شگفته جبين
سوجيس تان سور
”پريا...... ڄاڻان ٿي ته خاموش احتجاج بي حسيءَ جو
ٻيو نالو آهي، پر جڏهن ذهن جا قيد خانا انڌاريون
گذرگاهون بڻجي وڃن، تڏهن خود پنهنجو پاڻ تماشائي
بڻجي ويندو آهي...“ سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي
سامهون صنوبر جي گهاٽي وڻ جي ڇانوَ هيٺ سيمينٽ جي
ٺهيل بينچ تي ويهندي، هن انتهائي نراسائيءَ وچان
مون ڏانهن نهاريندي چيو.... ۽ مان بنان ڪجهه چوڻ
جي هن جي ڀنل ڀنل اکڙين ۾ ڀاونائن جا سڀ ڀرم ڀور
ڀور ٿيندي ڏسندي رهيس.....
”پريا، ڪجهه ماڻهو پيدائشي بدنصيب ٿيندا آهن، سک
جي ڪابه ساعت، ڪوبه پل انهن جي نصيب ۾ ئي نه هوندو
آهي. اهي ته سڄي زندگي من جي مونجهارن جو اندر جي
اُڌمن جو اٿاهه سمنڊ جهاڳيندا رهندا آهن.“ اهو
چوندي، هن بينچ کي ٽيڪ ڏيئي اکيون پوري ڇڏيون ۽ ان
پل هن جي ڀنل ڀنل اکڙين جي ڇپرن ۾ اٽڪيل کوڙ سارا
لڙڪ بي اختيار ٿي ڍرڪي پيا ۽ نڄاڻ ڪيترا لمحا
خاموشيءَ جي نظر ٿي ويا. ”پِريا....... اسان جون
چاهتون، نفرتون، وڇوڙا، ميلا ۽ رابطا پنهنجي ذات
سان وابسته هر حوالي وقت جي گذرندڙ هر ساعت سان گڏ
پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهندا آهن ۽ هوريان هوريان،
وقت جي دز ۾ سڀڪجهه لَٽجي ويندو آهي. بس... سکڻيون
سوچون ۽ يادون ذهن جي در تي هميشه دستڪ ڏينديون
ٿيون رهن.....“
هوش سنڀالڻ کان پوءِ، ممي ۽ بابا کي ننڍين ننڍين
ڳالهين تان پاڻ ۾ وڙهندي ئي ڏٺو هيم... اهي اڪثر
هڪٻئي کان ناراض ئي رهندا هئا، نڄاڻ انهن جي وچ ۾
ايتري نفرت ڪٿان اچي وئي هئي، جو ٿوري ٿوري ڳالهه
تان هڪٻئي لاءِ زهر.... اوڳاڇيندا رهندا هئا.... ۽
مان گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي اکيون پوري ڇڏيندي
هيس.... شايد مان انهن جي وچ ۾ هڪ بي معنيٰ وجود
هيس، تڏهن ته ٻنهي کي منهنجي پرواهه ئي نه هئي.“
”سياري جي هڪ سرد رات ۾، ممي ۽ بابا جو جهيڙو
سنگين صورت اختيار ڪري ويو ۽ ساڳيءَ رات طلاق جي
ٽن ٻولن سان نه ڌرتي ڌڏي ۽ نه وري آسمان کي ڪو
لوڏو آيو. سڀڪجهه پنهنجي جاءِ تي ٿانيڪو هو. ليڪن
ممي ۽ بابا جي ورچيل ۽ ورهايل پيار ۾ مان گهر جهڙي
پرسڪون پناهه گاهه کان هميشه لاءِ محروم ٿي
ويس.... ان وقت منهنجي عمر ئي ڇا هئي، صرف اٺ
سال.... در بدر ٿيڻ جو درد ڏاڍو ڏکوئيندڙ هوندو
آهي... مون تمام ننڍي عمر ۾ اهو درد سٺو آهي... ان
درد جي زهر کي پنهنجي رڳن ۾ لهندي ڏٺو هيم.... اٺن
سالن جي ڄمار ۾ ئي مان هاسٽل جي ڊگهين ۽ اوچين
ديوارن جي ڇانوَ ۾ پناهه ڳولهي ورتي، شوخين ۽
شرارتن جي اها معصوم وهي هاسٽل جي ڪمرن ۾ طويل
ڪاريڊورن تائين محدود ٿي وئي هئي.............“
”ممي وٽ طلاق کان پوءِ، هتي رهڻ جو ڪوبه ڪارڻ نه
هو سو هميشه لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ ڪينيڊا هلي
وئي.“
”پريا.... جون - جولاءِ جي موڪلن سبب جڏهن هاسٽل
جون سڀ ڇوڪريون پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي
وينديون هيون ۽ سڄي هاسٽل ويران ٿي ويندي هئي. مان
حيران نظرن سان سڀني کي ويندو ڏسندي رهندي هيس.
رات جي تاريڪيءَ ۾ جڏهن اداسين جي اونداهه چوڏس
ڦهلجي ويندي هئي، تڏهن مان ڊنل هيسيل ڪنهن اڻڄاتل
خوف ۾، هاسٽل جي انچارج مسز ماريه جي هنج ۾ منهن
لڪائي سُڏڪندي سُڏڪندي پڇندي هيس، ته مسز ماريه
مان ڪاڏي وڃان منهنجو ته ڪو گهر ڪوبه در ناهي
ڇو..... ڇو مسز ماريه مان ايڏي تنها، ايڏي اڪيلي
ڇو آهيان. اندر جو سمورو درد اکين جي رستي وهندو
رهندو هو..... اهڙيءَ طرح مان اڪيلائپ جو عذاب
ڀوڳيندي، اڪيلاين جو هڪ حصو بڻجي ويس.“
مندون ۽ مينهن ايندا ويندا رهيا ۽ مان جيون جي
راهه گذر تي هلندي، اڪيلاين جي درد کي سانڍيندي
اندر ۾ اوتيندي رهيس. شايد درد کي لڪائڻ جو فن مون
کي گهڻو اڳ اچي ويو هو..... بابا جي مصروفيت ساڳي
رهي. جڏهن به بابا بزنس ٽوئر تان واپس موٽندو هو،
تڏهن صرف ڪجهه گهڙين لاءِ مون سان ملڻ هاسٽل ايندو
هو، يا وري بابا جو ڪو ملازم منهنجي ضرورت جي شيءِ
مون تائين رسائي ويندو هو. اهڙيءَ ريت بابا پنهنجو
فرض پورو ڪندو رهيو ۽ وقت پنهنجا مرحلا طئي ڪندو
رهيو، گڏوگڏ من اندر جي ايوانن ۾ اڪيلائپ جي
اونداهه جو احساس ويتر وڌيڪ وڌندو ويو......
هاسٽل جي ڇوڪرين کان جڏهن انهن جي گهر ۽ گهر وارن
بابت ڳالهيون ٻڌندي هيس، تڏهن اڻڄاتل خيالن ۽
خوبصورت خوابن جي جزيرن ۾ مان پنهنجو گهر ڳوليندي
رهندي هيس.... هڪ ننڍڙي پرسڪون گهر جو تصور ئي
منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ وڏي معنيٰ رکندو هو.... مون
پورو توجهه تعليم ڏانهن راغب ڪري ڇڏيو، بابا جي
مصروفيت ساڳي ئي رهي. گهڻو ڪمائڻ جي ڪوشش ۾ هو
اڪثر ملڪ کان ٻاهرئي رهندو هو.....“
”پريا.... بابا جڏهن به مون سان ملڻ هاسٽل ايندو
هو، هڪ ڳري رقم منهنجي تريءَ تي رکي چوندو هو....
نينا ڪنهن به شيءِ جي ضرورت هجي، ته مون ڏانهن فون
ڪري ڇڏجانءِ توکي اها شيءِ ملي ويندي.....“
”پر ..... پريا.... اکين ۾ سمايل هر خوبصورت خواب
کي وابستگي جي احساس ۾ ورتل هر رشتي کي هر جذبي کي
خريد ته نٿو ڪري سگهجي.... پوءِ بابا ڇو هر شيءِ
کي دولت جي تارازيءَ ۾ توريندو هو. بابا جي ويجهو
هر مسئلي جو حل بس پيسو ئي هوندو هو.... بابا جي
وڃڻ کان پوءِ نڄاڻ ڪيترا پهر مان منهن لڪائي
روئيندي رهندي هيس، بابا سان ڏک سک شيئر ڪرڻ جي آس
هميشه نراس ئي رهي. ڇاڪاڻ ته بابا وٽ مون لاءِ
ايترو وقت ئي نه هوندو هو....“
”ممي ڪينيڊا ۾ پنهنجي ڪزن سان شادي ڪري، پنهنجي
گهريلو زندگيءَ ۾ ايترو ته مصروف ٿي وئي، جو هن کي
ڪڏهن ڀلجي به اهو خيال نه آيو، ته مان هن جي وجود
جو هڪ اٽوٽ ۽ اهم حصو هيس، جنهن کي هن. پنهنجو پاڻ
کان هڪ سٽ سان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو هو، بابا جي
پنهنجي سوشل لائيف هئي، ٻئي پنهنجي زندگي مان خوش
۽ مطمئن هئا. وقت پنهنجي مخصوص رفتار سان گذرندو
ٿي رهيو، مان بي- ايس- سي فائنل جو امتحان ڏيئي
بلڪل فارغ هيس، تڏهن هڪ ڏينهن هاسٽل جي انچارج
منهنجي تنهائيءَ ۽ اڪيلائيءَ کي محسوس ڪندي چيو،
ته نينا تون ڪنهن انسٽيٽيوٽ کي جوائن ڇو نٿي ڪرين؟
انهيءَ سان تون مصروف به ٿي ويندينءَ ۽ گڏوگڏ ڪجهه
سکي به وٺندينءَ... هن جي ڳالهه مون کي دل سان
لڳي، سو مون ٻي ڏينهن هڪ سٺي انسٽيٽيوٽ کي جوائن
ڪري ورتو.“
”اياز سان منهنجي پهرين ملاقات اتي ئي ٿي هئي،
شايد هو پنهنجي قابليت سبب اتي ليڪچر ڏيڻ ايندو
هو. هو هڪ ذهين، محنتي ۽ انتهائي بردبار انسان هو.
مان هن جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر هيس، تڏهن ته
هن جي ڏنل اسائنمينٽ کي تمام گهڻي محنت ۽ توجه سان
لکندي هيس.
يونيورسٽيءَ جا ڪلاس شروع ٿيڻ سان زندگي هڪدم
مصروف ٿي وئي هئي. صبح جو يونيورسٽي ويندي هيس ۽
شام جو هن انسٽيٽيوٽ ۾ مختلف ڪلاسز اٽينڊ ڪندي
هيس.
”اياز جي شخصيت ۾ نڄاڻ ڪهڙي ڪشش هئي، جو منهنجو
وجود هن جي شخصيت جي سحر ۾ وٺجي ويو هو.... شايد
مان من ئي من ۾ هن کي چاهڻ لڳي هيس، تڏهن ته
منهنجي اکين ۾ سمايل پيار جا انيڪ رنگ اياز به
پرکي ورتا هئا..... شايد انهيءَ ڪري مون ڏانهن هن
جو جهڪاءُ ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو.“
”پريا... الائجي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح اسان ٻنهي جي
وچ ۾ محبت جا سڀ مرحلا طئي ٿي ويا..... ۽ مان هن
جي چاهتن ۾ پنهنجو پاڻ وساري ويٺي هيس. ڏينهن هڪدم
خوبصورت ٿي پيا هئا، ڪابه اهڙي گهڙي، اهڙي ساعت نه
ٿي گذري جو مون هن کي ساريو نه هجي، هن کي ياد نه
ڪيو هجي، وقت کي ته ڄڻ پر لڳي ويا هئا، اسان ٻئي
محبت جي سر مستيءَ ۾ گم ٿي، پنهنجي پنهنجي اکين
۾..... سندر سپنا سجائي هڪٻئي لاءِ ڪيڏا نه اهم
بڻجي ويا هئاسين.... تڏهن بلڪل اچانڪ اياز
انسٽيٽيوٽ اچڻ ڇڏي ڏنو.... اياز جي مسلسل غير
حاضريءَ مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، تڏهن ته
يونيورسٽيءَ کان واپس اچي ان تپندڙ منجهند ۾ هن جي
گهر جو پتو پڇي مان ان جي تلاش ۾ نڪري پيس...“
”پريا.... پيار انسان کي ڪيڏو پاڳل بڻائي ٿو ڇڏي.
هن کن پل لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن نهاريو ۽ ٻي
پل وري ڪنڌ لاڙي اکيون پوري ڇڏيائين.....“
”پريا، هن آهستي آهستي ڀڻڪيو، ڪڏهن ڪڏهن انڌو
وشواس انسان کي ڪيڏو نه انڌو بڻائي ڇڏيندو
آهي.....“
”مان به اياز جي خوبصورت ننڍڙي گهر جي اڳيان بيهي،
ڪيترائي پل ان کي نهاريندي رهيس. بوگن ويليا جي ول
سان وڪوڙيل ان گهر ۾ الائجي ڪهڙي ڪشش هئي، جو مان
هڪ سرشاريءَ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي پيئي هيس. شايد
هو... منهنجي اکين ۾ سمايل ان خوبصورت خواب جي
تعبير هو، جنهن کي مون الائجي ڪڏهن کان اکين جي
ڇپرن ۾ لڪائي رکيو هو......“
”دروازي تي دستڪ ڏيڻ کان اڳ، نڄاڻ ڪيترا ڀيرا دل
جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو هو.... دروازي تي هڪ سادي
سٻاجهي عورت کي پنهنجي سامهون ڏسي حيران ٿي ويس.
هو تقريباً منهنجي هم عمر هئي.“
”جي.......؟ هوءَ سواليه نظرن سان مون ڏانهن نهارڻ
لڳي... هي اياز صاحب جو گهر آهي؟“
”مون هن ڏانهن ڏسندي چيو...... جي... ها... هن
ڪجهه حيران ٿيندي، مون کي اندر اچڻ لاءِ چيو. گهر
جي ننڍڙي پرسڪون اڱڻ ۾ ٻه انتهائي پيارا ۽ معصوم
ٻار راند ڪري رهيا هئا......“
سدا بهار جي گلن ان ننڍڙي اڱڻ کي ويتر وڌيڪ سهڻو
بڻائي ڇڏيو هو. هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي ٿانيڪي
هئي، گهر جي هر ڪنڊ مان سليقي جي جهلڪ واضح نظر
اچي رهي هئي. مون هن جي حيرانيءَ کي دور ڪندي
چيو.... منهنجو نالو نينا آهي، مان اياز صاحب جي
اسٽوڊنٽ آهيان، هو ڪجهه ڏينهن کان انسٽيٽيوٽ ڪونه
پيا اچن. انهي لاءِ اسان سڀ اسٽوڊنٽ پريشان
هئاسين... ڪو اطلاع به ڪونه ڏنو اٿن. ”اوهه...
اڇا... اڇا توهان اياز جي اسٽوڊنٽ آهيو، دراصل
اياز آفيس جي ضروري ڪم سان ٻي شهر ويل آهن، شايد
تڪڙ ۾ توهان کي اطلاع ڏيئي نه سگهيا هوندا. هن
انتهائي خوشدليءَ سان مرڪندي چيو.....“
”توهان پنهنجو تعارف ته ڪرايو...“ مون کلندي هن کي
چيو.
”مان... اياز جي گهر واري آهيان ۽ هي اسان جا
پيارا پيارا ٻار آهن، هن ٻنهي ٻارڙن جو تعارف
ڪرائيندي چيو... هن جي لهجي ۾ محبت جهلڪي رهي
هئي.“
”ته... ته ڇا اياز نه صرف شادي شده، پر ٻن ٻارن جو
پيءُ به آهي... هن ايڏي وڏي ڳالهه مون کان لڪائي
رکي هئي.“
”هيڏو وشواس گهات... ايڏي ويساهه گهاتي... ڪيڏو
تلخ انڪشاف هو. جنهن منهنجي پيرن هيٺيان ڌرتي کي
ڇڪي ورتو هو.“
”هيءَ ڪهڙي سچائي هئي، جنهن ورهين کان ساهه ۾
سانڍيل سپني کي هڪ پل ۾ ڀور ڀور ڪري ڇڏيو هو...
مطلب ته هن گهر جي ڪنهن به حصي تي منهنجو ڪوبه
اختيار نه هو...“
”ڪيڏو ايذائيندڙ احساس هو، اندر جي درد کان اکيون
پوسرڻ لڳيون هيون... ذهن ڄڻ مائوف ٿي پيو هو، سوچڻ
سمجهڻ جون سڀ صلاحيتون سلب ٿي ويون هيون، شايد مان
ضبط جي آخري مرحلي مان گذري رهي هيس. خبر ناهي
ڪهڙيءَ طرح مون ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ هن کان اجازت ورتي.
گهر جي چانئٺ کي پار ڪندي، ضبط جا سڀ بند ڀڄي پيا
هئا، تڏهن ته اکيون بي اختيار ٿي ڇلڪي پيون
هيون... مان آسپاس جي ماڻهن کان بي نياز ٿي هلندي
رهيس، لڙڪ منهنجي اکين مان وهندا ٿي رهيا...“
”شايد اندر جي درد ڳوڙهن جي صورت اختيار ڪري ورتي
هئي... مان هلندي رهيس پيرين پيادي، ڪوبه دڳ...
ڪابه واٽ سجهي ئي نه پئي... هونئن به... بي نشان
منزلون هميشه مسلسل سفر جو ڏس ڏينديون آهن... مان
به هلندي رهيس بنان ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي....“
”خبر تڏهن پيم، جڏهن ڪنهن شفيق ماءُ جي هنج جيان
هاسٽل جي اوچين ۽ ڊگهين ديوارن هميشه جيان منهنجي
وکريل وکريل وجود کي ٻيهر پنهنجي پناهه ۾ آڻي
ڇڏيو....“
***
شبنم گل
ڪلر بلائنڊ
صبح سان ئي سفينه جو فون آيو، سندس آواز ڳرو ڳوڙهن
سان ڀريل هو.
”شينا! منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي جلدي اچ.“
”يا الاهي خير.“ شينا سندس ايمرجنسي ڪال تي پريشان
ٿي ويئي. جلدي جلدي تيار ٿي صدر جو رخ ڪيائين. روڊ
تي ٽريفڪ جي ڏاڍي رش هئي. چوراهي وٽ گاڏي ٽرن
ڪندي، ذري گهٽ ايڪسيڊنٽ ٿيندي بچيو. جلدي جلدي
سفينه جي گهر پهتي. هوءِ بستري تي بخار ۾ ٻري رهي
هئي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون. ”وري ڇا ٿيو؟“ مسز
افتخار ڪلهه شام انگلينڊ کان واپس موٽي آئي آهي.
تڏهن کان کڻي اهڙا حال ڪيا اٿس.“
زمر ڪاليج وڃڻ جي تياري ڪري رهي هئي، آئيني ۾ پوني
ٽيل ٺاهيندي هن شينا کي مخاطب ٿيندي تلخيءَ مان
چيو.
”اوهه“! شينا سڄي ڳالهه سمجهي ٿڌو ساهه کنيو.
زمر بيگ کڻي ٻاهر نڪتي ته سفينه چيو. ”پليز شينا!
ڪجهه ڪر نه ته مان مري وينديس.“
”ڪير به ڪنهن جي لاءِ نه ٿو مري.“
”بٽ آءِ ول ڊاءِ فار هم.“ لڙڪ سندس اکين مان ڪرڻ
لڳا.
هوءَ شادي شده مرد افتخار صديقيءَ جي عشق ۾ مبتلا
هئي، جيڪو سامهون واري فليٽ ۾ رهندو هو. هو سول
ايويئشن اٿارٽي ۾ هڪ اهم عهدي تي فائز هو. سندس
زال ٿلهي بي ڊولي ۽ انتهائي خرانٽ قسم جي عورت
هئي. جيئن ته هو هڪ انتهائي مالدار فيملي سان تعلق
رکندي هئي. انڪري افتخار سندس اشارن تي ڪنهن ڪٺ
پتليءَ وانگر نچندو هو.
”ڪٿي پڙهيو هيم ته عشق ڪرڻ به دلچسپ قسم جي ان ڊور
گيمز مان هڪ آهي جڏهن برسات جي موسم ۾ ماڻهو ٽينس
نه کيڏي سگهي يا سرديءَ جي ڪري سوئمنگ پول ۾ ٽپي
ڏيڻ جي همت نه هجي يا اخبار پڙهندي دل ڀرجي وڃي ته
وقت گذارڻ لاءِ عشق هڪ سٺي تفريح ٿي سگهي ٿو.“
شينا، سفينه کي سمجهائيندي چيو، پر هوءَ قائل نه
ٿي سگهي.
”هن جي محبت ۾ ڪا کوٽ نه آهي.“
”اڄ جي دور جو عشق محض دل ڌُتارڻ جو ذريعو آهي.“
مان ائين نه ٿي سمجهان.“
”ڏس سفينه! مرد وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪيترائي هٿيار
ٿي سگهن ٿا، پر عورت ان معاملي ۾ ڏاڍي ڪمزور هوندي
آهي. مرد هميشه عشق جي نام نهاد آڙ ۾ عورت کي
تباهه ڪيو آهي.“
هن سال جون تائين هو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي
ڇڏيندو.
”هو ائين ڪڏهن به نه ڪندو.“
”ڏس هن کي اولاد به ته نه آهي. هو اولاد خاطر ٻي
شادي ڪري سگهي ٿو.“
”اولاد کان وڌيڪ هن لاءِ پنهنجي زال جي دولت اهم
آهي، ۽ ها ٻڌ افتخار سان ٻاهر ڪٿي به نه ملجانءِ!“
”مون کي هن تي انڌو اعتماد آهي.“
”هونهن اعتماد! محترمه اهي مرد وڏا چالاڪ هوندا
آهن. سويٽ ڊش طور هڪ عدد محبوبه پاڻ سان ضرور
رکندا آهن.“
”هو انهن مردن مان نه آهي!“
”هو واقعي انهن مردن مان ئي آهي!“
”اهو تون ڪيئن ٿي چئي سگهين؟“
”مان اکيون رکان ٿي، مردن جي ٺاهيل هن سماج ۾ رهان
ٿي، جتي عورت جي حيثيت محض هڪ جسم کان سواءِ ڪجهه
نه آهي ايتري قدر جو اُهي پڙهيل لکيل مرد. جيڪي
اسان سان گڏ ڪم ڪن ٿا. اُهي به اسان کي ڪوليگ
سمجهي نه، پر عورت سمجهي ڊيل ڪندا آهن.“
”تون خبر نه آهي ڇو مردن جي خلاف آهين!“
”مان مردن جي خلاف ناهيان، پر انهن جي
Low mentality
لومينٽلٽي جي خلاف آهيان.“
”ڇا سمورا مرد هڪجهڙا هوندا آهن.“
”عورت جي معاملي ۾ سندن سوچ ساڳي سطح تي اچي
بيهندي آهي.“
”مون کي توسان اختلاف آهي.“
”توکي اختلاف ڪرڻ جو حق آهي.“
”تون انتها پسند آهين!“
”نه سفينه، ائين نه آهي.ڳالهه رڳو ايتري آهي ته
مان انهن ماڻهن منجهان آهيان جيڪي پنهنجي روايتن،
پنهنجي سماجي قدرن جي دائري کان ڪڏهن به ٻاهر نه
نڪري سگهندا آهن. اسان جا سماجي قدر تباهه ٿي رهيا
آهن. اسان جي معاشري ۾ اخلاقي پسماندگي وڌي رهي
آهي. ان جو سبب رڳو اهوئي آهي ته مرد ۽ عورت جي
تعلق جي وچ ۾ احترام جو ڪو توازن ڪونهي.“
”پر منهنجو انهن سڀني ڳالهين سان ڪهڙو تعلق!“
”چڱو ڀلا اهو ٻڌاءِ ته اشفاق جي پرپوزل جو ڇا
ٿيو.“ شينا ڳالهه مٽائي ٿي.
”گهر وارا چڱا خاصا سنجيده آهن، پر مان انڪار ڪري
ڇڏينديس.“
”اها تنهنجي سڀ کان وڏي بي وقوفي ٿيندي.“
”هو ته اجايو هٿ ڌوئي منهنجي پويان پيو آهي.“
”هو توکي پسند ڪري ٿو.“
”پر منهنجي پسند جو به ڪو معيار آهي.“
”مڃان ٿي ته شڪل صورت جي لحاظ کان ايترو سٺو نه
آهي پر ڪردار جي لحاظ کان هڪ بهترين انسان آهي.“
”مان شادي ڪنديس ته صرف افتخار سان ۽ بس.“
”۽ ان چڪر ۾ تون ايڏو سٺو رشتو وڃائي ويهندينءِ.“
”منهنجي لاءِ رشتن جي ڪمي آهي ڇا؟“
”هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ اڄڪلهه ماڻهپي جي ڏاڍي ڪمي
ٿي ويئي آهي.“
”ڇا مون توکي ان ڪري گهرايو جيئن تون منهنجي زخمن
تي لوڻ ٻُرڪين.“ سفينه وري روئڻ لڳي ٿي.“
سفينه يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪري
کي لفٽ نه ڪرائي هئي، جيڪي سندس ڊگهن وارن ۽
بادامي اکين جا ديوانه هئا. ان زماني ۾ سفينه جا
ڏاڍا سٺا پروپوزل آيا. ڪن جو تعلق سندس ذات سان نه
هو. ڪن جو اسٽيٽس گهٽ هو. ڪي شڪل و صورت جي لحاظ
سان مات کائي ويا. ائين سندس گهر وارا اکيون ٻوٽي
رشتا ٺڪرائيندا رهيا. هاڻ سفينه هڪ عجيب قسم جي
محروميءَ ۽ تنهائيءَ جو شڪار هئي. اهوئي سبب هو جو
هوءَ افتخار جي چڪر ۾ اچي ويئي هئي.
(هفتي کان پوءِ)
ڇا پئي سوچين- سفينه کانئس پڇيو.
”تنهنجي باري ۾ پئي سوچيم.“
”سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان.“
”اشفاق لاءِ ها ڪري ڇڏ.“
”اوهه شينا! هو منهنجي مسئلي جو ڪو حل ته نه آهي.“
”چڱو تون ٻڌاءِ افتخار ڪڏهن ٿو پنهنجي زال مان جان
ڇڏائي.“
”ڪلهه هن زال کي خوب شاپنگ ڪرائي. رات جو ڊنر ڪنهن
هوٽل ۾ ڪيائون. واپس آيا ته سڄو ڪوريڊور سندس ٽهڪن
سان گوجندو رهيو.“ سفينه جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
”آخر هوءَ سندس زال آهي.“
”مون سان هن سڄو هفتو نه ڳالهايو آهي.“
”تون ڪلر بلائنڊ آهين.“
”ڇا مطلب ...!“
سفينه! تو ۾ رشتن جي سڃاڻپ ڪانهي بلڪل ائين جيئن
ڪلر بلائنڊ ماڻهو رنگن کي سڃاڻي نه سگهندا آهن.
”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي.“
”هڪ طرف ته تون هن تي ايڏو اعتبار ڪرين ٿي ٻئي طرف
هن کي شڪ جي نگاهه سان به ڏسين ٿي.“
”انتظار جي ڪا حد نه هوندي آهي.“
”گهر وارا جلد از جلد مون مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾
آهن ۽ هو آهي جو ان ڳالهه کي سمجهي نه ٿو.“
”ڇا ٿو چئي.“
”چئي ٿو انتظار ڪيان.“
”هو تو سان ڪڏهن به شادي نه ڪندو.“
هو مون کي دل جي گهراين سان چاهي ٿو. هن جو چوڻ
آهي مان سندس خوابن جي خوبصورت تعبير آهيان. هو
منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.“
”هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿوپر پنهنجي مالدار زال جهڙي
موٽي آسامي کي نه ٿو ڇڏي سگهي.“
”تون ايڏو حقيقت پسند ڇو آهين شينا!“
”مان خوابن جي حقيقت کان واقف آهيان. خوابن جو مٺو
زهر انسان کي ماري ڇڏيندو آهي.“
”ائين هجي ته ڪوبه ماڻهو خواب نه ڏسي.“
خواب خود فريبيءَ جو ٻيو نالو آهي. ”جڏهن ته هي
حقيقتن جي صدي آهي.“
”ته ڇا محبت محض خود فريبي آهي.“
”اڄڪلهه محبت جي آڙ ۾ جيڪي تماشا ٿي رهيا آهن انهن
تي خود انسانيت شرمسار آهي.
محبت ته انسان جي اهم ضرورت آهي.“
”هن مشيني دور ۾ محبت جو تصور محض هڪ سراب آهي.
محبت جي آڙ ۾ لڪي مرد هميشه عورت جي جذبن سان
کيڏندو رهيوآهي.“
”اسان جي محبت مثالي آهي. هو جلد ئي پنهنجي زال کي
طلاق ڏيئي ڇڏيندو پوءِ اسان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه
هوندي.“
(مهيني کان پوءِ)
شينا لاهور ۾ ڪزن جي شادي اٽينڊ ڪري واپس آئي ته
کيس سفينه جي بيماريءَ جي خبر ملي. سفينه
هاسپيٽلائيزڊ هئي.
”هي پنهنجا ڪهڙا حال ڪيا اٿئي!“
”مون کي سچ پچ مري وڃڻ گهرجي.“
”آخر ٿيو ڇا آهي؟“
”مون کي خبر نه هئي ته هو محبت جي آڙ ۾ مون سان ڪو
شيطاني ناٽڪ رچائي رهيو آهي.“
”صاف صاف ڳالهه ڇو نه ٿي ٻڌائين.“
”شينا! هن مون کي برباد ڪري ڇڏيو.“
سفينه هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳي ٿي. شينا کي ائين
ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن زمين هن جي پيرن هيٺان کسڪائي ورتي
هجي. گهري صدمي جي ڪري لفظ سندس نڙي ۾ اٽڪي پيا
هوءَ ڪجهه به نه چئي سگهي.
”مون کي احساس به نه ٿيو ته خوبصورت ڳالهين جي آڙ
۾ ڪوڙا، منافق ۽ بي عمل ماڻهو لڪي سگهن ٿا.“
”هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي.“ شينا کي پنهنجا لفظ اوپرا
لڳن ٿا.
مون به کيس معاف نه ڪيو. مان سندس سمورا خط ۽ ڪارڊ
سندس زال جي منهن تي اُڇلائي آيس، تڏهن کان سندس
زال رُسي وڃي پيڪن ۾ ويٺي آهي. ٻڌو آهي هن طلاق
وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.“
ايتري ڳالهه تي هن جو ايڏو سخت رد عمل! ”هن معاشري
۾ مرد ڇا نه ٿا ڪن. هو وفاداريءَ کان سواءِ زال کي
زندگيءَ جي هر سهولت مهيا ڪري ڇڏيندا آهن. پوءِ ڇا
عورتون ڪمپرومائيز نه ٿيون ڪن!“
شينا کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي حيرت ٿي. دراصل هن کان هڪ
غلطي ٿي ويئي هن پنهنجي ڪجهه خطن ۾ زال کي ٿلهي،
بي ڊولي ۽ بدشڪل سڏيو هو. ڪابه عورت ايڏي توهين
برداشت نه ٿي ڪري سگهي.“
”انسان کي پنهجي غلط عملن جي سزا ضرور ملندي آهي.“
”مون اشفاق جي رشتي لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي.“
شينا کي حيرت جو ٻيو جهٽڪو لڳو.
”واقعي خواب، خود فريبي جو ٻيو نالو آهن.“
سفينه جي بادامي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيڻ
لڳا. خبر نه آهي هو ڇو روئي رهي هئي. خوابن جو
مانُ ٽٽڻ تي يا اهي لڙڪ حقيقتن جي دنيا ۾ واپسيءَ
جي خوشيءَ جي نالي هئا! |