حور جي ذات
صنوبر ”زرين“ ابڙو
اسان جي معاشري ۾ عورت جي ڪابه سڃاڻپ آهي نه ئي ڪو تقدس! عورت
به هڪ انسان آهي ۽ اها به عزت ۽ احترام جي مستحق
آهي.
پر اڄ جو معاشرو اها ڳالهه قبول ڪرڻ تي راضي ناهي. عورت ڪائنات
جو هڪ اهڙو مجسمو آهي جيڪا دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾
پيار جي شمع روشن ڪري ٿي. سندس من جي مانڌاڻ مان
پيار ۽ پريت جا وهندڙ چشما هر لُڪَ هر طوفان ۾ به
پنهنجي آب و تاب سان جاري و ساري آهن.
اڄ جي پڙهيل لکيل ۽ جديد معاشري ۾ به عورت کي پنهنجن بي بنياد
اصولن ۽ ضدن جي ڄار ۾ قيد ڪيو پيو وڃي. ان جو علم
۽ شجاعت ان جا خواب ۽ امنگون ان جي اندر ڪجهه ڪري
ڏيکارڻ جا جذبا ان جي بهادري ۽ بي باڪي اڄ جي زنده
دور ۾ بي سود ۽ واحيات رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل
آهن. عورت جي اندر جي ڀنڊار ۾ ڪيترائي بي بها رنگ
سمايل آهن. جن سان هن جهان جي رونق برقرار آهي.
عورت دنيا جي هر مئل شيءِ ۾ حياتي جوروح ڦوڪي ٿي ۽
پنهنجي هر دلعزيز ادا سان هن دنيا جي دلڪشي ۾
واڌارو آڻي ٿي.
عورت جا داستان گذريل زماني کان وٺي اڄ تائين ڳائبا اچن پر ان
عظيم هستي جي بي حرمتي اڄ فخر سان ڪئي پئي وڃي.
جنهن تي سوچڻ بعد اکيون لڙڪن جي اٿاهه گهراين ۾
غرق ٿيو وڃن. دل ۾ ان درد جي آهه و پڪار ٻڌڻ وارو
ڪير ناهي.
عورت اها مقدس هستي آهي جنهن جي آجيان ٻنهي جهانن جي سردار اٿي
بيهي ڪئي ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ واري عزت بخشي. عورت
جا اهي داستان جن سان ان کي وڏو مقام حاصل آهي.ازل
کان ابد تائين دنيا جي سيني تي نقش رهندا. سنڌ جي
عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عورت کي
نازڪ صنف جو لقب عطا ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل جي
نانءُ سان پڪاريو. اها مارئي جنهن اباڻن جي لوئي
نه لڄائي، اها سسئي جنهن پنهنجي پاڪيزه محبت کي
حوسي جانورن کان بچائڻ خاطر زمين چيري دفن ڪري
ڇڏيو. اهي داستان تاريخ جي ورقن تي سنهري ۽ نمايان
لفظن ۾ بيان ڪجن ٿا.
انبياءِ، اولياءَ، عالم ۽ اديب، مفڪر ۽ مؤرخ ۽ سخن ور شاعر،
ڊاڪٽر، ۽ سائنسدان عورت جي پاڪ ۽ عظيم هستي مان
جنم ورتو. جن کي پنهنجو خون جگر پياري پروان
چاڙهيائين. پر اڄ ان بلند ۽ پر وقار هستي کي بي
دردي سان پنهنجن ئي گهڙيل روايتن هيٺ چيڀاٽيو پيو
وڃي.
عورت کي ننڍپڻ کان وٺي، آخري گهڙي تائين مرد جي مقابلي ۽
حيثيت کان گهٽ رتبو حاصل آهي. جڏهن ته پيغمبر
اسلام مرد ۽ عورت جا حق ۽ واسطا برابر ڪري سمجهايا
آهن. پر اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته ڇوڪرين جي مقابلي
۾ ڇوڪرن کي وڌيڪ اهميت مليل آهي. ڇا ان جو سبب اهو
آهي ته هي معاشرو مردن جو آهي. جنهن ڪري مرد کي هر
قسم جي آزادي ۽ سهولت مهيا آهي ۽ ان کان سواءِ
والدين جو سمورو توجهه به ڄڻ پٽ ٻار کي ئي ورثي ۾
مليل آهي. جڏهن ته ڇوڪرين جي ڄم تي ڪنهن به قسم جي
خوشي محسوس نه ڪئي ويندي آهي. بلڪه ننڍپڻ ۾ ئي
گهر جو ڪم ڪار ڏنو وڃي ٿو. راند کان منع ڪڻ، اڪيلو
ٻاهر نه ڇڏڻ، پيءُ ڀاءُ جو رعب، بالغ ٿيڻ تي
اجايون پابنديون مڙهڻ، ان جي احساسات، جذبات ۽
خيالن کي شڪ جي نگاهه سان نهارڻ، تعليمي سهولتن
کان محروم رکڻ. انهن ئي سڀني ڳالهين جي ڪري عورت
جي شعور تي تمام گهڻو برو اثر پوي ٿو. جنهن ڪري
هو احساس ڪمتري ۽ اجل جو شڪار بنجن ٿيون.ان جي هر
ڪم ۾ هڪ دٻيل خوف ڇائنجي وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت
اها آهي ته عورت ذات کي رب پاڪ انمول رحمت ڄاڻائي
هن جهان ۾ ان جو وجود قائم ڪيو ۽ ان جي ئي ڪماليت
جي سوجهري ۾ دنيا جو رقص ۽ خوبصورتي روان دوان
آهي. پر هن خود عرض معاشري خدا ۽ رسولصه جي فرمان
کي به رد ڪري سندس ڄم کان پاڻ تي ٻوجهه سمجهيو.
جڏهن ته مرد جي زندگي هن فاني دنيا ۾ اک کولي ٿي
ته سندس آجيان لاءِ جشن ۽ خوشيون ملهايون وڃن ٿيون
۽ خاندان جي مال ملڪيت جو وارث ڄاڻايو وڃي ٿو. ڇا
ان ڪري ته هو هڪ ڏينهن ڪمائي گهر آڻيندو ۽ عورت جو
ڏوهه اهو آهي ته هو اڌ ڄمار هڪ گهر ۾ گهاري ٻئي
گهر وڃڻ لاءِ پيدا ٿي آهي. اهي فرسوده دستور به
مرد جي پنهنجي معاشري جا بنايل آهن. جنهن جو
ذميوار عورت کي بڻائي پنهنجي زور جي ڪاتي سان ڪٺو
وڃي ٿو. ڏٺو ۽ غور ڪيو وڃي ته عورت هڪ نازڪ ۽ نفيس
گلاب مثل آهي. جنهن کي مرد کان وڌيڪ حفاظت ۽ توجهه
جي ضرورت آهي. جيئن ان جي شگفتگي برقرار رهي. پر
هي معاشرو ته هميشه ان کي نه ڪندڙ ڏوهن جي به سزا
ڏئي ٿو. آخر عورت جو اصل گهر ۽ مقام ڪهڙو آهي؟
پيءُ جو گهر جتي پيدا ٿيڻ سان ئي شادي جو فڪر مائٽن جي ننڊ
حرام ڪري ٿو ڇڏي يا مڙس جو گهر جتي گهٽ ڏاج آڻڻ جا
طعنا ان جي زندگي ۾ زهر ڀريو ڇڏين. ڪڏهن وري
اولاد نه ٿيڻ تي منحوس چئي ان کي سزائن جي اوڙاهه
۾ ان جي ارمانن ۽ دلڪشي کي ساڙي خاڪ جو ڍير بڻايو
وڃي ٿو ۽ آخر هڪ ڏينهن مٿان پيٽرول وجهي ان کي موت
جي ابدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو.
عورت جيڪا چنڊ جهڙي تازگي رکندڙ، گلابن جهڙي مهڪ ۽ ڌرتي جو حسن
رکندڙ ان جو انجام هن خاردار ماحول ۽ معاشري ۾ ڇو
ايترو غضبناڪ آهي؟ جنهن جي شيرين الفاظن ۾ امرت رس
شامل ٿئي ٿو. جيڪا پنهنجي شوخ ۽ چنچل ادا سان هن
گلشن جي فضا ۾ من موهيندڙ رنگ شامل ڪري ٿي ڇو هر
صديءَ ۾ ان جي عزت پائمال ڪئي وڃي ٿي؟ ۽ دنيا ۾ ان
جو وجود هڏن جو پڃرو بڻجي وڃي ٿو.
هڪ مظلوم عورت کي ڏسندي ان جي چهري تي اڪريل بدقسمتي جي ريکائن
مان ائين معلوم ٿيندو ته وقت کان پهرين ان کي ضعيف
ڪيو ويو هجي.
ڇا عورت صرف تڪليفون سهڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي. ڇا ان جو وجود
ايڏو وڏو جرم آهي؟
اي جهالت جي ڪاري رات ۾ غرق ٿيڻ وارؤ، ڪٿي آهي توهان جو علم ۽
معاشرو.
هن معاشري ترقي فقط عورت کي زير ڪرڻ ۾ ڪئي آهي. جنهن جو مثال هر
گهٽي ۾ ماءُ جي دل جو ٺار ڪسجي ۽ شهيد ٿئي ٿو ۽
ماءُ جي تڪسين ڏيندڙ ڇانو لوهار جي کوريءَ جيان
تپي آهه وزاري جو سماءُ بنجي وڃي ٿو. ڪٿي ڀيڻ جو
لاڏلو ڀاءُ گلن جي بجاءِ موت جي سيج سمهي ٿو. ۽
ڀيڻ جي آهه و پڪار آسمانن جو سينو چيري ڇڏڻ جهڙي
قوت طاقت بنجيو وڃي. ڪٿي ڪنهن جو سهاڳ رت ۾ رڱيو
وڃي ٿو. جنهن جو ڳاڙهو ڪفن ڏسي هانءُ ڏاريندڙ
دانهن ۽ ڪوڪن جي آواز جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ ايندا. ڪٿي
معصوم مکڙين کي ٽڙڻ کان پهرين يتيمي جي ناگوار
رشتي سان ڳنڍيو ٿو وڃي ۽ سهاڳڻ جي سر تي بيوهه جو
تاج پهرايو ٿو وڃي.
ڪٿي هن ڌرتي جي لڄ محفوظ رکڻ بدران پيدا ٿيندڙ حوس جا ماريل
شڪاري ۽ بگهڙ پنهنجا وات ڦاڙي عورت جي عزت کي
پنهنجو کاڄ بنائڻ لاءِ هر وقت منتظر آهن. عورت کي
ڪڏهن غيرت جي نالي تي چيڀاٽيو ويو ته ڪڏهن وري ان
جو نيلام عام ڪيو ويو. راجائن جي محلاتن ۾ عورت
کي ڪنيز ڪري سندس حرمت پائمال ڪئي وئي ته ڪٿي
جهالت جي اونداهي ۾ کيس پير جي جتي سمجهيو ويو.
عورت کي پابند رسم ۽ رواج جي قيدي بنائي ان جي
لبن تي خاموشي جي مهر لڳائي وئي.
عورت کي دولت جي حصول لاءِ بازارن جي زينت بڻايو ويو. ڪير آهي
ان جو ذميوار؟ ڇا اهو آهي اڄ جو دستور! جو معاشري
جي سولي تي هر عورت چڙهي ٿي. اهو هڪ الميو آهي ته
عورت نه چاهيندي به معاشري جي آن تي قربان ٿيو
وڃي. عورت جي وس ۾ فقط اهو رهيو آهي ته پنهنجون
خواهشون، خوشيون، حسرتون پنهنجي سيني اندر دفن ڪري
ڇڏي ۽ زماني جي ٺاهيل ريتن اڳيان سر جهڪائڻ تي
مجبور رهي.
جڏهن عورت سوچي ٿي ۽ سوچڻ تي معاشرو ان کي مجبور ڪري ٿو. اسان
جي آزادي ۾ برائي ڪهڙي آهي. تڏهن سوچ جا مونجهارا
وڌي وڻ ٿي ان جي وجود کي وڪوڙي وڃن ٿا پوءِ هوءَ
بغاوت ڪرڻ تي آماده ٿيو وڃي يا وري خودڪشي جو رستو
اختيار ڪري ٿي ڇڏي. ڪنهن سوچيو آهي ته ان وقت عورت
موت کي زندگي کان وڌيڪ ترجيح ڇو ٿي ڏي؟
اها عورت اڄ به زندگي جي خاردار راهن تي فقط پيار ۽ رحم جي ڳولا
۾ ڳچ حصو اڻانگن پيچرن تي هلندي پئي اچي. هوءَ
ڀٽڪيل پکيءَ جيان پنهنجي آشياني جي جستجو ۾
سرگردان آهي. انهن ڪنڊن کٿل راهن تي هلندي هلندي
ڏاڍا ڏک ڀوڳيا اٿس.
زندگيءَ جون گرم ۽ سرد هوائون سندس وجود کي وڪوڙي ويون آهن. اها
عورت جيڪا هميشه ان ڪڪريءَ وانگر رهي آهي جيڪا گلن
سان گڏ ڪنڊن کي به پنهنجي شيرين ۽ پاڪيزه شبنم سان
سنواري ٿي.
شايد هن معاشري کي اهو احساس ناهي ته عورت ڪهڙي تلخ حقيقتن کي
منهن ڏئي زندگيءَ جو ٻيڙو اڪاري پار ڪري ٿي.
اي هن معاشري جا ڀٽڪيل راهيگيرؤ ۽ عيش و آرام جي رنگيني ۾ مدهوش
انسانو! قدر ڪيو ان عورت جو جيڪا گهر جي سونهن
آهي، جنهن سان گهر ۾ مسرت ۽ شادماني جا ڏيئا روشن
رهن ٿا. عورت زندگي جو سرچشمو آهي. جنهن جي هر ادا
هر ڍنگ تي فرشتا به کيس جهڪي سجدو ڪن ٿا. جنهن جي
طفيل هن دنيا جي انسانيت باقي آهي. هن جي قدمن هيٺ
رب پاڪ جنت جهڙي پاڪ ۽ لازوال جاءِ رکي آهي. ۽ هن
کي ئي قدرت جو آخري املهه تحفو ڪري موڪليو ويو.
عورت جو روح هميشه بلندي جو رستو ڏيکاري ٿو. عورت جا هٿ هميشه
آسمان ڏانهن دعا لاءِ کڄندا آهن. ماءُ هجي ته پٽ
جي واپسي تي ڪاميابي جي دعا، ڀيڻ هجي ته پاءُ جي
سر جي دعا، زال هجي ته سهاڳ جو پاڇو قائم رهڻ جي
دعا، ڌيءَ هجي ته پيءُ جي سلامتي جي دعا. اها آهي
عظيم ذات جيڪا صبح جي پهرين ڪرڻي کان رات جي آخري
دڳ تائين پل پل ۾ هزارين قربانيون ڏئي ٿي.
جڏهن کان هيءَ دنيا تخليق ٿي آهي. تڏهن کان هن ڌرتيءَ جي هر
خطي، هر قوم ۾ عورت جي جيڪا تذليل ڪئي وئي آهي، ان
تي ڪجهه لکڻ بدران اکيون لڙڪ وهائڻ قبول ڪنديون.
بي بي حوا پنهنجي وجود ۽ ذات جي اها دردناڪ حالت ڏسي ضرور آهه و
پڪار ڪندي هوندي. هميشه هر دور ۾ سندس جسم تي ظلم
جا ڪوڙا وسايا ويا. پر شاباس آهي ان اٻوجهه عورت
کي جنهن، پنهنجن سڏڪن ۾ ڏکن کي جذب ڪري ڇڏيو.
مرد هونئن ته حق ۽ سچ جا بلند پايا آهن پر عورت کي هميشه پنهنجو
غلام ڪري ڄاڻندا آهن. انهن تي حڪم هلائيندا آهن.
ڄڻ عورت پيدا ئي سندس حڪمن جي تابعداري لاءِ ڪئي
وئي هجي.
آخر عورت تان هي غلامي جا ڪوٽ ڪڏهن ڊهندا؟ هي ظلم جا ڪوٽ ۽
زنجيرون ڪڏهن ٽٽنديون.
سج سڀني لاءِ روشني جو پيامبر بڻجي اڀري ٿو. هوا سڀني لاءِ فضا
۾ مڌر مڌر گيت جهونگاري ٿي. انسان جي پيدائش جو
عمل هڪ آهي، موت جو عمل هڪ آهي، بک سڀني کي لڳي
ٿي. ڏک جو احساس سڀني لاءِ تڪليفده آهي. خوشي جي
ڪيفيت سڀني لاءِ يڪسان آهي. قدرت جو هر قانون
برابر آهي ته پوءِ دنيا کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته
قدرت جي بنايل قانون کي عورت ۽ مرد جي وچ ۾ تقسيم
ڪري.؟
--------------------------------------
مَجَلَ
ثريا سوز ڏيپلائي
(ٿري لوڪ گيت)
’مجل‘ ’مجل‘ ڪندڙو تون آءُ،
او (نالو) لاڏا،
’مجل‘ ’مجل‘ ڪندڙو تون آءُ،
گهوريس ايندو اسان جو (نالو) لاڏو
اچي وهندو هي!
نالي تي گهوريس، هيڪڙي تون ”مجل“ اورهين ڏي!
اڇا ڙي اڇا گلم وڇائي سٺا سُهرا،
اڇا، اڇا گلم وڇائي،
گهوريس ايندو اسان جو شوقين لاڏو،
اچي وهندو هي!
نالي تان گهوريس، هيڪڙي تون ”مجل“ اورهين ڏي!
رتا ري رٽا ”سانگيا“ ڍارائي سٺا سالا،
رتا ڙي رتا سانگيا ڍارائي،
گهوريس ايندو اسان جو شوقين لاڏو،
اچي وهندو هي!
نالي تان گهوريس هيڪڙي تون ’مجل‘ اورهين ڏي!
شربت شربت مٽيا ڀرائي،او سُٺي سالي،
شربت شربت مٽيا ڀرائي،
گهوريس! ايندو اسان جو شوقين لاڏو،
اچي پيئندو هي!
نالي تان گهوريس، هيڪڙي تون مجل اورهين ڏي!
سمجهاڻي
’منزل‘ ’منزل‘ ڪندو تون اچ،
منهنجا گهوٽ ڀاءُ!
’منزل‘ ’منزل‘ ڪندو تون اچ!
آءُ صدقي وڃان، ايندو اسانجو گهوٽ ڀاءُ!
اچي ويهندو ها،
آءُ نانءَ تان صدقو وڃان، هڪ منزل ويجهو پهچ!
سٺا صاف غاليچا وڇائي، مانائتا سُهرا،
غاليچا وڇاءِ!
صدقو وڃان،ايندو اسان جو شوقين گهوٽ،
اچي ويهندو ها!
آءُ نانءَ تان صدقو وڃان، هڪ منزل ويجهو پهچ
ڳاڙها ڙي ڳاڙها سانگا ڍار، مانائتا سالا،
ڳاڙها ڙي ڳاڙها سانگا ڍار!
صدقو وڃان ايندو اسان جو شوقين گهوٽ،
اچي ويهندو ها،
آءُ نانءَ تان صدقو وڃان، هڪ منزل ويجهو پهچ!
شربت جا مٽ ڀرائي او مانائتي سالي!
شربت جا مٽ ڀرائي،
صدقو وڃان ايندو اسان جو شوقين گهوٽ،
اچي پيندو ها،
آءُ نانءَ تان صدقو وڃان، هڪ منزل ويجهو پهچ!
راهي چنا
ڳاڙهو ڪفن!
ڏاج جي زيورن ۾ دفن،
ڳاڙهي وڳي جو ڪفن،
هٿن تي لال لهوءَ جي لالاڻ،
زبان تي تالولڳل،
مان مجبور بيوس، باندي،
عورت هئڻ جي ازلي ڏوهه ۾،
ايامن جنبن کان
ڏانوڻيل قابو ٿيل.
نڪ ۾ نڪاح جي
لوهي ناڪيلي،
ڪنهن زر خريد ٻانهيءَ جيان،
گهر/ جيل ۾ ڍور وانگي واڙيل،
ڊنل، هيسيل/ ماريل،
آءُ اشتهارن جي روپ ۾،
سر عام شهر جي چوسول تي چوکنڀي ٽنگيل،
منهنجا سمورا حق،
بخشايل/ ڦٻايل،
ڏاج جي زيورن ۾ دفن،
ڳاڙهي وڳي جو ڪفن.
جبار ”تاثير“ سومرو
غزل
منهنجا دلبر يار هلي آ،
پايان توکي هار هلي آ.
مند ملڻ جي موٽي آئي،
ڇو ٿيو آهين ڌار هلي آ.
ڇا کان نيٺ وساري ويٺين،
ساجن لهه ڪا سار هلي آ.
اکڙيون تولئه آتيون آهن.
دير نه ڪر دلدار هلي آ.
دنيا دشمن ٿي پيئي ساري،
ويري ٿيو سنسار هلي آ.
سرمون سينڌ وساري ويٺس،
وکريل ڏس تون وار هلي آ.
راڄ جي ريتن رسمن واري،
ٽوڙي اڄ ديوار هلي آ.
هٿڙو ڏيئي تاثير کي هٿ ۾،
ڏيهه کي اڄ ڏيکار هلي آ.
محمد رمضان ڪمبوهه مچ مچايا
ڇا جا هار سينگار ڙي سرتيون، ڪرڻو جي نه پيار ڙي سرتيون،
ڇيرون ٻڌڻ ڪهڙي ڪارڻ، ٻڌڻي جي نه ڇنڪار ڙي سرتيون.
باهه برهه جي مچ مچايا، ڳايو ڪا ملهار ڙي سرتيون،
سهڻي سانول بنا منهنجي، حياتي ٿي بيڪار ڙي سرتيون.
تڙ تي هلو ميهار آيو آهه، ڪريون ڪو ديدار ري
سرتيون،
هلو ته رٺڙي کي پرچايون، ڪريو نه انڪار ڙي سرتيون.
مون کي لڳو دل تي گهاءُ، ٽٽي دل جي تار ڙي
سرتيون.
قدرت پنهنجي هٿ سان ٺاهيو، ڪهڙو هي شاهڪار ڙي
سرتيون.
ٿينديون هن جي حسن تان ”زلفي،“ مون جهڙيون نثار ڙي
سرتيون.
فهميده سحرش
نظم
پنهنجي پيار جي صدا جيان
پيار جون پهريون صدائون
درد جون سڀ وارتائون
پنهنجي نالي
تنهنجي نالاءِ
دل نشين ۽ خوبصورت
تنهنجا سارا لهجا
منهنجي دل جي نرم گوشن
۽ درن مان گهلجي
لنئو ڪانڊاريندڙ لمحا
پنهنجن پيارن لهجن منجهه
سجائي
ويٺي آهيان
تو ۾ جي ناهي همت
حوصلو ڪو زندگيءَ جو
پوءِ تنهنجو ڪوبه حق ناهي
ته تون پيار ڪر.
صاحب کوکر
گيت
ڪوئي مون کي ڀي سڏي
هن جهڙالي شام ۾
پل نه هيڪل جو ڇڏي.
هن جهڙالي شام ۾
هير ٿڌڙي ٿي لڳي
بوند هلڪي ٿي پوي
آءُ هيڪل ٿو وڃان.
ڪنهن سهاني جاءِ ڏي
هن جهڙالي شام ۾
ڪو ته هٿ ۾ هٿ جهلي
مون سان سنڌو تي هلي
تيز ايندڙ واءَ تي
جنهن جو آنچل ڀي اڏي
هن جهڙالي شام ۾
مون سان گڏ برسات ۾
سارا منظر سانت ۾
نيڻ ڳوليندا رهيا.
اسحاق راهي
غزل
عاشقي جي ابتدا ۽ انتها توکي چوان،
زندگيءَ جي هر بقا ۽ هر فنا توکي چوان
تون ئي ڏس! پنهنجي زبان سان ڇا ڀلا توکي چوان،
خود وفا توکي چوان، رسم - وفا توکي چوان.
عشق آيو ۽ طبيعت جو سڪون محتاج ٿيو،
مان خوشي توکي چوان يا ابتلا توکي چوان.
آرزو بيمار ۽ هر مدعا ۾ آ خلل،
درد دل چوندو رهان يا خود دوا توکي چوان.
صورتون الجهاءَ جو باعث پيون ٿي الامان!
ڇو ته هر هڪ شڪل جي ٿو هر ادا توکي چوان،
ڪنهن مهل راهي ڪڏهن رهبر ڪڏهن خود ڪاروان،
منزلون توکي چوان، منزل رسا توکي چوان.
خاور قبولائي
غزل
جيئن مون کان آ سکي وڇڙي وئي،
زندگي جي هر گهڙي اجڙي وئي.
مون سميٽڻ جي ڪيئي ڪوشش مگر،
درد ۾ آ زندگي کنڊڙي وئي.
خواب سندرتا ڪٿي ماڻي سگهن،
آهه نيڻن کان رسي ننڊڙي وئي.
پيار پتر آ پڳو تنهنجو پرين!
تنهن ڪري ويتر وڌي سڪڙي وئي.
هي به ”خاور“ آ ستم جو هڪ قسم
ڪيئن پوڙهائپ اچي تڪڙي وئي.
بختاور بلوچ
هيڊ ڪوارٽر
اهو ڏينهن،
جڏهن
سوچن جي کنوڻن به بادلن تي،
تنهنجي چاهه جي ڊسڪورڊ،
هڪ نئين بجلي به
سچائين جي اونداهين گلين مان گذري
حقيقتن جي گمنام ڌپر روڊ تان
ٿيندي،
آٿرجي (ننڊکڙي)
وڃي ڪري هئي!
تنهن ڏينهن
پهريون ڀيرو
اوچتو انڪشاف ٿيم،
ته هائوس فل جي قد آدم بورڊ جي باوجود به
سدوري رت جي هولي ۾ هر وقت ٻڌل
ڇم ڇم
نيم ڪلاسيڪل نرت ڪندڙ
ڪنجسٽيڊ دل ۾
اڃان به،
ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾،
ڪا پتڪڙي جاءِ رهيل هئي،
جا ٻين کان ڳجهي ۽ لڪيل هئي
۽ جنهن ۾ هاڻ تون
بنا ڪنهن ايڊوانس جي،
پنهنجي پيار ۽ اظهار جي،
ٻن ٽرنڪن واري سامان سوڌو
داخل ٿي چڪو آهين
۽ آئون
مالڪ مڪان،
پريشان،
ته زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو
دل جي ساجهيدار
خاموش سپاهيءَ
دماغ کان، تنهنجي وارد ٿيڻ تائين
اجازت نه وٺي سگهي هئس
پر انهيءَ ڏينهن آئون،
مالڪ مڪان،
پريشان،
حيران..... تڏهن ٿيس،
جڏهن دماغ جي سڀني عبادتگاهن ۾
عقل جي هڙن ئي،
کي،تنهنجي ٻنهي،
ٽرنڪن اڳيان
سجدو ڪندي ڏٺم!!
..... شايد اتي به
اطلاع پهچي ويو هو
ته .....
منهنجي درالحڪومت ۾ به !
اها پتڪڙي،
ڳجهي جاءِ
”هيڊڪوارٽر“
طور تسليم
ٿي چڪي
آ.
آڪاش بوزدار
بيت
سکي! تنهنجون سارون ڄڻ ماکيءَ جون لارون،
ٻرن منهنجي هنيانءُ ۾، تنهنجون پچارون،
اکين نهارون، نهاري ٿڪجي هن پيون هن.
ذهن مينديءَ کيت جان، سارو رنگ رتل،
خوشبو سان پل پل،مهڪي مهڪي من پيو.
ٿوهر ٿوهر ٿاڪ تي، آهين تون گلاب،
منهنجا سڀئي خواب، ڀٽڪن تنهنجي لئه پرين.
تنهنجي منهنجي پيار جو، سرهو هي سنگم،
اچي مون کي صنم! واسي ولين جيان ويو.
آهي سج الهي ويو، مون سان تنهنجي سار،
بڻجي هڪ اڏار، توڏانهن ڪاهي ٿي پئي.
آهي سج الهي ويو، اڀريو ڳاڙهو شفق
ائين لڳي ٿو افق، ميندي لاتي پيرن کي.
آهي سج الهي ويو، سنجها ڌري پئي پير،
ٻڌي ڇمڪا ڇير، اچي ٿي پئي ڇيڳري.
امتياز عادل سومرو
غزل
هر هر جهاتيون پاءِ نه گوري،
منهنجو من م تڙپاءِ نه گوري.
دروازي کي کولي، بيهي،
پلپل تون واجهاءِ نه گوري.
آسون سڀ آرامي آهن،
دل جو در کڙڪاءِ نه گوري.
گل جي موسم تڙپي پوندي.
ويس گلابي پاءِ نه گوري.
چوڙين کي کڙڪائين ڇو ٿي،
جذبن کي جاڳاءِ نه گوري.
مون کان دور رهڻ جون ڳالهيون،
ور ور ڏئي ورجاءِ نه گوري.
مان ته رٺو ئي ناهيان توکان
پيار ڏئي پرچاءِ نه گوري.
دل جو صحن انڌارو ٿيندو،
منهن تي وار وراءِ نه گوري.
ناز ادا جي طلسم ۾ اڄ
”عادل“ کي الجهاءِ نه گوري
ڪنول محمد يوسف
غزل
توئي ڇنو غيرن کي ڪهڙي ميار ڏجي،
روئي ڏنو مون لڙڪن کي ڪهڙي ميار ڏجي.
جذبو نه رهيو شاعر ۾ ڪو،
ته غزلن کي ڪهڙي ميار ڏجي.
ڪنهن کسي ورتا اسان جا ٽهڪ ئي
ته جاڳي پيا لڙڪن کي ڪهڙي ميار ڏجي.
ڪري پيا سين ڪنهن جي چوٽيءَ مان ”ڪنول“
لتاڙي هليا ويا قدمن کي ڪهڙي ميار ڏجي.
ناطق سرگاڻي
وائي
عمر! مون کي خواب ۾، آيا ها اڄ رات،
منهنجا ماروئڙا
پنهنجن جهوپن کان مٿي نه ڀائن هي محلات،
منهنجا ماروئڙا.
صبح سانجهي جن کي منهنجي طلب ۽ تات،
منهنجا ماروئڙا.
سڏجن ساري ڏيهه ۾، غيرت واري ذات،
منهنجا ماروئڙا.
ايندا جهانگي شام يا، ڦرهه ڦٽي پرڀات،
منهنجا ماروئڙا.
اجهي ”ناطق“ آيا، هر هر پايان جهات،
منهنجا ماروئڙا.
چندر ڪيسواڻي
نظم
نظريو بنا پئسن جي
وکر آهي.
هر آئڊيالسٽ
ماڻهو
اڻ مندائتو
ردي جيان
واپرائي ٿو.
غلام،
مقرر رقم جو،
ماڻهو
ٿئي ٿو
ماڻهو،
هر هر
بدلجندو آهي
پر ماڻهپي ۾ ڦيرو ئي
نه ٿو اچي.
جاويد”امر“ شاهاڻي
زندگي ڪا مرڪ آ
زندگي ناهي رڳو صحرا سڃي،
زندگي وڻڪار ڀي وسڪار ڀي
زندگيءَ سان پيار ڪر او سانوري!
زندگي ڪا مرڪ آ محبوب جي،
زندگي جو پُرُ پيالو تو اڳيان،
پيءُ پيارا جيءُ تنهنجي آ وهي.
اٿ ”امر“ ڏورج ڏکن جا ڏينهڙا
ڏک سکن جي سونهن ۽ سينگار ٿئي.
مانجهي زرداري
وائي
ساري ساري رات
جيجل جاڳي پئي!
بيمار بکايل ٻار کي
ڏيئي لوليون لات
جيجل جاڳي پئي.
گهر ڪکائين جي مٿان،
طوفاني برسات،
جيجل جاڳي پئي.
سورن کي سانڍي پئي،
سمجهي هو سوغات،
جيجل جاڳي پئي
غربت جي مري آهي،
ڦاٿي منجهه فڪرات
جيجل جاڳي پئي.
مانجهي آيل کي ڏسي
ٿي لڇي منهنجي ڏات
جيجل جاڳي پئي
جيجل جاڳي پئي.
ڪي ڊي سومرو
ياد
رات دوستن ۾ هئس
رنگين دنيا هئي
پيارا دوست هئا
پر جاني تون ڏاڍو ياد آئين
سوچيم ته سهڻي جي ڳوٺ جي
هيءَ صورت
هيءَ مورت
اگر هينئر هجي ها
ته چوانس ها
توکي آءُ ياد پيو ڪريان
ٿڪل آءُ نه آهيان
ستل تون نه آهين
ڪٿي آئون ليٽيل آهيان
ڳتيل آهيان ڦريل آهيان
توکي مون جهڙي ڪنهن ڏنگيو آهي
مون کي تو جهڙي ڪنهن ڦٽيو آهي
ته پوءِ ڇو نه ملون
ته پوءِ ڇو نه کلون
ته جاني تو ڏاڍو ياد آئين.
سوچيم ته لڇندس ۽ ڪڇندس
پر سڀ اجايو
رات جي ڳالهه
رات جي بات
اها به نشي ۾
ڪيئن ٿيندي
اها صبح ۾
سچ پچ ته جاني تون ڏاڍو ياد آئين
حوصلو ته ڏاڍو آهي
دل به ڪشادي آهي
پر ڪيئن ڪنهن کي چئجي
اچ ته اوريون ڪجهه ڏک ساٿي
ڪجهه زندگي آ باقي
اهو ته مشڪل آ تنهنجي لاءِ
اهو ته مشڪل آ منهنجي لاءِ
ڪير ٿو ڪنهن جا زخم ڀري
هر ڪو ورتل ورتل آهي
ڪير ڪٿي ڪير ڪٿي
پر پوءِ به جاني تون ڏاڍو ياد آئين.
*--*---*---*---*---*
عبدالحميد آس ٻٻر
غزل
ڇو مجبور آن، گهر جي آڏو.
نڪري آ تون در جي آڏو،
ڪيڏو ليلايو آ سجني!
چاهه، تنهنجي نهڪر جي آڏو.
ناکئو مور نه جهڪڻو آهي،
ڪنهن جي اڻکٽ ڇر جي آڏو.
منهنجي هر حسرت پيلي آ،
تنهنجي يار! نظر جي آڏو
هير ۾ هن برکا جون مهڪون،
وار سڪايئه گهرجي آڏو؟
ڄڻ: ڪائنات وئي آمنڊجي،
سونهن! تنهنجي ساحر جي آڏو،
تنهنجي اکين ۾ گهوريان ٿو.
ڄڻ مان هان، منڇر جي آڏو،
ڪيڏو بي معنيٰ آ ٿي ويو.
تنهنجو جملو”پر“ جي آڏو،
ڪوتا قومي ڪارج آهي،
شاعر! آس ٻٻر جي آڏو.
هوتو سنڌ پياسي
غزل
اتهاس ڏسون ٿا سنڌڙيءَ جو، سورن سان ڀريل ٿو سارو لڳي،
هو ماضي اسان جو سهڻو سڄڻ، ٿو اڄ به اسان کي
پيارو لڳي.
ها ويد رچيا سڀ سنڌڙيءَ ۾، آ مهمانن جي اڄ به مٿي
ڄڻ،
اَمرت آ تن ويدن ۾، هيءُ گيان جهان ۾ نيارو لڳي.
پنج هزارن سالن کان، تهذيب سنڌين جي سوني آ،
ڄڻ قومن جي آڪاش ۾ هي، ٿو چمڪڻ وارو تارو لڳي.
اسين ڪين ڌرم جي اوٽ وٺون، اسين ڪوس نه انساني
چاهيون!
اسين ٻاجهارا ڄڻ ٻاڄهه ڌڻي، هر انسان اسان کي
پيارو لڳي.
ڇو سنڌ جي سچن سپوتن کي ٿو اڄ به زمانو ڦٽڪاري،
اسين ويڙهو ڪين لڳون وحشي، سنڌي ٻاجهه ڀريو
ٻاجهارو لڳي.
ڪو وقت وري ايندو سهڻو، سڀ سور سنڌين جا ويندا
لهي،
سڀ مرڪي ملندا ماتا سان، ٿو سنڌ ۾ ساهه سونهارو
لڳي.
اسين دنيا جي سڀ قومن کي، پيغام امن جو روز ڏيون!
اسين جنگ نه چاهيون دنيا ۾ اهو وچن ته گيتا وارو
لڳي.
اسين پنهنجي ماءُ جي آزادي، هر حال ۾ چاهيو ملڻ
کپي،
اسين ڪانئر گيدي ناهيون ڪي، سنڌي سوڀن ۾ سوڀارو
لڳي.
ننگر چنا
غزل
ڦول جهرا، چنڊ چهرا،
وقت تي ڄڻ منڊ چهرا،
سانت جي لمحن اندر،
ڪي وڄن ٿا گهنڊ چهرا.
نفرتن جا ڪي نشان،
قرب جا ڪي ونڊ جهرا.
تاريخ جي ورقن مٿان،
ڪيترائي ڏنڊ چهرا.
ڪي ڏين ٿا آٿتون ۽
ڪي ڪڍن ٿا ڇنڊ چهرا.
اقبال کوکر
غزل
هوائن جو رخ بدلجي ويو،
فضائن جو رخ بدلجي ويو.
ڇڏيا جو وار تو ڇوڙي،
گهٽائڻ جو رخ بدلجي ويو.
پسي تو چٽو چهرو چنڊ،
شعائن جو رخ بدلجي ويو.
ڀر ۾ پنهنجي ڏٺم توکي.
دعائن جو رخ بدلجي ويو.
بڻيا زنجير زلف تنهنجا،
سزائن جو رخ بدلجي ويو.
”اقبال“ ٿيس چاڪ تو آئي،
دوائن جو رخ بدلجي ويو.
قلب سومرو
نثري نظم
ڪروڙين ڀيرا بهتر
واهه ڪيڏو نه چلولو
تنهنجي گج جو چمڪو آهي
ڄڻ ته سج اچي تنهنجي گج ۾
لڪو آهي
تون ٻنيءَ مان ٻني تي
گهمي رهي آن
گج تنهنجو جهلي رهيو آ
چمڪاٽ، تجلا، ترورا ۽ جهرمر
تنهنجي گج جي ڪاون جي
ايتري ته آهي
ڄڻ ته ڪهڪشان پاتي اٿئي
سانورو سنهري مائل
ڪيڏو نه پڪو ۽ پيارو
رنگ تنهنجي چهري جو
او سنڌ جي نرالي ناري تون
ڪروڙين ڀيرا بهتر آهين
سندر آهين
برتر آهين
پوتر آهن.
روشن گهانگهرو
غزل
جذبن جيءُ جهنجهوڙيو آهي،
وهمن خون ولوڙيو آهي.
منزل تي سو آهه رسيو جنهن،
پڄري پاڻ پتوڙيو آهي.
توريءَ تنها دل ويڳاڻي،
صدمن ساهه نپوڙي و آهي.
احساسن جا پير پٿون ٿيا،
سوچ صدين کان ڊوڙيو آهي.
عيد اسان کان وسري وئي آ.
محبوبن مک موڙيو آهي.
مسجد، مندر، ديول در در،
واڪن سچ کي ووڙيو آهي.
سال ٿيا ٿس وينگس هڪڙيءَ
هڪڙو جوڙو چوڙيو آهي.
وار هوا ۾ واس ونڊيندا،
تو جو چوٽو ڇوڙيو آهي.
محفل ۾ ڀي تنها آهيان،
ڏاڍو نينهن نهوڙيو آهي.
”روشن“ تو سان پيار ڪري ڄڻ،
پاڇي پويان ڊوڙيو آهي. |