سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :6

 

لالي مصراڻي

پورهيت عورتون ۽ ڀٽڪندڙ ٻار

مائي امينا: جو تعلق ملاح ذات سان آهي ۽ سندن روزگار جو ذريعو مڇي مارڻ آهي، انڪري سندن روزيءَ جو دارومدار درياءَ جي پاڻيءَ تي آهي، جي درياءَ ڀريل آهي ته سندن دل به خوشيءَ وچان ٽمٽار ۽ باغ بهار آهي پر جي درياءَ ۾ پاڻي نه هوندو آهي ته سندن جيئڻ جنجال ٿي پوندو آهي. امينا بنيادي طور تي رڇ ٺاهڻ جو هنر ڄاڻي ٿي. پر هوءَ پنهنجي گهر واري سان مڇي مارڻ جو ڪم پڻ ڪندي آهي. منهنجي پڇڻ تي امينا ٻڌايو ته پاڻ ۽ سندس مڙس پرهه ڦٽيءَ کان پهرين ٻيڙي تي ويندا آهن ۽ ڪچڙيءَ منجهند جو درياءَ تان موٽندا آهن. هن اهو به چيو ته ڪجهه مهينن کان درياءَ ۾ پاڻي اچڻ سبب اسان جو روزگار سٺو پيو ٿئي. شل سنڌو سدائين تارو تار وهي!

مائي سانئڻ:

مائي سانئڻ هڪ پورهيت ۽ مسڪين ڪٽنب سان تعلق رکي ٿي. سندس گهر وارو ڪنهن آفيس ۾ پٽيوالو آهي، کيس اٺ ٻار آهن. پاڻ ٻڌائي ٿي ته ”سندس مڙس جي پگهار ايتري ٿوري آهي جو ٽن وقتن جي ماني به نصيب ناهي.“ پنهنجي ڌيئرن کي سبڻ ۽ ڀرڻ جو ڪم سيکاري ٿي ۽ پٽن کي پڙهائڻ جو شوق اٿس. هن ٻڌايو ته ”رلين سبڻ مان جيڪو ڪمائيندي آهيان، اهو پٽن جي پڙهائيءَ تي خرچيان ٿي.“ ڌيئرن کي اسڪول نه موڪلڻ بابت چوي ٿي: ”هڪ ته غربت آهي ٻيو نياڻيون پرايون ڌن آهن. اڄ سڀان پرڻائي ڇڏينديسان وڃي پنهنجي گهرن ۾ سکيون ٿين.“

مائي سَمل: جو گهر وارو ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جو ڪم ڪندوآهي يعني ”ڪنڀارڪو“ ڌنڌو ڪندوآهي. چڪ تي جيڪي مٽيءَ مان مٽ، دلا، دليون، ڏيئا، ڏياٽيون، ڪونار، گهگهيون، ڪنيون. ڪنڙا مطلب ته قسمين قسمين ٿانو ٺاهيندو آهي، مائي سَمل چوي ٿي ته هي (ٽيڪنالاجي) جو دور آهي گهرن ۾ ريفريجريٽر، ڪولر مطلب ته گهر جي استعمال لاءِ سهڻيون ۽ نفيس شيون بازار مان ملن ٿيون، ته پوءِ ڪچي ۽ چيڪي مٽيءَ جا ٺاهيل ٿانو، جن کي ڪنڀر آويءَ ۾ پچائي تيار ڪري ٿو، انهن کي ڪهڙي اهميت ملندي؟ مون ساڻس سهمت ٿيندي سوچيو ته جتي ٽيڪنالاجي انساني زندگيءَ لاءِ سوين سک ۽ سهولتون کڻي آئي آهي، اتي غريب ۽ پورهيت ماڻهوءَ جي روزيءَ تي لت اچي وئي آهي. مون کي ياد آهي ته اسان جي گهرن ۾ ڪنڀر هر مهيني باقاعدي ٿانو پهچائي ويندا هئا ۽ انهن کي هر هڪ گهر مان باقاعدي اجورو ملندو هو، خاص ڪري شب برات لاءِ ٺاهيل ڏياٽين جو ته کين تمام گهڻو اجورو ملندو هو ان کان سواءِ هر فصل تي به ڪنڀر لاءِ باقاعدي اَن جو حصو ڪڍيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح هر ماڻهو ماني مڇيءَ  وارو هوندو هو. منهنجو مقصد اهو ناهي ته ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال نه ڪجي، پر ماڻهن کي ان جو حصو بڻائجي ان لاءِ ملڪي سطح تي ڪوششون وٺڻ گهرجن ته جيئن هنرمند ماڻهو بي روزگار نه ٿين. بلڪ پنهنجي پورهيي سان ”مان ۽ شان“ جي زندگي گذارين. خير اهو ته قصو هو مٿي ذڪر ڪيل پورهيت عورتن جو هاڻي اچو ته هنن ٻارن سان حال احوال ڪريون، چوندا آهن ته ٻار ملڪ ۽ قوم جا معمار هوندا آهن، پر هنن معصوم ٻارن جي حالت ٻڌائي ٿي ته اهي ته پنهنجي حال ۾ ئي ڪونهن! اڄ جي جديد دور ۾ هر ماڻهوءَ جي ڪوشش آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي سٺي ۽ معياري تعليم ڏياري ۽ ان ڊوڙ ۾ نه صرف سرنديءَ وارا پر هر باشعور ماڻهو، پنهنجي وس کان وڌيڪ ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪوشان آهي. ان سان هڪ ته پرائيويٽ اسڪولن جا وارا نيارا ٿي ويا آهن ۽ ٻيو سرڪاري اسڪولن تان پڻ ٻوجهه گهٽيو هوندو! پر هي ٻار ڪنهن جا آهن ۽ هنن کي ڪهڙي کاتي ۾ رکجي؟ ڪنهن سان وابسته ڪجي، آخر آهن ته ٻار! هنن جي نرڙ تي ڪو طبقو به لکيل ناهي، هر ٻار وانگر هي معصوم دل ۽ معصوم خواهشون رکندڙ. پر آهي ڪو جوهنن جي مالڪي ڪري ۽ هر ٻار وانگر هي به صاف سٿري گهر ۾ رهن. صاف ڪپڙا پائن ۽ اسڪول پڙهن. هنن ٻارن جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي چڱين ذاتين سان آهي، پر جڏهن واهن ۽ موڪن ۾ پاڻي سڪي ويو ته ڏڪار سبب اهي ماڻهو پنهنجا واهڻ ۽ وستيون ڇڏي شهر جي آسپاس جهوپا اڏي ويهي رهيا ۽ هاڻي سندن روزگار جو ذريعو بيک وٺڻ (پنڻ) آهي. هي ٻار جيڪي شروع ۾ بيک وٺڻ کان گهٻرائيندا هئا اهي هاڻي پنڻ جو هنر سکي ويا آهن. سندن زندگيءَ جو وهنوار وڃي اهو رهيو آهي ته سڄو ڏينهن رُلن پنن ۽ رات جو ٿڪي ٽٽي اچي پٽ تي ڪرن. پر افسوس جو اڳ جنهن گندن ڍيرن تي سمهندا هئا، اهي به هينئر تازين برساتن سبب پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. انڪري هاڻي رات جو فوٽ پاٿن تي سمهندا آهن، هي ننڍڙي ٻار جي اک مان وهندڙ لڙڪ انهن سڀني لٽيل، ڦٽيل خاندانن جي اندر جو درد آهي، ۽ اسان جي سماجي جوڙجڪ جو عڪس پڻ آهي. ”ڪاش!“ دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن وانگر اسان وٽ به معصوم ٻارن کي صحت ۽ تعليم پرائڻ جون هڪجهڙيون سهوليتون ملن!

 

انٽرويو وٺندڙ: پروين راڄپر

ارشاد قمر

سوال: توهان پنهنجي ننڍپڻ ۽ شروعاتي تعليم جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.

جواب: منهنجو جنم شڪارپور جي هڪ زميندار خاندان ۾ ٿيو. اسان پاڻ ۾ ڪل اٺ ڀائر ڀينر آهيون. ٻه ڀائر مون کان عمر ۾ وڏا آهن. انهن کان پوءِ مان پيدا ٿيس. ٽي ڀينر مون کان ننڍيون آهن. انهن کان پوءِ ٻه ڀائر ٻيا آهن. اسان جي گهر جو ماحول ان وقت جي عام زميندار خاندانن وانگر ئي هو.

سوال: تعليم شڪارپور ۾ ئي ورتوَ؟

جواب: جي ها، شڪارپور تعليمي لحاظ کان سنڌ جو اهم شهر هو. ڇوڪرا ته خير پڙهندا ئي هئا، پر ڇوڪرين کي پڙهائڻ جي روايت پڻ عام هئي، اهوئي سبب آهي جو تعليمي لحاظ کان ڪافي مشهور عورتن جو تعلق شڪارپور سان ئي رهيو آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته اسان جي خاندان ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏنو ويندو هو. البت منهنجو بابا ڪافي روشن خيال شخص هو. خاندان وارن توڙي منهنجي والده جي سخت مخالفت باوجود هن پنهنجين نياڻين کي تعليم ڏيارڻ تمام ضروري سمجهي، مون ابتدائي تعليم شڪارپور جي گرلز هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي.

سوال: لکڻ جو شوق به اتان ئي ٿيو؟

جواب: ها، ان وقت جي اخبارن ۽ رسالن کي پڙهندي لکڻ ڏانهن مائل ٿيس، سنڌ هونءَ به وڏيون نامور ليکڪائون پيدا ڪيون آهن، انهن مان رشيده حجاب، ثميره زرين، ماهتاب منور عباسي، نور الهديٰ شاهه، سحر امداد، جميله نرگس، اقبال پروين سومرو، بادام ناتوان، نسيم ٿيٻو وغيره کي وڏي چاهه سان پڙهندي هيس. شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي لکڻين جو خاص انتظار رهندو هو. جڏهن هڪ دفعو دل ادب ڏانهن ڇڪجي وڃي، پوءِ انسان جو قلم خودبخود هلڻ لڳندو آهي.

سوال: توهان ڇا لکيو؟ ڪهاڻي يا نظم؟

جواب: شاعري منهنجي وس کان ٻاهر هئي، ڪهاڻيون لکيم. منهنجي پهرين ڪهاڻي نون سالن جي عمر ۾ ”مون به ڪهاڻي لکي“ جي عنوان سان عبرت اخبار جي ٻارن واري صفحي ۾ شايع ٿي. گهر ۾ توڙي ٻاهر ڪافي همٿ افزائي ٿي. اهڙيءَ طرح مان عبرت جي ٻارن واري صفحي لاءِ هر هفتي باقاعدگيءَ سان لکڻ لڳس.

سوال: اوهان ڪهڙي نالي سان لکندا هئا؟

جواب: شاديءَ کان اڳ جيڪو ڪجهه لکيم، سو ارشاد ايم سومرو جي نالي سان ئي لکيم. اسڪول جي زماني ۾ ئي مون پنهنجو پهريون ميچوئر افسانو ”گل ۽ ڪنڊا“ لکيو . اهو افسانو ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ مان لاڳيتو نئين زندگي، روح رهاڻ ۽  ٻين سنجيده ادبي رسالن لاءِ لکندي رهيس.

سوال: ڪي خاص موضوع جن تي اوهان لکندا هئا؟

جواب: ان وقت جي حالتن مطابق عام سماجي مسئلن تي افسانا لکيا ويندا هئا، جنهن موجب رسمن رواجن جو شڪار مجبور عورتن جي مامرن تي افسانا لکندي رهيس، ان سان گڏوگڏ معاشري جي ٻين مسئلن تي پڻ افسانا لکيم.

سوال: اوهان ارشاد قمر ڪڏهن کان ٿيون؟

جواب: ظاهر آهي شاديءَ کان پوءِ.

سوال: ”سوجهرو“ ۾ اوهان جو سوالن جوابن جو ڪالم طنز ۽ مزاح سبب ڏاڍو پسند ڪيو ويندو هو. زندگيءَ جو اهو رخ اوهان کي ڪيئن لڳو؟

جواب: سٺو لڳو، هونءَ به ليکڪ کي گهرجي ته سنجيده موضوعن کي دلچسپ بنائي پيش ڪري ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ سمجهه رکندڙ پاٺڪ به ان لکڻيءَ ۾ پاڻ کي involve ڪري سگهي.

سوال: خير، گهڻو اڳتي نڪري وياسين، اوهان ڳالهه پئي ڪئي پنهنجي تعليم جي؟

جواب: جي ها، اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتم. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ منهنجي شادي سنڌ جي مشهور دانشور، اديب ۽ شاعر قمر شهباز سان ٿي. اتفاق سان شادي به ان انسان سان ٿي جنهن سان منهنجي خيالن جي هڪ جهڙائي هئي ۽ جنهن جي همٿائڻ تي مون پنهنجي تعليم جو سلسلو به جاري رکيو ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق به قائم رهيو.

سوال: اتي هڪ روايتي سوال آهي توهان جي شاديءَ متعلق، چئو ته پڇان؟

جواب: ان روايتي سوال جو روايتي جواب آهي، ”ها“.

سوال ها، سو توهان چيو پئي ته شاديءَ کان پوءِ به توهان جي تعليم جاري رهي؟

جواب: جي ها، قمر شهباز جو ان وقت تعلق تعليم کاتي سان هو، انڪري هن منهنجي تعليم جاري رکڻ ۾ هر طرح جو سهڪار ڪيو. گهر جي ذميوارين هوندي به مون بغير ڪو سال ضايع ڪرڻ جي سنڌ يونيورسٽي مان مسلم هسٽريءَ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي.

سوال: ”سوجهرو“ ۾ لکڻ سان گڏوگڏ توهان ريڊيو جي لاءِ پڻ لکيو؟

جواب: ”سوجهرو“ وارو ڪالم ڏاڍو مقبول ٿيو. سڄيءَ سنڌ مان پسنديدگيءَ جا خط ايندا هئا. ماڻهن جو ايترو شوق ڏسي مون ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون، ڊراما ۽ ٻيا اسڪرپٽ لکڻ شروع ڪيا. مون کي خوشي آهي ته ٻڌندڙن منهنجي انهن ڪوششن کي پڻ ساراهيو.

سوال: لکڻ پڙهڻ کان سواءِ توهان سوشل ورڪ ۾ به ڪافي دلچسپي ورتي، اوهان جو ان طرف لاڙو ڪيئن ٿيو؟

جواب: سماجي ڪم ڪار ۾ هونءَ ته مون کي ننڍڙي ڄمار کان ئي دلچسپي رهي آهي، پر ”آل سنڌ وومين ايسوسئيشن“ ۽ ”مارئي فورم“  ٺاهڻ لاءِ مون وٽ ڪي ٻيا سبب پڻ هئا. توهان کي ياد هوندو ته ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڪافي سنڌي ڪٽنب اندرينءَ سنڌ مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا. ڪي نوڪرين سانگي، ڪي ڌنڌي ڌاڙيءَ سبب ۽ ڪي وري سياسي سرگرمين جي ڪري. ظاهر آهي انهن خاندانن جو تعلق هر قسم جي ڪلاس سان هو ۽ ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر ۾ سندن ڦهلجي وڃڻ هڪ قدرتي ڳالهه هئي. شهر ۾ توڙي شهر جي ٻاهران نيون سنڌي وسنديون آباد ٿي ويون. ان کان سواءِ اهي سنڌي به هئا جيڪي اصلي ڪراچيءَ جا رهاڪو هئا يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏيڍ صديءَ کان هت رهندا هئا. انهن سنڌي خاندانن جو پاڻ ۾ رابطو رکڻ لاءِ ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪنهن اهڙيءَ تنظيم جي ضرورت هئي، جيڪا کين يڪجا ڪري سگهي. ان کان سواءِ تعليم، صحت، علم، ادب، ٻوليءَ ۽ عام سڌاري ۽ سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙڻ جي پڻ ضرورت محسوس پئي ٿي. ان لاءِ منهنجي گهر تي ڪيترين ئي ساڃهه وند عورتن جي گڏجاڻي ٿي، جن ۾ علم ۽ ادب توڙي فن ۽ سماجي ڪارج سان واسطو رکندڙ عورتن وڏي شوق سان حصو ورتو. مرحوم درشهوار سيد، جيڪا تازو انگلنڊ مان تعليم حاصل ڪري موٽي هئي ۽ کيس به سماجي ڪمن جو اونو هو، ان به اسان جو ساٿ ڏنو ۽ ليکڪائن مان سلطانه وقاصي به ڀرپور سهڪار ڪيو. اهڙيءَ طرح آل سنڌ وومين ايسوسئيشن (اسوا) جو بنياد رکيو ويو. مان ”اسوا“ جي پهرين جنرل سيڪريٽري چونڊيس. ان کان پوءِ مان ”سگا“ جي ليديز ونگ جي وائيس چيئرپرسن پڻ ٿيس. بهرحال، ڳالهه ”اسوا“ جي پئي هلي. اسان ان تنظيم کي ڏاڍيءَ محنت سان هلايو.

سوال: ان ڪم ۾ سنڌي عورتن طرفان توهان کي ڪهڙي موٽ ملي؟

جواب: اسان جي اميدن کان وڌيڪ گرم جوشيءَ سان ڪراچيءَ جي عورتن ”اسوا“ ۾ حصو ورتو. اسان جي ڪوششن جو اهو نتيجو نڪتو جو سنڌي خاندان جيڪي هڪ ٻئي کي مشڪل سان سڃاڻندا هئا، سي پاڻ ۾ ويجها ٿيڻ لڳا.

سوال: ڪي خاص ڪم جيڪي ”اسوا“ جي ذريعي اوهان ڪيا؟

جواب: اهوئي وڏو ڪم هو ته سنڌي عورتن مان احساس محرومي ختم ٿيو. هو هڪ پليٽفارم تي جمع ٿيون. پاڻ ۾ ويجهڙائي ٿين. ها، هڪ وڏو فنڪشن آرٽس ڪائونسل جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين عورتن شرڪت ڪئي. گڏوگڏ سنڌي هنرن جي هڪ نمائش به لڳائي وئي جنهن ۾ عورتن پنهنجا پنهنجا اسٽال لڳايا.

سوال: اوهان ”اسوا“ ڇڏي ”مارئي فورم“ قائم ڪئي ان جا ڪي سبب؟

جواب: مان ان تفصيل ۾ وڃڻ نٿي چاهيان. جيڪي ٿيو تنهن کي ماضيءَ سان گڏ دفن ئي رهڻ ڏيو. ”اسوا“ کان پوءِ تقريباً انهن سڀني سگهڙ عورتن ”مارئي فورم“ جوڙي، جن ”اسوا“ جو بنياد وڌو هو. ”مارئي فورم“ هڪ پڪي، پختي ۽ سنجيده تنظيم جي حيثيت ۾ هميشه ياد رکي ويندي ”مارئي فورم“ ڪيئي يادگار سماجي ۽ علمي ۽ ادبي ڪم ڪيا. جڏهن ڪراچي، حيدرآباد توڙي سنڌ جا ٻيا اهم شهر لساني فسادن جي باهه ۾ جلي رهيا هئا ۽ سنڌي پنهنجا ڀريا تُريا گهر  ڇڏي وڃي ڪئمپن منجهه رهيا هئا يا سندن مال ملڪيت تي، کين بي آبرو ڪري، سندن پيارن کي سندن ئي اکين آڏو ڪُهي کين دربدر ڪيو ويو هو، تڏهن اسان پنهنجي وِت آهر سندن مدد ڪئي هئي. سيڌي سامان جا ٽرڪ ڀرائي متاثر علائقن ۾ پهچاياسين، دوا درمل جو بندوبست ڪيوسين، سکين گهرن مان ڪپڙا لٽا، ڪمبل ۽ هنڌ بسترا هٿ ڪري کين تڪڙي مدد فراهم ڪئيسين ۽ کين ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ سلائي مشينون، درسي ڪتاب ۽ ٻيو ضروري سامان مفت ۾ مهيا ڪري ڏنوسين. اهي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن هئا پر جنهن همت سان سنڌي عورتن انهن نازڪ گهڙين کي منهن ڏنو، انهن کي ڏسي سنڌي عورت جي عظمت تي  اسان جو سِر فخر کان اوچو ٿي ويو.

سوال: ”مارئي فورم“ ۾ اوهان جي ڪهڙي حيثيت هئي؟

جواب: مان ”مارئي فورم“ جي چيئر پرسن آهيان، اها تنظيم اڄ به قائم آهي.

سوال: اوهان ”اسوا“ ڇڏڻ جا ڪي سبب ڪونه ٻڌايا؟

جواب: ڍڪي ڀلي آهي، پراڻيون ڳالهيون ورجائڻ مان ڪي ڪين ورندو. ايترو سو چونديس ته پوءِ اسان کي ڄاڻ پئي ته تنظيمون ڪينءَ هاءِ جيڪ ٿينديون آهن.

سوال: ”مارئي فورم“ ته تمام گهڻي مشهوري ماڻي، توهان جا ڪرايل فنڪشن اڄ به ماڻهن کي ياد آهن، ڪجهه انهن جي باري ۾ ٻڌايو؟

جواب: جيئن مان اڳ چئي آئي آهيان، ”مارئي فورم“ باقاعدي مناسب رٿابنديءَ تحت هڪ سنجيده تنظيم طور جوڙي وئي هئي. اسان هر مهيني عام گڏجاڻيون ڪري، ماهرن کي دعوت ڏئي، سيمينارن، بحث مباحثن ۽ ورڪشاپن جي ذريعي عورتن کي سندن قانوني حقن، صحت، صفائي، ڳجهين بيمارين، تعليمي مسئلن، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، شيئر بازار ۽ اهڙن ٻين اهم موضوعن تي معلومات ڏيندا هئاسين. هٿ جي هنر ۽ ننڍي پيماني واري ڪاروبار تي ليڪچر ڪرايا ويا. علم ۽ ادب تي مذاڪرا ٿيا. سماجي سجاڳيءَ جي مختلف عنوانن تي کليا بحث ڪرايا ويا. سڀ کان اهم ڳالهه ته اسان هر سال هڪ تمام وڏي فنڪشن ذريعي معاشري جي مختلف ميدانن ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ وارين سڄاڻ عورتن کي سندن خدمتن جي مڃتا طور گولڊ ميڊل ڏيڻ جي روايت وڌي. ان سلسلي ۾ جيجي زرينا بلوچ، روبينا قريشي، رشيده حجاب، نور الهديٰ شاهه، سلطانه صديقي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ٻين کي سونا ميڊل ڏنا ويا.

اسان جي انهن ڪاميابين جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عورتن ”مارئي فورم“ جي ميمبر ٿيڻ جي خواهش ڏيکارڻ شروع ڪري ڏني، هڪدم ايڏو وڏو بار کڻڻ اسان لاءِ ممڪن نه هو، پر تنهن هوندي به هڪ شاخ حيدرآباد ۾ ضرور کوليسين.

سوال: ”مارئي فورم“ جي موجوده حيثيت ڇا آهي؟

جواب: ڪجهه وقت کان اسان پنهنجيون سرگرميون گهٽائي ڇڏيون آهن.

سوال: ڪي خاص ڪارڻ؟

جواب: عهديدارن ۽ ڪارڪنن جون ذاتي مصروفيتون، نوجوان ٽهيءَ جي بي توجهي، وسيلن جي کوٽ وغيره. ان هوندي به اسان مايوس ناهيون. اڄ به ڪي جوشيليون نوجوان ڇوڪريون ميدان ۾ اچي اسان جو هٿ ونڊائن ته جيڪر ”مارئي فورم“ ۾ نئون روح ڦوڪجي وڃي، اسان کي نئين ٽهيءَ مان ڪافي اميدون آهن، اهي ئي ”مارئي فورم“ جون اصلي وارث ۽ جانشين آهن.

سوال: توهان تي عام طور اها تنقيد ٿيندي رهي آهي ته اوهان پنهنجا فنڪشن ”فائيو اسٽار“ هوٽلن ۾ ڪندا آهيو؟

جواب: ”فائيو اسٽار“ هوٽل به اسان جا پنهنجا آهن، اسان کي به اوترو ئي حق آهي. اسان ڇو احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيون؟ اسان پنهنجين عورتن ۾ اعتماد پيدا ڪيو ته جيئن هو به بنان گهٻراهٽ جي، ٻارن ٻچن سميت اهڙن موقعن تي ٻين ڪميونٽين جيان، وڏي شان ۽ اعتماد سان اچي پنهنجن تقريبن ۾ شامل ٿين ۽ سوسائٽي جو حصو بنجن. منهنجي خيال ۾ اسان پنهنجي مقصد ۾ گهڻي قدر ڪامياب پڻ وياسين، اسان تي تنقيد ڪرڻ وارا خود شڪست خورده ذهنيت جو شڪار آهن. کين پڻ پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ گهرجي!

سوال: توهان شهري عورتن جي ڳالهه ٿا ڪيو. ڇا ڪڏهن توهان ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عام عورتن جي حالت تي ڪو مناسب ڪم ڪيو؟

جواب: جي ها، اسان جو سموريون ڪوششون ۽ ڪاوشون سنڌ جي سڀني طبقن جي عورتن لاءِ وقف رهيون آهن، ڳوٺن جون عورتون ته هر دور ۾ ظلم ۽ ستم جو نشانو ٿينديون رهيون آهن. رسمن ۽ رواجن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل اهي اڻ ڄاڻ ۽ اڻ پڙهيل عورتون صدين کان غلامن کان به بدتر زندگي گذاري رهيون آهن. مرد جي اشاري تي ڪڏهن پنهنجي پيءُ جي عمر جي ڪراڙي سان شاديءَ تي مجبور ڪيون وينديون آهن ته ڪڏهن شڪ جي بنياد تي ڪاري ڪري ڪُٺيون وينديون آهن. ڪڏهن رڍن ٻڪرين جيان وڪيون وينديون آهن ته ڪڏهن چند نوٽن جي آڌار تي خريديون وينديون آهن. جيتوڻيڪ هاڻي تعليم جي روشنيءَ ۽ عام سجاڳيءَ سبب حالتون ايتريون بريون نه رهيون آهن، عورتون پڙهڻ لڳيون آهن ۽ اڪثر ته پنهنجا حق کلئي عام گهرڻ لڳيون آهن، پر پوءِ به ظلم جي اونداهي رات کي کٽڻ ۾ اڃا وقت ۽ جدوجهد درڪار آهي. ”مارئي فورم“ جي طرفان ڳوٺاڻين عورتن جا مسئلا ۽ انهن جو حل نالي هڪ شاندار سيمينار ڪرايو ويو جنهن جي صدارت محترمه نصرت ڀٽو صاحبه ڪئي هئي ۽ ان ۾ عورتن جي نمائنده تنظيمن جي عهديدارن توڙي ڪارڪنن کي دل کولي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو هو، ان کان سواءِ اسان ڳوٺ ڳوٺ وڃي عورتن کي سندن حقن جي آگاهي ڏيڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪيون هيون، علم پرائڻ جي ترغيب ڏني هئي ۽ ضورري لٽريچر ورهايو هو، هونءَ به شهري عورت جون جڙون ڳوٺن ۾ ئي آهن، جيڪڏهن شهري عورت سجاڳ هوندي ته سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح ڳوٺاڻي عورت کي به سجاڳ رکندي.

سوال: چئبو ته توهان پنهنجي هلايل سماجي هلچل کان مطمئن آهيو؟

جواب: نه، اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي تمنا آهي پر وقت ۽ صحت اجازت نٿا ڏين، منهنجي دلي خواهش آهي ته ڪي همدرد ۽ هڏ ڏوکي نوجوان ڇوڪريون ميدان ۾ اچن ۽ اچي هي ڪم سنڀالين، اسان جون دعائون ۽ سهڪار ساڻن گڏ هوندو.

سوال: موسيقيءَ سان دلچسپي آهي؟

جواب: فقط ٻڌڻ جي حد تائين، سٺا سُرَ وڻندا اٿم.

سوال: ڪتاب ڪهڙي قسم جا پڙهندا آهيو؟

جواب: تاريخي ۽ سياسي اهم شخصيتن جون آتم ڪهاڻيون وڻنديون اٿم، منهنجي لائبريريءَ ۾ اوهان کي اهڙا ڪتاب ڪافي نظر ايندا.

سوال: سير ۽ سفر جو شوق اَٿَو؟

جواب: هاڻي ٿڪجي پئي آهيان. جوانيءَ ۾ لڳ ڀڳ پوري دنيا گهمي هئم، يورپ  ۽ ڏور اوڀر ته اڪثر ويندي رهندي هيس. سال کن اڳ ڪئناڊا وئي هيس. دبئيءَ ته هاڻي به وڃڻ ٿيندو رهندو آهي.

سوال: زندگيءَ ۾ ڪو پڇتاءُ؟

جواب: ڪو به نه.

سوال: پنهنجي گهر واري قمر شهباز جي ڪا ڳالهه، جيڪا اوهان کي ناپسند هجي؟

جواب: گهر کي گهٽ وقت ڏيندو آهي، شروع شروع ۾ ته کيس ٻارن توڙي منهنجي لاءِ وقت ئي ڪونه ملندو هو. نوڪري توڙي عملي جدوجهد سبب هو ڏينهن رات مصروف رهندو هو. هاڻي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي لکا پڙهيءَ ۽ ادبي ۽ سماجي سرگرمين کي وڌيڪ وقت ڏيندو آهي.

سوال: عورتن لاءِ ڪو پيغام؟

جواب: پڙهو، لکو، روزگار سان لڳو، معاشي طور خودمختيار ٿيڻ سان مرد خودبخود توهان جو  احترام ڪرڻ لڳندا، سماجي برابري حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي عورت کي پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، اُجري آئندي لاءِ موجوده ٽهيءَ جي عورتن کي وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون!

 


 

 

سهيڙيندڙ: امر سنڌو

هڪ شخصيت 100 سوال: احمد خان مدهوش

نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟

احمد

ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟

5- اپريل 1931ع

شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

جوهيءَ ۽ ميهڙ جي وچ ۾ (بيل گاڏيءَ ۾)

شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

باڊهه

شهر جو دل جو شهر آهي؟

جوهي

شهر جو دل کي نه آڙبو هجي؟

نصيرآباد (لاڙڪاڻو)

زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

بابا جي وفات

زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

زيبل سان نم جي ڇانوَ ۾

زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

اوچتي ملاقات ڪنهن سفر ۾.

زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

اُهائي ملاقات يادگار رهي.

موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

سانوڻيءَ جي موسم 1974ع

وڻندڙ موسم؟

جُهڙالي.

ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

آچر ڏينهن

ڏينهن جي چوويهن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام – شفق ويل.

فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

برسات ۾ نئين گاج جو نظارو.

ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪانن جي دَنَ کي باهه ڏني هئم.

ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

مائٽن پڙهڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

کوڙ ساريون خواهشون پر اڄ ياد نه اٿم.

ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

مائٽن کي چيو هوم ”مون کي پڙهڻ ڇڏيو.“

جوانيءَ جو پهريون احساس؟

پيار ئي پيار.

جوانيءَ جو پهريون خواب؟

جيڪو پورو نه ٿيو.

جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

ماسات جو قرب.

بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

سر لڳي سهڻي سڄڻ سان جنهن جو شاعر به پاڻ آهيان.

دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟

مون ۾ تون موجود.

ڏک جي آخري پناهه گاهه؟

روئڻ ۽ سوز ڀريا آلاپ ٻڌڻ.

خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

هلڪي مرڪ لبن تي.

اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

فجر ويل لفظن سان خيالن سان راند.

اڪيلائي جو احساس؟

هيءَ ويٺي، ڪنهن جي ياد آئي، پري ٿي وئي اَڪيلائي.

تاريڪي جو احساس؟

الله جلشانہُ پناهه ۾ رکي.

گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

پيار ڪر پيار ۾ حياتي آ ورنه آزار ۾ حياتي آ.

خالي رستن جا احساس؟

خيالن جي آمد ئي آمد.

قد کان اڀيون ديوارون؟

شل نه سامهون اچن.

دوستي؟

وڏو ٻلُ.

هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي شڪايت؟

نه ڪجي.

دوستن تي ڪا ميار؟

ٺهي ئي نٿي.

پيار؟

اصل زندگي آ.

عشق؟

هاءِ هاءِ.

پيار جو بي اختيار اظهار؟

ڪير به روڪي نٿو سگهي.

پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

اکين تي رکجي ته به خوش ٿجي.

پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ممڪن ئي ڪونهي.

ڪلا کيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجي عمر ڀرجي محبوبه.

پهرين مڃتا؟

لطيف سلور ميڊل

ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

تنقيد براءِ تنقيد

فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

شاعري (غزل)

فني زندگيءَ جي ابتدا؟

1060ع نئين زندگيءَ شعر ڇاپي همتايو.

سڃاڻپ جو حوالو؟

هڪ مدهوشي ٻيو شاعري.

سڀ کان وڏو نقاد؟

بي رياءَ پڙهندڙ.

تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

اڻ ڄاڻ جي وَهوا تي ٿيڻ شاد نه گهرجي.

بي داد ڏئي دادَ، اُهو داد نه گهرجي.

پسنديده شاعر؟

لطيف، سچل، خواجه فريد.

پسنديده نثر نگار؟

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

اڳي عابده، هاڻي صنم مارئي.

وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

الله ۽ سندس نالو.

خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

گلابَ جو.

ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

وَسڪارو.

اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

ميرو مٽيءَ جهڙو.

ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

حوا لاءِ آدم ۽ آدم لاءِ حوا.

چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

هاڻي اچيئي ڪانه.

انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟

چتائي ڏسڻ، مرڪي ڳالهائڻ.

دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

هٺَ، هوڏَ انا

پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

”سامهون سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي“

پيڙا جو ڪو پل؟

”ڪنهن جي به زوري شادي ڪرڻ“ وارو پل.

معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

هڪ منافقي ٻيو قتل.

ڪٽنبي زندگي؟

نارمل

نفرت؟

نفرت کان نفرت.

اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

خطا ڪري ته توبهه ڪري.

عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو.

عقيدو؟

حقوق العباد.

عبادت؟

خلق جي خدمت.

وقت؟

آيو  ۽ ويو

موت؟

موت کي ماري وڃجي ته ڀلو آ.

زندگي؟

عمل واري.

هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

سهڻو چهرو.

دل کي ڇهندڙ فلم؟

پرڇائين (اردو)

پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

تاريخ جي پسنديده هستي؟

امام حسين عليه السلام

سياست؟

پنهنجون خوبيون وڃائي، ويٺي آهي.

وڻندڙ سياسي شخصيت؟

مخدوم محمد امين فهيم

وڻندڙ مشروب؟

گهاٽي چانهه.

وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش

وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

P.T.V ۽ K.T.N

پسنديده اداڪارا؟

شبيران چنا.

سواري جيڪا پسند هجي؟

پيادل هلڻ.

خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

اُن جو اڃا تعبير نه پهتو.

خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟

نم جي وڻ هيٺان ڪيل وعدو.

مستقبل جي باري ۾ پلان؟

سڀ حوالي هوت جي.

ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

سڪ، سڪ ڪري ڇڏيو ته جان اڃا نه ڇٽي آهي.

خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

اولاد جون شاديون.

آزادي؟

اسان جو فطرتي حق آهي.

ڇڙواڳي؟

نه مرد لاءِ چڱي نه عورت لاءِ.

ڌرتيءَ سان پيار؟

جيترو اولاد سان.

زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

زندگي جي ڪشمڪش ۾ دل نه هاري

ويهجي، ڇا ڪندا دشمن، جي هوندي

مهرباني يارَ جي.

انساني ڪردار جي سونهن؟

پنهنجو اندر ڌوئڻ.

انساني روين جو رنگ جيڪو رئاڙي؟

الله پيش نه ڪري.

پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

اميد ۽ نااُميدي جي وچ تي بيٺو آهيان. ڪاش اُميد ڏي ڇڪجي وڃان.

تقدير تي ويساهه؟

”يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا“

زندگي جو ڪڙو سچ؟

خود سچ پاڻ آهي.

زندگيءَ جو اعتراف؟

سچائي ۾ لڪل آهي.

ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهيندا؟

سونهن جو خواهان ۽ پرستار ٿيڻ چاهيندس.

ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟

ڪوڙ تي.

پيغام؟

”انسانُ، انساني ذات جي ڀلائي لاءِ آيو آهي. انڪري محبتن کي فروغ ڏنو وڃي. جيڪڏهن الله کي ڳولڻو آهي ته به انسان ۾ ملي ويندو جيستائين نقش نه سڃاڻندو تيستائين نقاش ڪيئن لڀندو؟ انسان جي جيڏي عظمت وڏي آهي، اوڏي انسانذات لاءِ محبت وڏي رکجي، احساسن سواءِ انسان جهڙو ڄائو، تهڙو نه ڄائو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com