سنڌ
جي هر ضلعي ۾ عورتن جي راندين وارا ڪامپليڪس قائم
ڪيا وڃن
سنڌ جي گورنر جناب ڪمال الدين اظفر سومر 12 فيبروري 1996ع تي
ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ واقع ”عورتن
جي راندين واري ڪامپليڪس“ فيز 2 جو افتتاح ڪيو. ان
موقعي تي خاص مهمان طور خطاب ڪندي گورنر چيو ته
ڪراچي پئڪج هيٺ ملڪ ۾ عورتن جو هي پهريون وڏو
راندين جو ميدان آهي. موصوف چيو ته وزيراعظم
محترمه بينظير ڀٽو هن شهر ۾ پرورش ورتي آهي ۽
وزيراعظم هن شهر جي ترقي لاءِ خاص ڌيان ڏيئي رهي
آهي. گورنر سنڌ چيو ته شهرين کي شهر اندر راندين
۽ تفريحي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ گهرجي.
اها وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ عورتن جي راندين جي
ڪامپليڪس جو افتتاح ٿيو آهي. هونئن به موجوده
حڪومت جي اها ڀرپور ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ عورتن کي
سندن حق ڏنا وڃن، اهي ترقي ڪن ۽ سندن مسئلا حل
ڪيا وڃن ته جيئن اهي به ملڪي ترقيءَ ۾ پنهنجو
ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ڪراچي ۾ عورتن جي
راندين جو ڪامپليڪس به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن جا اهڙا ڪامپليڪس
سنڌ جي هر ضلعي ۾ قائم ڪيا وڃن. جيئن اُتي جون
عورتون به اهڙين سهوليتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
اميد ته حڪومت هن مسئلي تي غور ڪندي ۽ اهڙا
ڪامپليڪس سنڌ جي هر ضلعي ۾ قائم ڪيا ويندا.
سرتيون جي باري ۾
پڙهندڙ ساٿيو، فيبروري 96ع جو شمارو حاضر خدمت آهي، اسان اوهان
جي خواهش موجب هن شماري ۾ خطن جو سلسلو شروع ڪيو
آهي. اميد ته ان سلسلي ۾ شڪايت هاڻِ دور ٿي ويندي.
هاڻ اسان اوهان جي راءِ جا منتظر هونداسين، اميد
ته اوهان رسالي جي باري ۾ وقت بوقت پنهنجي قيمتي
راءِ کان آگاهه ڪندا رهندا. گلبدن جاويد
ڏاڏي حوا
پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور
اسان سڀني جي وڏي ماءُ، دنيا جي پهرين عورت ۽ ڏاڏي آدم عليہ
السلام جي گهر واري هئي. جيتوڻيڪ سندس نالو سڌيءَ
طرح قرآن پاڪ ۾ آيل نه آهي. البته ”سورت
البقره“(رڪوع 4، آيت 35) موجب ”آدم جي زال“ هجڻ جو
ذڪر چٽائيءَ سان ملي ٿو.”حوا“، عربي زبان جو لفظ
آهي، جنهن جي لُغوي معنيٰ آهي: ”جيئري جاڳندي“،
”بائيبل“ جي حوالي سان معلوم ٿئي ٿو ته ”حضرت آدم
عليه السلام“ گهري ننڊ ۾ ستل هو ته اچانڪ سندس هڪ
پاسيريءَ مان اُن کي ڪڍيو ويو؛ ۽ ان جاءِ تي بنا
ڪنهن تڪليف جي گوشت ڀرجي ويو پر جيئن ته اها زندهه
۽ سلامت هئي؛ انهيءَ ڪري سندس نالو ”حوا“ رکيو
ويو.
قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي ته”ڏاڏو آدم ۽ سندس گهر واري - ٻئي خدا
تعاليٰ جي نعمتن مان لطف لهندا رهيا) سندن
رهائشگاهه ”بهشت“ هو ۽ اتي سمورا سک سهيڙيل هئا.
پر هڪ خاص وڻ جي ويجهو وڃڻ ۽ ان جو ڦل کائڻ جي سخت
منع ٿيل هئي. اها پابندي محض نفساني خواهشن کي
تعبيدار بنائڻ لاءِ هئي، ته جيئن نفس جي ڦندي ۾
ڦاسي، الله تعاليٰ جي ٻڌايل حڪمن جي انحرافي نه
ٿئي! پر هن (ڏاڏي آدم ائين ڪيو ۽ شيطان جي چڪر ۾
اچي، عورت (ڏاڏي حوا) جي چوڻ جي انهيءَ وڻ جو ڊوڙي
وڃي ميوو کاڌو ۽ ظالمن مان ٿي پيا ۽ انهيءَ
گمراهيءَ جي عيوض ٻنهي کي بهشت مان ڪڍيو، زمين تي
لاٿو ويو(البقره آيت نمبر 35، 36)
ڏاڏو آدم ۽ ڏاڏي حوا دنيا جا پهريان انسان آهن، جيڪي الله
تعاليٰ جي حڪم سان تڙجي زمين تي پهتا ۽ هتان جي
آبادي جا اڳواڻ رهيا
”شيطان“ هو وڏو فرشتو هو(1)
هن، خدا تعاليٰ جي حڪم سان حضرت آدم عليه السلام
جي بت کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، تنهن کي ڌڻي
سڳوري پنهنجي رحمت کان هميشه هميشه لاءِ پري رکيو
آهي. آخر سندس چالبازي سان ڏاڏي حوا دوکو کاڌو ۽
ڌرتي تي پهتي. هينئر شيطان کي به ڊگهو رسو ملي ويو
آهي. ايتري قدر جو جيستائين هيءَ دنيا دائم ۽ قائم
آهي تيستائين انسان ذات کي جا بجا برغلائيندو
رهندو!
حضرت آدم عليه السلام کي سرانديپ (هندستان) ۽ ڏاڏي حوا کي جدي ۾
لاٿو ويو پوءِ ته ورهين جا ورهيه هڪ ٻئي جي ملڻ
لاءِ محتاج رهيا. ڏاڏي حوا پنهنجي غلطيءَ تي سخت
پريشان رهي ۽ رات ڏينهن روئيندي رهي. هوڏانهن
حضرت آدم عليه السلام کي به پنهنجي اڪيلائيءَ جو
احساس شدت سان ستائيندو رهيو.
هڪ ڏينهن جيئن ئي ڏاڏو آدم غمگين حالت ۾ ويٺو هو ته اچانڪ حضرت
جبرائيل عليه السلام وٽس اچي سهڙيو، ۽ چوڻ لڳو، ته
”اي آدم پنهنجي مرڻ کان اڳ حج ادا ڪر !“ انهيءَ
خداوندي حڪم ملڻ سان سرانديپ مان سري ”بيت
المحمود“ پهتو، جنهن کي اسان ”بيت الحرام“ يا
ڪعبته الله شريف سڏيون ٿا.
هوڏانهن ڏاڏي حوا به منزل جي تلاش ۾ گهمندي ڦرندي مڪي شريف ۾
اچي نڪتي شريف حضرت آدم عليه السلام حج جي سعادت
حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيئن ئي ”عرفات جبل“ تي ويٺو
هو ته ڏاڏي حوا به اتي اچي پهتي ۽ ٻنهي جي ملاقات
ٿي وئي.(1)
پوءِ ته خداوند ڪريم جا ٿورا مڃڻ لڳا، ۽ دل سان معافي وٺي، باقي
حياتي گڏ گذارڻ لاءِ، هن ريت بارگاهه ايزدي ۾
استدعا ڪيائون”اي مالڪ مهربان! اسان ٻنهي کي هميشه
هميشه لاءِ معاف ڪر. اسان تنهنجي نافرماني جي وڏي
سزا ڀوڳي آهي. هينئر اسانجي توبه قبول فرماءِ!! ۽
اسان کي آرام ۽ سڪون جي حياتي بخش ته آئنده تنهنجي
حڪمن جي ڊپ سان پيروي ڪندا رهون!!!
خدا تعاليٰ سندن توبه قبول فرمائي ۽ گڏ رهڻ لاءِ راحت جو سامان
به ججهو عطا ڪيو، کين کاڌي، پيتي لاءِ پوک جي
سمجهه به سوائي ڏني. جلد ئي پوءِ ڏينهن جي تپش،
سيءَ جي ساڱائي ۽ مينهن جي مصبيت کان بچڻ لاءِ
اجهو به جوڙي ورتائون. ان کان پوءِ باضابطه طور تي
دنيا جي زندگي سان ڏاڏو آدم ۽ ڏاڏي حوا جو مقابلو
جاري رهيو.
وٽن اولاد جو سلسلو به روان دوان رهيو. پهريان هڪ نينگر
(هابيل) ۽ هڪ نينگري گڏ ڄاوا. اهڙي طرح بيبي حوا
کي ٻيهر پٽ (قابيل) ۽ ڌي جي نويد ملي.سندس پٽ ۽
ڌيئر وڌندا رهيا. پوءِ جيئن ئي جواني جي جوڀن کي
رسيا ته خدا پاڪ جو حڪم ٿو ته ”هابيل ۽ قابيل کي
هڪ ٻئي جي ڀينرن سان پرڻائي ڇڏيو!“ جيئن ته انهن
ڏينهن اڃا ٻيو ڪو به خاندان موجود نه هو، انهيءَ
ڪري حضرت آدم عليه السلام جي اولاد ۾ اهو دستور
جيئن جو تيئن برقرار رهيو.
قرآن پاڪ ۾، هابيل ۽ قابيل بابت فرمايل آهي، ته ٻن ٻنهي ڀائرن
قرباني ڪئي پوءِ هابيل جي قرباني قبول پئي. انهي
ساڙ تي قابيل، ڀاءُ جو ويري ٿي پيو.(1)
ڪجهه وقت بعد ڏاڏو آدم ۽ ڏاڏي حوا حج جي ارادي سان ٻاهر ويل
هئا. قابيل هي مناسب موقعو ڏسي، ڀاءُ هابيل کي
ماري وڌو. دنيا تي هي پهريون خون هو. هن کان اڳ
ڪفن، دفن جي ڪابه رسم ادا نه ٿي هئي ۽ انهيءَ
معاملي جي ڄاڻ به ڪنهن کي نه هئي. قابيل هي ڪڌو ڪم
ته ڪيو پر پنهنجي پيءُ ماءُ کان لاش لڪائڻ جي
سمجهه نه ساري سگهيو ۽ سراسر بيتاب رهيو. خدا پاڪ
هڪ ملائڪ کي ڪانو جي صورت ۾ زمين تي لاٿو، جنهن
سندس سامهون اچي کڏ کوٽي. اهو سماچار قابيل کي
ڪانو کان هٿ آيو. پوءِ پشيمانيءَ وچان پنهنجي ڀاءُ
هابيل کي دفنائي ڇڏيائين. (پاره 6، سوره المائده،
رڪوع 4، آيت 27 کان 31 تائين)(1)
پوءِ جيئن ئي حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا حج تان واپس وريا
ته کين هابيل جي موت جي خبر ملي. جنهن تي بيبي حوا
کي سخت صدمو رسيو، اها پهرين عورت هئي جنهن پٽ جي
موت جو ڏک ڏٺو. جيتوڻيڪ ڏاڏو آدم ۽ ڪٽنب جا سڀ
ڀاتي کيس تسلي ڏيڻ ۾ مصروف رهيا، مگر پڇاڙيءَ
تائين اهو افسوس سيني ۾ سانڍيل رهيس.
حضرت آدم عليه السلام گهڻو اولاد ڇڏي 930 ورهين جي عمر ۾ انتقال
ڪيو. سندس گهر واري ڏاڏي حوا کانئس ٻه ورهيه پوءِ
وفات ڪئي. کيس جده جي ٻاهران سامونڊي ڪناري تي
دفنايو ويو. اڄ تائين سندس آخري آرامگاهه زيارت
لاءِ موجود آهي. ويچار ڪري ڏسبو ته ڏاڏي حوا جو
پوري انسانيت سان ”رت جو رشتو“ لازوال نموني ۾
جڙيل آهي.
---------------------------
ڪلاسڪ ڇا آهي؟
نظير صديقي / مجيد گل
ادب ۾ ڪنهن به سوال جو جواب، ٻه ۽ ٻه چار وانگر، حتمي ۽ دائمي
نه هوندو آهي. ادب جي دنيا خيالات، تاثرات ۽
نظريات جي دنيا آهي. ان ڪري ان ۾ اختلاف راءِ جي
گنجائش رهي ٿي. هر دور ۾ هڪ ئي مسئلي کي پنهنجي
پنهنجي طريقي سان حل ڪيو وڃي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو ڪلاسڪ ڇا آهي جو جواب، هر دور سان گڏ بدلبو
رهيو آهي.
ڪلاسڪ ڇا آهي؟ ان موضوع تي مغربي ۽ مشرقي ادب ۾ گهڻو ڪجهه لکيو
ويو آهي. پر انهيءَ موضوع تي انهيءَ عنوان تحت
اوڻيهين صدي جي عظيم فرانسيسي نقاد ”سانت بيو“ جو
مضمون اسان لاءِ وڌيڪ ڪارآمد آي. سانت بيوSaint
Bevve)
) جو مضمون هن عبارت سان شروع ٿئي ٿو.”عام طور تي
ڪلاسڪ لفظ ان قديم مصنف لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جنهن
جي حد درجي کان وڌيڪ تعريف ٿي هجي، جنهن جو
اسٽائيل منفرد هجي، جنهن ۾ هو پنهنجو ثاني نه
رکندو هجي.“ سانت بيو جي خيالن مان جيڪو نتيجو ڪڍي
سگهجي ٿو اِهو ته ڪلاسڪ لفظ ان مصنف لاءِ استعمال
ٿئي ٿو. (1) قديم هجي. (2) جنهن جي خوبين جو عام
طرح اعتراف ڪيو ويو هجي. (3) جنهن جي شهرت ۽ تعريف
کان هر ماڻهو واقف هجي. (4) اها ڳالهه مڃي وئي هجي
ته هو پنهنجي نوعيت جو واحد مصنف آهي. (5) جنهن جو
اسٽائل بلڪل منفرد هجي.
سانت بيو چوي ٿو ته ڪلاسڪ لفظ کي پهريون ڀيرو روم وارن استعمال
ڪيو.
مغرب ۾ سڀ کان پراڻي دولت مند تهذيب (علمي ادبي ۽ فڪري لحاظ
کان) يوناني تهذيب هئي. جنهن جي شاعرن، ڊراما
نگارن ۽ فلسفين جي عظمت اڄ تائين قائم آهي. اهي سڀ
ڪلاسيڪس جو درجو رکندڙ هئا.
يوناني تهذيب کان پوءِ لاطيني تهذيب يعني رومن جي تهذيب عروج
تي پهتي. رومن وارن پهريان ته يونانين کي ڪلاسڪ
تسليم ڪيو پر انهن وٽ (سيسرو) خطيب ۽ (ورجل)
شاعر، جهڙيون عظيم هستيون پيدا ٿيون ته انهن هستين
کي ڪلاسڪ قرار ڏنو ويو. پوءِ اهو وقت آيو جڏهن
پنهن اووڊ
(Ovid)
جهڙي شاعر کي يونان جي هومر
(Homer)
۽ بوڪٽيس
(Boctius)
کي افلاطون جهڙي فلسفي کان وڌيڪ اهم سمجهڻ لڳا.
پر دنيا انهن جي ان سمجهه جو ساٿ نه ڏنو.
روم کان پوءِ اٽلي ۾ دانتي
(Danete)
جهڙو شاعر پيدا ٿيو. جنهن کي وفات کان پوءِ تمام
جلد ڪلاسڪ جو درجو مليو. دانتي وانگر بوڪيشو
(Boccacio)
به اٽلي جو عظيم شاعر هو.
اسپين جو سروانٽيز پنهنجي ناول (ڊان ڪو ڪزوٽ) جي ڪري ناقابل
فراموش ڪلاسڪ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ انگلستان ۾
شيڪسپيئر ۽ ملٽن جهڙا شاعر، ڊڪنس ۽ جين آسٽن ۽
هارڊي جهڙا ناول نگار ڪلاسيڪ جو درجو رکن ٿا.
فرانس ۾ رابيلي، مونيتن، راسين، والٽيئر، مولبر، روسو، وڪٽر
هيوگو، استان وال، فلابير، موپاسان ۽ بالزاڪ جهڙا
عظيم ليکڪ پيدا ٿيا جن جا ڪارنما ڪلاسڪ جو درجو
رکن ٿا.
جرمني گوئٽي ۽ هائني جهڙا ڪلاسيڪ پيدا ڪيا، روس ۾ تالسٽا ۽،
دوستوفسڪي، ترگنيف پشڪن، چيخوف ۽ گوگول جهڙا لکندڙ
پيدا ٿيا جن کي ڪلاسيڪ تسليم ڪيو ويو.
آمريڪا جي ميلويل، مارڪ ٽوئين، ۽ هنري جيمز جهڙن لکندڙن کي
ڪلاسڪ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
هتي مغربي لکندڙن جي ته فهرست لکجي ٿي نه مغربي ڪلاسيڪ جي تاريخ
بيان ڪرڻ مقصد آهي. ٻڌائڻو صرف اهو آهي ته قديم
يونان کان آمريڪا تائين تمام مغربي ملڪن پنهنجا
پنهنجا ڪلاسڪ پيدا ڪيا پر انهن کي تسليم ڪرڻ ۾
زمانو گذريو ۽ ان دوران اهو بحث هلندو رهيو ته
ڪلاسڪ ڇا آهي؟ ۽ ان بحث دوران ڪلاسڪ جو تصور بدلبو
رهيو ۽ ان ۾ تبديلي ۽ وسعت به ايندي رهي.
مثال طور فرانس جي اڪيڊمي جي پهرين لغت 1694ع ۾ ڪلاسيڪي مصنف جي
هي تعريف ملي ٿي. ”اهو تمام گهڻو مقبول ۽ پسنديده
قديم مصنف جيڪو پنهنجي موضوع ۽ مخصوص انداز سبب
سند جو درجو رکندڙ هجي.“
پر 1835ع ۾ اڪيڊمي جي جيڪا لغت شايع ٿي ان ۾ ڪلاسڪ جي هي تعريف
ملي ٿي.
”اهي مصنف جيڪي ڪنهن به زبان ۾ لکن ٿا. هڪ مثال، هڪ نموني جو
درجو رکندا هجن.“ هن تعريف ۾ ڪجهه وڌيڪ لچڪ آهي.
پر 1835ع کان پوءِ انهيءَ موضوع تي فرانس ۾ جيڪي
مضمون لکيا ويا انهن سڀني ۾ بقول سانت بيو جي ”طرز
بيان، اسٽائل، قاعدن ۽ فن جي مقرراصول ۽ ضابطن تي
زور ڏنو ويو. ڪلاسڪ جي هي تعريف اسان جي محترم اهل
علم، رومانيت جي تصور کي سامهون رکي ڪئي.
ان دور ۾ ڇو ته رومانيت جي پنهنجي مخصوص معنيٰ هئي. اها
ڪلاسيڪل جي صورت ۾ وجود ۾ آئي. انهيءَ ڪري اهي
سموريون خصوصيتون جيڪي رومانيت جو ضد هيون ڪلاسيڪل
سان وابسطه ڪيون ويون.“
دنيا جي هر ادب جي دور ۾ ڪلاسيڪي ۽ روماني شعر و ادب جا دور آيا
آهن. مثال جي طور انگريزي شاعري ۾ ڊرائيڊن ۽ پوپ
جو زمانو” تقريبن صدي جي وسط کان ارڙهين صدي جي
وسط تائين“ ڪلاسيڪي دور جي حيثيت رکي ٿو. ۽
ورڊزورٿ کان وٺي ڪرڪيٽس جي زماني تائين (ارڙهين
صدي جي آخر کان اوڻهين صدي جي ٽئين حصي تائين
عشقيه شاعري جو زمانو مڃيو وڃي ٿو.)
ڪلاسڪ جي تصور ۾ هاڻ ايتري ته وسعت اچي چڪي آهي، جيڪي مصنف،
ادب جي روماني تحرڪ يا روماني دور جا نمائندا
آهن انهن کي به ادب جي ڪلاسڪس ۾ شمار ڪيو وڃڻ لڳو
آهي. پر شرط اها آهي ته انهن تحريرن ۾ عظمت ۽
زندهه هجڻ جي صلاحيت هجي.
هاڻي اچو ته ڪلاسڪ جي خاصيتن کي ڏسون ته ڪلاسڪ جي سڃاڻ جنهن کي
چئبو آهي ٿلهي ليکي ڏسجي ته اهڙيون ڏهه خاصيتون
آهن.
ڪلاسڪ ان ڪتاب کي چئي سگهجي ٿو، جيڪا مشهور به هجي ۽ عظيم به
هجي.
جنهن جو نالو پڙهيل ماڻهن جي اڪثر تعداد ٻڌو هجي چاهي انهن مان
ڪنهن پڙهيو هجي يا نه.
جنهن جي عظمت عام طرح مڃي وئي هجي پوءِ چاهي ان کي تسليم ڪرڻ ۾
ڪيترو به وقت ڇونه لڳو هجي.
هن ڪتاب جي موضوع، اسٽائل ۽ فني خوبين نه صرف ان وقت جي ماڻهن
کي متاثر ڪيو هجي پر ايندڙ وقت وارن کي به متاثر
ڪيو هجي.
هن ڪتاب نه رڳو پڙهندڙن کي متاثر ڪيو هجي پر هر ننڍي وڏي ليکڪ
کي به.
ان ڪتاب ۾ پنهنجي وقت کان وٺي ايندڙ نسلن لاءِ اهڙو نمونو هجي
جنهن کي نظرانداز نه ڪري سگهجي.
ان ڪتاب نه رڳو سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي طريقن ۾ واڌارو آندو هجي پر
بيان ۽ انداز جا نوان طريقا ٻڌايا هجن.
انهيءَ ڪتاب نه صرف پنهنجي زبان جي ادب تي اثر وڌو هجي پر دنيا
جي ٻين ٻولين تي به اثرانداز ٿيو هجي.
اهو ڪتاب يا ڪنهن سماجي ۽ سياسي انقلاب آڻڻ ۾ معاون رهيو هجي يا
هن ڪنهن نئين ادبي ۽ فني روايت جو بنياد وڌو هجي.
اڳتي وڌندڙ زماني جي ساري ذهني، علمي، ادبي، ۽ فني ترقين جي
باوجود ان ڪتاب جي اهميت ۽ عظمت برقرار رهي.
هي ڏهه خاصيتون ڪلاسڪ جي سڃاڻ چئي سگهجن ٿيون. هاڻ ڏسون ته
ڪلاسڪس جو مطالعو ڇو ضروري آهي.؟
هن جو هڪ ته جواب اهو آهي ته دنيا جي بهترين دماغن جيڪو ڪجهه
سوچيو ۽ لکيو ان جو گهڻو حصو ڪلاسڪس جي ذريعي ڄاڻي
سگهجي ٿو.
انسان جي شخصيت جي اندر اخلاقي حسن، انساني دلڪشي پيدا ڪرڻ ۾
ڪلاسڪ جو وڏو هٿ هوندو آهي. هن جو مسلسل مطالعو
غير محسوس طريقي انساني ذهن تي، انساني شعور ۽
انساني شخصيت ۾ وسعت پيدا ڪري ٿو. هن جي مطالعي
سان انسان ۾ وسيع النظري ۽ رواداري اچي ٿي. انساني
ڪمزورين کي سمجهڻ ۽ انهن کي معاف ڪرڻ جي صلاحيت
پيدا ٿئي ٿي. انساني زندگي ۽ انساني فطرت جي
پيچيدگين جو احساس پيدا ٿئي ٿو. انساني زندگي ۾
عفو و در گذر صبر و ضبط جي ڪيتري ضرورت آهي ان طرف
ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڪلاسڪس جي مطالعي سان انسان
پنهنجي ذات تي قابو ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح پنهنجي اندر
هڪ نئين شخصيت پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو.
استاد سعيد نفيسي
ضمير حسن مرزا
استاد سعيد نفيسي ايران جي علمي، ادبي ۽ تعليمي دنيا جي هڪ اهڙي
روشن بلند شخصيت آهي، جنهن تي نه رڳو ايرانين کي
بلڪ هر علم دوست ۽ صاحب ذوق کي فخر ڪرڻ جڳائي.
استاد نفيسي جديد فارسي ادب جو هڪ صاحب طراز اديب، انشا پرداز،
مورخ، محقق ۽ ناليوارو شاعر هو. سندس تصنيفن مان
”ستار گان سياه“ ”ماهه نخشب“، ”نيمه راهه بهشت“ ۽
”آخرين يادگار نادر شاهه“ طرز تحرير ۽ انشا پردازي
جي لحاظ سان اهڙا ڪتاب آهن، جن کي جديد فارسي ادب
۾ مثالي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي.
تحقيقي، تاريخي ۽ ادبي موضوعن تي استاد نفيسيءَ جا بيشمار ڪتاب،
مقالا ۽ مضمون قلمبند ڪيل آهن. انهن مان .
تاريخچه ادبيات ايران (هيءَ تصنيف”پارس“ رسالي ۾ شايع ٿي چڪي
آهي)
نثر فارسي معاصر (ٻن جلدن ۾)
آثار گمشده ابوالفضل بيهقي
تاريخ تمدن ايران درزمان ساسانيان
درفش ايران و شير و خورشيد سرخ
ايران در صدو هفتاد سال اخير
افغانستان در عهد حاضر
شرح حال مجددالدين همگر شيرازي
مدرسه نظاميه بغداد
يزد گرد سوم
خاندان طاهريان
خاندان سعدالدين حموديه
خاندان بابويه
تاگور (ٽيگور) وقام شاعر شاعري او: بحث در اثار و حوال عطار
نيشاپوري
زندگاني و ڪارو انديشه ابن سينا ڏاڍا مقبول ۽ مشهور ٿيا. پر
انهن سڀني کان وڌيڪ اهم ۽ مستند تاليف ”فرهنگنامه
پارسي“ آهي جنهن جو فقط هڪ جلد ڇپجي ظاهر ٿيو آهي.
انهيءَ تالف کي فارسي زبان ۾ انسائيڪلو پيڊيا جي
حيثيت ملي چڪي آهي.
استاد سعيد نفيسي نه رڳو فارسي زبان جو ماهر هو پر ٻين عظيم
ٻولين جهڙوڪ عربي، فرانسيسي، روسي ۽ انگريزي جي به
ڳوڙهي اڀياس ۽ دسترس هجڻ ڪري کيس انهن تي ڪامل
عبور حاصل هو. هن هڪ جامع ۽ مستند فرانسيسي، فارسي
و لغت پڻ مرتب ڪئي، جيڪا ٻن وڏن جلدن ۾ شايع ٿي.
انهيءَ کان سواءِ روسي زبان جي مشهور اديب ۽ شاعر
”پشڪن“ ۽ افسانه نگار ” گريلف“ جون پڻ ڪيتريون ئي
تحريرون ۽ افسانا روسي زبان مان ترجمو ڪري فارسي
زبان کي مالا مال ڪيائين. ”تاريخ قرون معاصر“ ۽
”تاريخ ترڪيه و سر انجام آلمان“ اصل فرانسيسي زبان
۾ لکيل هئا. جن کي استاد نفيسي پهريون ڀيرو فارسي
زبان ۾ ترجمو ڪيو.
انهن علم ادبي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن لکڻ ۽ تاليف ڪرڻ سان
گڏوگڏ استاد نفسيءَ فارسي زبان جي ڪيترن شاعرن،
عالمن، اديبن ۽ دانشورن جي ڪلامن جي تصنيفن تي
مستند ۽ جامع مقدما، حاشيا ۽ تخليقات لکي ۽ تصحيح
ڪري انهن کي مرتب ۽ شايع ڪيو.
انهن ۾ ”رباعيات عمر خيام“، ”قابوس نامه“، ”شاهنامه“، ”تاريخ
بيهقي“، (ٻه جلد)”آثار و احوال رودڪي“، (ٽي جلد)
”ديوان جنيد شيرازي“، ”ديوان عطار“، ديوان ابن
يمين“،” اشعار و احوال شيخ بهاڻي“، ” ديوان لامعي
گرگاني“، ” تاريخ گيتي ڪشا“،” دستورالوزرا“،”
خواند مير“، ”مواهب الاهي“، ”زين الاخبار“،”
رباعيات بابا فضل“،” احوال و اشڪار خواجو“،”
سامنامه خواجو“، ۽ پنهنجي ڏاڏي مرحوم ناظم
الاطباءِ جي تاليف ”فرهنگ فرنود سار، (پنج جلد)
خاص ڪري ذڪر لائق آهن. انهن هيترين سارين تصنيفن ۽
تاليفن ۽ درس و تدريس جي ڪمن ۾ مصروف رهڻ کان پوءِ
به استاد نفيسي ڪيترن ئي مشهور معروف رسالن ۽
اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ ڪيترن رسالن ۽ اخبارن
لاءِ مقالا ۽ مضمون لکندو رهيو.
استاد سعيد نفيسي تهران ۾ ڄائو، جتي اوائلي تعليم حاصل ڪرڻ کان
پوءِ فرانس روانو ٿيو. ۽ ڏهن سالن تائين لڳاتار
يورپي علم ۽ ادب جو ڳوڙهو مطالعو ڪيائين. تعليم
حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس آيو ۽ ”سماجي
ڀلائي واري وزارت“ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. بعد ۾ ڪيتري
عرصي تائين ملڪ جي مشهور ۽ اعليٰ تعليمي ادارن
جهڙوڪ مدارس علوم سياسي“ ”دارالفنون“ ۽ ”درالعلمين
عالي“ ۾ استاد جا فرائض انجام ڏيندو رهيو. آخر ۾
”تهران يونيورسٽي“ ۾ ادبيات جو پروفيسر مقرر ٿيو ۽
ويهن ورهين تائين انهيءَ علمي ۽ تعليمي اداري سان
وابسته رهيو. استاد نفيسي ڪجهه عرصو ڪابل
يونيورسٽي ۾ به ادبيات جو استاد ٿي رهيو.
استاد نفيسي دنيا جي خاص ڪري ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيو
۽ ڪيترن ئي ملڪن جي وڏن تعليمي ۽ ثقافتي ادارن جي
دعوت تي اتي مختلف علمي ۽ ادبي موضوعن تي ليڪچر
ڏنا ۽ تقريرون ڪيون.
انهيءَ سلسلي ۾ هو ٻه ٽي ڀيرا پاڪستان ۾ به آيو هو ۽ سنڌ
يونيورسٽي ۾ به شاگردن ۽ استادن کي خطاب ڪيو
هيائين.
استاد سعيد نفيسيءَ جي جامع شخصيت نثر سا گڏ نظم جي ميدان ۾ به
پنهنجا جوهر ڏيکاريا ۽ شاعري جي هر صنف ۾ طبع
آزمائي ڪئي.سندس ڪلام جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي.
پر استاد کي پنهنجي انهيءَ هنر و ڪمال ۽ فن تي ڪو
فخر نه هو. سندس خيال هو ته هن زماني ۾ نظم جي
بدران نثر وسيلي، علم و ادب توڙي قوم ۽ ملڪ جي چڱي
طرح خدمت ڪري سگجهي ٿي.
استاد سعيد نفيسي 14 نومبر 1966ع تي وفات ڪئي ۽ سندس ڪلام جو هڪ
مجموعو شايع ٿي چڪو آهي.
هيٺ انهيءَ مجموعي مان هڪ غزل پيش ڪجي ٿو.
غزل
جان فداي همت آن باد ڪر آغاز ڪار
گرگذشت از نيڪ و بد مردانه به پرواه گذشت
اي ڪه خاڪ ڪسان غافل روي آهسته ران
بس سوار تيز رو همچون توزين صحرا گذشت
چند مي پرسي ڪجارفت وچه شه آنڪس ڪه بود
ڪشتي بي بادباني بود و زين دريا گذشت
نيست جزيڪ جمله اين افسانه دور ودراز
ڪارواني روسزآمد نيمه شب زين جا گشت
ڪسيت خضر ره نفيسي انڪه چون مجبور بود
مانه در دنيا اگريڪ لحظه از دنيا گذشت
-------------------
ميهار پرستي ۽ ايڪويهين صدي
امر لغاري
ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ جي ڳالهه آهي جو منهنجي هن ننڍڙي مٺڙي
ديس ۾ هڪ گهر اهڙو به هو جنهن ۾ ٽي ڀاتي رهندا
هئا. گهر جي وڏي، ماءُ هئي ۽ ساڻس ويهن سالن جو پٽ
چارڻ رهندو هو. جنهن کي هن جي اڪيلي ڀيڻ ڀوري
”ادا، ڪري سڏيندي هئي. سنڌ جي سفيد مٽيءَ جو رس شل
هر ڌرتي ڄائي جي رڳن ۾سلامت هجي! هيءُ ننڍڙو ڪٽنب
ان رس جو رسيل هو. جنهن جي جذبن ۾ پيار۽ پريت جا
فصل ٿي اڳيا. پر مائي مهلان جا ان خاندان جي وڏي
هئي. ان سمٻنڌ جي سک کي سمجهي نه سگهي. هن وڏڙن جي
روايت تي هلندي پنهنجي پوپٽ جهڙي پوپريءَ ڀوريءَ
جو هٿ هڪ ميهار کي ڏئي ڇڏيو. جڏهن پوپريءَ جو هٿ
ميهار جي هٿن ۾ آيو ته ٻنهي وچ ۾ هڪ تعلق پيدا ٿيو
۽ ان تعلق کي ڀوري پوپري دل ئي دل ۾ محسوس ڪرڻ
لڳي. مائي مهلان جيتوڻيڪ آئيندي بابت اڻ ڄاڻ هئي
پر تنهن هوندي به سندس وسيع ماضي کيس شين جي
چرپر مان اهڃاڻي معنيٰ ڪڍڻ سيکاري ڇڏي هئي. هوءَ
سمجهي وئي ته جي ڇوري ڏنا ڇال ته لاهوتي درسال
اڳيان رلي وڇيري ويهي رهندا. ان ڪري هن ميهار
ڏانهن نياپو مڪو ۽ ميهار مام پروڙي اچي ڪڙڪو ڪيو.
هو جانٺو جوان مڙس هو. هن جي رڳن ۾ مينهن جي مکڻ
ٿي ڳالهايو. ڀوري سندس نالي ڪيل هئي ۽ هن کيس
پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو هوءَ ڇوڪري هئي هڪ ڪچو
خواب هئي. فطرت کيس بيحد حسين بڻايو هو. ميهار
جڏهن هن جو من پسيو ته هن جي رڳ رڳ اک جيئن ڦڙڪڻ
لڳي. هوءَ ڳچ دير تائين لازمان ۽ لا مڪان وچ ۾
لٽڪي رهي. جڏهن هوش جي حس موٽيس ته محسوس ڪيائين
هوءَ هاڻ پوپري نه رهي هئي هوءَ هڪ عورت بڻجي وئي
هئي. زندگي بيحد خوبصورت هئي. مائي مهلان هڪ ڪردار
ڀلائي ويٺي. هن جو موڀي پٽ چارڻ پوپريءَ جي پرائي
بڻجڻ تي هٿ پٽڻ لڳو.
هوڏانهن ميهار جي مستيءَ جي ڪا حد نه رهي. هو روز مينهون ڪاهي
اچي هنن جي ڪوٽ ٻاهران ڪانگڙ ۾ بيهندو هو ۽ ڪوٽ
اندر پيو سڄو ڏينهن ايندو ويندو هو. ڀوري هن جي
اچڻ تي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، پر چارڻ چڪ پيو هڻندو
هو مائي مهلان ڏاڍي پراسرار عورت هئي. هو سٺ جي لڳ
ڀڳ هئي پر نه ڄاڻ ڇو کيس ان ”ڀيل ڀيلان“ مان سڪون
ٿي آيو. چارڻ ڏٺو ته ميهار هاڻ راتين جون راتيون
رهيو پيو آهي ۽ ڀوري به اها ساڳئي ناهي رهي. هن
پنهنجي ماءُ کي چيو ”امان هوش ڪر، ڏسين نه ٿي ته
ڇا پيو ٿئي!“
مائي مهلان مکڻ جهڙي نرم عورت هئي. ڳالهه ٻڌائين پر هانءُ سان
نه هنڊايائين. جيئن جيئن ويو وقت گذرندو. تيئن
تيئن وئي ڀوري سڄندي. هن جي هڪ هڪ شيءِ ٽڙڻ لڳي.
ان ٽڙ ٽڙان ۾ هوءَ مورڳو ”ميهار پرست“ ٿي وئي.
دم الله الله، وسدا ملڪ سبحاني!
هوءَ اهڙن ۽ انهن جهڙن انيڪ ڪلامن ۾ گم ٿيڻ لڳي. کيس خبر نه ٿي
پئي ته هن کي اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي وڻيون. ويٺي
ويٺي هوءَ جهونگارڻ لڳندي هئي!
”ٻانهن جي آءُ ٻانهي آهيان- ٻاروچي جي ذات جي... ٻانهن جي
آءُ...“ عجيب ڳالهه اها هئي ته هوءَ چارڻ جي چرپر
کي به محسوس ڪري نه سگهي. هن شايد اکين دنيا لاءِ
ظاهري اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. اندر جي اکين سان
هن الائي ڇا پئي ڏٺو. سان هن الائي ڇا پئي
ڏٺو.”ميهار پرستيءَ“ ۾ هن الائي ڪنهن جو جلوو ٿي
پسيو!
ايندڙ رات هن هڪ خواب ڏٺو. خواب ۾ کيس سفيد ڪپڙا پاتل هئا. هو
کير جهڙن اڇن ۽ اجرن ڪپڙن وارن جي هڪ هشام ۾ هلندي
پئي وئي. هر ڪو ان سفيد روشنيءَ واري کچا کچ بازار
جي آخري ڇيڙي تائين ٿي ويو. جڏهن هوءَ اتي پهتي
ته هن ڏٺو چارڻ به اتي ئي بيٺو هو. هن جي هٿ ۾
ڪهاڙو هو. جيڪو به سندس اڳيان ڪنڌ نوڙائيندو پئي
ويو هو ان جي منڊي ڌڙ کان ڌار ڪندو پئي ويو. هن
ڏٺو ته هرڪو پنهنجي منڍي لهرائڻ لاءِ آتو هو. هن
هڪ سراپي لباس واري کان پڇيو”هيءَ ڪهڙي جاءِ آهي؟”
چاندي جيئن تجلا ڏيندڙ ان لباس واري شخص وراڻيو، ”هي عشق جي
بازار آهي ۽ سامهون عاشقن جو آستان آهي. جتي سر
جو سانگو ناهي.“ هوءَ عشق جي ان سفيد بازار جي
آخري ڇيڙي تي بيٺي هئي. اتي جڏهن هن پنهنجو ڪنڌ
جهڪايو ته هڪ زوردار وار ٿيو ۽ هڪ جهٽڪي سان هن جي
اک کلي وئي. هن سامهون ڏٺو ته مٿس چارڻ بيٺو هو ۽
هن جي هٿ ۾ ساڳيو ئي ڪهاڙو موجود هو. هوءَ اڃا رڙ
ڪرڻ تي هئي جو ڪهاڙي وار ٿيو ۽ ڀوري جو ڌڙ سسيءَ
کان ڌار ٿي ويو. پر ڌار ٿيندڙ ڌڙ اندر ڌڙڪندڙ دل
کي اها خبر نه هئي ته ڪوٽ باهران دروازي وٽ ڪنهن
جو ڌڙ ۽ منڍي ساڻس گڏ ڦٿڪي رهيا آهن.
هيءَ ايڪويهين صدي آهي. چارڻ ويهه سال قيد ڪاٽي موٽي آيو آهي.
هن سان هن جا ڪافي دوست ملي چڪا آهن. هن کي هتي
پهتي ست ڏينهن مس ٿيا آهن هن مٺڙي رس واري ڌرتي تي
سندس گهر ۾ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي: سندس
مکڻ جهڙي نرم ماءُ پنهنجي ڌيءَ جي ڏک ۾ چڙهي چڙهي
مري وئي، هو هاڻ اڪيلو آهي. اڄ شام تائين کيس
اًٺون ڏينهن مڪمل ٿي ويندو. هينئر منجهند جا ٻه
ٿيا آهن، صبح جو جيئن ئي هو ڪوٽ ٻاهر نڪتو هو
دروازي ٻاهران لڪل ٻن همراهن مٿس ڪهاڙين جا وار
ڪري سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. هي ايڪويهين صدي
آهي. منهنجي هن ننڍڙي مٺڙي ديس هڪ اهڙو گهر به
هو جنهن ۾ ٽي ڀاتي رهندا هئا.
مائي مٺل ۽ زري
شگفته شاهه
”امان! هيءَ آءُ اوهان جي گهرجي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ مائي وٺي آئي
آهيان. اوهان کي نوڪرياڻيءَ کان سواءِ الاهي
ڏکيائي آهي.“ ماسيءَ مون کي چيو ته، مون هن ڏانهن
ڏٺو- هوءَ بنهه سنهڙي سيپڪڙي، زري گهٽ رڳو هڏن جو
پڃرو هئي. سندس عمر ته الائي ڪيتري هئي. پر چهرو
لڪيرن ۽ گهنجن سان ڀرپور هو. هوءَ ايڏي پوڙهي هئي
جو هڪ وار به ڪارو نه هيس. ڦاٽل رئي مان سندس
چانديءَ جهڙا اڇا وار ليئا پائي رهيا هئا. ساڻس گڏ
نون ڏهن سالن جي سانوري ڇوڪري پڻ هئي، جيڪا بک،
افلاس ۽ غربت جو جيئرو جاڳندو پورٽريٽ ٿي لڳي.
”ماسي! هي نوڪرياڻي آهي يا مريضه؟ عمر ۽ صحت ته ڏسوس، ڪم ته
الائي ڇا ڪندي. مورڳو خون نه ڳچيءَ ۾ پوي.“ مون کل
روڪيندي چيو.
”امان! هيءَ اوهان جهڙين ڏهن جو مٽ آهي. اهي ٻهراڙيءَ جون محنتي
عورتون آهن سندن ظاهري ڏيک تي نه وڃو. اوهان وانگر
ڪونه آهن، اوهين ته رڳو هوا تي پيون هلو. سگهه
لڀي ڪانه، رڳو ڏسڻ جون آهيون. هيڪاري هن ڊائيٽنگ
جي شوق ۾ اوهان ڇوڪرين پاڻ کي حال کان ڪڍي ڇڏيو
آهي. اسين اوهان جيڏيون هيوسين ته ڇا ته صحت هوندي
هئي، ڇا ته چهري جي رونق هوندي هئي. ڇا ته ڊگها
گهاٽا سهڻا وار هوندا هئا. اوهين ته هن عمر ۾ ئي
افعالن کان نڪري ويون آهن.“
ماسي معمول جيان پنهنجي پسنديده موضوع تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو ۽
امي به ها ۾ ها ملائڻ شروع ڪئي، ته اتان کسڪڻ ۾ ئي
پنهنجي عافيت نظر آيم. هو چونديون به ته سچ ئي
آهن.
پوءِ ڪجهه دير ۾ نيون نوڪرياڻيون سڄي گهر جو موضوع بڻجي ويون.
شام تائين اها به خبر پئجي وئي ته هو سنڌ جي هڪ
انتهائي ڏورانهين علائقي مان هن شهر ۾ ڪمائڻ لاءِ
آيون هيون، هو جنهن علائقي مان آيون هيون اتي جا
ماڻهو غربت ۽ افلاس ۾ ڪيئن گذاري رهيا هئا، ان
ڳالهه جو ثبوت هو پاڻ هيون. سندن حالت از خود هنن
جي غربت جو داستان ٻڌائي رهي هئي. ۽ هو جديد شهري
زندگيءَ کان ڪيترو اڻ واقف هيون ان جي خبر ان
ڳالهه مان ٿي پئي ته هو سمجهي رهيون هيون. ته هي
ڪو ٻيو ملڪ آهي يا شايد زبان ۾ علائقي کي ”ملڪ“
سڏبو آهي. ان ڪري بار بار هو ”اسان جو ملڪ“ ۽
”اوهان جو ملڪ“ چئي رهيون هيون. سندن سنڌي به بنهه
ٻهراڙي واري هئي، جنهن جا ڪيترائي الفاظ اسان کي
سمجهه ۾ نه ٿي آيا. ساڳئي طرح اسان جو ڳالهائڻ کين
سمجهه ۾ نه ٿي آيو ۽ هنن جي ليکي ته اسان سنڌي
بدران ڪا ٻي زبان ٿي ڳالهائي.
بهرحال ائين ڪجهه ڏينهن تائين هوءَ پوڙهي، جنهن جو نالو مٺل هو
۽ ان ڇوڪري، جنهن جو پورو نالو ته زرينه هو، پر
مٺل کيس ”زري“ سڏيندي هئي، ان ڪري اسين سڀئي پڻ
کيس ”زري“ چوندا هئاسين. ٻه ٽي ڏينهن ته هڪ ٻئي جي
زبان ۽ الفاظن سمجهڻ ۾ ويا ۽ کين ڪم ڪار جي روٽين
۽ جنهن نموني اسان جي گهر جو ڪم هلندو هو اهو
نمونو سمجهائيندي گذري ويا. ائين پندرنهن ويهه
ڏينهن انهن جي ٽريننگ دوران گهر جي هر هڪ فرد کي
ڪافي مٿو ماري ڪرڻي پئي.
”مٺل!ياد رک کير جا ٿانوَ ٻوڙ رڌڻ واري ديڳڙي سان گڏي نه رکبا
آهن. ٻنهي جي ٿانون جا الڳ الڳ خانا ٺهيا پيا آهن،
هر شيءِ پنهنجي مخصوص جاءِ تي رک.“
”مٺل! تون ڪم جي دوران رڌڻي ۾ ڏاڍو ڪچرو ٿي ڪرين ۽ ها هر رڌي
پڪي کان پوءِ چلهيون صاف ڪرڻ ۽ رڌڻي جي صفائي ڪرڻ
ضروري آهي.“
”مٺل! هي گيهه جو دٻو هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇو ٿي رکين! ان کي
هميشه ان جي جاءِ تي ئي رکندي ڪر ۽ مانيون پچائي
تئو چلهه تي ڇڏي نه اٿي ويندي ڪر، تئي کي کڻي
اسٽور ۾ ان جي مخصوص اسٽينڊ تي رک.“
”مائي مٺل ! ايڏا ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين توکي گيس جو
چلهو ٻارڻ ڪونهي آيو. جڏهن به چلهو ٻارڻو هوندو
اٿئي رڳو رڙيون ڪري، هڪ هڪ کي سڏي گهر کڻي مٿي تي
کڻندي آهين.“
مطلب ته سڄو سڄو ڏينهن اسان کي اها مغز ماري ڪرڻي پوندي هئي ۽
هوءَ هر ڳالهه جي جواب ۾ چوندي هئي، ”هائو امڙ!
هاڻي سمجهان پئي، جلد سکي وينديس.“
۽ پوءِ واقعي مهيني کن ۾ هو ٻئي ڪافي روان ٿي ويون ۽ ماسيءَ سچ
چيو هو ڏسڻ ۾ مٺل جي حالت رحم جوڳي هئي پر ڪم جي
الاهي هوشيار هئي، هوءَ مانيون پچائيندي هئي، ڪپڙا
ڌوئيندي هئي، پوچو لڳائيندي هئي ۽ ٿانو ڌوئيندي
هئي. جڏهن ته زري پڻ هڪ پاسي هن کي ڪم ۾ مدد ڏيندي
هئي ته ٻئي پاسي هوءَ به ڪيترائي ننڍا وڏا ڪم
ڦڙتيءَ سان ڪندي هئي.
هنن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به عجيب هئي زري مٺل جي پهاڄ جي ڌيءَ
هئي جنهن کي شروع کان ئي هن نپايو هو. کيس پنهنجي
ڪا ڌيءَ نه هئي زريءَ کي ڌيءَ ڪري پاليو هئائين،
کيس رڳو پٽ هئا. سندس پهاڄ کي زري کان سواءِ ٻيا
به ٻار هئا. زري تمام جلد سڀني سان هري مري وئي ۽
منهنجي ڀائٽي جنهن کي ٻار ”آپي“ چوندا آهن، سندس
هم عمر هئي ان سان دوستي ٿي وئي هيس.
مٺل ٻڌايو هو ته ڇهن مهينن کان پوءِ، سندس پهاڄ جي پٽ جي شادي
هئي، ان لاءِ سندس هڪ مائٽياڻي جيڪا حيدرآباد ۾
رهندي هئي، ان جي معرفت هو ڪمائڻ لاءِ شهر آئي
هئي ته جيئن ڇهن مهينن ۾ هوءِ ڪجهه پئسا جمع ڪري
پٽ جي شادي ڪرائي سگهي.
”مائي مٺل! تنهنجي ساهيڙي جي عمر ڪيتري هوندي؟“ هڪ ڀيري مون
پڇيو.
”بس امڙ ائين کڻي سمجهه ته جيڪر منهنجي ڪا ڌيءَ هجي ها ته ان
جهڙي هجي ها.“ چيائين.
”توکي تنهنجي ساهيڙيءَ کان ساڙ ڪونه ٿيو هو؟“
”نه امڙ! اسان ۾ الاهي قرب آهي. امڙ اسان وٽ هونءَ به مڙس ٻه
ٻه، ٽي شاديون ڪن، پر سڀئي گڏجي رهن. هڪڙي گهر ۾.“
”زري! توکي مزو اچي ٿو هتي.“ مون وري زريءَ کان پڇيو.
”ها ٿورو ٿورو.“
”ٿورو ٿورو ڇو؟“
”نه، هونءَ ته مزو اچي ٿو پر جڏهن امان، ڀينرون ڀائر ۽ ڳوٺ ياد
پوندو آهي ته دل ڪندي آهي ته جيڪر پر لڳنم ته
اڏامي وڃي ڳوٺ پهچان.“
”ها ! ڳوٺ پهچان.“ مائي مٺل، جيڪا مانيون پچائي رهي هئي تنهن
مٿس ويلڻ اُلاريندي چيو،”ڳوٺ ۾ کاڌا رکيا آهن تو
لئه... شڪر ڪر هتي ڍئو تي ماني ته ملئي ٿي.“
”هون ! وينديس ڳوٺ... ڪني مٺل کٺل.“ زري کيس چٻرا ڏيندي
چيڙائيندي چيو.
”ڇو زري؟ مٺل کي امان ڇونه چوندي آهين؟“
مون چيو.
”هيءَ! منهنجي امان ته ڳوٺ ويٺي آهي.“
”ڇو ڀلا مٺل توکي ڪانه ٿي وڻي.“
”ٿوري ٿوري“
”ڇو؟“
”مون کي رڳو دڙڪا ٿي ڏي.“
”بيهه ته ڇوري نڀاڳي وات ته ڪيئن ٿي ڪرين“ اهو چوندي مٺل ويلڻ
کڻي سندس ويجهو وئي ته هوءَ کيس چٻرا ڏيندي رڌڻي
کان ٻاهر ڀڄي وئي ۽ مون کي کل اچي ويئي.
مٺل هونءَ ته سڄو ڏينهن زري کي دڙڪا ڏيندي هئي پر هن کان سواءِ
کيس مانيءَ جو گرهه به نه ڳڙڪندو هو. زريءَ کي بک
به نه هوندي هئي ته کيس زوري کارائيندي چوندي هئي.
”ڇوري جيسين هتي آهين کائي ڍئو ڪر. پنهنجي ملڪ هلي
وري بکون ڪاٽڻيون اٿئي.“
مٺل کي اسان جا نالا وٺڻ به نه ٿي آيا. ان ڪري هوءَ منهنجي وڏي
ڀيڻ، جيڪا ڊاڪٽر آهي ان کي ”ڊاڪٽرياڻي“ چوندي هئي
۽ مون کي ”ماسترياڻي“. مون کي الائي ڇو لفظ
”ماسترياڻي“ کان چڙ ٿيندي هئي ڇو ته آءُ هڪ انگلش
ميڊيم اسڪول ۾ انگلش پڙهائيندڙ ٽيچر، ميڊم ۽ مس
ٻڌڻ جي عادي هيس. اميءَ کي هوءَ جيجي وڏي سڏيندي
هئي ۽ ڀاڀيءَ کي ڪنوار. زري جيئن ته فطري طرح
ذهين ۽ گهٽ عمر جي هئي ان ڪري شهري الفاظ ۽
ڳالهيون جلد سکي ويئي. هوءَ منهنجين ڀيڻن کي ”آپا“
چوندي هئي ۽ مون کي ”آپا مس“ چوندي هئي. امي،
زريءَ کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي. هوءَ پنهنجي مٺڙي
لهجي ۾ بيوقوفي جون ڳالهيون ڪري سڀ کان گهڻو کيس
موهي ويئي هئي. زريءَ کي منهنجي ڀائٽيءَ جا ڪيئي
”فيشني“ جوڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا. امي جڏهن به
ڪيڏانهن ويندي هئي ته کيس به وٺي ويندي هئي. هوءَ
کيس بازار وٺي ويندي هئي ته جڏهن منهنجن ڀائٽن ۽
ڀائٽيءَ لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، رانديڪا ۽ ٻيو
سامان آڻيندي هئي اتي کيس به چوڙيون وغيره وٺي
ڏيندي هئي. بڪل، هار، ايرنگس، جيڪي هوءَ اسان کي
خوشيءَ ۾ اچي ڏيکاريندي هئي. ٻارن ۽ اسان جي ڪري
هو به کيس ”امي“ چوڻ لڳي. سندس ايتري
Value
ڏسي اڪثر مٺل چوندي هئي، ”جيجيءَ ته زريءَ کي مٿي
تي چاڙهي ڇڏيو آهي، ڇوريءَ جو مغز ڦري ويو آهي.“
هڪ ڀيري امي هڪ شاديءَ ۾ وڃي رهي هئي، منهنجي ڀائٽي به ويئي پئي
ته زري به ضد ڪري بيهي رهي ته مٺل ڇڙپ ڏيندي
چيس:”ڇوري! تون ڪا بيبين جهڙي آهين جو شاديءَ تي
ويندينءَ.“
اميءَ کيس منهنجي ڀائٽيءَ جا اڳي جا پيل ڪپڙا شادي لاءِ پائڻ
لاءِ ڏنا، ٿوري دير کان پوءِ هوءَ بروڪيٽ جو
پاجامون ۽ چمڪيلي قميص پائي اچي بيٺي.
”آپا مس! آئون ڪيئن پئي لڳان.“ هن منهنجي ڪمري ۾ اچي مون ڏانهن
گهٽ ۽ ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾ پاڻ ڏانهن وڌيڪ
ڏسندي پڇيو ته مون ڪم ڪندي هڪ نظر کيس ڏٺو ۽ چيو:
”فرسٽ ڪلاس“
”اهو فرسٽ ڪلاس ڇا هي؟“
”مطلب ته تمام سٺو“
”اڃا ته آپا مس، اميءَ، جيڪي مون کي چوڙيون ڏنيون آهن اهي
پائينديس، ڪنن ۾ واليون وجهنديس ۽ ها آپيءَ
(منهنجي ڀائٽي) مون کي سرخي ۽ سينڊل به ڏنو
آهي.... ها سرخي هڻنديس ۽ سينڊل پائينديس.“
”نه زري! تو جيتريون ڇوڪريون سرخي ڪونه هڻنديون آهن، ڏس آپي به
نه ٿي هڻي.“
”ڇو؟“ هن ضد ڪندي چيو.
”تو جيتريون ڇوڪريون هونءَ ئي سٺيون لڳنديون آهن.“ چيومانس ته
ٿوري دير هن وري آئيني اڳيان ڪجهه پوز هنيا ۽ پوءِ
ڪمري مان نڪري وئي ۽ آءُ لکڻ ۾ مصروف ٿي ويس. اڃا
پندرنهن منٽ مس گذريا هئا ته هوءَ وري مون وٽ آئي،
پر عجيب حلئي ۾. اکين جي اندر گهٽ ٻاهران گهڻو ڪجل
جو ليپ هوس. اها ئي حالت لپ اسٽڪ جي هئي، جيڪا چپن
تي گهٽ پر کاڏي ۽ واڇن تي گهڻي هئي ۽ کيس وڏي
کڙيءَ وارو سينڊل پاتل هو جنهن سان هو آٿڙندي
ڪرندي پاڻ کي ۽ رئي کي سنڀاليندي عجيب منظر پيش
ڪري رهي هئي. سندس چهرو ڏسندي مون کي کل اچي وئي،
بلڪل ڪارٽون لڳي رهي هئي.
”زري هي ڇا ڪري آئي آهين! وڃ وڃي منهن ڌوئي اچ!“ مون کل ضبط
ڪندي کيس دڙڪا ڏنا، پهرين ته هن انڪار ڪيو پوءِ
منهنجي گهڻي چوڻ تي نيٺ چيائين.
”ڀلا هن تنهنجي ڪمري واري باٿ روم ۾ وڃان منهن ڌوئڻ؟“
”ها، ها... اتي ئي وڃ.” چيم، هوءَ باٿ روم ڏانهن وڌندي ٿورو
ترسي ۽ پوءِ چيائين.
”آپا مس! ڏس مٺل کي اڃا تائين باٿ روم چوڻ به ڪونهي ايندو. هوءَ
اڃا به ڪنو ڪنو اکر چوندي آهي. مان تڪڙو سکي ويم
نه ؟“
”ها“ مون مختصر جواب ڏنو. هوءَ باٿ روم ۾ ويئي ۽ ٿوري دير کان
پوءِ منهن ڌوئي واپس موٽي ته ڪجهه ماڻهپي ۾ نظر
آئي. هو هڪ ڀيرو وري ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني تي نظر
عنايت ڪندي مون ڏانهن وڌي ۽ هٿ ۾ پڪڙيل سندس ميري
ڦڻي مون ڏانهن وڌائيندي چيو، ”هان وٺ ! منهنجو
چانڊورو ته ٺاهه.“
”ڇا !!!؟؟“ منهنجن فرشتن کي خبر ڪونه هئي ته ”چانڊورو“ ڇا بلا
آهي.
”او.... اهڙو چانڊورو جهڙو آپي ٺاهيندي آهي.“
مون اندازي مان سمجهيو ته چانڊورو مطلب ته پوني ٽيل، پر آءُ وري
به سندس ميرن چيڙهه لڳل مختصر ۽ بي ترتيب وارن کي
ڏسي پريشان ٿي ويس ته آخر انهن جي پوني ٽيل ڪيئن
ٿي ٺهي سگهي؟
”نه زري! مون کان ڪونه ٺهندو، وڃي ننڍي آپا کي چئه“ مون جند
ڇڏائڻ خاطر چيو ته هوءِ مايوس ٿي ويئي هلي. ۽
وري ڏهه منٽ کن ترسي مون وٽ آئي ۽ فخريه لهجي ۾
چيائين.
”ڏس“ منهنجو چانڊورو“
مون هن ڏانهن ڏٺو، سندس وارن جون پاسي ان چڳون لڙڪي منهن تي
پيون پئي، هن پٺ ڏني ته مون کي کل اچي ويئي. ٻه ٽي
وارن جون مختصر پڇڙيون بڪل جي مدد سان ويڙهيون
پيون هيون. مون دل ۾ پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي داد ڏنو
ته هن ڪهڙي نه مهارت سان انهن ننڍڙن وارن کي ربر
بيند جي قيد ۾ جڪڙي، ڪلپ ان مٿان فڪس ڪيو هو.
”زري.... هينئر ته شادي کائي اچ، پر مهرباني ڪري سڀاڻي وهنجي
سهنجي ماڻهو ٿجانءِ. خاص ڪري مٿو ته ڌوئي صاف
ڪجانءِ وارن جي حالت ڏٺي اٿئي“ چيومانس.
”ها ! سڀاڻي وهنجندم، مان کي آپي ننڍي شيمپو ڏنو آهي ۽ ان سان
وارن ڌوئڻ جو نمونو به ٻڌايو آهي.“
مون کي حيرت ٿي ته هن کي يڪدم ”شيمپو“ نالو ياد ٿي ويو هو. ائين
هوءَ رات تيار ٿي شادي تي ويئي، انهن ئي ڏينهن
رمضان واري عيد به آئي، ته عيد جي رات هوءَ اميءَ
سان گڏجي وئي ۽ آرٽيفيشل جيولري، چوڙيون، بڪل ۽
ميندي وٺي آئي ۽ عيد جي سڄي ڏينهن تي هوءَ ساڳئي
ريت وڏي کڙي وارو سينڊل پائي آٿڙندي ٿڙندي رهي ۽
بار بار ڦٽي ويل چانڊورو ٺهرائيندي رهي. شام جو
هوءَ ۽ مٺل نوڪر سان گڏجي راڻي باغ گهمڻ ويون.
هاڻي ڪجهه مٺل جو احوال به ٿي وڃي.... هوءَ به گهٽ ”فلم“ نه
هئي. کيس مون، منهنجين ڀيڻن ۽ ڀاڀيءَ الاهي سارا
ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا پر هوءِ رڳو ساڳيا ٻه جوڙا
پائيندي هئي. جن کي ڌوئي ڌوئي رنگ ئي ڦٽائي
ڇڏيائين. هڪ ڀيرو چيومانس”مائي مٺل توکي مون ۽
ٻين ايترا ڪپڙا ڏنا آهن سي پائين ڇونه ٿي؟ هي
ڪپڙا ته صفا خراب ٿي ويا اٿئي؟“
”ائي امڙ مان پوڙهي زال سٺا لٽا پائي ڇا ڪنديس، اهي سڀ لٽا ته
مون ساهيڙيءَ لاءِ سنڀالي رکيا آهن. هوءَ ننڍي
نيٽي آهي، ان کي کپن.“
”پوءَ ڇاهي، تون اسان وٽ ڇهن مهينن لاءِ آئي آهين، جڏهن پنهنجي
ملڪ ويندينءَ ته توکي تنهنجي ساهيڙيءَ ۽ ان جي
ڌيئرن لاءِ ٻيا ڪپڙا ڏينداسين.“
کيس اهو چوڻ جي باوجود به مون ڏٺو ته هن اهي ساڳيا ٻه جوڙا ٿي
پاتا. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو قلفيءَ وارو روز اسان جي
پاڙي ۾ ايندو هو ته منهنجن ڀائٽن سان گڏ زري به
بابا کان پئسا وٺي روز قلفي کائيندي هئي ۽ ڪڏهن
آءُ مٺل کي به قلفي کائيندي ڏسندي هيس. هڪ ڀيري
منهنجي ڀيڻ مٿي ۾ ميندي وڌي ته مٺل به وارن کي
رنڱڻ لاءِ هن کان ميندي ورتي ۽ پوءِ ٿوري دير کان
پوءِ منهنجي ڀيڻ کلندي کلندي مون ڏانهن آئي ۽
چيائين:
”ٽي وي لائونج ۾ وڃي هڪڙو دلچسپ منظر ڏس.“
”آخر آهي ڇا؟“ حيران ٿيندي پڇيم.
”بس ! تون پاڻ وڃي ڏس... اها ڳالهه ٻڌائڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان تعلق
ٿي رکي...“
تڏهن مون کي به تجسس ٿيو ته ٽي وي لائونج ۾ ويس ته اتي جيڪو
منظر ڏٺم تنهن تي مون کي به کل روڪڻ مشڪل لڳي. مٺل
ٻارن جي ويهڻ جي بنهه ننڍڙي پلاسٽڪ جي ڪرسي تي فڪس
ٿي
Statue بني وات ڦاڙي ٽي وي ڏسي رهي هئي. پهريون ڀيرو سندس رئو
مٿي تي هئڻ بجاءِ ڳچيءَ ۾ ويڙهيل ڏٺومانس. هوءَ
سڄي مٿي کي ميندي ٿڦي ويٺي هئي ۽ سندس ميندي ۾
لڦيل وارن جا ٻه وانگوڙا ٺهيا پيا هئا... هڪڙو
وانگوڙو هڪڙي ڪن جي مٿان فڪس ٿيل نظر آيو ته ٻيو
وانگوڙو ٻئي ڪن جي مٿان ۽ ان وقت هوءَ بلڪل ٻڪريءَ
جو ٻچو يعني ”ميمني“ لڳي رهي هئي. بس پوءِ ته اها
ڳالهه پوري گهر ۾ پکڙجي وئي ۽ هر ڪوئي واري واري
سان ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ٽي وي لائونج مان گذري
کيس ڏسندو ٿي ويو. شام جو هن وار ڌوتا ته اسان
کيس حيرت مان ڏٺو. سندس اڇا وار هاڻي تيز ڳاڙها
ٿي ويا. ان ڪري هاڻي هوءَ بلڪل ڪا پلاسٽڪ جي گڏي
ٿي لڳي.
ٻئي ڏينهن مون ٽي وي لائونج ۾ ڪالهه جهڙو هڪڙو منظر ڏٺو هوءَ
ٻارن جي وچ ۾ ساڳئي ننڍڙي پلاسٽڪ واري ڪرسيءَ تي
فڪس ٿي ويٺي هئي، ۽ ٻارن جيان قلفي چٽي رهي هئي.
هوءَ جڏهن به مانيون پچائڻ ويندي هئي ته چلهه جي ايڏو ويجهو
ويهندي هئي جو مون کي ڊپ لڳندو هو ته ڪٿي مورڳو
سندس چولي يا گنديءَ جو پلاند باهه سان نه لڳي.
مون کيس ڪيترائي ڀيرا چيو هو”مائي مٺل چلهه کان
ٿورو پري ٿي ويهندي ڪر، سڙي نه پوين.“
”ائي بيبي! قسمت ۾ سڙي مرڻ لکيل هوندو ته سڙنديس پوءِ پاڻ کي
بچائي مان ڇا ڪريان.“ هوءَ سدائين اهو ئي جواب
ڏيندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ اسان جي پاڙي ۾ ڊرينيج سسٽم خراب هئڻ ڪري پاڻي
رستن تي جمع ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار مچي ويو هو. رات
جو ڪوائل يا ميٽ ٻارڻ باوجود به مڇر پٽي رکندا
هئا. هڪ رات آءُ ڪم سان ٽي وي لائونج مان گذريس،
جتي مٺل ۽ زري سمهنديون هيون ته مون ڏٺو ته هو
مڇرن جي چڪن پوڻ ڪري بي چين ٿي رهيون هيون. تڏهن
مون کي مٿن رحم اچي ويو ۽ هڪڙو ڪوائل ٻاري ٽي وي
لائونج ۾ به رکيم. صبح جو مٺل مون کي ڏسندي چيو،
”ماسترياڻي“رب ڪندو ته جڙي رهنديءَ...“ مولا روز
۾ برڪت ڏيندئي، رات مڇر داني رکي ڏنئي ته سک جي
ننڊ ڪئيسون نه ته روز مڇر سمهڻ ئي ڪونه ڏيندا آهن.
بيبي الله قسمت موچاري ڪندئي... شل ڪوسو واءُ نه
لڳئي....“
ان مهل ته دعائون ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي پر پوءِ خبر پئي ته
آءُ مورڳو هڪ دفعو هنن سان همدردي ڪري ڦاسي وئي
هيس. هوءَ هاڻي روز سمهڻ مهل منهنجو مٿو کائيندي
هئي:
”ماسترياڻي! الله خوش رکندئي، امڙ مڇر داني ته ٻاري ڏي...“
هاڻي روز روز آئون ڪٿان کين ڪوائل وٺي ٻاري ڏيان. سو ڪڏهن به
ٻاري ڏيندي هئي سان ۽ جڏهن کين ڪوائل ٻاري نه
ڏيندي هيس ۽ پوءِ سمهڻ جي تياري ۾ لڳي ويندي هيس
ته مٺل زبان سان ڪجهه نه چوندي هئي بس اکين ۾
التجائون ڪندي مون ڏانهن ڏسندي هئي... ۽ جڏهن آءُ
سندن نظرن کان لنوائي بستري تي ليٽي پوندي هيس ته
ڪوائل يا ميٽ ٻارڻ جي باوجود مڇرن جا خوفناڪ چڪ ڄڻ
انجيڪشن پيا هڻندا هئا. تڏهن منهنجي ننڊ اهو سوچي
ڦٽندي هئي ته جڏهن ڪوائل جي باوجود هتي مڇرن جي
ايڏي ”يلغار“ آهي ته ٽي وي لائونج ۾ ستل مٺل ۽
زريءَ ڪهڙي حالت ۾ هونديون. بس پوءِ ڄڻ سک ڦٽي
پوندو هئم ۽ ڪاوڙ به لڳندي هئم ته ڄڻ مون سندن
ٺيڪو کڻي رکيو هو پوءِ چپن ۾ ڪاوڙ ۽ بٽ بٽ ڪندي
اٿندي هيس ۽ ڪو ڪوائل هٿ ڪري هنن کي رکي ڏيندي هيس
ته مٺل جي وات مان دعائون نڪرنديون رهنديون هيون.
”بيبي الله خوش رکندئي،
رب جڙيو رکئي،
شل سدائين سکي رهين،
پنجتن پاڪ جو سايو هوندئي،
مولا روز ۾ برڪت ڏيندئي.“
۽ ائين پوءِ آئون روز کين ڪوائل ٻاري ڏيندي هيس ته منهنجا ڪن
خود بخود دعائن لاءِ منتظر ٿي ويندا هئا... ۽ آءُ
جيسيتائين ڪوائل ٻاري رهي هوندي هيس سندس وات مان
دعائون نڪرنديون رهنديون هيون.
هڪ صبح جو آءُ جيئن ئي تيار ٿي اسڪول لاءِ رواني ٿي رهي هيس ته
مٺل منهنجن هلڪن گلابي ڪپڙن کي ڏسي چيو:
”ماسترياڻي! سچ ٿي چوائين ته اهو جوڙو توکي ڏاڍو ٺهندو آهي ۽
گلابي رنگ جيترو مون توتي ٺهندي ڏٺو آهي، اهڙو
ڪنهن ماڻهوءَ کي نه ڏٺم....“
صبح صبح جو اهي رمارڪس ٻڌي منهنجو موڊ انتهائي خوشگوار ٿي ويو.
پر شام جو منهنجي خوشفهمي ختم ٿي وئي جڏهن امي،
ڀاڀي ۽ ڀيڻن ٻڌايو ته مٺل سڀني کي خوش ڪرڻ لاءِ
واري واري تي هر ڪنهن کي اهي رمارڪس ڏئي چڪي هئي.
ٻئي ڏينهن آءُ اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾
داخل ٿيس ته ڏٺم ته زري منهنجي ڪمري ۾ موجود هئي
۽ حسب عادت ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني اڳيان بيٺل هئي.
”زري تون هتي ڇا پئي ڪرين؟“ پڇيومانس.
”آپا مس! تنهنجي جا سڀ ٽپڙ دڳ تي پکڙيا پيا هئا، اهي دڳ تان
هٽائي هتان ٻهاري ۽ پوچو ڏنو اٿم، پٽ سٺو پيو لڳي
نه؟“ هن چيو.
”وڏي مهرباني منهنجا ٽپڙ ”دڳ“ تان هٽائڻ لاءِ پر هي سامان ته
ڇنڊيو ڪونه اٿئي... ڏس مٽي لڳي پئي آهي.“
”مان کي پڃِ ڏي ته ڇنڊي وٺان.“
”پڃِ....!؟؟ اهو ڇا هي؟“
پوءِ هن مون کي ڏاڍي مشڪل سان سمجهايو ته هوءَ سامان ڇنڊڻ جي
ڪپڙي کي ”پچ“ چئي رهي هئي. مون کيس ڪپڙو ڏنو ته
ٿوري دير کان پوءِ وري چيو:
”مس!.... هاڻي ڏس ....“
”ها !......“
”فسٽ ڪلاس آهي نه .....“
”بلڪل فرسٽ ڪلاس...“ هوءَ جڏهن به منهنجي ڪمري جي صفائي ڪندي
هئي ته جيستائين منهنجي واتان ”فرسٽ ڪلاس“ نه
ٻڌندي هئي اتان ڪانه ويندي هئي. ۽ ”فرسٽ ڪلاس“
ٻڌندي ئي هن جي چهري تي خوشيءَ جي لهر اچي ويندي
هئي.
”مس ! مون کي اهڙو ڇلو ڏي نه جهڙو توکي پاتل آ“ هن منهنجي آڱر
۾ پيل شيشي جي رنگين ڇلي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته
مون کيس اهڙو هڪڙو ڇلو ڏنو ته هوءَ خوشي مان ڇلو
آڱر ۾ وجهي هلي وئي.
ان ئي رات آءُ رڌڻي وٽان لنگهي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهي هيس
ته مون هڪڙو دلچسپ منظر ڏٺو.... مٺل ۽ زري رڌڻي ۾
ماني کائي رهيون هيون. مٺل ماني کائيندي کائيندي
وقت به وقت زري کي دڙڪا ڏيڻ سان گڏ ”دٻن ڌَڪن ۽
چنبن سان به ”مستفيد“ ڪري رهي هئي ۽ مون کيس چوندي
ٻڌو:
”ڇوري گهٽ کاءُ.... هتي اچي هاڻي گهڻو کائڻ لڳي آهين.... ائين
ڍئو تي کائڻ جي عادت وجهي ڇڏيندينءَ ته ڳوٺ هلين
ته ايتري ماني نه ملندئي نه....“
الائي ڇو ان جملي مون کي اداس ڪري ڇڏيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن
آءُ پنهنجي ڪمري ۾ سلائي ڪرڻ ۾ مصروف هيس ته هو
ٻئي به اتي اچي ويٺيون.
”ائي ماسترياڻي ! ڪيڏا ملوڪ لٽا آهن..... سڀاڻي اشڪول پائي
ويندينءَ.....“
مٺل مشين تي رکيل ڪپڙي کي هٿ لڳائيندي چيو.
”آءُ به امي کي چونديس ته مون کي اهڙا وٺي ڏي“ زري چيو.
”ماٺ ڪر نڀاڳي.... اهڙا ڪپڙا ٿي پائي.... تون ڪا بيبين جهڙي
آن....؟“ مٺل ڌڪ الاريندي چيس، ٿوري دير کان پوءِ
مون سبيل قميص پائي آئيني ۾ جائزو ورتو ته زري
کلي چوڻ لڳي...
”ائي ..... جهڙا لٻڙ....“
”ها! ..... لٻڙ ڇا !!! “منهنجو وات ڦاٽي ويو(اها خبر پوءِ پئي
هئي ته زري هر ان قميص کي لٻڙ چوندي هئي جيڪا
ويڪري ۽ ڊگهي هوندي هئي)
”سٺا ڪونه آهن ڪپڙا ....؟“
”نڪو ..... لٻڙ...“
”ڇوري ڪو اچي مغز خراب ٿيو اٿئي، بيبيءَ سان ائين ڳالهائبو
آهي؟! مٺل وري ڇڙٻ ڏنيس.
ائين پوءِ آءُ جڏهن به پنهنجي ڪمري ۾ سلائي ۾ مصروف هوندي هيس
ته زري به اچي مون وٽ ويهي رهندي هئي.
”مس! مون کي ٽڪريون ڏي ته آءُ ۽ آپي گڏين جا ڪپڙا سبون.“ هوءَ
چوندي هئي.
”چڱو تون هتي ويهه آءُ جيڪي به ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪپڙي مان ڪٽي
اڇلايان سي ميڙيندي اچجانءِ....“
تڏهن هوءِ ائين ئي ڪندي هئي ۽ ائين اتي ويٺي هوءَ دنيا جهان جا
قصا ڪندي هئي.
”آپا مس! آئون مٿي ۾ شيمپو وجهي وهنجي آئي آهيان. منهنجا وار
هاڻي صاف آهن نه؟“
”ها فرسٽ ڪلاس....“
”مس، مون اها شيمپو جي بوتل لڪائي رکي آهي... پنهنجي ڳوٺ وڃي
ڀيڻ کي ڏينديس.“
ائين هوءَ ڳوٺ جون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندي هئي.
”زري! اڳ ۾ ته تو چيو هو ته توکي هتي ايڏو مزو ڪونه ٿو اچي ڳوٺ
ياد پوي ٿو. پوءِ هاڻي ته توکي هتي الاهي ڏينهن ٿي
ويا آهن پوءِ مزو اچي ٿو يا اڃا به ڳوٺ ياد اچي
ٿو....“
”نه ..... هاڻي هتي مزو اچي ٿو.... سڀ مون کي الاهي ڀائين
ٿا... سائين وڏو، امي، ڊاڪٽرياڻي، جيجي، ڪنوار...
تون، آپي.... ننڍي آپا.... سڀ.... پر آءُ هڪڙو
ڀيرو ڳوٺ وڃان پوءِ وري اينديس .....” چيائين
”ڀلا تون ڳوٺ وڃي اتي ڇا ٻڌائيندينءَ؟“ پڇيم.
”آءُ اتي امان کي، ڀيڻن کي ۽ ٻين سڀني کي ٻڌائينديس ته جتي اسين
رهندا هئاسون نه.... اتي جون بيبيون ڏاڍيون سٺيون
هيون مون کي ڍءُ تي ماني ڏينديون هيون. سٺا لٽا
ڏينديون هيون. پائڻ لاءِ ۽ مون کي ڏاڍو ڀائينديون
هيون.“
”هل.... ڪوڙي....“ مون کيس ڇيڙڻ خاطر چيو،
”مان بيبيءَ سان ڪوڙ هڻندم!؟.... بيبيءَ سان ڪوڙ هڻان ته زبان
نه سڙي وڃنم...“
ائين هوءَ مون سان ڪيترائي قصا ڪندي هئي ۽ اڪثر ابتا سبتا سوال
ڪري ۽ الاهي ساريون ڳالهيون ڪري ڪڏهن منهنجو مٿو
کائي ويندي هئي.
”مس! آءُ توکي گانو ٻڌايان ...!؟“
”ها ٻڌاءِ!“ مون سلائي ڪندي ڪندي چيو.
ائين پوءِ هوءَ مون کي سندس ڳوٺ ۾ ڳائجندڙ عجيب عجيب گانا
ٻڌائيندي هئي ۽ اڪثر ڳائيندي ڳائيندي اٿي نچڻ به
شروع ڪري ڇڏيندي هئي. ته منهنجي لاءِ کل روڪڻ
مشڪل ٿي پوندي هئي ۽ پوءِ سوچيندي هيس ته هاڻ
سلائي ڪريان يا هي ”فلم“ ڏسان.... هڪ ڀيري هن مون
کي چيو:
”آپا مس! اڄ آءُ توکي هڪڙو سهرو ٿي ٻڌايان“
”ها ٻڌاءِ“
هوءَ وري جهومي جهومي ڳائڻ لڳي....
”مٿي ۾ سُور آ،
پيئڻ ضرور آ،
ادا... مون کي چاءِ آڻي ڏي....“
”هي سهرو آهي ...!“ مون ڪم اڌ ۾ ڇڏي کيس چيو.
ها مس ! ڳوٺ ۾ اسين اهو سهرو چونديون آهيون.... ۽ هاڻي هي ٻيو
سهرو ٿي ٻڌايان....“
هوءَ اٿي بيٺي ۽ پوءِ نچندي نچندي هڪڙو ٻيو گيت ڳائڻ لڳي جنهن
جا الفاظ ته هينئر مون کي ياد نه ٿا پون پر ان ۾
وڏيري جي فضول خرچيءَ جو ذڪر هو. پوءِ آئون اڪثر
هن کان ”مٿي ۾ سور آهي، واري گاني جي فرمائش ڪندي
هيس ۽ کيس ڪڏهن پنهنجي لاءِ چاءِ آڻي ڏيڻ لاءِ
ائين چوندي هيس:
”مٿي ۾ سور آهي
پيئڻ ضرور آهي
زري مون کي چانهه آڻي ڏي....“
هونئن ته مٺل ۽ زري اسان وٽ ڪم ڪرڻ جو ڇهن مهينن جو ”ڪانٽريڪٽ“
ڪيو هو پر اهڙي ريت اڃا اڍائي مهينا مس گذريا ته
سندن ڳوٺان ماڻهو آيو جنهن کي نياپو ڏنو ته هو ٻئي
جلد ڳوٺ پهچن ڇو ته مٺل جي پهاڄ سخت بيمار هئي. بس
پوءِ ته اهو ٻڌي ٻنهي کي ڄڻ کائڻ، پيئڻ ۽ کلڻ ۽
ڳالهائڻ زهر ٿي آيو....
يڪدم ٽپڙ ٽاڙي جمع ڪري امي کي چيائون:
”جيجي سائينءَ کي چئو ته اسان کي جيپ ۾ مائٽياڻي جي گهر ڇڏي
اچي ته گڏجي ڳوٺ وڃون.“ هو ٻئي هر گاڏي، ڪار کان
وٺي ٽرڪ تائين کي ”جيپ“ چونديون هيون ۽ پوءِ وڃڻ
مهل جڏهن هو سڀني سان موڪلائڻ لڳيون ته ٻنهي جي
اکين ۾ ڳوڙها هئا مٺل چيو:
”امڙ! اهو ڇورو ئي نڀاڳو آهي. اڃا ڄائو هو ته مامو مري ويس،
هينئر شادي جا ڏينهن رکيا اٿس ته ماڻهنس کٽ تي
پئجي وئي.“
”مائي مٺل! ڪير به ڪنهن جي ڀاڳ نڀاڳ سان ٿو جئي مري پر هر
پنهنجو نصيب کڻي ٿو اچي ۽ پنهنجي وقت تي دنيا ۾
اچي ٿو ۽ دنيا مان وڃي ٿو.“
مون چيو.
”ها!.... جيجي..... بروبر ائين ته آهي..... چڱو امڙ سڀني کان
موڪلائي.... اوهان بيبين اسان کي الاهي سک ڏنا...
اسان کي ڪا تڪليف ڪانه ٿيڻ ڏني... کاڌو پيتو ۽
ڪپڙو لٽو... اجهو ڏنو. بس! امڙ دعا ڪجو ته زريءَ
جي ماءُ چڱي ڀلي ٿئي. ائي ڪير هينئر اتي ڪندس...
آءُ ئي وڃي ڏسنديسانس. ٻيو ڪير ڪندس... امڙ ننڍي
نيٽي آهي. شل الله حياتي ڏيس... ٻچي جي شادي
ڏسي.... امڙ کاڌو پيتو ۽ چئو چوايو بشڪ (بخش)
ڪجو...“
”هنن عورتن جي زندگي ڏس.... پنهنجي پهاڄ لاءِ ائين پئي آندي
ماندي ٿئي ڄڻ بيحد پيارو رشتو هجيس.... شهري عورت
ته ”پهاڄ“ لفظ کان ئي ڇرڪندي آهي... هتي جي عورت
ڪڏهن به ٻي عورت کي قبول ناهي ڪندي ....“ منهنجي
وڏي ڀيڻ چيو.
”ظاهر.... هي جنهن ماحول ۾ رهن ٿيون اتي تقريبن هر مرد هڪ کان
وڌيڪ شاديون ڪري ٿو سو هنن لاءِ ته اها ڳالهه ڄڻ
نارمل ۽ نيچرل آهي يا شايد هو ان کي قسمت ۾ لکيل
سمجهي آرام سان قبول ڪري وٺنديون آهن....“ مون
چيو.
......۽......ائين هو ٻئي پنهنجي ”ملڪ“ واپس هليون ويون.... هنن
واعدو ڪيو ته زريءَ جي ماءُ ٺيڪ ٿيندي ته هو واپس
اسان وٽ موٽي اينديون ڇو ته کين اسان جي گهر ۽ گهر
وارا الاهي سٺا لڳا هئا.... ان ڪري هنن جي دل اسان
سان لڳي وئي هئي..... پر الاهي وقت گذري ويو آهي
هو ڪونه موٽيون آهن... خبر ناهي ڇا ٿيو....؟
زريءَ جي ماءُ الائي ٺيڪ ٿي، الائي نه.... سندس پٽ
جي شادي ٿي الائي نه... خبر ڪونهي ته زري کي شهري
اکر ۽ شهري فيشن به ياد هوندا الائي نه پر اڪثر
اسان کي سندن ڳالهيون ياد اينديون آهن ۽ ڪڏهن اسان
به مذاق ۾ ”پني ٽيل“ کي چانڊورو“ چونديون آهيون.
گاڏيءَ کي ”جيپ“ چونديون آهيون ۽ ويڪرن ڪپڙن کي
”لٻڙ“ چونديون آهيون. اڪثر منهنجي ڪنن ۾ مٺل جون
دعائون گونجندين آهن ۽ زري سلائي ڪرڻ دوران تصور ۾
جهومندي ڳائيندي ۽ نچندي نظر ايندي اٿم.... ۽ سندس
آواز ڪنن ۾ گونجندو اٿم:
”مٿي ۾ سور آهي،
پيئڻ ضرور آهي
ادا! مون کي چاءِ آڻي ڏي....“
عبدل بسم الله/ ممتاز عباسي هندي ادب
مان
شينهن شير خدا جو
قصو شينهن جي اندر ۾ روزگار ڏيڻ واري آفيس جو
مان شهر جي شور کان ڊڄي، ڪجهه دير لاءِ جهنگ ۾ هليو آيس ۽ سڪون
لاءِ پپر جي هڪ پراڻي وڻ هيٺان اچي من اندر ۾ رکيل
گوتم جو بت ڪڍيم ۽ کيس پوڄڻ شروع ئي ڪيم ته سامهون
بڙ واري وڻ هيٺان شينهن شير خدا جو پنهنجو وات
ڦاڙيو بي سڌ ستو پيو هو. ڄڻ هو به ڪو گوتم جو وڏو
بت هجي. مان ڀوَ ۾ اٿي کڙو ٿيس... ۽ هڪ ٻئي وڻ جي
اوٽ ۾ ٿي بيٺس.
مون ڏٺو ته جهنگ جا ڪيترائي ننڍا وڏا جانور هڪ قطار ۾ ڪنڌ
جهڪايو هن طرف اچي رهيا هئا. اهي سڀ شينهن شير خدا
جي وات اڳيان ڪجهه وقت بيٺا رهيا ۽ پوءِ هڪ هڪ ٿي
سندس وات ۾ داخل ٿيندا ويا. هو بنا ڳيت ڏيڻ جي ۽
بنا ڪنهن چرپر جي کين پيٽ ۾ هضم ڪندو رهيو. تان
جو آخري جانور به اندر هليو ويو ۽ مون کان ڇرڪ
نڪري ويو.
ڪچڙي منجهند جو هڪ متارو گڏهه آيو هن مون کي ڏٺو.
”بدبخت! تون هن جي وات ۾ ڇو ٿو وڃين؟“
”مان پنهنجي مرضيءَ سان ٿو وڃان.“
”ڇو؟“
”اندر گاهه ۽ پاڻي جو وڏو ذخيرو آهي، ۽ ڏاڍو آرام سان رهندس.“
”پر... هي ته شينهن جو وات اٿئي؟“
”ها خبر اٿم، تون ڀوڪ آهين! اهو شينهن جو وات ضرور آهي پر تون
ان ۾ سائي گاهه جو ميدان ڇو نه ٿو ڏسين!“
(.... ائين چئي گڏهه شينهن جي وات ۾ هليو ويو.....)
لومڙيءَ کي ڏسي مون چيو”سسٽر“ خير آهي.
تون هن جي وات ۾ ڇو ٿي وڃين؟“
”برادر ! شينهن جي اندر ۾ روزگار ڏيڻ واري آفيس آهي، مان اتي
درخواست ڏينديس ۽ ڪنهن سٺي نوڪريءَ لاءِ وڃي
انتظار ڪنديس.“
”تو کي ڪنهن ٻڌايو آهي،. سسٽر؟“
”مون اهڙو اشتهار پڙهيو هو، چڱو ٽاءِ – ٽاءِ“
(هوءَ به ان کليل وات ۾ ڌوڪي پئي....)
هڪ چٻرو ڪروڌ مان آيو مون هن کان به ساڳيو سوال ڪيو. هن پنهنجي
کاٻي اک کي ڦوٽاريندي جواب ڏنو:
”ڇو ته شينهن جي پيٽ ۾ جنت آهي؟“
”ڪيئن ڀلا؟“
”بس! جنت ۾ وڃڻ جو اهو آخري رستو اٿئي!“
(... چٻرو به ڦرڙاٽ ڪندو شينهن جي کليل وات ۾ هليو ويو...)
شام ڌاري ڪتن جو هڪ وڏو جلوس اچي رهيو هو. سمورن ڪتن جون
زبانون ٻاهر نڪتل هيون ۽ پڇ اندر ٿي ويا هئا، اهي
خوشيءَ ۽ غم مان ڀونڪندا شينهن شير خدا جي وات ۾
ڪاهي پيا مان کين گهڻو ئي روڪيو پر ڪتن جي لوڌ هن
جي پيٽ ۾ هلي وئي.
سج لهڻ وقت هڪ منڊو گابو آيو ۽ مون کانئس جيسين پڇيو، تيسين هن
مون کي ڊڪائي ساڻو ڪري وڌو ۽ پوءِ ڪڏندو شينهن جي
وات ۾ داخل ٿي ويو.
اڌ رات جو هڪ ٻڪري اڇي اجري ٿي آئي. هن بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي
شينهن جي وات ۾ ڌوڪيو ۽ پوءِ ڪيترا جوڙا ايندا ۽
ويندا ويا پر مون ٻاهر واري کي اها خبر نه هئي ته
آخر شينهن شير خدا جي پيٽ اندر آهي ڇا؟ جو جيڪو ٿو
وڃي ته وري ٻاهر اچڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. اهولقاءُ
سڄي رات جاري رهيو ۽ مان سڀ ڏسندو رهيس.
سڄي انساني جهنگ ۾ اها پروپيگنڊا ڪرائي وئي ته شينهن شير خدا
جو، عدم تشدد جي خلاف ۽ جانورن تي رحم ڪرڻ جو
علمبردار آهي. ان ڪري اهو شڪار ڪرڻ جهڙي فعل کي
غير اخلاقي ۽ غير قانوني فعل ٿو سمجهي. مون کي
ڳالهه دل سان لڳي ته واقعي سمورا جانور اندر وڃي
عيش جي زندگي ٿا گذارين. شايد ات کين روزگار ملندو
ٿو رهي. مان دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته مان به شينهن شير
خدا جي اندر ويندس. ان صبح مان آفيس ٽائيم کان
پوءِ بنااطلاع اندر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس.
شينهن شير خدا جو اکيون بند ڪيو وات پٽيو بي سڌ ستو پيو هو ۽
مان ان جي کليل وات اندر هليو ويس.
اندر آفيس جو سمورو اسٽاف ڪمن ڪارين ۾ مصروف هو. مون هڪ مڏي
ڪلارڪ کان وڃي پڇيو.
”ڇا شينهن شير خدا جي پيٽ ۾ بيروزگارن لاءِ روزگار ڏيارڻ واري
آفيس به آهي.“
ڪلارڪ: ”هائو“
مان: ”سچ ٿو چوين.“
ڪلارڪ:”ها بلڪل سچ“
مان: ”ڪٿي آهي؟“
ڪلارڪ: هي آهي ۽ ان کي سڀ مڃين ٿا.“
مان: ”ڪو ثبوت ڏي.“
ڪلارڪ: ”ثبوت کان وڌيڪ ڳالهه اعتماد جي آهي.“
مان:”ڀلا ٻاهر جيڪا روزگار ڏيارڻ واري آفيس آهي اڇا جي آهي؟“
ڪلارڪ:”دوکو ۽ فراڊ“
مان: ”هت به مال هلي ٿو يا نه... ڪا سفارش به هلندي يا مفت
۾.....“
ڪلارڪ:”مال پيارا مال، هي به ٻاهر واري بيروزگارآفيس جي ننڍي
شاخ اٿئي.“
مان:”ها.... ها .... ڇا ٿو چوين؟“
ڪلارڪ:”جيڪو تو ٻڌو، هت جدا جدا نوڪرين جا جدا جدا ريٽ آهن.
ڀوڪ....“
مان:”تون مون کي ڀوڪ نه چئه. مون کي هن شينهن شير خدا جي پيٽ ۾
روزگار واري آفيس جي به خبرپيئي. مون وٽ سفارش هجي
ها ته مان چور يا وڏو ماڻهو نه ٿيان ها! مون وٽ
ڏوڪڙ هجن ها ته بگي نه وٺان ها... توهان سڀ چور...
چورن جا پٽ آهيو!
دوکو آهيو!!
راشي آهيو!!!
منهنجين رڙين تي گوتم ٻڌ جي اسٽايل ۾ ويٺل شينهن شير خدا جو
گجگوڙ ڪري جاڳي پيو ۽ ڪروڌ ۾ اچي اوڳاري مون کي
ٻاهر ڦٽو ڪيو.
-------------------------------------
ابليس
(شيطان) جيئن ئي خداوندگي نظرن کان ڪري پيو،
ته هو وجهه وٺي مور ۽ نانگ جي روپ ۾ جنت ۾
داخل ٿيو. اتي ڏاڏي حوا کي مزي مزي جا ٻول
ٻڌائي آخر نافرماني جي ناڪيلي وجهي سوگهو ڪيو.
هن دوکي ۾ مور ته مار کائي ويو جو سدائين پير
ڏسي شرمائيندو رهي ٿو. پر نانگ انسان جو ازلي
دشمن بڻجي پيو. خدا تعاليٰ مور ۽ نانگ کي هڪ
ٻئي جو ويري بڻائي ڇڏيو. اڄ به مور کي نانگ
نظر ايندو ته مٿس حملو ڪري وجهندو. نتيجي ۾
جيڪڏهن نانگ مرندو ته به بهتر يا جيئرو رهيو
ته به مور ان کي زوريءَ ڳڙڪائي ويندو، نانگ
پيٽ ڀر زمين تي رڙهندو ليڪا ڪڍندو ۽ سدائين
انسان جو جاني دشمن رهي ٿو.
اها
ملاقات ”مزدلفه“ ۾ ٿي آهي- (اردو دائره
المعارف اسلاميه دانشگاهه پنجاب لاهور، جلد 8،
1393هه 1973ع صفحو 729)
سورت
”المائده، آيت 27
مطالعي مان وڌيڪ اهو به معلوم ٿيو آهي ته
هابيل وڏو هو، پر سندس ڀيڻ ايتري خوبصورت نه
هئي ۽ قابيل ٻئي درجي تي هو. پر سندس ڀيڻ سهڻي
هئي. جڏهن شاديءَ جا سانباها شروع ٿيا ته
ڀائرن ۾ بي اتفاقي جو اچي بگل وڳو، قابيل چئي
ته ”منهنجي ڀيڻ خوبصورت آهي، انهيءَ ڪري آءُ
هابيل جي ڪوجهي ڀيڻ سان شادي نه ڪندس!“
جيتوڻيڪ هي رڳڙو گهڻو وڌي چڪو هو، مگر هابيل
جو وهانءُ جيئن تيئن ڪري قابيل جي ڀيڻ سان
ٿيو. قابيل کي انهيءَ رشتي جو سخت ارمان هو.
جنهن ڪري سدائين ساڙ ۽ سوخت ۾ پيو پڄرندو ۽
پچندو رهيو.
|