جي عورتن کي به سئنيما وڃڻ جي اجازت ملندي ھئي. ان ۾ اسماھن جون سڀ فلمون ۽ ھڪ ٻي فلم جيڪا ھڪ غلام ڳائڻيءَ ”دُنا نير“ بابت ھئي شامل ھئي. دنا نير، اھا عورت ھئي. جنھن پنھنجي آواز ۽ ھنر سان خليفي ھارون رشيد تي اھڙو جادو ڪيو جو، ھن پنھنجي ھڪ ھزار ڪنيزن کي وساري ڇڏيو. ”دنا نير“ جو ڪردار ام ڪلثوم ادا ڪيو ۽ ھن پنھنجي ڳري پُرجوش آواز سان ڄڻ دنا نير جي ڪردار کي نئين زندگي بخشي ڇڏي. دنانير جو قصو تاريخي ھو. خليفي ھارون رشيد کي ثمر جي جاءِ تي ھڪ غلام ڇوڪري دنا نير ملي. ثمر ۾ ٿڪيل ھارايل خليفي لاءِ تفريح، موسيقي ۽ شاعري ٻڌڻ جو موقعو تڏھن ملندو ھو جڏھن جنگ، خطرناڪ سفر يا مشڪل مذاڪرن کان پھرين يا پوءِ محل ۾ ۾ مشھور فنڪارن کي گڏ ڪيو ويندو ھو. ان مقابلي ۾ مردن سان گڏ عورتن کي به شريڪ ٿيڻ جي اجازت ھوندي ھئي، انڪري تمام ٿوري عرصي ۾ جلد ئي بغداد جون گلوڪار عورتون پنھنجي مرد استادن کان اڳتي نڪري ويون ۽ ھاڻي جنگ جي ميدان جي بلڪل ابتڙ نسواني شڪل اختيار ڪري ورتي ھئي.

خليفو ھارون رشيد پنھنجو سڄو وقت جنگي مصروفيتن ۾ گذاريندو ھو، انڪري کيس پرسڪون ماحول ۽ تفريح جي اشد ضرورت ھئي. ھن جي عھد ۾ اسلامي مملڪت چين تائين پکرجي ويئي ھئي، پر دنا نير جي سار سنڀال خليفي لاءِ ھڪ مسئلو بڻيل ھئي. دانير، خليفي جي وزير اعليٰ يحيٰ خالد برمڪي جي ملڪيت ھئي، جو کيس ڏاڍو پيار ڪندو ھو. خليفي ڪجھ وقت تائين ته پنھنجا جذبا لڪايا پر بعد م ھن باقاعدگيءَ سان وزير جي گھر وڃڻ شروع ڪيو ته شايد دنيا نير جو آواز ٻڌي سگھي. جيتوڻيڪ ھو ظاھر ظھور پنھنجي محبت جو اعلان ته نٿي ڪري سگھيو، پر پوءِ جلد ئي سڄي بغداد لاءِ اِھو راز نه رھيو ۽ يارھن سؤ سالن بعد فيض جا به قطار در قطار سئنيما تي وڃي، ھُن جي ناڪام عشق جو قصو ڏسي ٿي سگھيا، جنھن کي مصري اسٽوڊيو ۾ تيار ڪيو ويو ھو.

عام طور تي اسان ٻارن کي سئنيما وڃڻ جي اجازت ڪانه ھوندي ھئي، پر جڏھن اسان عورتن جي بغاوت ۾ پنھنجو آواز بلند ڪيو ته ڪڏھن ڪڏھن اسان کي به اجازت ملي ويندي ھئي. اسان مان مراد مان ۽ سمير ئي ھئاسين. ڇو ته مون لاءِ وڏن آڏو رڙيون ڪرڻ، ڪاوڙ مان اُٿل پٿل ڪندي ڇڙيون ھڻڻ يا سمير جيان زمين تي ليٿڙيون پائڻ ڏاڍو مشڪل ھو.

ھيءُ بغاوت جو مسئلو، مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھو. خاص طور تي امان جي عجيب روئيي جي ڪري ھوءَ مون کي اھو چئي بغاوت لاءِ آماده ڪندي ھئي ته محض سمير جو ويڙھاڪ ھئڻ ئي اسان ٻنھي لاءِ ڪافي ناھي، پر جڏھن به مان زمين تي ليٽي رڙيون ڪرڻ شروع ڪندي ھئس ته ھوءَ مون کي چوندي ھئي ته:

”مون ائين ته ڪونه چيو ته منھنجي خلاف ئي بغاوت ڪر، ھر ڪنھن خلاف ڀلي بغاوت ڪر، پر ماءُ جي تابعداري ڪر، نه ته افراتفري ڦھلجي ويندي. بھرحال احمقانه بغاوت جو ڪوبه فائدو ناھي، ھر مسئلي جي جانچ پڙتال ڪر ۽ بغاوت تڏھن ڪر جڏھن ڪاميابي جا ڪي آثار نظر اچن.“

ان کان پوءِ جڏھن به ڪو مون کان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ته مان وڏي جاکوڙ سان پنھنجي ڪاميابيءَ جي آثارن کي پرکيندي ھئس، پر اڄ اڌ صدي گذرڻ بعد به مون کي ساڳيا ئي آثار نظر اچن ٿا. بي ثمر ۽ بي نتيجن مان ان ڀلاري ڏينھن جا اڄ به خواب ڏسان ٿي جڏھن مان سمير جيان ڪاميابيءَ سان ھڪ ڊرامائي بغاوت ڪريان، رڙيون ڪريان ۽ ٿڏا ھڻان. ماضيءَ کي ڏسندي، مان سمير جي ٿورائتي آھيان ته ھن صحيح رويو اختيار ڪيو نه ته اسان ڪڏھن به سئنيما وڃي نه سگھون ھا.

شروع کان آخر تائين سئنيما وڃڻ جي عمل ۾ ڏاڍو مزو ھو. عورتون تيار ٿي ائين نڪرنديون ھيون ڄڻ بنان برقعي ڳلين ۾ پريڊ ڪنديون. امان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي پاڻ سينگار ڪندي ھئي، نئين فيشن مطابق وار گھنڊيدار بڻائيندي ھئي، يعني اڱڻ جي چئني ڪنڊن ۾ عورتون ھار سينگار ۾ مگن ھونديون ھيون. ٻار شيشا جھلي بيٺل، ساھيڙي ڪجل، سرخي يا زيور متعلق مشورو ڏيندي ته ٿورو گھٽ يا وڌيڪ نظر اچي پيو، ٻار ھڪ ھٿ ۾ آئينو ائين جھليندا ھئا جيئن سج جا شعاع صحيح رخ ۾ روشني ڏين. اڱڻ تي لڳل آرسيون بيڪار ھيون ڇو ته اتي روشني صحيح نه ھوندي ھئي.

نيٺ وڃي عورتون خوبصورت لباس، تيار ٿيل، پنھنجي حيثيت ۽ عمر مطابق مٿي کان پيرن تائين پنھنجو پاڻ کي حائڪ يا جُبي ۾ ڍڪينديون ۽ چھري تي نقاب وجھي ڇڏينديون ھيون.

ڪي سال اڳ امان، بابي سان جھيڙو ڪيو ته نقاب جي ڪپڙي ۽ پوءِ حائڪ ۽ پوءِ روايتي جبو، جيڪو عورتون پائينديون ھيون، اھو روايتي نقاب ھڪ سفيد، ڊگھو سوٽي ڪپڙو ھو ۽ ايترو ڳرو ھو، جو ان م ساھ کڻڻ به مشڪل ھو. امان جھيڙو ڪيو ته ان جي بجاءِ خالي شيفون جو نقاب ٺاھيو وڃي، اِھو ٻڌندي ئي بابو گرم ٿي ويو ته ”ايترو سنھو ۽ باريڪ ڪپڙو، ان کان ته بھتر آھي ته بنان نقاب جي ھلي وڃ.“ پر جلد ئي پوءِ ”لٿم“ يعين ننڍو نقاب فيشن ۾ اچي ويو ۽ سڀني قوم پرست پارٽين جي ڪارڪنن جون زالون، سڄي فيض ۾ چاھي پوءِ اُھا مسجد ھجي، ڪنھن ڏھاڙي لاءِ وڃڻو ھجي يا ڪو قومي ڏھاڙو ھجي جھڙوڪ سياسي قيدين جي آزادي، اھڙن موقعن تي فيض ۾ اِھو ئي نقاب پائي نڪرڻ لڳيون.

امان جي به اِھا خواھش ھئي ته ”حائڪ“ يا جبي جي جاءِ تي جلايو يا مرداڻو ڪوٽ پائي، جيڪو ڪيترن ئي قوم پرستن جون زالون پائينديون ھيون. ”حائڪ“ ست ميٽر سفيد ڪپڙي جو ٺھيل ھوندو ھو، جنھن سان عورتون پنھنجو پاڻ کي ويڙھيديون ھيون. پوءِ حائڪ جون ڪنڊون ڄاڙي وٽان ٻڌي ھٿن ۾ ھڻي ھلڻو پوندو ھو. نه ته وچڙي ڪري پوڻ جو وسوسو ھوندو ھو. شمع چوندي ھئي ته ”حائڪ عورت کي اذيت پھچائڻ لاءِ ايجاد ڪيو ويو آھي. اھو پائي، عورتن کي ڪري پوڻ جو ايترو ته ڊپ ٿيندو آھي جو ھو گھٻرائجي گھر واپس اچي وڃن ٿيون ۽ پوءِ ڪڏھن به ٻاھر نڪرڻ نه ٿيون چاھين.“

امان کي حائڪ کان سخت نفرت ھئي، ھوءَ چوندي ھئي ته ”جيڪڏھن پير وچڙي پئي ۽ ڪري پئجي ته ڏند ٽٽڻ جو خطرو ھوندو آھي، ڇو ته ھٿ ته حائڪ جھلڻ ۾ قابو ھوندا آھن. ھي ايڏو ڳرو آھي ۽ مان سنھڙي سُڪل ... ان جي ابتڙ جلايو ڪٽيل مرداڻي ڪوٽ جيان ”ھونديون“ آھن، ان جا ڪيئي چاڪ ٿين ٿا، جيئن ھلڻ ۾ آساني ٿئي ۽ ننڍيون ٻانھون، جيئن ھٿ کليل ھجن.

جڏھن قوم پرستن پنھنجي ڌيئرن کي اسڪول موڪلڻ شروع ڪيو ته کين ”جلايو“ پارايو، جيئن سندن ھلڻ ڦرڻ آسان ٿئي جلابو ھلڪو ڦلڪو ۽ روزاني زندگيءَ ۾ حائڪ کان گھڻو بھتر ھو. ڏينھن ۾ چار دفعا اسڪول وڃڻ ڪڏھن سالياني مذھبي عرس جيان ته نه ھو. ان ڪري ڇوڪرين جلابو پاتو ته سندن مائرن به اھو پائڻ شروع ڪيو. ان کان پھرين جو امان جلابو پائي، بابو امان کي روڪڻ لاءِ روزانو ان انقلابي تي تبصرو ڪندو ھو، جيڪو کيس شھر جي گھٽين ۾ نظر اچي رھيو ھو. ھو چوندو ھو ”ھيءُ ته ھونئن به ائين آھي جيئن فرينچ عورتون پنھنجو فراڪ ڇڏي سوٽ پائڻ شروع ڪيو. جيڪڏھن عورتن به مردن جو لباس پائڻ شروع ڪيو ته اھا محظ ھلچل نه پر فنا جو امڪان آھي.“

پر آھستي آھستي ھيءَ گھٽين جي تحريڪ اسان جي گھر ۾ به داخل ٿي ويئي ۽ دنيا ائين ئي قائم رھي، فنا ڪٿي ٿي. ھڪ ڏينھن امان، بابي جو جلابو پائي، پڳ مٿي تي ۽ سنھڙو ڪارو”لٿم“ (نقاب) نڪ تائين لٽڪائيندي نظر آئي. نقاب ۾ چھرو صاف   اچي رھيو ھو. بابي ڪاوڙ مان چيو ته ”تون اسان جي خاندان جي عزت مٽيءَ ۾ ملائيندينءَ.“ پر لڳي ائين رھيو ھو ته سڄي فيض ۾ خانداني عزت خطري ۾ ھئي، ڇو ته شھر جون ڳليون اھڙين عورتن سان ڀريون پيون ھيون جيڪي جلابو پائي، شيفون جا نقاب لڳائي گھمي رھيون ھيون، ڪجھ ئي وقت کان پوءِ قوم پرستن جون ڌيئرون اگھاڙي مٿي، کليل ٽنگن، مغربي لباس ۽ ڪلھن تي مغربي ٿيلھا کنيون ڳلين ۾ گھمندي نظر اچڻ لڳيون. امان مغربي لباس ته پائي نه ٿي سگھي ڇو ته اسان جو ڪٽنب، قدامت پرست ھو، پر جلابي ۽ شيفون جو نقاب ضرور پائڻ لڳي. بعد ۾ جڏھن 1956ع ۾ جيئن امان ٻڌو ته مراڪش کي آزادي ملي ويئي آھي ۽ فرينچ فوجون واپس وڃي رھيون آھن ته ھوءَ به قومپرستن جي جلوس ۾ شامل ٿي ويئي ۽ رات جو دير تائين قومي گيت ڳائيندي رھندي ھئي ۽ جڏھن ٿڪي ٽُٽي گھر پھچندي ھئي ته سندس مٿو اگھاڙو ۽ چھرو کليل ھوندو ھو. ان کان پوءِ جوان عورتن نقاب لاھي ڇڏيو ۽ ھاڻ فقط پوڙھيون ۽ ڳوٺاڻيون عورتون ئي نقاب ۾ رھڻ لڳيون.

خير پاڻ وري سئنيما ڏانھن موٽون ٿا. ان غير معمولي جشن وارن ڏينھن ۾ عورتون ھڪ جلوس جي شڪل ۾ ٻن پھرن جو گھران نڪرنديون ھيون. سڀ کان اڳيان سؤٽ ھوندا ھئا جيئن ماڻھو ميڙ ڪري مرنيسي حسينائن جي جھلڪ نه ڏسي سگھن. مردن کان پوءِ ڏاڏي لاله ماني شاھاڻي انداز ۾ پنھنجو حائڪ ويڙھي مٿو مٿي ڪري پئي ھلندي ھئي، جيئن ٻين کي به انجو احساس ٿئي. سمير جي ماءُ، لاله رضيه، ڏاڏيءَ سان گڏ ھوندي ھئي، ھوءَ ڳڻي ڳڻي وک کڻندي ھئي ۽ سندس اکيون زمين تي ھونديون ھيون. ان جي پويان پڦي حبيبه ۽ ٻيون طلاقيل ۽ بيواه عورتون مڪمل خاموشيءَ ۾ پنھنجا حائڪ سنڀاليو پيون ھلنديون ھيون.

اھي جُلابو نه پائي سگھنديون ھيون جو سندن مڙس، جيڪي سندن محافظ ھئا. سي سان گڏ نه ھوندا ھئا. پر جيڪڏھن اُھي جلابو پائين ھا ته ماڻھو مٿن فحش ھئڻ جو الزام لڳائين ھا. سڀ کان آخري قطار ۾ باغي عورتون سوڙھا. رنگين جلابا پاتل، شرميليون نوجوان ڇوڪريون ھونديون ھيون، جي سڄي واٽ ٽھ ٽھ ڪنديون پئي کلنديون ۽ آخر ۾ اسان ٻار احمد دربان جي آڱر جھل پيا ھلندا ھئاسين.

باغي گروھ ۾ ڪي گھڻيون عورتون نه ھونديون ھيون. ھيءُ گروھ فقط امان ۽ شمع تي ٻڌل ھوندو ھو. پر اڳي ٻئي ڄڻيون سڀني جي نگاھن جو مرڪز ھونديون ھيون، امان جون ڪجل ڀريون اکيون ۽ شمع جو نقلي اسماھن جھڙو تر... ننڍڙي ۽ باريڪ نقاب (الٿم) مان صاف نظر پيا ايندا ھئا. انھن جا ھٿ آزاد ھوندا ھئا ۽ اُھي خوشبوئن ۾ تر ھونديون ھيون.امان ليليٰ مراد جي نقل ڪري سڀني کي اداڪاري ڪري ڏيکاريندي ھئي. ليليٰ مراد ھڪ مصري اداڪاره ھئي، جيڪا ھميشه سحر انگيز ۽ خطرناڪ عورت جو رول ادا ڪندي ھئي. امان اکيون کولي سڌو ھلڻ لڳندي ھئي، اکيون ائين کليل رکندي ھئي ڄڻ ڪنھن خطرناڪ مرض ۾ ورتل ھجي. ساڄي کاٻي پاسي نگاھون به ڦيرائيندي ۽ سازشي لھجي ۾ چوندي ھئي ”ڪو مرد ھن خطرناڪ حسن کان بچي نه ٿو سگھي، جيڪو مون ڏانھن ڏسندو، اُھو تڙپندو ڪرندو ويندو.. ڏسجو... اڄ فيض جي ڳلين ۾ قتل عام ٿيندو!“

امان کي ھيءُ خيال تڏھن آيو جڏھن ھن قاسم امين جو نظريو ٻڌو. قاسم امين عورتن جي حقن لاءِ لکڻ وارو مصري اديب ھو. ھن جو ڪتاب “the libration of women” (عورت جي آزادي) 1899ع ۾ لکيو ھو. قاسم امين لکيو ھو ته مرد عورتن کي انڪري پردي ۾ رکن، ٿا جو، ھو سندن حسن کان خوفزده آھن. جڏھن به مرد خوبصورت عورت کي ڏسندو آھي ته ان جي دل بيھڻ شروع ڪندي آھي. ھن ڪتاب جي آخر ۾ مردن کي تاڪيد ڪندي لکيو ھو ته اُھي پنھنجي اندر طاقت پيدان ڪن ۽ خوف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن، جيئن عورتون پردو ڇڏي سگھن.

امان کي قاسم امين ڏاڍو پسند ھو، جيئن ته ھوءَ پاڻ اڻ پڙھيل ھئي ته بابي کي منٿ ميڙ ڪري ڪتاب مان پنھنجا پسنديده حصا پڙھائيندي ھئي. امان جي خواھش پوري ڪرڻ لاءِ بابو عجيب شرط رکندو ھو، جيئن پڙھڻ وقت منھنجو ھٿ جھلي ويھ، ”مون کي بادام جو شربت ٺاھي ڏي“ يا پوءِ اڃان به بدترين شرط ته ”منھنجي پيرن کي زور ڏي.“ پھرين ته امان انڪار ڪندي ھئي، پر پوءِ جڏھن امان ٻڌڻ ۾ محو ٿي ويندي ھئي ته بابو اچانڪ ڪتاب اڇلائي چوندو ھو ته ”ھن قاسم امين ته عربن جو ازدواجي سڪون ئي برباد ڪري ڇڏيو آھي. مون کي ھن پاڳل مصريءَ جي مدد سان پنھنجي زال جي خوشنودي حاصل ڪرڻي ٿي پوي. يقين نه ٿو اچي، پر امان ڊوڙي ڪتاب کڻندي ۽ ان کي چمڙي جي ڪور ۾ رکي ڪمري مان نڪري ويندي ھئي، پر وڏي خود اعتماديءَ سان. جڏھن سڀ سئنيما تان واپس ايندا ھئاسين ته امان فلم جي خطرناڪ ناري جي نقل ڪندي. شمع جنھن جي اکين جو رنگ ماکيءَ جھڙو ھو، امان کي ڏسي کل ۾ ٻُڏي ويندي ھئي. ٻئي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسنديون ھيون ته ”ڪو مرد زمين تي ڪري ته نه پيو.“ سئنيما تي وڃڻ وقت اُھي ھر واٽھڙو تي Comments ڏينديون ھيون جنھڻ تي زين ڀاءُ ۽ ٻيا ڇوڪرا مُڙي چوندا ھئا ”ايتري زور سان نه ڳالھايو.“

سئنيما پھچي سڄو حرم ٻن قطارن ۾ ورھائجي ويندو ھو. پر چئن قطارن جون ٽڪيٽون ورتيون وينديون ھيون. جيئن اڳيان پويان ڪوئي ويھي نه سگھي. انڪري جو ڪو بدتميز شيطان اونداھيءَ جو فائدو وٺي. ان وقت ڪنھن عورت کي چھنڊڙي نه ھڻي سگھي، جڏھن ھوءَ ڪنھن ڪھاڻيءَ ۾ محو ھجي.

 

 

ٽڙي پوندا ٽاريئين    (ناول/ قسط: 10)

شگفته شاهه

 

* فيضان ڏک مان چيو: ”رابيل! تون مون کي منھنجي محبتن جو اھو صِلو پئي ڏين؟ پر اھو به ته ڏس ته جڏھن به مون اُن رستي تي اڳتي وڌڻ چاھيو ته مون کي روڪڻ واري به ته خود تون ئي رھي آھين. تون ته اھو ٿي چاھين ته دل جون ڳالھيون زبان تي نه اچن، پر پوءِ به منھنجي دل ۾ تنھنجي لاءِ پيار جا جذبا آھن ۽ ھميشه رھندا.“

*رابيل چيو: ”فيضان! اسين جنھن سوسائٽيءَ ۾ رھون ٿا اتي مردن لاءِ الڳ معيار آھن ۽ عورتن لاءِ الڳ. تون مرد آھين ان لاءِ تنھنجي لاءِ اھو چوڻ تمام آسان آھي پر آءٌ عورت آھيان مون کي ڪوبه قدم کڻڻ کان اڳ ۾ ڏھ ڀيرا سوچڻو پوندو آھي.“

* رابيل ٿڪل آواز ۾ چيو: ”پر... شايد ھاڻي آءٌ توسان وڌيڪ ھلي نه سگھان. فيضان! آءٌ الاھي ٿڪجي پئي آھيان، مون ۾ ھاڻي تنھنجي ساٿ ڏيڻ جي ھمٿ ڪونھي.“

* فيضان به ڪاوڙ ۾ اچي چيو: ”پوءِ ائين چئو نه ته خود تو ۾ حوصلو ڪونھي. پوءِ تنھنجي بزدليءَ جو الزام مون تي ڇو رکندي آھين.

* فيضان ڏک مان چيو: رابيل! تون مون کي منھنجي محبتن جو اھو صِلو پئي ڏين؟ پر اھو به ته ڏس ته جڏھن به مون ان رستي تي اڳتي وڌڻ چاھيو ته مون کي روڪڻ واري به ته خود تون ئي رھي آھين. تون ته اھو ٿي چاھين ته دل جون ڳالھيون زبان تي نه اچن، پر پوءِ به منھنجي دل ۾ تنھنجي لاءِ پيار جا جذبا آھن ۽ ھميشه رھندا .“

...۽ پوءِ ھن ھڪ فيصلو ڪيو، ھوءَ اھا پيڙا انھيءَ ڪري ڀوڳي رھي آھي ته ھن فيضان جي ڳالھين ۽ سندس واعدن تي اعتبار ڪيو ھو.

جڏھن کان ھو سندس زندگيءَ ۾ آيو ھو، سندس آرام کسجي ويو ھو. جيڪڏھن محبت ڪرڻ جو اھوئي انجام آھي ته پوءِ بھتر آھي ته ھوءَ فيضان جي محبت کي پنھنجي دل جي اونھائين ۾ لڪائي پوئتي ھٽي وڃي. فيضان مان ھوءَ اميدون وابسته ڪندي. سندس فون جو ھاڻي ڪڏھن به انتظار نه ڪندي. سندس نه ته ھي ڏک ۽ عذاب جيڪو خوشيءَ جي ريپنگ پيپر ۾ ويڙھجي کيس بار بار ملي ٿو اھو نه ته کيس جيئڻ ڏيندو ۽ نه ئي مرڻ!

عيد جي موڪلن کان پوءِ پھرئين ڏينھن ھوءَ آفيس وئي، آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ تي ھن فائيل کنيو ۽ فيضان جي آفيس ۾ وئي. ھو آفيس جي ورڪر راحيل سان ڪنھن معاملي تي ڊسڪس ڪري رھيو ھو. رابيل کيس فائيل ڏنو ۽ سامھون پيل ڪرسيءَ تي ويھي رھي. فيضان ھن کان رسمي حال احوال وٺي وري راحيل سان گفتگو ۾ مصروف ٿي ويو. رابيل کي محسوس ٿيو ته ھو کيس نظر انداز پيو ڪري ۽ پوءِ ڪجھ دير بعد ھوءَ کيس خدا حافظ چئي گھر ھلي آئي ھئي. ھن ته سوچيو ھو ته فيضان واعدو ڪرڻ جي باوجود عيد جي ٻئي فون نه ڪرڻ تي سوري ڪندو ۽ سبب ٻڌائيندو پر فيضان کي ته ڄڻ ڪو احساس ئي ڪونھي. نه ئي وري فون ڪئي. رابيل کي فيضان جي رويي سان ايڏو ته ڏک پھتو ھو جو ھوءَ ٻئي ڏينھن آفيس ئي نه وئي ۽ سوچيائين ته فيضان ضرور، فون ڪري پڇندو پر فيضان جي فون نه آئي ۽ ھوءَ وڌيڪ دُکي ٿي وئي، ھوءَ ٻئي ڏينھن به آفيس نه وئي فيضان وري فون ڪري سندس خبر نه ورتي ته سندس ھمٿ جواب ڏئي وئي ۽ پوءِ ھن سوچيو ته جيڪڏھن ھن اڄ فيضان سان ان معاملي تي کُلي نه ڳالھايو ته شايد سندس نروس بريڪ ٿي وڃي .... ۽ پوءِ ....... ڏڪندڙ ھٿن سان فيضان جو نمبر ڊال ڪيو. ٻئي پاسان فون فيضان کنئي ۽ پوءِ رسمي حال احوال وٺڻ بعد ھن چيو:

”تون اڄ آفيس ڇو نه آئينءَ؟ خير ته آھي؟“

رابيل تلخيءَ سان چيو: ”شڪر آھي منھنجي فون ڪرڻ تي توکي مون کان اھو پڇڻ جو خيال ته آيو.“

”لڳي ٿو اڄ موڊ وري خراب آھي.“

رابيل ڪاوڙ مان چيو: ”تو واعدو ڪرڻ جي باوجود عيد جي ٻئي ڏينھن به فون نه ڪئي_ ڇو؟“

فيضان: ”اوھ ساري! دراصل ٻئي ڏينھن تي صبح سان ئي منھنجا دوست اچي ويا ھئا ۽ پوءِ اھو سڄو ڏينھن گھر کان ٻاھر گذاريو ھو ۽ گھر موٽندي وري مون کي الاھي دير ٿي وئي ھئي، ان ڪري فون نه ڪري سگھيس.“

رابيل: ”ٻئي ڏينھن ته ڳالھائي پئي سگھين ۽ اھو سڀڪجھ ٻڌائي پئي سگھين.“

فيضان:”ھا!...ھُو دراصل ذھن تان ڳالھ لھي وئي.“

رابيل ڏک مان چيو: ”ڇا!...... ڇا اھا ڪا معمولي ڳالھ ھئي، جو ذھن تان لھي وئي!؟ آخر توکي ڇا پيو ٿيندو وڃي!؟ ڪيڏانھن ويو اھو تنھنجو واعدو ته جڏھن به آءُ اداس ٿيان ته توکي فون ڪريان ته تون مون کي پورو ٽائيم ڏيندينءَ،

ھيءَ آھي تنھنجي زبان .... تنھنجو قول!!!؟؟“

فيضان شرمندو ٿي چيو:I am really sorry”“ واقعي مون کان غلطي ٿي آھي، آءٌ ان جو اعتراف ٿو ڪريان.“

رابيل ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ چيو:”ڇا تنھنجي محض Sorry چوڻ سان منھنجو ڏک ختم ٿي ويندو!؟.. مون ڪيڏو انتظار ڪيو ھو، تنھنجي فون جو؟ منھنجي عيد جي ڏينھن ۾ ڪجھ به ته نه ھو فقط تنھنجي ھڪ فون ڪال کان سواءِ فيضان! مون ته توسان گھڻيون اميدون ۽ آسرا ته اڃا وابسته ڪيا ئي ناھن، ڪجھ گھريوئي ڪونھي... سواءِ پندرھن ويھن منٽن جي!!!؟؟ پر.... تو ته مون کي ايتر به ٽائيم نه ڏنو، اڃا تون چوين ٿو ته آءٌ ڪنھن فيصلي تي ڇو نه ٿي پھچان؟... محبت جي واٽ تي اڳتي ڇو نه ٿي وڌان؟... آءٌ ته ھاڻي اھو ئي سوچي خوفزده ٿي وئي آھيان ته تون ھڪ معمولي ڳالھ لاءِ پنھنجي زبان تي قائم نٿو رھي سگھين ته اڳتي ڪا وڏي اميد تومان ڇا رکان؟“

فيضان پشيمان ٿيندي چيو: ”رابيل! مون کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس آھي ۽ آءٌ پنھنجي ڪوتاھي تسليم ڪريان ٿو. ھن وقت جيڪڏھن تون منھنجي سامھون ھجين ھا ته آءٌ تنھنجا ھٿ پڪڙي معافي گھران ھا!“

رابيل وري جذباتي ٿيندي چيو: ”توکي جيڪڏھن پنھنجي غلطيءَ جو احساس ھجي ھا ته آءٌ ٻن ڏينھن کان آفيس نه پئي اچان ته گھٽ ۾ گھٽ فون ڪري منھنجي خبر ته وٺين ھا، پر... توکي منھنجو ڪو احساس ئي ڪونھي.“

فيضان ھڪ گھرو ساھ کڻي چيو:“ تون ته مون سان ايڏيون شڪايتون ڪرين پئي پر جڏھن تون خود مون کي ھرٽ ڪندي آھين ۽ زيادتيون ڪندي آھين، تڏھن منھنجو احساس توکي ٿيندو آھي؟ ان ڏينھن به تون الائي ڇا ڇا چئي ھلي وئي ھئينءَ ... پوءِ...... ڇا مون توسان ڪا شڪايت ڪئي؟“

رابيل پريشان ٿي پڇيو: ڇا چيو ھو مون؟“

فيضان چيو: ”اھو ئي ته آءٌ تنھنجي زندگيءَ کي ڊسٽرپ ٿو ڪريان ۽ تون ھاڻي منھنجي آفيس ۾ نه ايندينءَ، مون سوچيو ته مون وٽ اچڻ ۽ ويھڻ سان، منھنجي فون ڪرڻ سان، تون ڊسٽرپ ٿي ٿئين ته ڀلي تون مون وٽ نه اچ ۽ فون تي نه ڳالھاءِ.“

”فيضان! اھا حقيقت آھي ته مون ھڪ روٽين لائيف پئي گذاري ۽ سڀڪجھ ڇڏي ھڪ ڪنڊ وسائي ھئي پر تو منھنجي زندگيءَ ۾ اچي، منھنجي دل ۽ ذھن کي ائين جھنجھوڙيون آھي جو منھنجو ته سڪون کسجي ويو آھي. ان کان ته اھو وقت بھتر ھو، گھٽ ۾ گھٽ مون کي ڪنھن جي فون ڪال جو ته انتظار نه ھوندو ھو.“ رابيل پل آپل ساھي کنئي ”فيضان، مون کي شديد ڊسٽرب ڪري ڇڏيو آھي!“

فيضان به جذباتي ٿيندي چيو: ”ھا!..... مون توکي انڪري ڊسٽرب ڪيو آھي ته مون بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلي ان ۾ لرزش پيدا ڪئي آھي!!؟ مون توکي انھن جذبن کان آشنا ڪيو آھي جن کان تون اڄ ڏينھن تائين ناواقف ھئينءَ ۽ ھاڻي وقت آيو آھي ته تون انھن کي Face نٿي ڪري سگھين!؟“

رابيل ڪجھ ٿڌي ٿي ۽ پوءِ چيائين:”تون ته آھين رائيٽر سو لفظن ۾ ته آءٌ توسان پڄي نه ٿي سگھان. بھرحال مون فيصلو ڪري ورتو آھي ته آءٌ واپس پوئتي ھٽي وينديس، ھي روز جيئڻ ۽ روز مرڻ مون کان برداشت نه ٿيندو.“

فيضان: ”ڏس رابيل ائين ڪري تون مون سان زيادتي ٿي ڪرين.“

رابيل: ”ٻيو ڀلا ڇا ڪريان......!؟ جڏھن تنھنجي نظرن ۾ منھنجي ڪا اھميت ئي ڪانھي؟“

فيضان ڏک ڀرئي لھجي ۾ چيو:”تون پنھنجي اھميت کي فقط ھڪ فون ڪال سان مشروط ڪري ايڏو وڏو فيصلو ڪري مون سان زيادتي پئي ڪرين. توکي منھنجو خلوص نظر ئي نٿو اچي؟ يقين ڪر، مون تنھنجي روپ کي نه چاھيو آھي، پر تنھنجي اندر سان سان پيار ڪيو آھي. تنھنجو رويو به ته سدائين غير واضح رھيو آھي. اڄ توکي ٻڌايان ٿو ته مون بي حد محبت سان تنھنجي لاءِ ھڪ خوبصورت تحفو خريد ڪيو آھي ۽ مون ڪيترائي ڀيرا توکي ڏيڻ چاھيو پر تنھنجي رويي جي ڪري مون توکي اھو نه ڏنو، ڇو ته اھو محض تحفو ناھي، پر منھنجا جذبا آھن ۽ ائين نه ٿئي ته تون منھنجن جذبن جو قدر نه ڪرين ۽ آءٌ وڌيڪ ھرٽ ٿي وڃان. تون ته ھاڻي منھنجي آفيس ۾ اچڻ ۽ ڪجھ وقت ويھڻ لاءِ تيار ناھين ته وڌيڪ ڇا چوان؟“

رابيل چيو: ”فيضان! اسين جنھن سوسائٽيءَ ۾ رھون ٿا اتي مردن لاءِ الڳ معيار آھن ۽ عورتن لاءِ الڳ. تون مرد آھين ان لاءِ تنھنجي لاءِ اھو چوڻ تمام آسان آھي پر آءٌ عورت آھيان مون کي ڪوبه قدم کڻڻ کان اڳ ۾ ڏھ ڀيرا سوچڻو پوندو آھي.“

فيضان چيو:”ٺيڪ آھي جيڪڏھن تون منھنجي آفيس ۾ مون سال رليڪس ٿي نه ٿي ڳالھائي سگھين ته پوءِ ڀلا ٻاھر ڪٿي مل جتي پاڻ آرام سان ڳالھائي سگھون.“

رابيل: ”آءٌ ڪنھن به اھڙي شخص سان اھڙيون ملاقاتون نٿي ڪري سگھان جيڪو مون سان به انتھا محبت جي دعويٰ ته ڪري ٿو پر مون کي پنھنجو نالو ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھي. مون کي ھڪ گھر ۽ ھن معاشري ۾ عزت ڀريو مقام ڏيڻ لاءِ تيار ناھي ۽ مون کي بگھڙن جي وچ ۾ اڪيلو بيٺل ڏسي به خاموش تماشائي بڻجي بيٺو آھي.“

فيضان:”رابيل! ڪاش آءٌ توکي سمجھائي سگھان ھا. تنھنجي سوچ جي سُئي ته ان ھڪ نقطي تي اچي اٽڪي ٿي پئي. جڏھن ته آءٌ چاھيان ٿو ته تون ٻين جو سھارو ڳولھڻ بدران پاڻ بولڊ ٿين ۽ پنھنجا مسئلا Face ڪرين. آءٌ ائين ڪرڻ ۾ تنھنجو ساٿ ڏيندس. پر تون خود به ته ڪجھ ھمٿ ڪر.“

رابيل ٿڪل آواز ۾ چيو: ”پر.... شايد ھاڻي آءٌ توسان وڌيڪ ھلي نه سگھان. فيضان! آءٌ الاھي ٿڪجي پئي آھيان، مون ۾ ھاڻي تنھنجي ساٿ ڏيڻ جي ھمٿ ڪونھي.“

فيضان به ڪاوڙ ۾ اچي چيو:”پوءِ ائين چئو نه ته خود تو ۾ حوصلو ڪونھي. پوءِ پنھنجي بزدليءَ جو الزام مون تي ڇو رکندي آھين. جيڪڏھن منھنجو ساٿ توکي قبول ناھي ته پوءِ تو منھنجي فون ڪال جو ايڏو انتظار ڇو ڪيو ھو؟ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته تون محبت جي واٽ تي اچي چڪي آھين ۽ ٻنھي پاسي ساڳيائي جذبات آھن، پوءِ ڇو ٿي پاڻ تي ايڏو جبر ڪرين، ڇو نه ٿي اعتراف ڪين.....!!؟“

جواب ۾ فيضان زوردار ٽھڪ ڏئي کليو ھو. رابيل چڙندي وري چيو ”مون سوچي سمجھي فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. آءٌ توسان گڏ نه ٿي ھلي سگھان. اھو به ٻڌائي ڇڏيان ته اھُ فيصلو ڪرڻ منھنجي لاءِ به ايڏو آسان نه ھو پر تو جيڪو مون کي ڏک پھچايو آھي، ان مون کي تمام خوفزده ڪري ڇڏيو آھي. توکي ته سڀ خبر آھي ته آءٌ ڪھڙين حالتن مان گذري تو تائين پھتي آھيان ۽ نروس بريڪ ڊائون ۽ شديد ڊپريشن جي دورن مان گذري آھيان، پوءِ به تو مون کي نه سمجھيو ۽ مون کي وڌيڪ ھرٽ ڪيو آھي ۽ ھاڻي مون ۾ وڌيڪ ڪو ڏک سھن جو حوصلو ڪونھي.“

فيضان سندس اھا ڳالھ ٻڌي انتھائي بي تاب، بيچين ۽ پريشان ٿي چيو:

”آءٌ ايم ساري! رابيل! مون کي لڳي ٿو ته تون ھينئر به شديد ڊپريسڊ آھين. پليز! دوا وٺي ٿورو ويسٽ ڪر. پاڻ پوءِ ڳالھائينداسين، ٺيڪ آھي نه.“

رابيل:”ھون!“

فيضان: ”پليز رابيل!....دوا وٺي ريسٽ ضرور ڪجانءِ پنھنجو خيال رکجانءِ.“

۽ پوءِ ھن کانئس موڪلائي فون رکي ڇڏي. رابيل ڏڪندڙ ھٿن سان سڪون جي دوا کاڌي ۽ پوءِ ڪجھ دير بعد ھوءَ بي خبر ٿي سمھي رھي.

***

ٻئي ڏينھن ھن يونيورسٽيءَ مان به موڪل ڪئي ۽ سڪون جي دوائن جي اثر ھيٺ آرام ڪندي رھي. شام جو ھن پاڻ کي ڪافي بھتر سمجھيو ۽ باٿ وٺن بعد ھن چانھ جو ڪوپ پيتو ۽ ذھن ڄڻ اڃا به ھلڪو سلڪو محسوس ڪيائين. تڏھن کيس سندس ڪالھوڪي رويي تي بي انتھا شرمندگي ٿي ته ھن فيضان کي لائي ڇا ڪجھ چيو ھو. رات جا اٺ ٿيا ھئا ان مھل ۽ ھن سوچيو ته فيضان ته شايد آفيس مان اٿي ويو ھوندو، پوءِ به ھن فون ڪئي ته ٻئي پاسان کيس فيضان جو ٿڪل ٿڪل ۽ ڳرو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

رابيل چيو:

”مون توکي Sorry چوڻ لاءِ فون ڪئي آھي.“

”ڇا جو ساري؟“ فيضان پڇيو.

رابيل چيو:”ڪالھ مون توکي الائي ڇا ڪجھ چيو. مون توکي الاھي ھرٽ ڪيو. ان لاءِ .“

فيضان چيو: مون توسان ڪا شڪايت ته نه ڪئي.“

رابيل چيو: ”پر مون کي ته احساس ٿئي ٿو. آءٌ پنھنجي رويي تي الاھي شرمنده آھيان.“

فيضان چيو: ”جڏھن ڪا ڳالھ ئي ڪانھي ته پوءِ شرمندگي وري ڇا جي؟ پاڻ اھي ئي ساڳيا آھيون.“

رابيل:”اڄ تون ايڏي دير تائين آفيس ۾ آھين؟ خير مان؟“

فيضان:”نه، دراصل آءٌ ڪنھن ڪم سان ٻاھر ويل ھوس ۽ آفيس ھوس ۽ آفيس ۾ ڪجھ دير اڳي ئي پھتو آھيان ۽ وڃن جي ارادي سان اٿيو ئي ھئس ته تنھنجي فون اچي وئي.“ اھو چئي گھرا گھرا ساھ کڻڻ لڳو ته رابيل چيس:

”تون اڄ ڏاڍو ٿڪل ٿڪل پيو لڳين، طبيعت ته صحيح آھي نه؟“

فيضان چيو:”ھا ڪجھ اھڙي ئي ڳالھ آھي، طبيعت ڪجھ مزي ۾ نه آھي.“

رابيل بيچين ٿي چيو: .فيضان تون ڪم به ته ايڏو ٿو ڪرين جو پاڻ کي ٿڪائي ٿو ڇڏين. پليز پنھنجي صحت جو خيال رک. ڪجھ آرام به ڪر.“

فيضان انتھائي پيار ۽ پنھنجائپ سان چيو:

”چڱو منھنجا سائين، ٻيو ڪو حڪم.“

رابيل کِلي پئي ۽ پوءِ ٻنھي موڪلائي فون رکي ڇڏي.

***

ٻئي ڏينھن کان رابيل وري آفيس وڃڻ شروع ڪيو، ڪجھ ڏينھن معمول مطابق رھيا پر وري ھڪ ڏينھن اھڙو واقعو ٿيو جو رابيل جو دماغ وري گھمي ويو، انڊس آرٽ سرڪل پاران ٿيندڙ نمائش جي رپورٽنگ لاءِ فيضان اڳ ۾ رابيل کي چيو ھو پر پوءِ کيس ٻڌائڻ کان سواءِ رپورٽر رضوان کي موڪلي ڇڏيو ھو. کيس سخت ڪاوڙ آئي ھوءَ فيضان جي آفيس ۾ وئي جيڪو پنھنجي ڪم ۾ مصروف ھو. رابيل ڪاوڙ ۾ چيو:

”فيضان! مون کي توسان ضروري ڳالھائڻو آھي.“

فيضان چيو:”رابيل پليز! ڏس اڄ آءٌ تمام مصروف آھيان، پاڻ سڀاڻي ڳالھائينداسين.“

رابيل کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ ھن چيو:”سڀاڻي کان آءٌ آفيس ايندس ئي نه.“

فيضان لکندي لکندي ھٿ کي روڪي ڇڏيو ۽ چيائين: ”وري ڇا ٿيو آھي. آفيس ۾ ڪنھن ڪجھ چيو آھي؟“

رابيل چيو: ”توکي ان سان ڇا؟ تون ته بيحد مصروف آھين“ ائين چوندي ھوءَ مڙي ۽ وڃڻ لڳي ته کيس پٺيان فيضان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ”آءٌ واندو ٿي توسان گھر تي فون تي ڳالھائيندس.“

رابيل کيس ڪو جواب نه ڏنو ۽ آفيس مان نڪري ھلي وئي.

***

فون جي رنگ وڄڻ تي رابيل فون جو رسيور کڻي ”ھليو“ چيو. ٻئي پاسي فيضان ھو، ھن چيو:

”ھا رابيل! ڇا ڳالھائڻو ھو توکي!“

رابيل چيو:”آءٌ شام کان وٺي تنھنجي فون جو انتظار ڪري رھي آھيان ۽ ھاڻي جڏھن رات ٿي چڪي آھي ته مون سمجھيو ته تون ھليو ويو ھوندين. ھونئن ايڏي دير تائين آفيس ۾ ڇو ٿو وِھين؟“

فيضان چيو: ”پرچي جو مواد تقريباً سڀ مڪمل ٿي چڪو آھي ۽ ڪمپوزنگ به گھڻو ڪري ٿي وئي آھي، باقي ڇپائيءَ جا ڪجھ مرحلا رھيل آھن. پر ان جو اھو مطلب به ڪونھي ته آءٌ پنھنجي مصروفيت ۾ توکي فون ڪرڻ وساري ويھندس.“

رابيل اداسيءَ مان چيو: ”خير، جيڪڏھن تون مون کي فون نه به ڪرين ھا ته آءٌ توسان شڪايت نه ڪريان ھا، ڇو ته ھاڻي آءٌ تنھنجي ان رويي جي عادي ٿيندي پئي وڃان. اھو وقت ئي گذري ويو جڏھن منھنجي ”ست سُريون“ ٻڌڻ لاءِ به فون ڪندو ھئين. مون ته توکي اڳ ۾ ئي چيو ھو ته ان رستي تي نٿا ھلون، نه ته قدم قدم تي ھرٽ ٿينداسين پر توئي چيو ھو ته ائين نه ٿيندو. اھا به تنھنجي دعويٰ ھئي ته تون ان تعلق کي نڀائي ڏيکاريندين ۽ مون کي ٽريڪ (Trach) تي وٺي ايندين ته پوءِ ھاڻي مون کي اڌ رستي ۾ ئي ائين ڇو پيو رلائين.“

فيضان ڏک مان چيو: ”رابيل! تون مون کي منھنجي محبتن جو اھو صِلو پئي ڏين؟ پر اھو به ته ڏس ته جڏھن به مون ان رستي تي اڳتي وڌڻ چاھيو ته مون کي روڪڻ واري به ته خود تون ئي رھي آھين. تون ته اھو ٿي چاھين ته دل جون ڳالھيون زبان تي نه اچن، پر پوءِ به منھنجي دل ۾ تنھنجي لاءِ پيار جا جذبا آھن ۽ ھميشه رھندا.“

رابيل چيو: ”فيضان! تون ئي ته ھئين جنھن مون کي گمناميءَ جي ڪنڊ مان ڪڍي وري فن جي دنيا ۾ آندو آھي ۽ تنھنجي ئي خاطر مون پنھنجو پاڻ کي ايڏو بدلايو آھي ۽ آھستي آھستي پنھنجو وڃايل اعتماد بحال ڪندي پئي وڃان، پر جڏھن تو انڊس آرٽ سرڪل واري نمائش ۾ مون کان پڇڻ کان سواءِ ئي رضوان کي ان پروگرام جي رپورٽنگ لاءِ موڪليو ته مون کي محسوس ٿيو آھي ته توکي منھنجي صلاحيتن تي شڪ آھي، توکي مون تي اعتماد ناھي ته پوءِ ھاڻي آفيس اچي ڇا ڪريان؟“

فيضان گھرو ساھ کڻندي چيو: ”ھون!... ته اھا ڳالھ آھي، ڏس رابيل مون توکان ٻه ٽي ڀيرا ان پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ پڇيو پر تو پڪ نه ڏيکاري. سو ڪالھ به سوچيم ته توکي چوندس ته تون جواب ڏئي ڇڏيندينءَ ان ڪري مون رضوان کي موڪليو.“

رابيل چيو: ”مون جو پنھنجو پاڻ کي ذھني طور ماڻھن کي Face ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو ھو. ۽ مون سوچيو ھو ته آءٌ تنھنجي اعتماد تي پورو لھي ڏيکارينديس. پر تو مون کي موقعو ئي نه ڏنو. آخر آءٌ به ته آفيس ۾ ئي موجود ھئس. مون کان پڇين ته ھا! پوءِ، جيڪڏھن آءٌ توکي جواب ڏئي ڇڏيان ھا ته پوءِ رضوان کي موڪلين ھا. تنھنجي ان حرڪت مون کي الاھي ھرٽ ڪيو آھي.“

فيضان چيو: ”توکي ته ھر ڳالھ ھرٽ ڪري. ٻئي پاسي حالت تنھنجي اھا آھي ته ڪوبه مسئلو ڊسڪس ڪرڻ لاءِ تيار ناھين. توکي ته صرف اھو فڪر ھوندو آھي ته ماڻھو ڇا چوندا؟ پوءِ ائين ڪم ڪيئن ھلندو. تو پنھنجي سڄي عمر ائين ئي ڊڄي ڊڄي گذاري ڇڏي، پوءِ انھن ماڻھن توکي ان جو ڇا صلو ڏنو؟ ڪھڙي عزت ۽ مانُ ڏنو. تون پنھنجو پاڻ تي ظلم ٿي ڪرين، جبر ٿي ڪرين.باقي رھي رضوان کي موڪلڻ جي ڳالھ ته آءٌ باس آھيان جنھن ڪم لاءِ جنھن کي به مناسب سمجھندس ان کي ڏيندس، منھنجي مرضي.“

رابيل ڪاوڙ ۾ چيو: ”ته پوءِ منھنجي به مرضي آھي، سڀاڻي کان آءٌ آفيس ڪونه اينديس.“

فيضان سختيءَ سان ھڪ ھڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو:

”رابيل! تون سڀاڻي آفيس ايندينءَ.“

”ڪونه اينديس، ڇا ڪندين؟“ رابيل ساڳئي ڪاوڙيل لھجي ۾ چيو.

فيضان چيس: ”اھا توکي سڀاڻي خبر پئجي ويندي ته آءٌ ڇا ٿو ڪري سگھان.“

رابيل خوفزده ٿيندي چيو: ”پر آخر ڇا ته ڪندين؟“

”سڀاڻي خبر پئجي ويندي، نه ته سوچي وٺ.“

اھو چوندي فيضان فون بند ڪري ڇڏي ۽ رابيل پوءِ تمام پريشان ٿي وئي.

***

ٻئي ڏينھن صبح کان وٺي رابيل وري پنھنجي ذھن تي ڳراڻ ۽ طبيعت ۾ عجيب اداسي محسوس ڪئي. يونيورسٽيءَ ۾ به جيئن تيئن وقت گذاري منجھند جو مانيءَ جا ٻه ٽي گرھ کائي ليٽي پئي. ھن سمھڻ چاھيو پر طبيعت ۽ موڊ ۾ ڏاڍي بيچيني محسوس ڪئي ۽ نيٺ پوءِ سڪون جي دوا وٺڻ کان پوءِ ائين بي خبر سُتي جو پوءِ شام جو ذري گھٽ سج لھڻ واري وقت تي اک کليس. ھوءَ ھٿ منھن ڌوئي فريش ٿي آئي ته ڏٺائين ته گُلان چانھ جو گرما گرم مگ سندس ٽيبل تي رکي وئي ھئي. چانھ پيئڻ بعد ھن پاڻ کي وڌيڪ بھتر سمجھيو ۽ پوءِ کيس فيضان جي ڪالھوڪي ڏنل ڌمڪي جو خيال آيو. ھن وال ڪلاڪ ڏانھن ڏٺو ته آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ وارو ھو پر اڃا تائين ته فيضان جي ڌمڪيءَ مطابق ڪجھ به نه ٿيو ھو ۽ پوءِ وري کيس پنھنجي ڪالھوڪي رويي تي شرمندگي محسوس ٿي ۽ سوچيائين ته آخر ننڍيون ننڍيون ڳالھيون به مون کي ايڏيون وڏيون ۽ گنڀير ڇو محسوس ٿينديون آھن، جو پوءِ آءٌ فيضان سان جھيڙو ٿي ڪريان، پر آفرين آھي ھن شخص جي صبر ۽ جذبي کي جو ھن ڪڏھن به مون سان منھنجي خراب رويي جي سبب ڪاوڙ ۾ اچي ڪو اھڙو قدم ڪونھي کنيو جيڪو مون کي تڪليف پھچائي. سندس چپن تي ھڪ آسوده مرڪ اچي وئي ۽ فيضان تي بي انتھا پيار ۽ پوءِ سندس آڱريون فيضان جو نمبر ڊائل ڪرڻ لڳيون فيضان جو آواز ٻڌي کيس تنگ ڪرڻ خاطر چيائين:

”مون ته ڪجھ ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيو ۽ تنھنجي پاران ڪجھ ڪرڻ بابت پئي سوچيم، پر تو ته ڪجھ به نه ڪيو.“

فيضان ڏک مان چيو:”آءٌ ڇا ڪندس. تو ھميشه پنھنجي مرضي ھلائي آھي ۽ منھنجن جذبن جو احساس ڪو ئي ناھي.“

(ھلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com