سلسليوار ناول
فقير شهمير چانڊيو
قسط: 5
جنين ڪاڻ مياس!!
هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي جيڪا گمراهه ٿي ويئي.
منهنجي لفظن باهه تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو ۽ حسنا ڇتي ٿي پئي.
بهرحال اهو سوچي، زهر جو ڍڪ پي ويس، ته هاڻي مان ڇا ٿو ڪري
سگهان! وري به خواري ٿيندي ۽ ماڻهو ڇا چوندا. جيڪي
منهنجي نصيب ۾ هو، سو ئي ٿيو. مان هر طرح حسنا جو
خيال رکندو هوس. حسنا به موٽ ۾ مون سان محبت سان
پيش ايندي هئي. ان ڪڏهن به چهري ۾ ڪنهن قسم جو
تاثر نه ڏيکاريو، جنهن مان هوءَ اداس نظر اچي.
شايد ان ماضيءَ ۾ ٿيل غلطيءَ کي وساري ڇڏيو هو.
هڪ رات، مون کي ايڊيٽر صاحب پاڻ وٽ گهرايو ۽ ڏينهن جو ڊيوٽي ڏيڻ
لاءِ چيائين. ان جي ان آفر تي مون به اها ڳالهه
قبول ڪئي ۽ ڏينهن رات حسنا جي خواهشن ۽ کيس خوش
رکڻ لاءِ پئسا ڪمائڻ لڳس. پر ان کان اڳ ۾ ماميءَ
کي ساڻ رهائڻ ڪو نه وساريو هئم. جيئن حسنا اڪيلي
نه ٿئي. باقي هفتيوار موڪلون مان گهر ۾ گذاريندو
هوس.
هڪ شام، جيڪا منهنجي هفتيوار موڪل ۾ شامل هئي. گهر ويٺو هوس ته
ڪنهن در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي، در کولي ڏٺم ته هڪ اجنبي
ماڻهو بيٺو هو، پڇيومانس، ”ڪنهن سان ملڻو اٿئي؟“
چيائين ته ”فلاڻو تون آهين“ چيم ”ها!“ چيائين
”توکي رئيسن اوطاق تي گهرايو آهي!“
”خير ته آهي؟!“ مون حيران ٿيندي اٻهرائي مان چيو.
”مون کي خبر ناهي، اتي اچ ته خبر پوندءِ“ اجنبي کهري انداز ۾
چيو.
”چڱو تون هل، مان اچان ٿو“ ائين چئي مان در بند ڪري اچي کٽ تي
ويٺس ۽ سوچن ۾ گم ٿي ويس ته اوچتو حسنا
ڳالهايو”ڪير هو؟“
”مان ڪونه سڃاڻان، شايد پاڙي جو ئي هو، چيو اٿس ته توکي رئيسن
اوطاق تي گهرايو آهي!“
”ڀلي وڃي ٿي اچ، ڪو اخبار جو ڪم هوندن.“ حسنا چيو
اوطاق جي دروازي تي پهچندي ئي منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا. ڪو چئي
رهيو هو”اچڻ ڏيوس.... کي! ڏسون ته ٻانهن ڪيئن نه
ٿو اسان جي حوالي ڪري!!“
پهرين ته خيال آيو ته پوئتي موٽي وڃان پر وري ٻيو خيال آيو ته
مان جن ماڻهن جي پاڙي ۾ رهان ٿو سي وڏا اثر رسوخ
وارا آهن. سو ائين جند نه ڇڏيندا. اڳو پوءِ ٿيندو
وڃان. اهو سوچي اندر داخل ٿيندي صوفن تي براجمان ۽
ٿري پيس ۾ ملبوس شخصيتن کي سلام ڪيم. منهنجي سلام
جي جواب انهن ڪنڌ جي ڌوڻ سان ڏنو ۽ هڪ خالي پيل
موڙي تي مون کي ويهڻ لاءِ چيائون. منهنجي
ويهنديئي، منهنجي مٿان سوالن جو مينهن وسڻ شروع ٿي
ويو.
”گهڻو وقت ٿيو ٿئي، هتي رهندين“
”تقريبن يارنهن، ٻارنهن مهينا!“
”ڇا ڪندو آهين؟“
”مقامي اخبار ۾ نائيٽ ايڊيٽر آهيان.“ ائين چوڻ سان مون محسوس
ڪيو ته اخبار جي نالي سان هو ڪجهه ڇرڪيا هئا. جڏهن
ته مون اهي جملا ڳالهائيندي، اک ٽيٽ سان اطراف جو
جائزو به ورتو، فقط ان خيال سان ڪو شناسا چهرو
ويٺل ته ڪونهي، ۽ وري ڪجهه سوچي پڇيم:”مون کي ڀلا
ڪهڙي خيال سان سڏايو ويو آهي!“
”توکي خبر آهي ته نڪاح جي مٿان نڪاح وجهڻ، قانوني توڙي شرعي
ڏوهه آهي؟“
”جي ها، مون کي خبر آهي!“ ان سوال تي مان ڇرڪي پيو هوس.
”اسان کي خبر پئي آهي ته هو هڪ اهڙي ئي ٻانهن سان ناجائز نموني
نڪاح ڪيو آهي ۽ شرافت مان ڄاڻين ته ٻانهن فوري
طور تي اسان جي حوالي ڪر!“
هڪڙي رئيس ڌمڪي آميز انداز ۾ مون کي چيو.
”پر منهنجا سائين، مون اهو نڪاح ٻانهن جي رضا خوشي، مائٽن جي
رضامندي ۽ ڪورٽ جي اجازت سان ڪيو آهي، ائين مان
ٻانهن ڪيئن ڇڏيندس“ مون عاجزانه نموني چيو.
”تون ائين ڪونه مڃندين، اڙي سڏ ڪريو موسي کي ته اچي نڪاح نامو
ڏيکاريس!“ رئيس پاسي ۾ بيٺل نوڪر کي حڪم ڏنو.
ٿوري دير ۾ موسو معصوم صورت بنائي، رئيس کي هٿ ۾ هڪ فولڊ ٿيل
ڪاغذ ڏنو.
”اچي هان ڏس!“ رئيس نڪاح نامو مون کي ڏيکاريندي وري چوڻ لڳو،
موسو ڪيس ڪندءِ ته سر ويندءِ هليو، اشرافت مان
ڄاڻين ته هينئر جو هينئر ٻانهن موٽائي، موسي کي
ڏي!“
”جيڪڏهن موسي کي ڪيس ڪرڻو آهي ته ڀلي وڃي ڪري، باقي ٻانهن مان
مري ويندس، ڏيندس ڪونه!“ مون به ڍٽائي سان جواب
ڏنو.
”موسا، ٻڌين پيو، هن جو مٿو ڦري ويو آهي، ڪيس ڪرينس ته دماغ
ٺڪاڻي اچيس!“ رئيس منهنجي ڳالهه ٻڌي موسي کي
چيو.
”ٺيڪ آ سائين، هي ائين باز نه ايندو، پر هڪڙي ڳالهه ٻي به ٻڌائي
ٿو ڇڏيانس ته منهنجي زال چئن مهينن سان آهي.
ڪورٽ هونءَ به منهنجي حق ۾ فيصلو ڪندي. توهان جي
مهرباني هاڻي مان پاڻهي ڀڇندوسانس.“ ائين چئي موسو
اوطاق کان ٻاهر نڪري ويو. موسي جي ٻاهر نڪرڻ سان
مان به ٻاهر نڪري ويس ۽ اڃا در تائين مس پهتس ته
پٺيان سڏ ٿيو ۽ مان بيهي رهيس.
”آءُ وري به توکي صلاح ڏيان ٿو ته ٽيپ کائي ويندين. پرائي ٻانهن
واپس ڪري ڇڏ!“ رئيس تحڪمانه انداز ۾ چيو.
”سائين ڏٺو ويندو.... ٻنيون ونيون نامردن جون وينديون آهن، موسي
کي مرد نه مليو آهي!“ ائين چئي مان به تڪڙو تڪڙو
ٻاهر نڪري ويس. گهر ڏانهن موٽ کائيندي، رستي ۾
انيڪ قسمن جا خيال ذهن ۾ ون وي ٽريفڪ وانگر اچڻ
وڃڻ لڳا ۽ ڪجهه اڻ ڏٺو خوف پڻ ذهن تي طاري ٿي ويو
۽ ان سان گڏوگڏ چڙ به ڏاڍي پئي آيم. وس هليم ها ته
موسي کي ڪچو چٻاڙي ڇڏيان ها. ڇاڪاڻ ته ان مون کي
چئن ماڻهن اڳيان بي آبرو ڪيو هو. پر خدشو ان
ڳالهه جو هو ته جيڪڏهن موسي مون تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو
ته ظاهر آهي ته حسنا کي به ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو پوندو
پر پوءِ ماڻهن ۾ چميگويون شروع ٿي وينديون ته
فلاڻي ماڻهوءَ هڪ ڀاڄوڪڙ عورت سان نڪاح ڪيو آهي.
جيڪا حاملا پڻ آهي. جڏهن ته مان هڪ شريف النفس
ماڻهو هوس. وري هڪ ٻيو خيال، جيڪو منهنجي لاءِ
نهايت ڀوائتو هو ته ڪيس هلندي حسنا ڦري وڃي ته مان
ان سلسلي ۾ ڇا ٿو ڪري سگهان!!؟
گهر پهچي کٽ تي اکيون ٻوٽي پئجي رهيس ۽ وري به خيالن جي دنيا ۾
گم ٿي ويس. اوچتو حسنا جي ڳالهائڻ مون کي اکيون
کولڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.”ڇو خير ته آهي نه؟“
”خير ڪهڙو! مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته توسان نڪاح
ڪري، شايد مون ڪا وڏي غلطي ڪئي آهي، هاڻي ته
ماڳهين خوار ٿيندو وتان. جڏهن ته تو واري پيءُ
نڪاح وقت توکي ڪنواري ڄاڻايو آهي. هاڻي ته تو ان
گڏ منهنجون به ٽنگو ڪاٺ ۾ آهن!“
”آخر ڇا ٿيوآهي، جو ايترو ابتو سبتو ڳاهايو پيا!؟“ حسنا ترشيءَ
سان مخاطب ٿيندي چيو.
”ٿيندو وري ڇا، جيڪا پوک تو پوکي آهي، سا وري مون کي لڻڻي پوندي
مون کي ته ڳالهه ڪندي به حيا ٿو اچي، ته توکي ڇا
ٻڌايان!“ مون طنزيه انداز ۾ چوٽ ڪندي حسنا کي جواب
ڏنو.
”تون رومال ۾ ويڙهي ڇو پيو ڌڪ هڻين، صاف صاف ڇو نه ٿو
ڳالهائين!؟“ حسنا به باهه ۾ چيو.
”تون ته آهين هڪ ناتوان عورت ۽ تنهنجو عقل هميشه کڙيءَ ۾ ئي
هوندو آهي. جيڪڏهن سمجهه هجئي ها ته ڍيڍن جهڙو ڪم
نه ڪرين ها. ۽ خوامخواهه پنهنجو پاڻ کي آزار ۾
وجهي ڇڏيم.“ مون به باهه ۾ ئي جواب ڏنومانس،
منهنجن انهن لفظن باهه تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو هو. ۽
حسنا ويتر ڇتي ٿي پئي ۽ چوڻ لڳي ته”توکي جڏهن خبر
هئي ته مان ڪاري آهيان، ته پوءِ هٿ ڇو ڳنڍيئي،
هاڻي به وقت اٿئي، ڏئي ڇڏ مون کي طلاق! منهنجي
نصيب ۾ آهن ئي سور!“ ائين چئي حسنا اوڇنگارون
ڏيئي روئڻ لڳي.
حسنا کي روئندو ڏسي منهنجي اندر جي باهه وسامي وئي ۽ الائجي ڇو
وري ڪهڙي جذبي تحت کيس ڳراٽڙي پائي دلداريون ڏيڻ
لڳيس ۽ مون کي پنهنجي رويي تي ندامت ٿيڻ لڳي. پوءِ
سڄي ڳالهه جرئت ڪري ٻڌائي مانس، جنهن تي حسنا چوڻ
لڳي” تون ان ڳالهه لاءِ گهٻرائي نه، مان اڄ به
تنهنجي آهيان ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين تنهنجي رهنديس.“
حسنا جي ان دلاسي مون کي جياري ڇڏيو هو ۽ مان بي اونو ٿي دنيا
جون ڪم ڪاريون ڪندو رهيس. پر وري به ان هوندي مان
ڊڄندو رهندو هوس، ته الائجي ڪڏهن ٿو سمن اچي ڪورٽ
جو يا ڪيڏي مهل ٿي پوليس اچي گرفتار ڪري!. ڏينهن،
هفتا، مهينا ۽ سال گذري ويا. ان دوران حسنا، هڪ
ڇوڪريءَ کي جنم ڏنو ۽ مان ان کي خدا جي رحمت سمجهي
نپائڻ لڳس، ان عرصي ۾ ڪوبه ناخوشگوار واقعو پيش نه
آيو.
هڪ ڏهاڙي جيئن مان اخبار جي دفتر وڃي رهيو هوس ته اوچتو رستي ۾
ڪنهن وڏي واڪي کنگهار ڪئي ڏاڙهي مون لاشعوري طور
تي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته موسو هوٽل تي ويٺل نظر آيو ۽
مون کي ڏسي ”آخ ٿو“ ڪري ٿڪ اڇلايائين. پهرين ته
مون کي ڏاڍي چڙ آئي ته هينئر جو هينئر وڃي هٿين
پوانس پر ماڻهن ۽ خواريءَ جي ڀو کان ڊڄي ڪنڌ هيٺ
ڪري تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو اڳتي نڪري ويس.
رات جو جڏهن موٽي گهر آيس ته حسنا سان اهو ذڪر ڪيم، جنهن تي
حسنا وراڻيو” ان مئي تنهنجي اڃا پچر نه ڇڏي آهي.
کيس خبر هئي ته ڪيس ڪندس، ته ڪٿي ڦاسي نه پوان،
مون ته سمجهيو ته هاڻي هو منهنجي پويان نه لڳندو،
پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ته سال گذري ويا آهن پوءِ
به لڳو پيو آهي. شل الله جي مار پويس... پر تون
جهيڙو نه ڪجئين...“ وري ڪجهه سوچڻ لڳي،”منهنجي
صلاح اٿئي ته رستو ئي مٽائي ڇڏ!“
”مان ته جهيڙي جي بنهه خلاف آهيان جهيڙي ۾ رکيو ڇا آهي، پر ان
نامراد رستو ئي اهڙو اختيار ڪيو آهي، جو هو منهنجي
شرافت مان ناجائز فائدو پيو وٺي. توکي خبر ناهي
ته ان جي حرڪت سان منهنجو عزت نفس ڪيڏو مجروح ٿو
ٿئي. تو واري صلاح به ٺيڪ آهي، هاڻي رستو بدلائڻو
پوندو“ ائين چئي ماني کائي سمهي رهيس.
ڪجهه ڏينهن رستو بدلائڻ سان ٺاپر رهي، پر وري الائجي ڪيئن ان
مردود کي منهنجي رستي مٽائڻ جي خبر پئجي وئي جو هو
وري به اڳ جهلي ويهي رهندو هو ۽ اها ساڳئي ”آخ ٿو“
واري ڪار ستاني شروع ڪري ڇڏيندو هو. ان جي اها من
ماني ان حد تائين وڌي وئي جو منهنجي ڏسڻ تي ڏاڙهي
تي هٿ ڦيري ڌمڪيون به ڏيندو هو. اهڙوذڪر مون وري
به حسنا سان ڪيو، پر حسنا وٽ به ان جو علاج ڪونه
هو.
ان صورتحال سبب منهنجي راتين جون ننڊون به حرام ٿي ويون هيون.
ڪڏهن ڪڏهن ته سوچيندو هوس ته اهڙي طرح ذليل ٿيڻ
کان موت بهتر آهي ۽ پوءِ مون حتمي فيصلو ڪري ڇڏيم
ته ”يا هو منهنجي پيٽ ۾، يا مان ان جي پيٽ ۾!“
صبح ٿيندي ئي پاڙي جي هڪ معزز ماڻهوءَ جي گهر وڃي، پنهنجي اسٽاف
رپورٽر دوست کي مختصرن حال حقيقت کان آگاهه ڪيم،
پر اصل حقيقت گول ڪري ويس ۽ فقط ايترو چيومانس ته
”قبضي ٿيل پلاٽ تي ٿورو تنازعو ٿي پيو آهي،
معاملو ٿاڻي تائين وڃي پهتو آهي. تون مڙوئي
پوئواري ڪجائين“ ائين چئي مان شڪريو ادا ڪري ٻاهر
نڪري آيس ۽ ان جاءِ تي پهچي هيڏانهن - هوڏانهن
لؤڻان هڻي نهارڻ لڳس، جتي هو مردود ويٺل نظر ايندو
هو پر اڄ اتفاق سان هو اتي ويٺل نظر نه آيو. ٿورو
فاصلو طئي ڪرڻ کان پوءِ موسو مون کي هڪ دڪاندار
سان گپ شپ هڻندي نظر آيو. منهنجي اکين ۾ رت تري
آيو ۽ مون اهو به نه سوچيو ته هو مون کان قد ۽
طاقت جي لحاظ کان ڪيترو وزني آهي. دڪان تي چڙهي
نه ڪيم هم، نه ڪيم تم، منهن وارو ٺونشو وهائي
ڪڍيومانس منهنجي ان حملي تي هو بدحواس ٿي ويو ۽
جيئن اٿڻ جي ڪيائين، مون وري به هڪ ٻيو ٺونشو منهن
۾ هڻي ڪڍيومانس. هن ڀيري وارو ڌڪ زورائتو هو، سندس
منهن جي کل لهي پئي ۽ رت ٽمڻ لڳس. ان دوران
دڪاندار وچ ۾ پئجي ويو. تيسين ان کي موقعو ملي ويو
۽ دڪاندار جي آڙ وٺي مون کي به منهن ۾ ٺونشو وهائي
ڪڍيائين. ٺونشي لڳڻ سان منهنجي اکين اڳيان جهڙوڪر
انڌاري ڇائنجي ويئي ۽ مان ٿاٻڙجي دڪان کان ٻاهر پٽ
تي ڪري پيس ۽ ان کان اڳ جو هو مون تي ٻيو وار ڪري
پاڻ سنڀالي، ڀر ۾ پيل هڪ سر جو اڌڙ مون هٿ ۾ کڻي
ورتو ۽ زور سان ڏانهنس اڇلايم، جيڪو سندس ٽنگ جي
مرئي ۾ وڃي لڳو ۽ هڪ هلڪي دانهن ڪري گار ڏئي مون
ڏاهن وريو. ان جي ورڻ جو انداز مون کي ڏاڍو
خوفائتو لڳو ۽ پڪ ٿي ويم ته جيڪڏهن ان وحشي جي ور
چڙهي ويس ته چيڀاٽي ساهه ڪڍي ڇڏيندو. پر قدرت
مهربان ٿي، جو رستي تان لنگهندڙ ماڻهو اسان ٻنهي
جو جهيڙو ڏسي مڙي ويا ۽ ڇڏ ڇڏان ڪرائي ڇڏيائون.
ماڻهن جي گوڙ کي ڏسي، ڊيوٽي تي موجود سپاهي اسان ٻنهي کي وٺي
ٿاڻي تي آيا ۽ صوبيدار کي چيائون”سر هنن عام رستي
تي جهيڙو ڪيو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ ۾ وڏو رخنو پيو
آهي. هنن کي چالان ڪيو وڃي.“ صوبيدار به وڏو بخيل
ماڻهو هو، جنهن منهنجي هڪ به نه ٻڌي. ۽ فوري طور
تي چالان ڪري هڪ هٿڪڙي منهنجي ٻانهن ۾ ۽ ٻي هٿ ڪڙي
ان مردود جي ٻانهن ۾ هڻي ٽانگي تي سوار ٿي ڪورٽ
وٺي وڃڻ لڳا. ان وقت منهنجي حالت ڏسڻ وٽان هئي.
مان ڏاڍو پڇتائي رهيو هوس. ڪاش! مان حسنا سان نڪاح
نه ڪريان ها ۽ نه ئي هي ڏينهن ڏسڻو پوي ها. مان
جواني جي انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ويو هوس. جيڪڏهن
ان ڪم ڪرڻ کان پهرين مان ان جي انجام تي نظر وجهان
ها، ته هيئن هن سماج ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري نه هلان ها.
پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو، هي ته اهو حساب هو جيئن
نانگ نڪري ويو هجي. ۽ مان صرف ليڪو ويٺو ڪٽيندو
هجان!!
ڪورٽ پهچي اسان کي ان پيل هڪ بينچ تي ويهاريو ويو، جج صاحب اڃا
چيمبر مان ٻاهر نه نڪتو هو. سپاهين پاڻ سان گڏ
آندل چالان جا ڪاغذ اتي بيٺل پٽيوالي جي معرفت جج
صاحب ڏانهن موڪلي ڏنا. ٿوري دير کان پوءِ گهنٽي
وڳي ۽ پٽيوالو ٻيهر اندر داخل ٿي ويو ۽ ستت ئي
ساڳيا ڪاغذ کڻي اچي سپاهين کي ڏنائين ۽ چيائين ته
”جج صاحب جو چوڻ آهي ته هيءُ ڪيس مصالحتي عدالت جو
آهي لهاذا اوڏانهن رجوع ٿيو.“
سپاهي وري جيئن ئي اسان کي وٺي وڃڻ لڳا ته ڏاڪڻ لهندي مون کي
مون وارو صحافي دوست نظر آيو. ان کي ڏسي منهنجي
پيٽ ۾ جهڙو ساهه پئجي ويو ۽ هو به وڌي مون ڏانهن
آيو. هو مون کي ان حالت ۾ ڏسي ڏاڍو افسوس ڪري رهيو
هو ۽ دلداري ڏيندي چيائين ”تون ڪو به فڪر نه ڪر،
مان اجهو ٿو ضامن جو بندوبست ڪريان!“ پوءِ مون
جڏهن ٻڌايومانس ته ”جج صاحب هي ڪيس مصالحتي عدالت
ڏانهن موڪليو آهي“ ته چوڻ لڳو ته هاڻي ته پاڻ
مسئلو حل ٿي ويو. مصالحتي عدالت وارو جج منهنجو تو
وانگر گهاٽو يار آهي ۽ منهنجي شخصي ضمانت تي توکي
آزاد ڪري ڇڏيندو.“ ۽ وري ان مردود ڏانهن منهن
ورائي چوڻ لڳو ”باقي هن جو خير ناهي!“
مصالحتي عدالت، هڪ ننڍڙي ڪمري تي مشتمل هئي، جنهن ۾ هڪ ڪنڊ تي
هڪ ڪلارڪ ٽائيپ ڪندو نظر اچي رهيو هو ۽ عين دروازي
جي سامهون هڪ وڏي ميز آڏو هڪ ڦرندڙ ڪرسي تي هڪ
معصوم صورت انسان براجمان هو. ڪمري ۾ پهرين مون
واري صحافي دوست قدم رکيو. جنهن کي ڏسندي ڪرسي تي
ويٺل شخص نهايت خنده پيشاني سان اٿي بيهي ڀليڪار
ڪئي. ان کان پوءِ مان ۽ موسو ۽ سپاهي داخل ٿياسين.
سپاهين اسان کي ٺونٺ سان هٽائي پري ڪري پنهنجي
مخصوص انداز ۾ سلوٽ ڪري جج صاحب اڳيان چالان جا
ڪاغذ پش ڪيا ۽ جج صاحب جي ٻئي حڪم تائين بيٺا ئي
رهيا. جج صاحب ڪاغذن جو مطالعو ڪري مون ڏانهن ۽
موسي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ مون واري يار ڏانهن مخاطب
ٿيندي چيائين” توهان انهن ئي همراهن جي سلسلي ۾
زحمت ڪئي آهي؟“
”بس ڙي يار ٻڌو ڪونه اٿئي، ته هڪڙي پنهل ڪاڻ ٻانهي ڪل ٻروچ جي“
هن موصوف جي ڪري، پنڌ ڪيو اٿم، نه ته اوهان سان
ملڻ جو ٽائيم، هن افراتفري وار دور ۾ ڏاڍو ڏکيو
آهي. جي مناسب سمجهو ته مان پنهنجي شخصي ضمانت ڏئي
سگهان ٿو.“ مون واري دوست، مون ڏانهن اشارو ڪندي
چيو.
”اڙي ڇا ڪندو آهين؟“ جج صاحب مون واري يار کي جواب ڏيڻ بجاءِ
موسي سان مخاطب ٿيو ۽ وري سپاهين ڏانهن منهن ڪري
چوڻ لڳو: اوهان هاڻي وڃي سگهو ٿا ۽ پوءِ سپاهي
هليا ويا.
”سائين، مان پٺاڻ جي ٽال تي ڪاٺيون ڦُوڙيندو آهيان!“ موسي معصوم
صورت ٺاهي جواب ڏنو.
”توکي خبر آهي ته مون کي به ڇهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ڏيڻ
جو حق آهي، تون مهانڊي مان ئي جابر ٿو نظر اچين.
پاڻ سان گڏ ڪو ضمانتي آندو اٿئي!؟“
”نه سائين!“
”پوءِ موڪليئين ڇهن مهينن لاءِ اندر!“
”نه سائين اهڙو ظلم نه ڪجو، منهنجا سنها ٻچا آهن!!” موسو
روئڻهارڪو ٿي ويو، (موسي جي ان انڪشاف تي مان
ڇرڪيو هوس)
”پوءِ وٺ سائينءَ کان معافي ۽ واعدو ڪر ته آئنده هن شريف
ماڻهوءَ کي تنگ نه ڪندين. ڇا هو توکي ڪو غنڊو نظر
ٿو اچي! ڪٿي هو ۽ ڪٿي تون!“
جج صاحب جي ايتري چوڻ تي موسو يڪدم منهنجي پيرن تي ڪري معافي
وٺڻ لڳو ۽ پوءِ مون به کيس معاف ڪري ڇڏيو. اهڙي
طرح جج صاحب موسي کي ڇڏي ڏنو ۽ هو اهڙي طرح اتان
غائب ٿي ويو ڄڻ هو اتي آيو ئي ڪونه هو. ڪجهه دير
لاءِ جج صاحب وٽ چانهه پي ۽ سندس شڪريو ادا ڪري
ٻئي دوست ٻاهر آياسين ۽ وري هڪ ٻئي کان موڪلائي
پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏانهن روانا ٿي وياسين!
آفيس دير سان پهچڻ تي ڪو نه ڪو بهانو بنائي جان ڇڏايم ۽ تازي
آيل ٽپال کي کولڻ ۾ لڳي ويس. في الحال ته سک جو
ساهه پٽيم ۽ آئنده جي باري ۾ اهو به نه سوچي
سگهيس ته اڳتي لاءِ مون سان ڪهڙي ويڌن ٿيڻي آهي.
جنهن جو مان تصور به نه ٿي ڪري سگهيس!!
-----------------------
خط
خطن سان ايڊيٽر جو متفق هئڻ ضروري ناهي
ڀيڻ!
اسلام عليڪم
اميد ته طرفين خيرت هوندي.
تازو سرتين جو ”ڪهاڻي نمبر“ خريد ڪيم، بيحد پيارو لڳو. هونئن به
هر پرچو پنهنجي جاءِ تي معياري ۽ سانڍڻ لائق آهي.
مون وٽ شروعاتي کان ئي وٺي مڪمل پرچا محفوظ آهن.
مذڪوره پرچي ۾ ”شاعري نمبر“ بابت پڙهي خوشي ٿي. سچ پچ جيڪڏهن
”سرتيون“ جا وقت بوقت ”خاص نمبر“ شايع ٿيا، ته ادب
جي دنيا ۾ انقلاب اچي ويندو. منهنجي خيال ۾”
شخصيات نمبر“،”عورت نمبر“ ۽ ”مضمون نمبر“ وغيره به
شايع ٿيڻ گهرجي.
”شاعري نمبر“ لاءِ پنهنجي ڪچي ڦڪي محنت حاضر آهي. اميد ته قبول
پوندي.
اوهان جو دعاڳو پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالغفور سنڌي
*-----*-----*
نهايت مانواري نياڻي!
لڄ / پردو سلامت
گهڻي وڇوٽيءَ کان پوءِ ڪلهه اوچتو ”سرتيون“ پرچو مليو، خوشي به
ٿي اطمينان به اطمينان ائين ٿيو جو اوهان وري
”سرتيون“ ۾ موٽي آيون آهيو، اڳ ۾ جڏهن سرتيون کي
ڇڏي ويون هيون ته مون به سرتيون سان لک پڙهه ڇڏي
ڏني هئي. هاڻي لاڳيتو سرتيون ۾ حصو وٺڻ لاءِ
جهڙو حال تهڙو حاضر ڪبو.
آثم ناٿن شاهي، ڪراچي
*----*----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه!
”سرتيون“ ۾ لکڻ جي حوالي سان ڪافي پراڻو ناتو آهي. ڳچ وقت ٿيندو
ڪجهه لکڻيون ”سرتيون“ کي موڪليون هيم. ڪجهه ته
ڇپيون باقي ڪجهه لکڻيون جن جو اڃا ائين ڪو کر پير
ڪونه لڌو.
ادي سرتيون کي ڪنهن يادگار اوج تي پهچائڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ
جاکوڙ ۽ جفاڪشي جي اشد ضرورت آهي. دعا آهي ته
اوهان جو پيار ۽ پاٻوهه سان ڪيل پورهيو صاب پوي ۽
سرتيون پنهنجو ماڳ ماڻي، ڪاميابي سندس قدم چمي
(آمين)
ڀيڻ رشيده حجاب جهڙي رائيٽر، سچن لکڻ وارن کي ياد ڪري اوهان جس
لهڻو، اهڙن ماڻهن کي ياد ڪرڻ اوهان جو فرض ٿئي
ٿو.
اوهان جو دعائن سان ڀاءُ راهي چنا، ڄام شورو
محترمه ايڊيٽر صاحبه !
سدا سرها هجو.
”سرتيون“ جو پابندي ۽ سٺي معيار سان نڪرڻ سٺو سنوڻ آهي. اڃا به
ڪجهه نواڻ جي ضرورت آهي. تخليقي ادب کي گهڻي جاءِ
ملڻ گهرجي. ۽ شاعري جي سليڪشن لاءِ خاص معيار
رکيووڃي. جنهن ۾ روايتي ڪنفيوز قسم جي تخليقن
بجاءِ فڪري اڏام وارين سگهارين شين کي کڻو. پنهنجي
غزل جي آخري بند ۾ لفظ ”گلن“ کي خارج ڪري ”گلشن“
لڳائڻ ڪجهه عجيب لڳو، اميد ته مانائتي موٽ ملندي.
نيڪ تمنائن سان ايوب کوسو
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه!
سڀ کان پهريان توهان کي عيد جون لک لک واڌايون شال قبول پون.
ماهوار جنوري جو شمارو هٿن ۾ اٿم، ڏاڍو متاثر پيو ڪري. ماهتاب
محبوب، ڪلثوم منظور، عطا محمد ڀنڀرو جن جون
ڪهاڻيون، دل کي لڀائيندڙ آهن.
ناول ”جنين ڪاڻ مياس“ فقير شهمير چانڊيو جو وڻيو، شاعري پنهنجو
مٽ پاڻ هئي.
هن کان اڳ به ڪجهه شاعري موڪلي هئم ان جو ته الائي ڇا ٿيو پر
خير وري هي ڪجهه ٻي نئين شاعري موڪليان پيو اميد
ته شايع ڪندا.
ڪنول محمد يوسف ڪپري
محترمه ايڊيٽر صاحبه !
جيئن ته سرتيون جنوري 1996ع اسان کي تاريخ 6 فيبروري تي مليو.
مهرباني فرمائي ايترو دير نه ڪندا ڪريو. سرتيون
پڙهيوسين ڏاڍي خوشي ٿي. رسالي جا سڀ سلسلا سٺا
آهن. مگر ايڪويهين صديءَ جون تياريون، گار گند ڇو
نه ۽ ڇو، بهترين قول ڏاڍا پسند آيا.
رسالي ۾ اهڙا سلسلا شروع ڪيا وڃن ته جيئن سڀني پڙهندڙن جو شوق
به وڌي ۽ پنهنجي وطن لاءِ جوش جذبو پيدا ٿئي.
اسان هي خط پهريون ڀيرو لکي رهيا آهيو مهرباني ڪري اسان جو هي
خط ضرور شايع ڪندا.
نور محمد خان ڀيو ۽ زخمي اربيلو خان ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ
*----*-----*
مانواري ادي!
احوال ڪجهه هن ريت آهي ته گهڻي انتظار بعد وري اڄ اوهان طرف هي
خط لکي رهيو آهيان، اميد ته مانائتي موٽ ملندي.
اوهان کي شايد مون سان ڪنهن قسم جي دشمني آهي، جو هيل تائين
منهنجي موڪليل لکڻين مان ڪنهن به هڪ کي ”سرتيون“ ۾
جاءِ نه ڏني اٿوَ.
توهان مون سان ائين ناانصافي ڇو پيون ڪريو. اگر منهنجي لکڻين ۾
اوهان کي اوڻايون ملن ٿيون ته انهن جي نشاندهي
ڪريو، ته جيئن اسان انهن کي دور ڪندي اڃا بهتر
لکي سگهون، باقي جيڪا اها خاموشي اختيار ڪئي اٿوَ
سا بدگمانيون پئي پيدا ڪري، آءُ اميد ٿو ڪريان ته
حقيقتن کان آگاهه ڪنديون. مهرباني
تازو جنوري جو پرچو آيو، ڏاڍو سٺو آهي، وڻندڙ آهي، پر شاعريءَ
۾ صرف طارق عالم، شهيد احمد خان آصف مصراڻي ۽
ممتاز لوهار جي ئي شاعري وڻندڙ ۽ پڙهندڙ کي ڪجهه
ڏيندڙ آهي باقي ته سڀني جي شاعري مڙئي وقت جو
پورائو آهي. مهرباني ڪري شاعري چونڊ ۽ سٺي پيغام
واري ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو.
قلب سومرو، پنجو ديرو لاڙڪاڻو
*----*-----*
مانواري ڀيڻ!
السلام عليڪم
سرتيون جنوري جو پرچو اسٽال تان وٺي بس ۾ ويهي پڙهي پورو ڪيم،
”ٿورا داڻا ٿالهي ۾ ڀلي“ چوڻي مثل لڳو.
ادي شاعريءَ کي وارو ڏيڻ لاءِ مهربانيون اهڙي ڪارائتي موٽ مجبور
ڪيو ته ٻيهر اڻ ڇپيل شاعري موڪليان . اميد ته هن
ڀيري به ڪارائتي موٽ ملندي.
دعائن سان ممتاز لوهار
*----*-----*
مانواري ڀيڻ!
جنوري 1996ع جو ”سرتيون“ جو پرچو هٿن ۾ آهي. سڀ کان پهريان ته
21 هين صديءَ لاءِ سنڌي عورت جون تياريون“ جي
عنوان هيٺ سيمينار منعقد ڪرڻ تي واڌايون پر سٺو
ائين هو ته اندرون سنڌ مان سڄاڻ عورتن کي گهرائي
انهن کي اندر ونڊڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها. جنهن ۾
مريم مجيدي، روبينه ابڙو، خير النساءِ جعفري يا
ٻيون کوڙ ساريون، سينيئرزو جونيئرز آهن.
ماهتاب محبوب جي ڪهاڻي گهڻي وڻي. شاعري ۾ طارق عالم، ايوب کوسو
چڱا لڳا.
رجب سومرو تڳو سر ”کپرو“
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر ”سرتيون“!
جيئن ته مان شروع کان وٺي ”سرتيون“ وٺي پڙهندو آهيان.
ادي توهان تمام سٺو لکنديون رهنديون آهيو، توهان جون ڪهاڻيون به
معياري آهن يعني رسالو ”سرتيون“ تمام معياري آهي
۽ قيمت به مناسب اٿس، جڏهن ته پهرين هن جي قيمت 20
رپيا ڪجهه وڌيڪ هئي هاڻ ته هر غريب، امير، شاگرد ۽
بيروزگار به وٺي سگهي ٿو ۽ رسالي ۾ توهان جو مواد
بامقصد هوندو آهي.
جيئن تازو جنوري جي شماري ۾ توهان جي ڪوٺايل سيمينار ”ايڪويهين
صديءَ لاءِ سنڌي عورتون جون تياريون“ جي رپورٽ
پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، خاص طور ادي سحر امداد سٺي
تقرير ڪئي ۽ ٻين ادين به تمام سٺو ڳالهايو.
ڪهاڻين ۾ خاص طور عورتن جي باري ۾ لکيل ادي ڪلثوم منظور جي
ڪهاڻي تمام سٺي هئي.
شاعري ۾ سرمد چانڊيو جي شاعري تمام مرڪائيندڙ هئي.
محمد يوسف سومرو، دادو
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه!
ڀيڻ ”سرتيون“ جو خوبصورت گيٽ اپ سان سينگاريل جنوري 1996ع جو
پرچو منهنجي هٿن ۾ آهي، جنهن وسيلي توهان نون
تخليق ڪارن کي اڀاري ۽ همٿائي رهيون آهيو، جنهن
لاءِ توهان جس لهڻو.
ڪهاڻين ۾ ڀيڻ ماهتاب محبوب جي ڪهاڻي ”جُتي جوڙ“ ڪلثوم منظور
جي ڪهاڻي ”وڃايل وجود“ تمام ڀلوڙ ڪهاڻيون لڳيون.
شاعري ۾ طارق عالم جي هائيڪن، زيب نظاماڻيءَ جي نظم، ايوب کوسي
جي غزل ۽ آدرش جي نثري نظم من موهي وڌو. هڪڙي
شڪايت ته سرتيون وقت سر مارڪيٽ ۾ ڪون ٿو پهچي.
ڪوشش ڪري وقت سر پرچو مارڪيٽ ۾ آڻيو ڇو ته انتظار
جو هڪڙو پل به ڏکيو گذرندو آهي.
گل محمد خاصخيلي، جهڏو
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه!
ڪالهه اوچتو لاڙڪاڻي مان واپسي تي اسٽال تي ”سرتيون“ ڏسي من بي
چين ٿي پيو ۽ جلدي سرتيون هٿ ۾ کڻي ورتم. ڪجهه
عرصو اڳ جڏهن سرتيون ٽه ماهي هو ته بلڪل پابندي ۽
اوسيئڙي سان سرتيون پڙهندي هيس ۽ سرتين جي ٿورن
سان منهنجي ڪچي ڦڪي شاعري به شايع ٿيندي رهندي
آهي، هاڻي ماهوار سرتيون ڏسي سرهائي ٿي.
ايڊيٽوريل برحق سچو آهي، خدا ڪري سرتين جا اهي مسئلا حل به ٿين
۽ سهڻي سنڌ امڙ جون مارويون تعليم پرائن. ڪهاڻيون
سڀ موهيندڙآهن، ادي فهميده مشوري سان ڳالهه ٻولهه
ڪرائي دل خوش ڪري ڇڏيوَ ۽ اسان ڀينرن جي همت
ٻڌرائي آهي. سرتيون اگر محنت ڪن ته سٺي مقام تي
پهچي سگهن ٿيون. ٻيو ته مواد ۾ وڌ ۾ وڌ ڀينرن جو
شايع ڪيو ته اسان سنڌي نياڻين ۾ لکڻ جو شوق پيدا
ٿئي نه ته سٺيون ليکڪائون پيدا نه ٿينديون.
مس ايس، ڪي جعفري، قمبر
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه !
آءُ ”سرتيون“ چاهه سان پڙهندو آهيان، هي رسالو ڪڍي سنڌي عورت
خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي عورت جي حق جي ترجماني ڪئي
آهي. ٻهراڙي ۾ ڇوڪرين کي گهٽ تعليم ڏياري ويندي
آهي ۽ اسان وٽ پڙهيل ماڻهو به پنهنجي ڇوڪرين کي
پنج سنڌي درجا پڙهائي گهر ويهاري ڇڏيندا آهن. اسان
جي ڳوٺن ۾ ڇوڪرين لاءِ اسڪول نه آهن، هو ڪيئن پڙهي
سگهن. هاڻي ڇوڪريون پرائيويٽ پڙهي مڊل اسڪول ۾
امتحان ڏئي پوءِ جيئن تيئن ڪري ميٽرڪ تائين پڙهي
گهر ويهي رهنديون آهن.
محمد راشد هنڱورجو، ڳوٺ پنج ڪوٽ عيساڻي
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه !
سرتيون رسالو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. اها خوشي ان لاءِ ٿي آهي جو
ڀينرن کي پڙهڻ لاءِ سٺو مواد ملندو آهي. ڀيڻ آءُ
ڪا وڏي اديب نه آهيان پر ٿورو گهڻو لکندي آهيان،
خاص ڪري عورتن لاءِ . هڪ نظم موڪلي رهي آهيان شايع
ڪري همت افزائي ڪنديون.
مارئي پروين عباسي، ٺٽو
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه !
ادب ۽ عوام جي وچ ۾ ”مفاهمت“ سچ پچ ته هڪ لازمي شيءِ آهي.
ادب جي معرفت، اوهانجي هن ميگزين ”سرتيون“ سنڌي عورت ۾ شعوري
جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو ڪارج، نهايت ڀرپور انداز سان
ڪيو آهي. ان کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.
اڳي جيان هن ڀيري به ”سرتيون“ املهه مواد کڻي پهتو. هن شماري ۾
ماهتاب محبوب ۽ ٻين جون ڪهاڻيون، سنيتا گانڌي جو
انٽرويو تمام سٺا لڳا ان کان سواءِ نئين ۽ نڪور
جهڙ ڦڙ جهڙي شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ ئي.
شال ! اوهان جو هي اڙانگو سفر ابد تائين جاري رهي.
ساگر سرتومل روپاڻي، عمر ڪوٽ
*----*-----*
ايڊيٽر صاحبه!
جيئن ته آئون سرتيون رسالو گهڻي وقت کان پڙهندي پئي اچان. جنهن
۾ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪافي مواد شايع ٿي رهيو
آهي. اسان جي سنڌ سر زمين کي اهڙن رسالن ۽ ڪتابن
جي پڻ ضرورت آهي جن ۾ عورتن جي نمائندگي ٿيندي
هجي. هونئن به هي عورتن جو ئي رسالو آهي. ڪوشش
ڪري گهڻي کان گهڻو عورتن جون ئي تحريرون شايع
ڪندا. ۽ ڳوٺاڻين عورتن جا مسئلا پڻ شايع ڪيا وڃن
ته جيئن اسان جون شهري سرندي واريون ڀينرون انهن
جي مدد ڪري سگهن.
عابده پروين جلباڻي
*----*-----*
محترمه ايڊيٽر صاحبه !
سرتيون جو تازو پرچو جنوري جي آخري هفتي ۾ مليو. شايد اوهان کي
به هاڻي ٻين جيان دير واري عادت پئجي وئي آهي.
بهرحال دير، سوير پوءِ به جاري رکيون پيون اچو، ان
لاءِ مهرباني. پرچو هميشه جيان خوبصورت ٽائيٽل سان
سينگاريل آهي. ڪهاڻيون چڱيرڙيون اٿس، انٽرويو به
وڻيو باقي شاعري ۾ رڳو آزاد نظم آهن. سو ان طرف
ڪجهه ڌيان ڏيو. آزاد شاعري هجي پر ڪجهه حد اندر.
ٻيو ته اوهان خطن جو سلسلو شروع ڪري رهيون آهن، اها اسان جي
پراڻي راءِ هئي جيڪا اوهان اگهاڻي ان لاءِ ٿورا.
”اسير“ اسحاق چنا، ڳوٺ حاجي مولودي گهوٽڪي
*----------*---------*
مهربان پڙهندڙن پاران ”سرتيون“ ڪهاڻي نمبر جي سلسلي ۾ بيشمار خط
مليا، جن ۾ ”ڪهاڻي“ نمبر شايع ڪرڻ تي خوشي جو
اظهار ڪندي ان جي تعريف ڪئي وئي. جنهن لاءِ اسين
سندن نهايت ئي شڪرگذار آهيون، جيڪڏهن اسين اهي خط
شايع ڪريون ها ته ڪافي صفحا ان جي نظر ٿي وڃن ها.
پر جيئن ته صفحا مخصوص آهن ان ڪري انهن معزز
پڙهندڙن جا صرف نالا ڏجن ٿا. اميد آهي سندن سهڪار
هميشه جيان اسان سان جاري رهندو ۽ هو انهيءَ جذبي
سان رسالي جي باري ۾ پنهنجي مفيد راءِ کان آگاهه
ڪندا رهندا. جن مهربانن خط موڪليا آهن انهن ۾:
ڊاڪٽر منظور قادر، عاشق علي ”عاشق“ڪلهوڙو ميهڙ، حبدار سولنگي
ڏوڪري، مهرالنساءِ جويو، انور علي شيخ گهوٽڪي، درد
سولنگي دادو، فقيرمحراب علي ملاح ڪنڊيارو، نصير
ڪنڀر، بيتاب ڀٽي لاڙڪاڻو، ”اسير“ اسحاق چنا، مشتاق
بخاري شڪارپور، ڪلثوم جوڻيجو ۽ سعيد سومرو قمبر،
اسدالله ”ساگر“ لغاري، معراج احمد منگي، برڪت
چانڊيو، گل حسن ساگر ڪوري جوهي، شاهد شير“ ڀرڳڙي
دادو، اختيار علي ”ادبي“ جکرو نئون ديرو، اصغر
سيتائي، قلب سومروپنجو ديرو، روشن گرگيز نئون ڪوٽ،
”ناز“ ڀٽو نئون ديرو، ممتاز سراج عباسي، رجب ٻگهيو
باجارا، روشن علي سولنگي، ثمينا سلام انصاري
حيدرآباد، ممتاز علي لاکير ميهڙ، نظام الدين
جتوئي، غلام مصطفيٰ کهاوڙ، محمد رمضان ڪمبوهه
لاهور، قادر سيال جهڏو، رخسانه گهانگهرو، ساگر
آزاد هنڱورجا، عاجز ڀٽي نئون ڪوٽ، آدم علي لاشاري
ميرپورماٿيلو، پرديپ ڪمار پريمي ڀان سيد آباد،
پرويز شمس ڪلوڙ روهڙي، شوڪت مغيري لاڙڪاڻو، علي
اڪبر اسير قريشي، ممتاز ڪيريو هالا، زاهد حسين
ابڙو عمر ڪوٽ، ايوب کوسو، انجم قاضي نئون ديرو،
شوڪت علي ڌماچ راهوڪي، ثريا سولنگي پير جو ڳوٺ،
سنيل ڪوٽڪه، وحيد شورو، باري ابڙو، فوزيه پنهور،
شمس صابري روهڙي، جاويد عباسي لاڙڪاڻو، فياض مهر
خيرپور، ثريا سنڌي شهدادپور، سورٺ پنهور، بشره رند
حيدرآباد، ڪوثر ميمڻ سيتا روڊ، حميده مزناڻي، نظير
سومرو، سيما پنهور، خورشيد پنهور، شازيه، شهناز
سولنگي، فضه غزل، شازيه عارب منگي دادو، سنڌو
پنهور، رضيه چانگ ماتلي، فرح سومرو، زبيده پنهور ۽
ٻيا شامل آهن.
*----------*---------*
رڌ پچاءُ
گلشن سومرو
دير سان هضم ٿيندڙ ۽ بک تي ڪنٽرول ڪندڙ ٻوڙ
پنير جا پڪوڙا
ڪراچيءَ جا جهينگا
آلو بخارن جي چٽڻي
نهاري:
توهان هر قسم جا ٻُوڙ ضرور کاڌا هوندا، پر هيءُ هڪ اهڙو گهاٽو،
گرم دير سان هضم ۽ ٿيندڙ ۽ بک تي ڪنٽرول ڪندڙ ٻوڙ
آهي. جيڪڏهن صبح جو کائي ڇڏي ته رات تائين ٻي ڪابه
شيءِ کائڻ جي ضرورت نه پوندي. ان ڪري ان جو نالو
ئي آهي ”نهاري“ يعني صبح جي خوراڪ، جيڪڏهن توهان
اڄ ڏينهن تائين نهاري نه رڌي آهي يا نه کاڌي آهي
ته هڪ دفعو ضرور رڌجو ۽ کائجو.
گهربل شيون: گوشت ٻه ڪلو، زيرو ٻه چمچا، گيهه هڪ پاءُ، بصر هڪ
پاءُ، لوڻ ضرورت مطابق، سونف ٻه چمچا، سنڍ اڌ
چمچو، جاوتري ٻه تولا، گرم مصالحو ضرورت مطابق
بيسڻ هڪ پاءُ.
ترڪيب: اڌ بصر گيهه ۾ ڳاڙهو ڪري رکو باقي گيهه ۾ بچيل بصر کي
ڀڃڻي ڏئي ان ۾ گرم مصالحو ڪوتمير، ٿورا ڳاڙها
مرچ، ٿوم وغيره وجهي ڀڃڻي ڏيو. جڏهن بصر ۽ مصالحو
ڳاڙهو ٿي وڃي ته ان ۾ ڌوئي صاف ڪيل گوشت ۽ ٻيو
مصالحو وجهي گوشت کي ڳاريو، ته اوهان جي کائڻ لاءِ
نهاري تيار ٿي ويندي.
پنير جا پڪوڙا:
گهربل شيون: پنير هڪ ڪوپ، بيسڻ هڪ ڪوپ، مٺي سوڍا (ٿوري) ڪارا
مرچ اڌ چمچو، لوڻ ضرورت مطابق، بيضا 3 عدد، ڪوتمير
ضرورت مطابق، ڳاڙها مرچ اڌ چمچو، گيهه هڪ پاءُ.
ترڪيب: بيضا ڀڃي ان مان اڇاڻ الڳ ڪري ٽڪين کي چڱي طرح لوڏيو ۽
ان ۾ ڳاڙها ۽ ڪارا مرچ ملايو ۽ پوءِ ان ۾ ڪوتمير ۽
مٺي سوڍا ۽ پاڻي ملائي گهاٽو ڪريو، پندرنهن منٽن
کان پوءِ گيهه گرم ڪري ان ۾ پڪوڙا ٺاهي تيار ڪيو ۽
چٽڻيءَ سان کائو.
ڪراچيءَ جا جهينگا:
گهربل شيون: جهينگا اڌ ڪلو، بيضا 2 عدد، ڪارن فلور اڌ پيالي،
سرڪو اڌ پيالي، ڪارا مرچ اڌ چمچو، لوڻ چمچو، اجينو
موتو هڪ چٽڪي، کير هڪ چمچو، تيل اڌ پيالي، ٽماٽن
جي رس اڌ پيالي، سلاد ٽي پتا، ٽماٽو هڪ عدد، موري
ڇهه عدد.
ترڪيب: جهينگن کي ڌوئي صاف ڪريو، هڪ پيالي ۾ بيضا ڀڃي انهن ۾
ٿورو ٿورو سرڪو وجهندا وڃو ۽ ملائيندا رهو ۽ پوءِ
ٻيو مصالحو ملائي تيل گرم ڪريو، جڏهن تيل مڪمل گرم
ٿي وڃي ته پوءِ ان ۾ سمورو مصالحو ڪٽيل موريون ۽
جهينگا وجهي چلهه تي رکو ڪجهه دير کان پوءِ جهينگا
تيار، پاڻ به کائو ۽ ٻين کي به کارايو. انهن سان
گڏ چانور هجن ته مزو ئي ٻيو آهي. |