ساگر جهڙو گهرو جيون
عاليه آغا
جڏهن زندگيءَ جي حقيقتن جو آخري پردو ڪري پوندو آهي، تڏهن هو ٿر
جي ڪنهن ويران رستي جيان لڳندو آهي. جيون به ته هڪ
ويران رستو آهي جنهن تي ڪڏهن ڪو ڀلجي پنهنجو پاڻ
کي وسارڻ چاهيندو آهي. ائين ئي هڪ رستي تي هلندي
مون پنهنجو پاڻ کي وسارڻ چاهيو هو پر رستي تي کنيل
هر هڪ قدم سان پنهنجي هئڻ جو احساس پهرين کان به
وڌي ويو هو ۽ چوڌاري ساهه منجهائيندڙ هوا ۽ ٻوسٽ
کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو هو.
ڪيترو ڊگهو رستو انهيءَ ئي گهٽ ۾ پار ڪري آئي آهيان. ۽ خبر به
نه پئي موهن کان زوار شاهه ۽ زوار شاهه کان آدم
تائين ٽي مرد جيڪي مون کي هڪ ئي راهه تي الڳ الڳ
روپ ۾ مليا. موهن هڪ خواب ۽ زوار شاهه انهيءَ خواب
جي حقيقت ۽ آدم شايد ڪو پاڇو!
موهن جو پاڇو، زوار شاهه جو پاڇو ۽ مان ايترو وقت
پاڇن پٺيان ڊڪڻ کان پوءِ به بنا ڪنهن ٿڪ جي وري
هڪ ٻئي پاڇي پُٺيان هلي رهي آهيان. وقت هوريان
هوريان گذرندو رهيو ۽ پاڻ سان گڏ آڻيندڙ هر ٻيو پل
پنهنجو پاڻ ۾ سمائڻ بدران هن مون کي پنهنجي پاڻ ۾
سموئي ڇڏيو ۽ جيون گذرندو رهيو.
”نور، نور“
ڇرڪجي وئي هيس آدم جي سڏ تي.
”الائجي سوچ جي ڪهڙي آڪاش تي پرواز ڪري رهي آهين.؟“
”ڇا ٿي سوچين؟“ آدم ڀرسان ويهندي چيو.
”سوچان ٿي ته هاڻي ڇا سوچجي، ڪائنات جي ڪهڙو کوهه ۾ ٽپو کائجي.“
”نور، ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي اندر ۾ دردن جو هڪ
اونهو کوهه نظر ايندو آهي ۽ جڏهن کوهه منهن تائين
ڀرجي ويندو آهي، تڏهن انهن ماڻهن جي انگ انگ مان
رڳن جي بدلي درد جون لڪيرون نظر اچڻ لڳنديون آهن.
تون به انهن ئي ماڻهن مان آهين. تو ۾ ايترو درد ڇو
آهي. آدم کن پل لاءِ چپ ٿي ويو ۽ نور ڏانهن گهوري
ڏسڻ لڳو. جيڪا دريءَ کان ٻاهر جو نظارو ڏسي رهي
هئي.
”ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ تنهنجي من اندر ۾ لفظن جو
هڪ سمنڊ آهي، جنهن کي تون پنهنجي پوري ڪوشش کان
پوءِ به اوري نه ٿي سگهين“ آدم وري ڇپ ٿي نور کي
ڏسڻ لڳو، هوءَ اڃا تائين ٻاهر ئي ڏسي رهي هئي.
مون سامهون بالڪنيءَ ۾ راند ڪندڙ ننڍڙي ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو، سوچ
۾ پئجي ويس ته آدم کي ڇا جواب ڏجي. سچ ئي ته چوي
پيو. آدم ڪڏهن ڪڏهن مون پاڻ ۾ به ته ائين ئي
محسوس ڪيو. اندر ۾ گهڻو ڪجهه هوندي به ڪجهه چئي نه
سگهندي آهيان ائين لڳندو آ ڄڻ من اندر ۾ ڪو وڏو
بار آهي، جنهن کي پوري ڪوشش کان به پوءِ به لاهي
نه ٿو سگهجي. اکر وات تي اچي موٽيو وڃن ۽ مان اهڙي
جي اهڙي لفظن جي طوفان ۾ گم ٿيندي وڃان ڪو به ته
ناهي جيڪو انهيءَ طوفان مان نڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏي.
ڪڏهن من روئڻ چاهيندو آهي پر روئي نه سگهندو.
اکين مان ڪو هڪ لڙڪ به ته نه وهندو آ، ائين ڇو ٿو
ٿئي ڄڻ پنهنجي پاڻ ۾ گم ٿيندي وڃان ائين نه ٿيڻ
کپي. ائين بلڪل به نه ٿيڻ کپي مون کي جيئڻ کپي،
مون کي جيئڻ کپي مان جيئڻ چاهيان ٿي، پنهنجي پوري
حق سان، ٽهڪ ڏيڻ چاهيان ٿي، پنهنجي پوري قوت سان،
پر ائين نه ٿو ٿئي ڪو مون کان منهنجا سڀئي حق ڦري
ويو ۽ مان اڻ ڄاڻ رهيس.
هوريان هوريان اهو سڀ ڪجهه ٿيندو ويو جنهن کان مان ڪيترائي سال
اڳ واقف ٿي وئي هيس. ڄڻ اچڻ واري هر هڪ پل جي ڄاڻ
پئجي وئي هيم ۽ پوءِ ڪيترائي پل انهيءَ سوچ ۾
گذرندا رهيا ته ڪاش اهو سڀ ڪجهه نه ٿئي جنهن جي
ٿيڻ جي گواهي منهنجو من ڏئي رهيو هو، ڪاش ڪجهه نه
ئي مان هڪ عام عورت جيان بنا ڪنهن اندر جي احساس
جي جيون گهاري ڇڏيان ۽ جڏهن موت اچي ته هن کي هڪ
دستور سمجهي ڪري چپ چاپ هلي وڃان پر ائين نه ٿو ٿي
سگهي. مان ته ڪيترائي سال اڳ جيون جي هر دستور آڏو
ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. شايد مون کي
ائين نه ڪرڻ کپندو هو هاڻ جيون مون کان منهنجي ڪيل
هڪ هڪ پل جي ويچار جو بدلو وٺندو لڳي ٿو ته هو مون
کي معاف نه ڪندو پر اهو سڀ ڪيئن ٿيو مان ته ڪهڙي
پل ۾ پنهنجا زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ وڃائي ڇڏيا.
آدم هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته سوچ جون سڀئي لڙيون وکري ويون ۽
هن منهن ورائي آدم ڏانهن ڏٺو.”آدم الائجي ڇو، پر
ائين ٿو لڳي ڄڻ مون گذريل ڪنهن پل پنهنجو پاڻ کي
ماري ڇڏيو ۽ هاڻ مان ڪڏهن به جيئري نه ٿي
سگهنديس.“
”تون جيئري آهين، نور! وقت جيئرو آهي، جيون جيئرو آ، اسان سڀ
جيئرا آهيون ۽ اسان جي ڪاڻ هن ڪائنات کي جيئرو
رهڻو آ، تنهنجي لاءِ اهو ٿورو مشڪل بڻجي رهيو آهي
ڇو جو تون ٻن الڳ قسم جا رول پلي ڪري رهي آهين،
ٻنهي ڊرامن جون ٿيسز، پلاٽ، رول، ڊائلاگ سڀ ڪجهه
ئي ته الڳ الڳ آهن ۽ تون ٻنهي ڊرامن جي هر سين ۾
پرفيڪٽ رهڻ چاهين ٿي ۽ انهيءَ ۾ گهڻي قدرڪامياب به
رهين آهين. پر تنهنجو من ڪامياب ناهي ٿيو. اهو
ناڪاميءَ جي آخري ڏاڪي تي پهچي ويو آ ۽ انهيءَ ۾
ڏوهه تنهنجو پنهنجو آ، توکي پنهنجي ٻنهي سينز مان
ڪنهن هڪ سين کي فيڊ آئوٽ ڪرڻو پوندو ۽ جي تو ائين
نه ڪيو ته تنهنجي اندر جي نور کي مرڻ کان ڪو به
نه روڪي سگهندو. توکي ڪنهن هڪ ڄڻي کي هارائڻو ئي
پوندو يا پنهنجو پاڻ کي يا زوار شاهه کي“
”آدم ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آ، جو وقت اسان جي ڀرسان کان لنگهي
پري هليو ويندو آ ۽ پوءِ پريان کان ئي اسان کي ڏسي
کلندو آ، تون ڪڏهن هن کي کلندي ڏٺو آ“
”نه،مان وقت کي پنهنجي مٿان کلندي نه ٿو ڏسڻ چاهيان، مان وقت
تي کلڻ چاهيان ٿو، مان توکان کلندو ڏسڻ چاهيان ٿو،
مان چاهيان ٿو ته تون زندگيءَ جي هر اها کل کلين
جيڪا تون وڃائي چڪي آهين.“
”پر مون ته ڪو به ٽهڪ نه وڃايو آهي.“
”تو وڃايو آ، تڏهن ته کلين نه ٿي، تون مون کان لڪائڻ چاهين ٿي،
پر مان توکي لڪائڻ نه ڏيندم، مان توکي ڳولهي
وٺندس، تون ضرور اتي ئي هوندينءَ منهنجي من جي
آخري حصي ۾! مان به تنهنجي من جي آخري حصي ۾ موجود
هوندم، تون مون کي ڳولهه... ها تون مون کي
ڳولهه...“
”مان توکي ڪيئن ٿي ڳولهي سگهان، مان ته سڀ ڪجهه وڃائي چڪي
آهيان. منهنجو من ته خالي آهي، سڀ ڪجهه وساري ويٺي
آهيان.“
”اڃا زندگيءَ جو اڌ حصو بچيل اٿئي، ياد ڪر، ڪجهه ته ياد ڪر، نه
ته هي جيون ڪيئن گهاريندينءُ؟“
”جيون“ ، پر منهنجو جيون ته موهن هو، هن کان سواءِ ته جيون فقط
سمو رهجي ويو آ، جنهن کي اڳتي ئي وڌي وڃڻو آ ۽
پوءِ نه چاهيندي به سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هيم آدم،
تنهنجي باري ۾ پنهنجي باري ۾.“
”موهن جيڪو مون ۾ هو ۽ آهي، موهن جي دڙي جيان خاموش ويران اڪيلو
سڄي دنيا کان ڪٽيل ڄڻ موهن جي سڄي هلچل موهن جي
دڙي جيان مٽي ۾ دفن ٿيل هجي، جڏهن هو مون سان گڏ
هوندو هو ته ڪيترو نه سمو گذري ويندو هو، پر هن
جي وات مان ڪو به اکر نه نڪرندو هو. بس هلندو
رهندو هو مون ساڻ، منهنجون ٽنگون هلي هلي ٿڪجي
پونديون هيون پر ٿڪ جو ڪو به احساس من ۾ نه اٿندو
هو، گهڻي قدر موهن منهنجي ڀرسان ويهندي چوندو هو
ته نور مون سان گڏ هلين ٿي، تڏهن مان سڀ ڪجهه ڇڏي
هن جي وک سان وک ملائيندي هلندي رهندي هيس
اوستائين جيستائين هو پاڻ چوندو هو ته نور وڃ
هاڻ سج لهڻ تي آ، تڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو هو
ته منهنجو کنيل هر قدم منهنجو نه پر آدم جو هو.
”موهن جو مک ايترو سهڻو نه هو آدم، پر هڪ عجيب گهرائي هوندي
هئي، هن جي من اندر ۾، جڏهن هو ڳالهائيندو هو تڏهن
ڪن پلن لاءِ ائين لڳندو هو ڄڻ هينئر سنڌو بيهي
رهندي. هن جون ڳالهيون به هن جيان عجيب هونديون
هيون، ٿر جي ڪنهن واري جي دڙي جيان، گهريون سنڌ
جهڙيون سهڻيون، موهن جي دڙي جيان خاموش، ڪيتري دير
ماٺ ٿي وئي هيم. ڄڻ هن کي محسوس پئي ڪرڻ چاهيم
پنهنجي پاڻ ۾.“
”آدم سهڻن ماڻهن جا مک ته سهڻا هوندا آهن، پر انهن جا اندر ڪارا
هوندا آهن، هو پنهنجي ڪاري من کي سهڻي مک هيٺيان
پوري ڇڏيندا آهن. زوار شاهه جيان.“
”پوءِ“
”پوءِ موهن هليو ويو، پر هو منهنجي جيون مان وڃڻ کان پوءِ به
نه ويو هو مون ۾ موجود رهيو ۽ آهي مان هن کي
وڃائي ڇڏيو يا شايد هن مون کي وڃائي ڇڏيو. اسان
ائين ڇو ڪندا آهيون. جيون ۾ هڪ ڀيرو فقط هڪ ڀيرو
خوشي اسان جو در کڙڪائيندي آ پر اسان هن کي واپس
موٽائي ڇڏيندا آهيون ته وڃ اڃا تنهنجي ضرورت ناهي
۽ پوءِ جڏهن ان جي ضرورت محسوس ٿيندي آ، تڏهن وقت
پري هليو ويندو آ“
”تون موهن کي وڃائڻ تي پڇتائين پئي.“
”خبر ناهي بس جهڙو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيندو
آهي،جڏهن مان موهن کان جدا ٿي هيس ته ڪجهه ئي وقت
کان پوءِ زوار علي شاهه سان مليس تڏهن اهو ڄاڻندي
به ته منهنجون ۽ زوار شاهه جي سوچ جون ڪڙيون ڪٿي
ڪٿي به نه ٿيون ملن مان زوار شاهه سان شادي جو
فيصلو ڪيو. مون سوچيو ته جي موهن نه ته موهن جهڙو
ڪو به نه زوار شاهه مون کي موهن جي بلڪل ابتڙ لڳو
۽ آهي پر هاڻي مان سوچان ٿي ته شايد مون غلط ڪيو،
ڪنهن وقت زوار شاهه مون ۾ وسي موهن کي ختم ڪرڻ
چاهيو پر ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ پنهنجي ناڪامي ۾
وڦلجي هو ڪيترو ئي وقت ٽارچر ڪندو رهيو مون کي
پنهنجي پاڻ کي، زوار شاهه مون کي پنهنجي خوشين جي
ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ ڪندو رهيو آ پر
هن کي ڪهڙي ڄاڻ ته خوشي رڳو ڪنهن ايئر ڪنڊيشن روم
۾ ئي قيد نه ٿي ڪري سگهجي. خوش ته آزاد هوائن جي
ملڪيت آ.“
”آدم“ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آ، ڄڻ تو ۾ موهن جهڙي ڪا ڳالهه آهي،
تو هن جي انگ مان ڪجهه چورايوآهي جيترو سڪون
تنهنجي هن ڪمري جي فليٽ ۾ ملندو آ، ايترو زوار
شاهه جي هزار گز جي بنگلي ۾ به ناهي ايندو، ائين
ڇو ٿو لڳي آدم.“
”موهن توکي ايترو ئي ڀائيندو هوندو جيترو تون هن کي ڀائيندي
آهين.“
”خبر ناهي مون ڪڏهن هن کان اهو پڇڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي
هئي.“
آدم اهو اسان انسانن جو مين فالٽ آهي، جو اسان هر هڪ جاءِ تي
پنهنجي جيت چاهيون ٿا ايستائين جو پيار به پر پيار
جي ڊڪشنري ۾ هار ۽ جيت جو لفظ ئي ناهي هوندو ۽ جي
هجي ته شايد پيار ختم ٿي وڃي.
ڪنهن کي چاهڻ جي لاءِ اهو ضروري ناهي آدم، ته پنهنجي چاهه جي
موٽ جو آسرو رکي پوءِ ڪنهن کي چاهجي. پيار جا اهي
اصول ته ناهن ۽ جيڪي پيار ۾ اهي اصول چاهن ٿا ته
پوءِ منهنجي خيال ۾ هو چاهڻ جي لائق به ناهن. جيون
ته انهن جو آ، جيڪي پيار ڏين، وٺندو ته هر ڪوئي آ،
پر ڏيڻ وارا تمام ٿورا هوندا آهن.
---------------------------
مظلوم قاتل
ڪلثوم منظور شاهه
اڄ وڏي حويليءَ ۾ زلزلي جهڙو سمان هو. هر طرف هاءِ هاءِ هئي، هر
ڪو پنهنجي پنهنجي حد اندر قيد هو، هر ماڻهو ٻئي
کان اکيون بند ڪري نڪري وڃڻ پئي گهريو. بس اهي
سيدن پيرن جون حويليون، اهي اونچا مينار، جو ڪنڌ
کڻي مٿي ڏسڻ سان، ڄڻ ڪنڌ ٽٽي پوندو. پڳ جو ور ته
ايترو مٿي ۽ بلندي تي هوندو آهي جو ويچاري معصوم
نياڻي ته مٿي نگاهه ڪرڻ جي همت نٿي ڪري. حويلين جي
ٻاهران جي ٺاهه جوڙ، رنگ روغن چمڪ دمڪ اکين کي
کيرو ڪري ٿي ڇڏي، پر حويلين جي اندر ڪيترائي معصوم
نياڻين ۽ بيواهن جا جذبا ۽ احساس ۽ انهن جي
خوشين جا جيڪي خون ٿيل ڇنڊا حويلي جي انهن رنگ
روغن ۾ شامل ٿي معصوم دانهون هڪ خوفناڪ شڪل اختيار
ڪريو وڃن. ڪٿي ڪٿي ته قهر الاهي ڪنهن نه ڪنهن شڪل
۾ ظاهر ٿي پنهنجي قهر سان اهي ڪوٽ ڪيرائي ٿو ڇڏي
پر تيستائين اهي معصوم پنهنجو وجود وڃائي
ويهنديون آهن ۽ پنهنجي پيارن ۽ مٺڙن جي هٿان هميشه
هميشه لاءِ ماٺ ٿي وينديون آهن.
هي به هڪ ساداتن جي حويلي آهي، تمام اونچا مينار، رنگ روغن
ايترو ته چمڪندا اٿس جو سج جي روشني ان تي پوي ته
اکيون نه ٿيون کلن.
مهندار شاهه جا پنج پٽ ٻه ڌيئون آهن. ٻاهران آمريڪا مان ٻه
وڏا پٽ پڙهي آيا. هڪ اعجاز ته اتان شادي ڪري آيو.
ممتاز اچي هڪ مهاجر ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ۽
انهيءَ کي حويلي ۾ وٺي آيو. پهرين ته مهندار شاهه
کان ڳالهه لڪائي وئي ڇو ته مهندار شاهه ٻاهر ويل
هو ۽ آيو ته اقبال بانو پيٽ سان هئي. مهندار شاهه
کي خبر پئي ته خاندان جو هڪ فرد هن جي وجود ۾
پرورش پائي رهيو آهي. ته هن اهو گوارا نه ڪيو ته
هاڻ اقبال بانو ٻاهر وڃي، ڪهڙي خبر ته نياڻي آهي
يا پٽ. اگر ڪجهه به آهي ته سيدن جو خون آهي. ٻاهر
ڪيئن وڃي. اقبال بانو الڙ ۽ انهن ريتن رسمن کان بي
خبر منهن ڦٽ هرڻي وانگر ڇلانگون هڻي هڻي هلڻ
واريءَ کي ڪهڙي خبر ته حويليءَ ۾ آيل يا ڄاول
ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ نيئر پيل هوندا آهن. هو پير پير
سان ملائي هلڻ واريون هونديون آهن. اکيون انهن
پيرن جي نشانن تي لڳل هونديون آهن.
بي خبري ۾ صرف ممتاز جي پيارين ڳالهين ۽ محبتن جي چاشني چکندي
حويليءَ جي اندر پهچي وئي. حويليءَ ۾ اچڻ کان پوءِ
هن کي محسوس ٿيو ته تمام وڏي غلطي ٿي ويئي آهي.
ماءُ پيءُ ڏانهن وڃڻ ته ٺهيو پر هنن جو اچڻ ڪبيره
گناهه هو. ڇو ته هو سيدن جي شان کان تمام گهٽ هئا
۽ ممتاز شاهه جي سهرن جي حيثيت ۾ اچي نه ٿي سگهيا.
قدرت خدا جي ته اقبال بانو به ڌيءَ ڄائي ۽ ان کي
ڳل جي وچ ۾ چمي جو لپ اسٽڪ لڳل بلڪل سرخ نشان هو.
ائين لڳندو هو ته بلڪل تازي هينئر هينئر ڪنهن چمي
ڏني اٿس. هن جي ڄمڻ جو ٻڌي اقبال بانو کي بيهوشيءَ
جا دورا پوڻ لڳا ۽ جڏهن ڌيءَ کي ڏٺائين ته رڙيون
ڪري چوڻ لڳي ته هي منهنجي ڌيءَ ڪانه آهي هي بدصورت
آهي. هي منهنجي ڌيءَ ڪانه آهي ڪانه آهي، مون کان
پري ڪيوس.
آخر ڏاڏيءَ کي رحم پيو ان نرگس کي پاليو. اقبال بانو گهر آئي پر
ڌيءَ کان ائين لاتعلق هئي ڄڻ ته سڃاڻي ڪانه ٿي.
سال کان پوءِ ٻي ڌيءَ ڄايس، ان ۾ مگن ٿي ويهي رهي
۽ ممتاز وري ٻي شادي ڪري کيس ائين وساريو ڄڻ ته ڪو
فالتو ٺڪر بيڪار گهر ۾ پيل هجي. اقبال بانو ٻه ٽي
سال ڏٺو، سس سهرو به وفات ڪري ويا. گهر جا قائدا
قانون بدليا. اقبال بانو پاڻ کي سيدن جي رحم و ڪرم
تي ڇڏڻ واري ڪانه هئي. ان کان اهو ظلم سهڻ ڏکيو
هو. سو ممتاز شاهه کي ٻڌائڻ کان بغير چوري حويلي
مان نڪري ويئي، ننڍي ڌيءَ کي کڻي وئي. ممتاز شاهه
پنهنجي ڌيءَ لاءِ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. زمين جي
ڪابه ڪنڊ ڪانه ڇڏيائين جتي نه ڳوليائين. پر اقبال
بانو به پوري بندوبست سان نڪتي هئي. اها به سيدن
جي اثر رسوخ ۽ هر ڳالهه کان واقف ٿي وئي هئي.
هن به ڇا ڪيو جو سندس ڀيڻ دبئي ۾ رهندي هئي. ان سان رابطو ڪيو
۽ اندر ئي اندر سڀ انتظام نڪري ڌيءَ گل ناز کي کڻي
رات جي تاريڪي ۾ نڪري هلي وئي. سڌي ايئرپورٽ پهتي
۽ دبئي کان وڃي نڪتي. اتي سندس ڀيڻوي جو بزنس
تمام وڏو هليو پئي. ٻين ملڪن ۾ به ايندو ويندو هو.
اتي پهچي به ٽي سال ته پاڻ کي بهلائڻ ۽ گذريل وقت
کي وسارڻ لڳس. پوءِ آخر پاڻ سنڀالي ڌيءَ کي تمام
ناز سان به ناز سان جيڪا ڀيڻ جي شڪل لاءِ پئي
سڪندي هئي. اها ساڳئي سيدن جي عزت وقار ۽ نيڪ
ناموس جي وارث ٿي ويٺي.
ڪٿي ڪٿي ته ائين به پنهنجي حق لاءِ عورت نانگڻ ٿي پنهنجي ذلت ۽
تحقير جو بدلو وٺندي آهي. اها اقبال بانو مهندار
شاهه حويلي فقط ان ڪري برداشت ڪئي ته اگر ڌيءَ
ڄائي ته اها اسان جي ناموس اسان جو خون ۽ اسان جي
عزت جي پاسبان هوندي. اها ٻاهر نه وڃي رلي، اهو
وقت به آيو جو ساڳئي اقبال بانو لوهي ڪوٽ ڪيرائي
رسمون ريتون لتاڙي اکين ۾ ڌوڙ وجهي پڳ کي مٽي ۾
ملائي هلي وئي ۽ تمام گهٽ خاندان، جن سان ملڻ ته
ٺهيو پر پٽ تي وهاريو ويندو آهي. ان خاندان ۽ انهن
ماڻهن ۾ وڃي پهتي ۽ انهن ۾ ڌيءَ جي شادي ڪري
ڇڏيائين.
هُتي نرگس به پلجندي رهي، ڏاڏي وفات ڪري وئي پيءُ شادي ڪئي،
ماءُ به هلي وئي آيا امان به وفات ڪري وئي. ٻه
پڦيون جن جي شادي ڪانه ٿي هئي اهي به اعجاز شاهه
سان گڏ شهر هليون ويون. پيءُ به پنهنجي ٻارن ۾ مگن
هو ان کي اهو خيال هو نه ياد هئي ته منهنجي هڪ
ڌيءَ ٻي به آهي. باقي گل ناز جي ياد هيس جو اهو
خيال هوس ته اقبال بانو ضرور انتقام وٺي ڪنهن به
گهٽ خاندان ۾ گلناز جي شادي ڪري ڇڏيندي. فقط ۽ فقط
اها سوچ هيس ته اقبال بانو ڪٿي به هٿ اچي ته ان کي
ڳترا ڳترا ڪري ڪتن کي ڏيانس. بس فقط اها باهه هئي
ٻيو ڪجهه به نه. نه ڌيءَ جي جدائي نه محبت، نه ان
جي وڃڻ کان پوءِ ڪٿي رلي وئي يا دربدر ٿي، ڪٿي آهي
اهو ڪجهه به ڪونه هئس.
نرگس حويلي ۾ اڪيلي رهجي ويئي حويلي ڇا هئي. ڏهه ٻارنهن ڪمرا
اڳيان ورانڊو، اڱڻ جو ته انت ئي نه هو. نه ختم
ٿيندڙ سلسلو، ان ۾ نوڪرن جا ڪوارٽر، وڏا وڏا وڻ،
بورچيخانا، ٽي چار ڀتيون ته تمام وڏيون هيون. رات
ته رات ڏينهن جو پيو خوف ٿيندو هو. اتي نرگس اڪيلي
رهجي ويئي، نه ڪير پڇڻ وارو نه ڏسڻ وارو ٻاهر ڪا
ڪا منشي هفتي ۾ هڪ دفعو چڪر ڏئي خرچ جا پئسا ڏئي
ويندو هو. ٻيو ڪير به ڪونه هو.
باقي عيدن تي سڀ ان حويلي ۾ ايندا هئا. باقي سڄو سال حويلي
ڀانءُ ڀانءُ پئي ڪندي هئي. اتي نرگس اڪيلي اڪيلي
جتي اڳي ميلاهئا، هروقت ائين پيو لڳندو هو ته شادي
آهي. ماڻهن جا ميڙ هوندا هئا. نوڪرن چاڪرن تي حڪم
هلندا هئا. هر ماني جي ٽائيم تي پنج ڇهه ڊشون
هونديون هيون. وڏي پڦو پنهنجي نگراني ۾ ماني
لڳرائي سڀن کي سڏي ماني شروع ڪرائيندي هئي. هر
ڪمري ۾ ائين پيو لڳندو هو ته اڄ سڀ ڪجهه بس اتي جو
اتي لٽائڻ لاءِ تيار آهن. خوشيون ئي خوشيون هيون
نرگس به ماءُ ۽ پيءُ جو نه سهي پر ڏاڏي جو پيار
ته ڏٺوهو. ان اهي خوشيون ۽ خوشبوئون به ڏٺيون
هيون. هن کڻي ماءُ پيءُ جو پيار ڀريون سرگرشيون
ڪونه ٻڌيون هيون پر چاچين ڏين ۽ ماٽيجي ماءُ کي ته
گڏ کلندي ۽ محبت وارا انداز ته ڏٺا هئا.
هن کي اها خبر هئي ته امان گل ناز کي ڪيئن پيار ٿي ڪري، هو هر
لاڏ سان ڪيئن ٿي چهڪي، اهو سڀ پيار آهي، جيڪو
منهنجي زندگي ۾ ڪنهن به طريقي سان شامل ڪونهي.
پنهنجا نه ٿا ڏين ته ٻيا ڪير پيار ڪندا. آءُ ايتري
اڀاڳي آهيان. مون کي ڪو به حق ڪونه آهي. ائين
اڪيلائي ۾ رهي رهي آخر هن جو دماغ ۽ دل به باغي ٿي
ويا ۽ هنن جو ساٿ ڇڏي ڏنو. هن کان بلڪل ڦري ويا
پوءِ هوءَ ڪنهن کي به سڃاڻڻ کان بلڪل آزاد هئي نه
سڃاتس ٿي ته نه ميار هئي، جيڪو حويلي ۾ ايندو هو
ان کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندي هئي. جيڪڏهن
پاڻ ڇڏائي ويا ته ٺيڪ نه ته ماڻهوءَ کي اڦٽ ماري
ڇڏيندي هئي.
هينئر عيد تي ٻن ڏينهن لاءِ ٻه پڦيون ۽ ٻار پهتا. نرگس جي پيءُ
کي هڪ پٽ ۽ ٽي ڌيون هيون، جواد کي خبر ڪانه هئي ته
هي ڇا ڪندي. هو ته پنجن سالن جو سهڻو گول مٽول
اچي ادي ادي ڪري نرگس کي مليو. نرگس ته گهٽو ڏيئي
بيٺي، ٻيا اڃان اندر آيا ئي ڪونه هئا سامان لاهڻ ۽
پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪمرن ۾ وڃڻ لڳا هئا
تيستائين منٽن ۾ جواد جو معصوم وجود بي جان ٿي
چڪو هو ۽ نرگس مظلوم مان يڪدم هڪ خونخوار قاتلا
بڻجي پئي.
-----------------------------
ڀوڳنا
زرينا غزل
اها رات ڪيڏي نه ڀيانڪ هئي، جنهن رات منظور پنهنجي ڀاءُ ۽ زال
کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. هن کي شڪ هو ته سندس
زال سدوري جا هن جي ڀاءُ نياز سان ناجائز تعلقات
آهن.
منظور جي ماءُ چري ٿي پئي، مٿي ۾ مٽي وجهڻ لڳي. وار پٽڻ لڳي.
منظور کي پٽ پاراتا ڏيڻ لڳي. او شل ڪاريءَ تي پير
پوئي، شل ڦاسيءَ تي چڙهين. هي مون سان ڪهڙو قهر
ڪيئي منهنجو ڪونڌر پٽ ڪهي ڇڏيئي.
نياز جي زال جي زندگي اجڙي چڪي هئي. هن جي سر جو سائين هن کان
ڪوهين ڏور هليو ويو، جتان ڪو به واپس ناهي وريو.
اڃا شادي کي سال ڏيڍ مس ٿيو هو ته هن جي دنيا اجڙي
وئي. جوان جماڻ ننڍي نيٽي ڪلهوڪي ٻار ته هئي. هوءَ
ويچاري ڪري به ڇا ٿي سگهي. پنهنجي نصيب تي ڳوڙها
ڳاڙڻ ۽ پنهنجي قسمت تي ماتم ڪرڻ لڳي. سڄي ڳوٺ جا
ماڻهو گڏ ٿيا ۽ ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، منظور ڀڄي
ويو.
مري وڃڻ وارن وڃي پنهنجون جايون سنڀاليون الائي حقي الائي ناحقي
مئا، اهو ته خدا ٿو ڄاڻي سدوريءَ جا مائٽ اچي
ڪاوڙيا، اسان جي ناحق ماري اٿن، منظور جي ڀيڻ جيڪا
سدوري جي بدي ۾ ڏنل هئي، ان تي ظلم ٿيڻ لڳو. مائٽن
ڏي اچڻ وڃڻ بند، ڀاءُ، ڀاڄائي جي منهن ڏسڻ لاءِ نه
ڇڏيائونس. هوءَ ويچاري بس ڪري اندر جي باهه اندر ۾
جهلي ويهي رهي. وري ڇهن مهينن کان پوءِ هن جي مٺڙي
امڙ گذاري وئي. ان جي آّخري ديدار لاءِ به نه
ڇڏيائونس.
تڏهن به منظور جي ڀيڻ سونيا ڪجهه نه ڪڇي سگهي ۽ سوچڻ لڳي ته
پنهنجي گهراڻي تي جيڪو پڙهيل هو. تڏهن به ذهنيت
پراڻي، ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي. پاڻ مري ويا،
ڀوڳيان مان پئي. رسمن رواجن جا غلام ڪيسين تائين
مون تي ظلم ڪندا. منهنجو ڀاءُ ڪجهه سال جيل ۾ سزا
ڪاٽي موٽي آيو. سڀ ڪو خوش پيو گذاري.منهنجي سزا
کٽي ئي ڪانه ٿي. منهنجو به خدا تي آهي ڀروسو. اهو
پاڻهي فيصلو ڪندو.“ مارن جا ساريو سانگ آئون ويٺي
روز رڙان پئي الا“ اهو ڪلام جهونگاريندي اکين جا
بادل ڀرجي آيا. ڳوڙها ٽم ٽم ڪري وسي پيا. رئي جي
پلاند سان ڳوڙها اگهي پاڻ کي تسلي ڏنائين. مشرقي
عورت ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي. هميشه ريتن رسمن جو
کاڄ بڻجندي رهي آهي. سونيا جو مڙس منصور پڙهيل
لکيل هو پر سونيا کي ان جو ڪو به آسرو نه هو.
منصور روايتي مڙس جيان هميشه پيو سونيا کي مهڻا ڏيندو هو.
تنهنجي مائٽن اسان جي عزت مٽي ۾ ملائي ڇڏي. هن جي
سزا توکي ڀوڳڻي آهي ۽ جيسين زندهه آهين تيسين تون
ڪڏهن به مائٽن ڏانهن نه ويندينءَ اهو منهنجو حڪم
آهي. سونيا مٽ مائٽ ڇڏي پنهنجي ور منصور جي حڪم تي
هلندي رهي. آخر هن کي زندگي منصور سان گذارڻي هئي.
مشرقي عورت روايتن جي خلاف ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي.
-------------------------
روشن”ناز“ ڌاريجو
عورت
تون ايڏو بدلجي ڇو وئي آهين، نه کل، منهنجي اڳيان، پنهنجي ڦڪي
مرڪ منهنجي سامهون نه ڪڍ ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته
تون دنيا جي ظالم سماج جي حوس جو شڪار آهين.
پنهنجي حالت ڏس، تون ڪيتري نه خوبصورت هئينءَ،
ايتري جو مون کي ياد آ ته هڪ دفعي مان تنهنجي ڳلن
تي هٿ رکيا هئا، ته تنهنجي نازڪ ڳلن تي نشان پئجي
ويا هئا. ان ڏينهن مون کي خبر پئجي وئي ته تون
ڪيڏي نه نازڪ ۽ حسين آهين شايد خدا حضرت يوسف کان
پوءِ اڌ حسن تنهنجي حوالي ڪيو هو. پر ٻه ٽي گهڙيون
مان ڇا گهر کان ٻاهر ويس ته هن ظالم سماج جي ظالم
ماڻهن تون سان .... نه نه ائين نه ٿو ٿي سگهي.
ٻڌاءِ ته تنهنجي هن نازڪ جسم تي ڪيترا ظلم ٿيا
آهن. ٻڌاءِ تو ڪيتري تڪليف برداشت ڪئي آهي. ٻڌاءِ
منهنجي مٺڙي مون کي ايترو مجبور نه ڪر جو مان خدا
جو انڪار نه ٿي وڃان، ڇو جو مون کان پوءِ تنهنجي
حفاظت ڪرڻ وارو اهو ئي هوندو.
ائين نه ٿئي جو مان بغاوت شروع ڪيان اها بغاوت ايتري ته تيز
هوندي جو دنيا جي هر شيءِ دفن ڪري ڇڏيندي. پر مان
ائين ڪري نه ٿو سگهان، تون بغاوت ڪر هن سماج خلاف،
هن قانون خلاف، هنن عدالتن خلاف انهن خلاف جيڪي
وڏا ادارا تنهنجي نالي تي ٺاهيا ويا آهن ها ان کان
اڳ جو مان ڪجهه چوان هوءَ پنهنجيءَ جاءِ تان اٿي
اندر هلي وئي.
مون ڏٺو ته ڪڪر آسمان تي ڇائنجي ويا، تيز هوا گهلڻ لڳي ۽ سج
پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، ايتري ۾ مون کي اندران
ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مان جلدي
اندر ويس ته ڏٺم ته هن جي مضبوط هنج ۾ هڪ ٻار ستل
هو ۽ هاڻي سج جو ڪنڌ فخر وچان مٿي هو ۽ ان کان اڳ
جو ڪجهه مان چوان هن چيو تون هن دور جو آدم آهين.
ماڻهن دور جي حوا آهيان. ۽ هي ٻار اهو آهي جيڪو
ظلم ختم ڪرڻ لاءِ آيو آهي. ۽ هاڻي هي صليب تي لٽڪڻ
لاءِ نه پر ظلم خلاف جهاد ڪرڻ آيو آهي. هن پنهنجا
لفظ پورا ڪيا ته ٻاهر در تي آواز آيو در کوليو ته
مون کي هڪ شخص نظر آيو هن پڇيو ته ڪٿي آهي هوءَ؟
مون چيو ته هن جا مالڪ پيدا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي هوءَ هوءَ نه
بلڪه هن دور جي حوا ٿي چڪي آهي جيڪا اندر ٻار کي
کير پياري رهي آهي:
--------------------
ڀڳل دلو
استاد نظاماڻي
آڪاش ۾ سرڻيون پر ڦهلايو اڏامي رهيون هيون. هيٺ وشال ڌرتي
پنهنجي سيني تي ڪيئي ڪٿائون سانڍيو ستل هئي. ڍورن
جا وڳ ڌرتي جي مٽي اڏائيندا ماڳ ڏانهن پئي موٽيا.
وڳن پويان هڪ معصوم ڌراڙلٺ کنيو پئي آيو. اهو
معصوم ڌراڙ انهي ڌڻ جو حصو پئي لڳو. ڪجهه وقت اڳ
اهو ساڳيو وڳ معصوم احمد چاريندو هو. جيڪو ڏينهن
تتي ڪلراٺي زمينن ۾ پيرين اگهاڙو ڌڻ چاريندي گرمي
لڳڻ سبب انڌو ٿي پيو.
سج لهي رهيو هو، وڻ ۾ پکين جي چهچاهٽ هئي. ڌرتي تي ڦهليل گل
مرجهائي ويا. سانجهه ويلي نئين ڳوٺ جي هڪڙي گهر ۾
گيت گونجي رهيا هئا.
ڳوٺ جي ڪنڊ ۾ هڪڙو اڌ ڪچو گهر جنهن ۾ ميرل جي پٽ عرفان جي
سالگرهه هئي، هر ڪو ٽهڪن ۾ ٻڏل، ڪو نچي رهيو هو ته
ڪو ڳائي رهيو هو. سالگرهه ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهو ميرل
کي قيمتي سوکڙيون ڏيئي رهيا هئا. انهيءَ ساڳئي گهر
جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ننڍڙو نوجوان احمد پنهنجي بي نور
اکين سان ويٺو هو. جڏهن ته سندس ماءُ پيءُ به ويٺل
هيس. هو سڀ ڪجهه ٻڌي ته سگهيو ٿي پر ڏسي نه ٿي
سگهيو. بس هو ڪنڊ ۾ پيو هو،خاموش الڳ، ٿلڳ!
هن جي زندگي بي مقصد بڻجي وئي هئي، اکيون ڏسندڙ ڊاڪٽر چيو هو
ته هن جو علاج ڪراچي ۾ ٿي سگهي ٿو.
انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ميرل پنهنجي ننڍي ڀاءُ تان توجهه هٽائي
ڇڏي. ڪجهه وقت ته سروز، سڳا ڦيڻا ٿيا. پر فقيرن کي
جن هٿ نه آيو تنهن ڪري ڦيڻا به بند ٿي ويا.
سالگرهه جي هل ۾ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪو ڪنڊ ۾ به ويٺو آهي.
بس.... ! هو ڀڳل دلي جيان خاموش ڪنڊ ۾ پيو هو. هڪ
طرف گهر جا ڀاتي پنهنجي ڪم ڪارين ۾ مصروف ۽ هل
هنگامن ۾ گم هوندا هئا ٻئي پاسي هو پيو هوندو
خيالن ۽ اونداهي کان سواءِ ٻيو هن جو ڪو به ساٿي
نه هو. سواءِ سندس ماءُ جي. هو نوجوان هئڻ جي
باوجود ننڍي ٻار جيان معصوم لڳندو هو. معصوم ٻار
وانگي ماءُ کان سوال ڪندو هو.
پيءُ مرڻ کان پوءِ ماءُ ۽ سندس وڏو ڀاءُ ميرل هن جو سهارو هئا.
ميرل جيڪو هڪ گريڊ جو ملازم هو. تنهن جي گهر تي ڊش
اينٽينا آڪاش کي سلامي پئي ڏيندي هئي.
اها ڊش اينٽينا ميرل پگهار مان پئسا بچائي قسطن تي ورتي هئي.
ميرل جيڪو سيٽلائيٽ ذريعي دنيا جا پروگرام ڏسڻ جو
شوقين، ٻئي پاسي احمد جيڪو گرم لڪن ۽ نٽهڻ اس ۾ وڳ
چاريندي حادثاتي طور اکين جو نور وڃائي ويٺو، هن
ڪائنات جو حسن ۽ رنگين دنيا هن لاءِ بي معنيٰ
بنجي ويون هيون. بس ....! هن اڳيان اوندهه ئي
اوندهه هئي.
هن جي دل ۾ روزانو نوان جذبا اڀرندا هئا. خوشين جون لهرون
ڪناري سان ٽڪرائجي موٽي وينديون هيون. هن جي نيڻن
جا ڳوڙها ڪئين بار خشڪ ڳلن جون سفر ڪري پٽ تي
پئجي چڪا هئا، اهڙا خاموش ڳوڙها ڪير ٿو ڏسي،
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ٿر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٿوهر تي ڪا
بوند پئي. هو اهڙي ميڻ جيان وگهري رهيو هو جيڪا
ٻرندي نه هئي. هو ويٺي ويٺي ماءُ کان سوال پڇندو
هو.
”امان سج اڀري ويو آهي؟“
هن جو معصومانه سوال ٻڌي ماءُ جو مامتا سان ڀريل جگر ڀري ڀور
ڀور ٿي ويندو هو. هوءَ دل ئي دل ۾ چوندي هئي.
”پٽ سج اڀرڻ ۽ لهڻ سان توکي ڇا ملندو، تنهنجي اکين ۾ ته اهڙي
اماس رات لهي آئي آهي جنهن ۾ ڪٿي به پرهه جو تارو
نه ٿو چمڪي. انهيءَ اماس رات جو ڪو به انت ڪونهي.
انهيءَ اونداهي غار ۾ ڪٿي به ڪو اميد جو ڏيئو روشن
ڪونهي. انهيءَ وسيع ۽ ويران بيابان ۾ ڪٿي به ڪو
پاڻي جو تلاءُ ڪونهي. جتي تنهنجي اڃايل زندگي جو
پکي پرڙا سوئي سگهي.“
”امان !“
”جي... پٽ !“
”امان ... ڇا اکيون الله وٽ آهن؟؟“
ماءُ ڪجهه دير چپ رهي، هو پنهنجي معصوم جو بي نور اکين وارو
چهرو ڏسڻ لڳي. سندس اکين جا ڪٽورا ڀرجي آيا. هو
جيئن ئي پٽ جي ڳلن کي چمڻ لڳي ته سندس لڙڪ چميءَ
کان اڳ معصوم احمد جي منهن تي ڪريا.
”امان تون روئين پئي“
ماءُ ڏکي ٿيندي چيو: پٽ روئيندا اهي آهن جن کي ڪو ڏک هجي. ڀلا
مان ڇو روئينديس.“ هوءَ پٽ کي لا تعداد چميون ڏيڻ
لڳي. هن چاهيو ته ايترو روئان ايترو روئان جو سيني
۾ ڀريل ڏک جو آتش فشان ڦاٽي پوي.
اندر جو درد لاوي جيان ٻاهر نڪري اچي، پر هن نه ٿي چاهيو ته اهو
لاوو سندس مامتا جي چمن ۾ ٽڙيل معصوم گل کي ساڙي
ڇڏي، هو اندر جو در اندر ۾ پي وئي.
”امان ڀلا الله کي ڏک ٿيندو آهي؟“
”پٽ تون اهڙا سوال ڇو ٿو پڇين؟“
”امان.... پوءِ الله کي چئو نه مون کي اکيون ڏي.“
هو ننڍڙن ٻارن وانگي ضد ڪرڻ لڳو. هن بيوهه ۽ بيوس ماءُ وٽ هو به
ڇا، سواءِ مامتا سان ڀريل دعائن جي. هن وٽ انهن
سوالن جا جواب به ڪونه هئا. جيڪي روز سندس معصوم
پڇندو هو.ڀلا هر سوال جو ڪو جواب هوندو آهي؟“
”امان... ڳالهاءِ نه !“
هوءَ پٽ جي وارن ۾ هٿ ڦيرڻ لڳي ۽ جهيڻي آواز ۾ چيائين.
”پٽ الله رحيم آهي، رحم ڪندو، تون ٺيڪ ٿي ويندي“ هوءَ ڪجهه دير
لاءِ خاموش ٿي وئي.
گهر ۾ سالگرهه جو شور ۽ هل هو، سالگرهه جا گيت هئا.
ماءُ ڪجهه دير خاموش رهڻ بعد پٽ کي چوڻ لڳي.
”منهنجي وس ۾ هجي ته مان توکي پنهنجون ٻئي اکيون ڏئي ڇڏيان پر
ڊاڪٽرن جي چوڻ....“
هو ڳالهه ڪندي خاموش ٿي وئي، هن محسوس ڪري ورتو ته ائين چوڻ سان
معصوم احمد کي مايوسي ٿيندي.
هوڏانهن احمد جيڪڏهن معصومن وانگي سوال نه ڪري ته ڪنهن سان
ڳالهائي، ٻار انڌو انڌو سڏي هن سان شرارتون ڪندا
هئا. کيس چريو سمجهندا هئا. جسم تي ڌڪ هڻي ڀڄي وڃڻ
هنن لاءِ راند هئي. ويچارو احمد ڀتين کي هٿ ڏئي
ڊوڙڻ وارن ٻارن کي ڪيئن پڄي.
”امان“
”هون“
”بابا ڇو مري ويو؟“
”ٻچا مرڻ وارا ڪڏهن به نه ٻڌائيندا آهن ته هو ڇو مري ويندا
آهن.“
هوءَ دل ۾ سوچڻ لڳي، غريب جيڪڏهن مري وڃي ته ان جو اولاد ۽
بيوهه زال به مري وڃي ته چڱو! هن سورن ڀري دنيا ۾
اڪيلو رهي نه ٿوسگهجي. هن کي ياد پئي آيو، جڏهن هن
پنهنجي وڏي پٽ ميرل کي چيو هو.
”پٽ تون ڊش اينٽينا، ٽي وي، وٺين پيو، پر پنهنجي ننڍي ڀاءُ جو
علاج نه ٿو ڪرائين.“
انهيءَ سوال جو جواب ميرل ڏيندي چيو هو، ”امان تون به صفا چري
آهين، ڀلا مان ڪٿان آڻيان پيسا، مان پاڻ ٻارن ٻچن
وارو، پنهنجي ڪريان يا هن جو علاج ڪرايان. ڊش، ٽي
وي ته اڌار تي قسطن تي مليو وڃن پر علاج ته قسطن
تي ڪونه ٿو ٿي سگهي.“
انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ماءُ ڪڏهن به ميرل کي وري نه چيو هو. هن
کي خبر هئي ته اڄوڪي دور ۾ ڪير به ڪنهن جو ڪونهي.
سالگرهه جو شور ۾ هر ڪو گم هو. جڏهن ته احمد ڪنڊ ۾
ڀڳل دلي جيان پيو هو. ڪنهن ڪنهن مهل ماءُ سندس پر
گهور پئي لڌي.
ماءُ خوش هئي، ته سندس پوٽي جي سالگرهه آهي، تنهن هوندي به هن
جي دل ڏک سان ڀريل هئي چهري تي خوشي هئي پر اکين
۾ درد جا ڳوڙها هئا. هن کي ڏک اهو هو ته سندس
معصوم احمد سالگرهه جون ٻرندڙ ميڻ بتيون ڏسي نه ٿي
سگهيو.
هو احمد لاءِ مٺائي کڻي آئي،”پٽ مٺائي کاءَ، ننڍڙي عرفان جي
سالگرهه جي آهي.“
هو وري پنهنجي پٽ ميرل کي ڏسڻ لڳي، جيڪو پنهنجي پٽ عرفان کي
ڪڇ ۾ کنيو پئي گهميو. هوءَ سوچڻ لڳي.
”پيءُ جي شفقت گهاٽي وڻ جي ڇانوَ وانگي هوندي آهي ۽ احمد پيءُ
جي شفقت ڀري ڇانوَ نه ڏٺي.“
هن سوچيو سندس معصوم پٽ احمد تتل صحرا جو اهڙو مسافر آهي، جنهن
جي زندگيءَ ۾ پيءُ جهڙو گهاٽو وڻ ڪونهي، جتي هو
ساهه کڻي سگهي. جي مان مري ويس ته هن معصوم جي
لاءِ اهو اڪيلو رڻ جهاڳڻ ڪٺن ٿي ويندو.
هو احمد جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي سوچيندي رهي. خاموش... خاموش.
هڪ طرف ناچ هو، خوشي هئي، ته ٻئي طرف ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪا
مامتا ڀري دل روئي رهي آهي.
-------------------------- |