انجنيئر غزاله چنڙ
وجود جي ڳولها جي
جنگ
مان جنهن اشرف المخلوقات جي صورت ۾ جنم ورتو آهي.
اهو سوچڻ تي مجبور آهيان، ته امان ۽ بابا اڄ
پنهنجي مينهن کي وڇ ڄمڻ تي ته خوش آهن، پر منهنجي
ڄمڻ تي ايترا اُداس ۽ مايوس ڇو ٿي ويا هئا. ان
ڏينهن مان اکيون کولڻ شرط پنهنجي وجود جي چوڌاري
ڪافي گُهنڊ وڌل چهرا ڏٺا هئا ۽ مان انهن جي بي
ڌيانيءَ کي برداشت نه ڪري سگهي هيس، ۽ مان زور زور
سان روئڻ لڳي هئس، ڪجهه ئي لمحن ۾ مان انهن سڀني
چهرن کي پاڻ کان پري ٿيندي ڏٺو هو، پر پوءِ به
منهنجي پهرين معصوم مرڪ سان سڀني جي چهرن تي هڪ
خوشيءَ جي لهر آئي هئي ۽ وري سڀ منهنجي آسپاس رهڻ
لڳا هئا ۽ پوءِ جڏهن مان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي
قابل ٿيس، ته سڄي جهان کان بي پرواهه ٿي، پنهنجي
مستي، پنهنجي شرارتن ۽ پنهنجي معصوم ڳالهين سان
سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويس. ايئن ئي ڏينهن
راتيون گذرندا رهيا ۽ مان دنيا جهان کان بي خبر ٿي
کليل آسمان هيٺ، مٽي ۽ گلن جي خوشبوءِ کي محسوس
ڪندي، پنهنجي هڪ ڪائنات جوڙي ڇڏي هئي. منهنجي
زندگيءَ جا اهي چند سال منهنجي لاءِ تمام قيمتي
آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ مان جيڪو ڪجهه به ڪيو هو، ان
۾ منهنجي ذهن، جيڪو ان وقت ننڍڙو ۽ معصوم هو، پر
پوءِ به ان جي سوچ ۽ سمجهه شامل هئي. پر ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ وري مان پنهنجي چوڌاريءَ ڪجهه
گُهنڊ وڌل چهرا ڏٺا ۽ انهن چهرن مان ڪنهن هڪ جي
رعبدار آواز ۾ هي جملو ٻڌو ”تون هاڻي وڏي ٿي ويئي
آهين، تنهنڪري تنهنجو هاڻي گهڻو ٻاهر نڪرڻ صحيح
ناهي“. مون حيرت مان سڀني چهرن ڏانهن ڏٺو ۽ سوچڻ
لڳيس، ته ڪالهه تائين هي کليل آسمان، هي گلن سان
سجيل پيچرا سڀ منهنجي لاءِ هئا، ته پوءِ اڄ اهڙو
ڇا ٿي ويو آهي، جو سڀ ڪجهه مون کان ڦرجي رهيو آهي.
ان کان پوءِ منهنجو اسڪول وڃڻ ۽ سڌو گهر اچڻ روز
جو وهنوار بڻجي ويو. جيئن جيئن منهنجي حياتيءَ جو
هر ڏينهن گذري رهيو هو، تيئن ڄڻ منهنجي ڏوهن ۾
اضافو پي ٿيو، جو روز منهنجي لاءِ ڪا نئين سزا
تجويز ڪئي پئي ويئي. هڪ ڏينهن مان اسڪول مان ايندي
آسپاس کان بي خبر پنهنجي ساهيڙين سان ڳالهيون ڪندي
ٿي اچان، ته منهنجو ڀاءُ ٿو مون کي چوي، ته ”اسڪول
مان ايندي رستي تي خاموشيءَ سان ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري
ايندي ڪر. ان لاءِ جو ماحول خراب آهي“. اهڙيءَ طرح
هو مون کي بهادريءَ سان ماڻهن کي منهن ڏيڻ بجاءِ
هڪ سهميل ۽ ڊڄڻي ڇوڪري بڻجڻ جي تلقين ڪندا رهن ٿا.
انهيءَ ڪري جو بهادريءَ جو لفظ صرف پُٽن لاءِ
مخصوص ٿيل آهي ۽ ماڻهن جو ڊپ جيڪو ان وقت مون ۾ نه
هو، زوريءَ پيدا ڪيو پي ويو. وري ٻي ڏينهن منهنجي
ماءُ مون کي چيو ”ايڏو زور سان نه کلندي ڪر، جوان
ڇوڪريءَ جو زور زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ سٺو نه
سمجهيو ويندو آهي“. ۽ مون يڪدم پنهنجي ان معمولي
خوشيءَ جي اظهار کي به روڪي ڇڏيو. ايئن هڪ ڏينهن
منهنجي ڀاءُ مون کي برقعي پائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو
ته ”رستي تي بدمعاش ڇورا ٿا گهمن ان لاءِ تنهنجو
ائين ٻاهر نڪرڻ صحيح ناهي،“ اهي رستي جا بدمعاش
ڇورا (جن جي ڪري اسان جون حدون مخصوص ڪيون ٿيون
وڃن ۽ ڏينهون ڏينهن انهن کي سوڙهو ڪيو ٿو وڃي) به
پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ لاءِ
غيرتمند ۽ ڪامائو پٽ ٿا ليکيا وڃن ۽ اهي به پنهنجي
ڀيڻن لاءِ ساڳيون حدون ٿا مقرر ڪن. ڪجهه ئي ڏينهن
بعد منهنجي ماءُ منهنجي هٿن مان ڪتاب ڦري، مون کي
هڪ ڪپڙي جو ٽڪرو ۽ سئي ٿي ڏيئي ڇڏي ۽ چوي ٿي، ته
تنهنجي لاءِ انهن ڪتابن ۾ ڇا رکيو آهي. توکي ته هڪ
سگهڙ ۽ سيبتي عورت ٿيڻو آهي. ان لاءِ اڄ کان تون
رڌ پچاءُ، ڀرت ۽ سلائي ڏانهن ڌيان ڏيندينءَ. هو
ڳالهائيندي به رهي ۽ مون سان گڏ ويهي منهنجي وارن
کي کولي انهن ۾ تيل لڳائي، انهن جي ايڏي ڇڪي چوٽي
ٻڌڻ لڳي، جو منهنجون اکيون به لوندڙين ڏانهن ڇڪجڻ
لڳيون. ائين ڪندي شايد امان منهنجي تڪليف جو ٿورو
احساس محسوس پئي ڪيو، جو پنهنجي ان عمل جي وضاحت
ڪرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته ”نوجوان ڇوڪرين جا وار ڊگها
هجن، ته اها خوبصورتيءَ جي نشاني سمجهي ويندي
آهي.“ ان وقت مان پاڻ کي هڪ سنواريل ۽ سينگاريل هڪ
خوبصورت گڏي محسوس ڪرڻ لڳيس، جنهن کي ان ارادي سان
سنواريو ۽ سينگاريو ٿو وڃي، ته جيئن ان کي ڏسڻ
لاءِ ايندڙ ماڻهو ان کي پسند ڪري سگهن. ايئن ئي هڪ
ڏينهن سج اُڀرڻ شرط جيئن ئي مان پنهنجا ڪتاب ۽
پينون سنڀالڻ لڳيس، ته منهنجي ماءُ ڪمري ۾ داخل ٿي
۽ چوڻ لڳي، ته ”اڄ تون ڪاليج نه وڃ، ان لاءِ جو
ڪجهه مهمان اچڻ وارا آهن.“ ان مهل امان جي چهري تي
هڪ خاص قسم جي مرڪ هئي. اسان جي گهر ۾ مهمانن جو
اچڻ ته هڪ عام ڳالهه هئي، پر مون امان جي چهري تي
اهڙي مرڪ اڳ ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هئي. امان ته ايترو
چئي هلي ويئي ۽ مان اتي ئي ويهي رهيس ۽ سوچڻ لڳيس،
ته اُهي اچڻ وارا مهمان ايترا اهم ڇو آهن؟ ٿوري ئي
دير ۾ امان مون ڏي ڪجهه نوان ڪپڙا کڻي آئي ۽ مون
کي ڳل تي پيار ڪندي چوڻ لڳي، ته ”راڻي جلدي تيار
ٿي وٺ، ان لاءِ جو اُهي مهمان توکي ”ڏسڻ“ اچي رهيا
آهن.“ ان کان اڳ جو مان اهو سوچيان ۽ سمجهان ته هو
مون کي ڇو ڏسڻ اچن، هو پهچي ويا ۽ مون کي جلدي سان
سنواري سينگاري بورچيخاني ۾ بيهاريو ويو. ٿوري دير
کان پوءِ ٻه اڌڙوٽ عمر واريون عورتون اندر داخل
ٿيون ۽ مون کي مُنهن ۾ گهُنج وجهي، پيرن کان
چوٽيءَ تائين ڏسڻ لڳيون. ڪافي دير گهور کان پوءِ
هنن پنهنجي مُنهن تي مرڪ آندي ۽ امان سان مخاطب ٿي
چوڻ لڳيون ”ماشا الله! توهان جي ڌيءَ ڏاي پياري
آهي“. منهنجي ماءُ جيڪا ان وقت تائين ساهه روڪي
بيٺي هئي، ان ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو ۽ جهٽ ۾ سندس
چهري تي خوشيءَ جي لهر اُڀري آئي. انهن جي وڃڻ کان
پوءِ منهنجي زندگي اڳ جيئان معمول مطابق گذرڻ لڳي
هئي. اڃا ڪجهه ئي ڏينهن ائين گذريا هوندا، جو وري
منهنجي ذات جي چوڌاريءَ هڪ نئين حد مقرر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي. اها حد مون تي، منهنجي ڪاليج وڃڻ
تي پابنديءَ جي صورت ۾ عائد ڪئي ويئي. بابا چوڻ
لڳو، ”پٽ تون گهڻو ئي پڙهي چڪي آهين، هاڻي توکي
ڪاليج وڃڻ جي ضرورت ناهي“. مان بابا جي چيل جملن
تي غور ڪرڻ ٿي لڳان، ته بابا مون کي پٽ چئي مخاطب
ڪري ٿو، پر هو مون کي پٽن وانگر ٿيڻ لاءِ همٿائڻ
بدران منهنجي لاءِ دنيا ۾ اڃا حدون محدود ڪندو ٿو
وڃي. ايتريون سوڙهيون حدون، جو انهن جي گهُٽَ ۽
ٻوسٽ ۾ منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ ٿو لڳي. منهنجي عمر جي
ان حصي تائين هو مون کي ريموٽ ڪنٽرول تي هلندڙ هڪ
گُڏيءَ (doll)
وانگر انسٽرڪشنس تي هلائيندا رهيا آهن ۽ مان به
خاموشيءَ سان انهن جي هدايتن، حڪمن، توڙي نصيحتن ۾
هڪڙي شيءِ اهڙي به هئي، جيڪا منهنجي به خواهش هئي،
جنهن سان منهنجو مستقبل ڳنڍيل هو، جيڪو منهنجو
مقصد هو ۽ جنهن سان مان هن سماج ۾ پنهنجي وجود جي
موجودگيءَ جو احساس ڪري پئي سگهيس، اها هئي منهنجي
تعليم. پر اڄ منهنجي پيءُ واقعي به هڪ آبجيڪٽ
بنائڻ پئي چاهيو. هڪ شعور جي سگهه کان خالي انسان،
جيڪو پنهنجي دل ۽ دماغ کي تالا هڻي، صرف ٻڌي ۽ ڏسي
سگهي. شين کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ جيڪو صرف ٻڌي،
عمل ڪرڻ لاءِ ۽ ڳالهائي اهو جيڪو ان جي سامهون
وارا ٻڌڻ چاهين، سندن هر عمل ساڻس وابسته ماڻهن جي
مرضيءَ مطابق ئي هجي. اڄ تائين مون نه چاهيندي به
هر حڪم جي پوئواري ڪئي، پر اڄ جڏهن هنن منهنجي
وجود جي بقا کي فنا جي رستي تي لاهڻ لاءِ سندرو
ٻڌڻ شروع ڪيو، ته مون احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن
کان هنن منهنجي لاءِ شعور جا رستا بند ڪيا، ته مون
پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون
سڀني کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو، ته خدارا مون کي به هڪ
عام انسان ئي سمجهو، بجاءِ ان جي ته مون کي هيرن
جواهرن سان سجائي هڪ خوبصورت گُڏيءَ وانگر ڏاڍي
پيار سان ستن پردن اندر لڪائي سنڀالي رکيو وڃي،
متان ڪنهن جي بدنظر نه مون کي لڳي وڃي يا متان ڪو
اوهان جي خوبصورت گُڏيءَ کي چورائي نه وڃي. منهنجي
احتجاج تي منهنجي ماءُ مون کي ڪاوڙ مان ڏسي ٿي ۽
چوي ٿي، ته توکي ڇا ٿي ويو آهي پنهنجي پيءُ ۽
ڀائرن جي سامهون ايڏو زور سان ڳالهائبو آهي. ”مان
امان کي چوان ٿي، ته امان مون کي پڪ آهي، ته
منهنجي ڄمڻ کان اڳ تو اها دعا ته ضرور گهري هوندي،
ته الله مون کي ڌيءَ نه، پر پٽ ڏجان. پر امان تون
اها به ته دعا گهرين ها، ته جيڪر ڌيءَ ڏئين ته ان
کي سوچڻ سمجهڻ واري حس کان خالي رکجانءِ، جيئن
هوءَ ڪڏهن پاڻ متعلق ٿيندڙ ڪهڙي به فيصلي کي ۽
تارازي ۾ توريندي ڪٿي انصاف جي تقاضا جهڙي گستاخي
نه ڪري وجهي.“ ان کان پوءِ مان پنهنجي ڪمري ۾ وڃي
ويهان ٿي. ايئن ٻه ڏينهن بنان ڪجهه کاڌي ۽ ڳالهائڻ
جي گذري وڃن ٿا. ٽئين ڏينهن تي بابا اچي ٿو ۽ چوي
ٿو ”پٽ اٿي ماني کاءُ.“ مان بابا ڏي ڏسان ٿي ۽
چوان ٿي ته ”بابا شايد توهان کي اهو خوف ٿيو آهي،
ته مون کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، متان مري نه
وڃان. پر بابا ڇا زندگي صرف اها آهي، ته توهان جنم
وٺو ۽ پوءِ صرف پنهنجي جسم کي زنده رکڻ لاءِ پوري
حياتي گذاري ڇڏيو ۽ پنهنجو ڪو نالو نشان ڇڏڻ بنان
ختم ٿي وڃو. اگر بابا اها زندگي آهي، ته مون کي
اهڙي زندگي نه کپي، جتي سوچ ۽ سمجهه تي پهرا هجن،
جتي جيون جا دم گهُٽجي گهُٽجي پورا ٿي وڃن. مان
اهڙي خالي وجود کي قبولڻ جو ڏوهه نٿي ڪري سگهان.
انهيءَ جي زنده هجڻ کان ان جي خاتمي کي مان وڌيڪ
ترجيح ڏينديس.“
بابا اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ، بنان ڪجهه ڳالهائڻ
جي ڪمري مان هليو ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ وري
موٽي آيو. پر ان ويل هو خالي هٿين نه هو پر سندس
هڪ هٿ ۾ ڪتاب هئا، ته ٻي هٿ ۾ ماني ۽ بابا مون کي
چوڻ لڳو ”ڌيءَ اٿي ماني کاءُ ۽ ڪاليج وڃ!“
ريحانه
نظير سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو ڪندڙ: گلبدن جاويد
تعارف: ريحانه نظير
ڄمڻ جي تاريخ: 1971-08-01
ڳوٺ/ شهر: سيتا ننڍي، دادو
تعليم:
M.Phil
(جاري)
عهدو: استاد
صنف: ڪهاڻي
رهائش: حيدرآباد.
سرتيون: اوهان پڙهندڙن سان پنهنجو مڪمل تعارف
ڪرايو ۽ ”منهنجو مطلب آهي پرائمري تعليم ڪٿي حاصل
ڪئي ۽ ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟“
ريحانه نظير: منهنجو نالو ريحانه نظير آهي، منهنجو
ڳوٺ سيتا ننڍي آهي. جيئن ته هن ڳوٺ ۾ اڪثريت هندن
جي هوندي هئي، انڪري ئي هن تي سيتا نالو پيو. سيتا
سنڌو نديءَ تي آباد هڪ سرسبز ڳوٺ آهي، جنهن جي
اوڀر ۾ سنڌو ندي، اتر ۽ سونا نپڊيءَ جو مشهور
ٻيلو، اولهه ۾ رحماني پير جي نالي سان رحماني نگر
۽ اتر ۾ مشهور شهر پاٽ شريف آهي، سيتا ۾ ٻه ڍنڍون
پڻ آهن جيڪي پاڻي اچڻ سان ڳوٺاڻن لاءِ وندر ۽
ورونهه جو سامان پيدا ڪن ٿيون. مون پنهنجي پرائمري
تعليم اتي موجود پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ مڊل
به اتي ئي پاس ڪئي. مڊل پاس ڪرڻ کانپوءِ منهنجي
شادي منهنجي سؤٽ سان ٿي. شاديءَ کانپوءِ به مون
تعليم جاري رکي ڇاڪاڻ ته منهنجي مڙس کي مون کي
پڙهائڻ جو ڏاڍو چاهه هو ۽ ان سلسلي ۾ هو اڄ ڏينهن
تائين مون سان تعاون ڪري رهيو آهي. مون مئٽرڪ جو
امتحان رحماني ننگر ۾ ڏنو ڇاڪاڻ ان وقت اسان جي
ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول ڪو نه هو ۽ مئٽرڪ دوران مون کي
پهريون ننڍڙو عامر ڄائو. انٽر دوران مون ٻئي ننڍڙي
کي جنم ڏنو جيڪو مهينو زنده رهڻ کانپوءِ گذاري
ويو.
B.A
۾ مون کي ٽيون ننڍڙو ذولفي
ڄائو جيڪو هينئر مئٽرڪ ۾ پڙهي رهيو آهي. ٻارن جي
سنڀال گهرجي ذميداري ۽ اهڙين ٻين مشڪلاتن هوندي به
مون پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ هينئر مان سنڌ
يونيورسٽيءَ مان
M.Phil
ڪري رهي آهيان.
سرتيون: ايتري ننڍي عمر ۾ شادي اوهان لاءِ ڪيئن
ثابت ٿي؟
ريحانه نظير: ايتري عمر ۾ شاديءَ جو تصور منهنجي
لاءِ صرف سونا زيور، سهڻا ڪپڙا، سامان ۽ الڳ ڪمري
کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو ۽ مڙس بابت صرف اهو
سوچيندي هئي ته ان جا ڪپڙا ڌوئڻا آهن، ماني وغيره
جو خيال رکڻو آهي.
سرتيون: اوهان جي خيال ۾ ڇوڪريءَ جي ڪيتري عمر ۾
شادي هئڻ گهرجي؟
ريحانه نظير: گهٽ ۾ گهٽ 20 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 30 سال.
سرتيون: هاڻي توهان جي شعبي بابت، اوهان جي خيال ۾
هڪ سٺي استاد ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
ريحانه نظير: استاد جو پيشو پيغمبري آهي ڇو ته
پيغمبر به پنهنجي قوم کي سڌارڻ لاءِ موڪليا ويا
هئا. اهڙيءَ طرح استاد به پنهنجي سماج لاءِ هڪ
سڌارڪ جي حيثيت رکي ٿو، تنهنڪري کيس هميشه هر وقت
استاد ئي رهڻ گهرجي. هو محنتي هجي، ڊيوٽي جو پابند
هجي، ان جو اخلاق بلند هئڻ گهرجي، ٻار کي وڌ ۾ وڌ
عزت ڏئي، ڀلجي به هنن لاءِ خراب لفظ استعمال نه
ڪري ۽ ان کانسواءِ کيس تعليم ڪيئن ڏيڻ گهرجي ۽ ٻار
ڪهڙي نموني ڳالهه سمجهندو، ٻار کي هو ان جي سمجهه
مطابق اها ڳالهه سمجهائي ۽ ڪوشش ڪري هر هڪ ٻار کي
توجهه ڏي ۽ ڪڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪري جو ان ڏانهن
ڪير آڱر کڻي.
سرتيون: هڪ استاد ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ ٻڌايو ته ٻار
جي بنيادي تربيت ڪيئن ڪجي؟
ريحانه نظير: بنيادي طرح ٻارن سان قرب ۽ محبت سان
پيش اچجي. سندن تقاضائن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي،
پر اهي شيون جن لاءِ ماڻهو بيوس آهي، انهن کي
پنهنجي سمجهه ۽ عقل سان پورو ڪجي. ان جو سهڻو مثال
اسان جي پراڻي سنڌي ڪتاب جي هڪ سبق ”راڻي ڪوشليا“
۾ پڻ سمجهايل آهي. جنهن مطابق جڏهن راڻيءَ جا ٻار
چنڊ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ لاءِ گهرن ٿا ته ان
چوڏهينءَ، جي رات جو آئيني ۾ چنڊ جو عڪس کڻي ٻار
جي هٿ ۾ ڏنو ۽ ٻار خوش ٿيو. اهڙيءَ طرح اڻ ٿيڻون ۽
اڻ پهچندڙ تقاضائون جيڪي ٻار ڪن ٿا انهن کي پوري
ڪرڻ لاءِ اسانکي گهرجي ته پنهنجي ذهن کان ڪم وٺي
انهن گهرجن جو پورائو ڪريون. ان ڳالهه مان واضح
ٿئي ٿو ته استاد کي نفسيات جي به سٺي ڄاڻ هئڻ
ضروري آهي.
سرتيون: ايڪيهين صديءَ انسان کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو؟
ريحانه نظير: ايڪيهين صدي بنيادي طور انسان کي
وسيع شعور ۽ وسيع ڪائنات ڏني آهي، اڄ جو انسان
دنيا جي هر انسان سان ان جي ڏک ۽ درد ۾ شامل آهي،
پاڪستان جو ئي مثال وٺو، تازو آيل زلزلي ۾ اسان
ڏٺو ته انهن مجبور ماڻهن جي امداد لاءِ سڄي دنيا
مان ٽيمون آيون. جن نه صرف ماڻهن کي انهن ڍيرن مان
ڪڍي زندگي ڏني پر انهن جي علاج وغيره لاءِ پڻ مالي
مدد ڪئي. پر جيئن ته هر ڳالهه جا ٻه پهلو هوندا
آهن. انڪري اسين چئي سگهون ٿا ته هن صديءَ انسان
کي بيمثال مادي سهولتون ڏنيون آهن اتي اهڙا خطرناڪ
هٿيار ”ائٽم بم وغيره ٺاهيا آهن، جن جي استعمال
سان هيءَ رنگ برنگي دنيا گهڙيءَ پل ۾ خاڪ جو ڍير
بڻجي سگهي ٿي.
سرتيون: پسند جي راند جيڪا ننڍي لاءِ کيڏڻ چاهيو
پر کيڏي نه سگهيو؟
ريحانه نظير: مون کي ننڍي هوندي کان ئي ڪرڪيٽ کيڏڻ
جو بي انتها شوق هو، پر کيڏي ان لاءِ نه سگهيس جو
اسڪول ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ منع هئي. پر پوءِ به مان اسڪول
جي ڇوڪرين سان اسڪول جي عمارت جي پٺيان واري ميدان
تي کيڏندي هيس.
سرتيون: ها ريحانه اهو ٻڌايو اوهان ننڍي هوندي
ڪهڙي قسم جو ٻار هيون (ڏاهي، شرارتي يا وچٿري)؟
ريحانه نظير: ڏاهي.
سرتيون: شادي هڪ سمجهوتو آهي. راءِ ڏيو؟
ريحانه نظير: ها، بلڪل هڪ سمجهوتو ئي آهي، جيڪو هڪ
مرد ۽ عورت جي زندگي ڀر گڏ رهڻ لاءِ ڪيل هوندو
آهي، جنهن کي نڀائڻ لاءِ ٻنهي کي گهرجي ته پهريان
هو پاڻ ۾ ذهني هم آهنگي پيدا ڪن ۽ هڪٻئي جي حقن ۽
فرضن جي ادائگي سچائي ۽ خلوص سان ادا ڪن ۽ جي هو
هڪٻئي سان ڪنهن ڳالهه تي سهمت نه رهندا ته ان جو
سڌو سنئون اثر سندن اولاد تي ٿيندو جنهن کانپوءِ
گهر ۽ سماج تي پوندو تنهنڪري مناسب آهي ته ٻنهي
فردن کي اهو اختيار هجي ته هو پنهنجي زندگيءَ جو
فيصلو مذهب ۽ قانون مطابق ڪن. سماج کين اهڙي رشتي
نڀائڻ لاءِ مجبور نه ڪري.
سرتيون: سرتيون پڙهائڻ يا استاد ٿيڻ توهان جو
پنهنجو شوق هو يا مائٽن جي مرضي؟
ريحانه نظير: نه منهنجو پنهنجو شوق هو. جيئن ته
منهنجو بابا هڪ استاد آهي، انڪري مان ننڍي هوندي
کان ئي بابا جي شخصيت، پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ کان ايترو
ته متاثر هيس جو مون ڪنهن ٻئي شعبي بابت ڪڏهن
سوچيو به نه.
سرتيون: اوهان جي خيال ۾ عورتن لاءِ الڳ رسالا هئڻ
گهرجن؟
ريحانه نظير: ها ضرور هئڻ گهرجن ته جيئن عورتون
پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن ۽ هو پنهنجا مسئلا
ٻين سان شيئر ڪري سگهن.
سرتيون: روز مره جي زندگيءَ ۾ مختلف ماڻهن سان
واسطو پوي ٿو. اوهان کي ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه سڀ
کان زياده متاثر ڪندي آهي؟
ريحانه نظير: اخلاق، سچائي ۽ خلوص. انهن مان ڪنهن
۾ هڪ به خوبي هجي ته اهي ماڻهو مون کي وڻندا آهن.
سرتيون: ڪهڙا ماڻهو نه وڻندا آهن؟
ريحانه نظير: منافق ماڻهو، جيڪي منهن تي مٺڙا ۽
اندر جا کوٽا هوندا آهن.
سرتيون: ورڪنگ وومين جي حيثيت ۾ ڪي مسئلا درپيش
هجن؟
ريحانه نظير: جي سڀ کان وڏو مسئلو ته وقت جي
ٿورائي آهي، ورڪنگ وومين کي گهر ٻار ۽ پڙهائيءَ
لاءِ تمام گهٽ وقت ملي ٿو.
سرتيون: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ريحانه نظير: مسلسل جدوجهد جو نالو.
سرتيون: جيئن ته هند ۽ سنڌ جا نامور ليکڪ پڻ اوهان
جي ڪهاڻين کي ساراهن ٿا، جيڪا وڏي مڃتا آهي. پر
اوهين پنهنجي لکڻين جي باري ۾ ڇا چونديون؟
ريحانه نظير: منهنجي ڪهاڻي يا ان جا ڪردار اسان جي
سماج مان ئي ورتل هوندا آهن، سو انهن جي باري ۾
پسند يا ناپسند جو اختيار به انهن پڙهندڙن کي
ڏيندس ته اهي انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين.
سرتيون: اوهان ڪهڙن لکيڪن کي پڙهيو آهي؟
ريحانه نظير: گهڻو ڪري مون سنڌي ۽ اردو ليکڪن کي
پڙهيو آهي، جن ۾ پريم چند، ڪرشن چندر، موهن ڪلپنا،
قرة العين حيدر، عصمت چغتائي، امر جليل، پير علي
محمد راشدي، جي ايم سيد، طارق اشرف، نجم عباسي،
ڊاڪٽر قاضي خادم، جمال ابڙو، ماهتاب محبوب، امر
سنڌو ۽ آغا سليم.
سرتيون: ليکڪا جي حيثيت ۾ اوهان کي ڪيتري پذيرائي
ملي آهي؟
ريحانه نظير: سڀ کان وڏي ته اها ته اهڙي افراتفري
۽ نفسانفسي جي ماحول ۾ به ماڻهو وقت ڪڍي منهنجون
ڪهاڻيون پڙهن ٿا ۽ تعريف ڪن ٿا هڪ لکندڙ لاءِ ان
کان وڌيڪ ڪهڙي پذيرائي ٿيندي.
سرتيون: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ريحانه نطير: محبت کانسواءِ هن دنيا جو تصور
ناممڪن آهي. اها محبت ئي آهي، جنهن جي ڪري اسان
پنهنجا مقصد ماڻيون ٿا. محبت جو مطلب ڇوڪري ۽
ڇوڪريءَ جي محبت سان نه آهي، پر محبت جا انيڪ روپ
آهن. ماءُ جي اولاد سان، ماليءَ جي گلن سان، استاد
جي شآگردن سان، مطلب ته ڪئين روپ آهن. محبت جا
هوءَ پنهنجي هر روپ ۾ خوبصورت آهي.
سرتيون: اوهان پنهنجي ڪهاڻين ۾ جتي سماجي ڏاڍن، اڻ
برابري ۽ طبقاتي فرق کي ننديو آهي اتي استاد جي
غير سنجيدگيءَ واري ڪردار کي نشانو بڻايو آهي.
پڙهندڙ خاص ڪري استادن کي ڪيئن منهن ڏينديون آهيو؟
ريحانه نظير: ادي، ٿوريون گهڻيون خوبيون يا خاميون
هر شعبي ۾ شامل هونديون آهن، صحيح لکندڙ اهو آهي
جيڪو ٻنهي جي نشاندهي ايمانداريءَ سان ڪري،
جيستائين منهنجي ڪهاڻي ”مس ۽ موبائيل“ جو تعلق آهي
ته اسان جي سرڪل ٽيچرس ۾ ان کي گهڻو ساراهيو ويو
آهي.
سرتيون: ڪي اهڙا ماڻهو جن کي توهان ڪڏهن به وسارڻ
نه چاهيو؟
ريحانه نظير: منهنجا استاد، ڇو ته انهن ۾ مون کي
هميشه شفيق پر خلوص ۽ ايماندار ماڻهو مليا ۽ ٻيو
فرينڊس
Friends
مون کي اڄ ڏينهن تائين جيڪي سهيليون/سرتيون مليون
انهن ۾ ڪڏهن ڪنهن به مون سان بي وفائي نه ڪئي.
هميشه مون سان گڏ رهيون آهن. ان معاملي ۾ مان
هميشه پاڻ کي خوشنصيب سمجهندي آهيان.
سرتيون: اهڙو شعر جيڪو توهان کي ڏاڍو وڻندو هجي؟
ريحانه نظير: شاعري مان تمام گهڻي پڙهندي آهيان پر
جيئن ته توهان هڪ شعر چيو آهي ان لاءِ سنڌ جي
سرتاج شاعر جو هي شعر مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان
ٿي.
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏاڍو ٿئي
سا مجلس ئي مٽ حاصل هوءِ هزار ٿيا!
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
تون تنين سين اڳ اوڏا اڏي پکڙا!
سرتيون: پريمي جوڙڻ جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ
آهي؟
ريحانه نظير: اول ته انهن کي پريمي جوڙو چوڻ به
غلط آهي ڇو ته پسند جي شادي هر انسان جو مذهبي
توڙي قانوني حق آهي. جنهن کان ان کي ڪير به روڪي
نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن ٻه فرد پنهنجي مرضيءَ سان ڪو
فيصلو ڪن ٿا ته انهن کي سماج اهو انهن جو بنيادي
حق سمجهي قبول ڪري.
سرتيون: پسند جو شهر جنهن ۾ اوهين رهڻ چاهيو؟
ريحانه نظير: پنهنجو اباڻو ڳوٺ سيتا.
سرتيون: ننڍپڻ جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان کان
ڪڏهن به نه وسريو هجي؟
ريحانه نظير: مون ذڪر ڪيو نه ته اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه
ڍنڍون آهن جتي جيئن پاڻيءَ جو چاڙهه ٿيندو آهي
تيئن سڀ ڳوٺاڻا تفريح لاءِ ويندا آهن. هڪ دفعو مان
۽ منهنجي وڏي ڀيڻ ڳوٺ جي ڇوڪرين سان گڏجي اتي پڪنڪ
لاءِ وياسين ڪناري تان منهنجي ڀيڻ جو پير ترڪي ويو
۽ هوءَ ٻڏڻ لڳي ان وقت منهنجي عمر 7 يا 8 سال هئي
ڇوڪريون رڙيون ڪرڻ لڳيون مان هڪ ٽاري کي جهلي روئي
به رهي هيس ۽ ڀيڻ کي سڏي به رهي هيس، جيستائين
ماڻهو پهتا تيستائين منهنجي ڀيڻ ٻڏي چڪي هئي، اهو
حادثو اڄ به منهنجي ذهن تي بلڪل ائين جو ائين
محفوظ آهي.
سرتيون: ادبي ميدان ۾ ڪي ايوارڊ؟
ريحانه نظير: اسٽيج تي گهرائي ته مون کي ڪو ايوارڊ
ڪونه ڏنو ويو آهي پر جڏهن هندستان جي مشهور اديب،
ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي ۽ هن دور جي وڏي شاعر
امداد حسيني منهنجي ڪهاڻي بنا عنوان جي تعريف ڪئي
۽ وڏي ڳالهه ته مشهور ليکڪا ماهتاب محبوب منهنجي
ڪهاڻي ”مس ۽ موبائيل“ جي تعريف ڪئي تڏهن مون کي
انهن ايوارڊن ملڻ کان وڌيڪ خوشي ٿي.
سرتيون: سنڌي سماج جي سک ۽ شانتيءَ لاءِ اوهان
ڪهڙا سپنا ڏسنديون آهيو؟
ريحانه نظير: سنڌي ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ لاءِ
اسان کي سندن سياسي ۽ سماجي حق ڏيڻ گهرجن ۽
اقتصادي لحاظ کان کين مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن هو
پنهنجي توانائي پنهنجي ترقي لاءِ صرف ڪن کين تعليم
جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪوبه فرد تعليم
جي زيور کان محروم نه ٿئي.
سرتيون: سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن جو ڇوٽڪارو ڪهڙين
ڳالهين ۾ آهي؟
ريحانه نظير: سنڌ جي ماڻهن کي سياسي سماجي اقتصادي
آزادي ڏني وڃي، هن صوبي کي اهي حق ڏنا وڃن جي
1940ع جي قرارداد مطابق هجن. ايئن ڪرڻ مان سندن
حقن تي ڪوبه ڌاڙو هڻي نه سگهندو ۽ سنڌي سماج ترقي
جي راهه تي گامزن ٿيندو.
سرتيون: پسند جو گل؟
ريحانه نظير: گلاب جو گل.
سرتيون: پسند جو فنڪار؟
ريحانه نظير: اميتاڀ بچن.
سرتيون: توهان لکڻ جو اتساهه ڪيئن ٿيو؟
ريحانه نظير: مان ڊراما تمام گهڻا ڏسندي هيس ۽
انهن تي تنقيد به گهڻي ڪندي هيس ته هي سين هيئن
هجي ها ته جيڪر ڪهاڻي ۾ وڌيڪ اثر هجي ها، ائين
انهن تي تنقيد ڪندي ڪندي مون لکڻ شروع ڪيو.
سرتيون: اوهان جي پهرين ڪهاڻي ڪهڙي هئي ۽ اها ڪٿي
ڇپي؟
ريحانه نظير: منهنجي پهرين ڪهاڻي بنا عنوان هئي
جيڪا توهان جي ئي مئگزين يعني ”سرتيون“ ۾ ڇپي.
سرتيون: پسند جو ڪتاب؟
ريحانه نظير: شاهه جو رسالو.
سرتيون: پسند جا راڳي؟
ريحانه نظير: مهدي حسن، ڪشور ڪمار، نصرت فتح علي
خان، محمد جمن.
سرتيون: اوهان پڙهندڙڻ کي ڪهڙيو پيغام ڏينديون؟
ريحانه نظير: بحيثيت هڪ استاد جي منهنجو پيغام اهو
آهي ته پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪريو ۽
انهن کي سماجي حالتن مطابق اهي سڀ سهولتون مهيا
ڪريو. جيڪي ٻين ٻارن کي حاصل آهن. ٻيو مان پنهنجي
شادي شده ڀينرن کي اها التجا ٿي ڪريان ته شادي کي
رڪاوٽ نه سمجهيو ۽ پنهنجو پڙهڻ لکڻ جاري رکو. |