سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :2

 

الطاف شيخ

ٻارن جي مائرن سان گڏ

جپان ۾ نيون نيون خبرون ۽ مزيدارن ڳالهيون حاصل ڪرڻ ۽ سفرنامو لکڻ لاءِ احسن ۽ ايمان (منهنجا ڏهٽا) جو اسڪول به دلچسپ جاءِ آهي. صبح جي وقت هر هڪ ٻار جي ماءُ جلدي ۾ هوندي آهي ۽ پنهنجي ٻارکي پري کان ئي ڇڏي هلي ويندي آهي. پر موڪل مهل مائرون پنهنجن ٻارن کي وٺڻ لاءِ وقت کان اڳ ئي پهچيو وڃن ته جيئن ٻارن کي ڪلاس روم مان نڪرڻ مهل گهر وڃڻ لاءِ انتظار نه ڪرڻو پوي. پوءِ جيسين موڪل ٿئي ٻارن جون مائرون هڪٻئي کي ٻڌائين هتي جپان ۾ سڀني ٻارن کي هڪ ئي وقت موڪل نه ٿئي. اسڪول شروع ضرور هڪ وقت تي ٿئي ٿو يعني اٺين وڳي پر موڪل ڪنهن ڪلاس کي پنجين بجي ٿئي ٿي ته ڪنهن ڏينهن چئين ۽ ٽي بجي به ۽ ڪنهن ڪلاس کي پنجين بجي ٿئي ٿي ته ڪنهن ڏينهن چئين ۽ ٽي بجي به ۽ ڪنهن ڪلاس کي ڇهين بجي به. ان جو مدار ميوزڪ، سئمنگ ۽ راندين جهڙن ڪلاسن تي آهي. پوءِ ڪنهن جا ٻه ٻار آهن ته اها ماءُ ٻي ٻار جي اچڻ جي انتظار ۾ ويٺي هوندي آهي. احسن ۽ ايمان به مختلف ڪلاسن (ڪلاس چوٿين ۽ ٽئين) ۾ هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ ويهڻو پوندو آهي. ايمان جي چئين بجي موڪل ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جيسين احسن جو فٽ بال راند سکڻ جو ڪلاس پنجين يا ساڍي پنجين ختم ٿئي. شروع واري ڏينهن ۾ آئون چپ چاپ اڪيلو ويٺو رهيس، پر پوءِ آهستي آهستي پهرين اهي مائرون مون سان خبر چار ڪرڻ لڳيون، جن جا ٻار احسن ۽ ايمان جا سٺا فرينڊ هئا. احسن ۽ ايمان سان گڏ هنن جا ڪلاس ميٽ به مون کي او جيسان (نانا) سڏڻ لڳا ۽ هاڻ انهن جي مائرن به مون کي نانا سڏڻ شروع ڪري ڏنو آهي. انهن ۾ هڪ ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻي فلپين جي به عورت آهي، جن جا مڙس هتي نوڪري ڪن ٿا ۽ هڪ ميڪسيڪن ۽ هڪ تائيوان جي عورت پڻ آهي انهن جا مڙس هتي جا (جاپاني) آهن، اهي انگريزيءَ ۾ خبرون چارون ڪن. ان کان علاوه ڪجهه جپاني مائرون اهڙيون آهن جيڪي پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ مون سان زوريءَ غلط سلط انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. هنن کان هتي جون خبرون حاصل ٿيڻ ڪري هو مون لاءِ دلچسپ عورتون آهن ۽ آئون هنن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث انڪري آهيان جو آئون هنن پَٽَن تي ڏهه سال کن تڏهن رهي ويو هوس جڏهن هو ٻن ٽن سالن جون ٻارڙيون هيون يا ڪي ته اڃا ڄايون به نه هيون. ظاهر آهي جيڪا هن وقت 35 کن سالن جي آهي اها 1973ع ۾ جڏهن آئون هتي جپان ۾ پهريون دفعو آيو هوس ته ٽئن چئن سالن جي ئي هوندي. هو انهن ڏينهن ۽ اڄ جي هن شهر ڪوڪورا ۽ ڀروارن شهرن: موجي، فڪوئوڪا، شمونوسيڪي ۾ نظر ايندڙ خاص فرق پڇنديون آهن. هو منهنجا سنڌي ۽ اڙدو جا ڪجهه ڪتاب ڏسي تعجب کائينديون آهن. خاص ڪري پوسان (ڏکڻ ڪوريا) جي رهاڪو ماءُ جنهن جي ڳوٺ پوسان ۽ هتي جي ڀرواري بندرگاهه شمونوسيڪي جي وچ ۾ اسان کي هر دفعي ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻو پوندو هو ۽ سندن ساهيڙي مريم (جيجل) يعني احسن ۽ ايمان جي ماءُ جو ننڍپڻ مون سان گڏ جهاز تي يا انهن شهرن ۾ گذريو هو. هو مون کان جهازي مسافرين ۽ هتي جي سامونڊي طوفانن (Typhoons) جو پڇنديون آهن، هتي جي مڪاني ماڻهن ۾ ڪلچر جو پڇنديون آهن ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن آئون سندن جپاني اديبن: تاڪاگي، ياڪومو، ناتسومي سوسيڪي، اڪوتاگاوا ۽ ڪاواباتا جون Quetations ۽ اشي ڪاوا، ماتسو باشو، اس سا ۽ موراڪامي جهڙن شاعرن جا شعر (هائڪو) ٻڌائيندو آهيان ته هنن کي تعجب لڳندوآهي. احسان ۽ ايمان اسڪول طرفان مليل ماني کائڻ بدران پنهنجي ڇو ٿا آڻين؟ اسلام ڇا آهي؟ اسلام ڪهڙين ڳالهين کان منع ڪري ٿو؟ هنن وٽ اڻ کٽندڙ سوال هوندا آهن جن جا جواب ڏيڻ لاءِ آئون به تيار هوندو آهيان. ساڳي وقت سندن ڳالهيون، سندن خوشين ۽ غمن جون ڪهاڻيون، سندن خوفن ۽ اميدن جا راز، سندن عقيدن، وسوسن ۽ سوچن بابت نت نوان پهلو معلوم ڪري مون کي به حيرت ٿيندي آهي ۽ انهن ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جيڪي ڪتابن ۾ به نه ملي سگهن. انهن ۾ ڪيتريون اهڙيون خبرون هونديون آهن جيڪي اخبار ۾ به نه ڇپجي سگهن. هو اڪثر منهنجي خبرن جي انتظار ۾ هونديون آهن ۽ آئون هنن جي! ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن نه ويندو آهيان ته هنن مائرن مان اڪثر پڇنديون آهن ته ”اوجيسان (Oji-san) ڪيڏانهن ويا هئائو؟“

”اوساڪا ويو هوس.“ ٻڌائيندو آهيان. يا ڪوبي ويو هوس، ڪيوٽو ويو هوس ڪيوٽو ويو هوس ۽ پوءِ کين اهو ٻڌائڻو پوندو آهي ته اهي شهر مون کي هينئر ڪيئن لڳا؟

ڪڏهن ڪڏهن هو پاڪستان بابت پڇنديون آهن ته ڪڏهن ملائيشيا بابت. هنن کي وڏو فڪر اهو هوندو آهي ته هنن جا ٻار انگريزي ڳالهائڻ سکن. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن ۾ رهڻ ڪري هو مون کان اڪثر پنهنجن ٻارن جي مستقبل جي تعليم لاءِ پڇنديون آهن ته هو اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجن ٻارن کي ڪيڏانهن موڪلين. ان لاءِ جواب ۾ آئون کڻي ڪيترا به دليل ڏيان ته سنگاپور، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جهڙا ملڪ تعليم جي لحاظ کان سٺا آهن پر يارو جپاني ماڻهوءَ جي دماغ تي هڪ ئي ”ملڪ“ سوار آهي اهو آهيUSA! هنن کي بنيادي طرح پنهنجو ملڪ وڻي ٿو، هنن کي پنهنجي ملڪ سان پيار آهي پر جپاني نوجوانن جي، خاص ڪري عورتن جي تمام گهڻي خواهش آهي ته آمريڪا ۾ رهجي. ”اتي جو Life Style سٺو آهي يعني عورتن کي وڌيڪ آزادي آهي ۽ عورتن جي گهڻي هلي ٿي.“ هتي جپان م جپاني عورتون سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ بعد به مڙس جي رحم و ڪرم تي رهن ٿيون ڪيتريون ته موچڙن جي منهن ۾ به آهن. ڪيترين جي ڳالهين مان ته ائين لڳندو آهي ته هنن کي اهي ئي گهڙيون آرام جون ملن ٿيون جيڪي هو هتي اسڪول ۾ اچي ٻارن جي موڪل جي انتظار ۾ گذارين ٿيون. نه ته سڄو ڏينهن گهر ۾ پورهيو ڪن ٿيون. ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻي يا نوڪر رکڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. هن مهانگي ملڪ ۾ ڪم ڪار لاءِ ڪو ماڻهو رکڻ جو نه ڪو سوچي ٿو سگهي ۽ نه هتي جا مرد حضرات چاهيندا ته سندن گهر واريون سک جو ساهه کڻن. جپاني عورت جنهن پيڙا ۾ رهي ٿي ان کان جڳ جهان واقف آهي.

altafshaikh24@yahoo.com.uk

 

ثميره زرين

غيرت

جڏهن هوءَ پيدا ٿي هئي، تڏهن ته سندس معصوم خوبصورتي ڏسي هن جي پٿر جهڙيءَ دل ۾ الائي ڪٿان کان پيار پيهي آيو هو، ۽ هن سندس نازڪ ڳلن تي ڪيتريون ئي مٺيون ڏنيون هيون. ان وقت کيس اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هن جي هٿان سندس غيرت جو ائين خاتمو ٿيندو.

جنهن غيرت پويان هن وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون هيون، ان جي موت تي هن کي ايڏو ته ڏک ٿيو، ايڏو ته غصو آيو، جو هن جي دل چوندي هئي ته جيڪر ”باشي“ ننڍي ئي مري وڃي ها! ڪهڙو نه سخت ڏينهن ڏسڻو پيس! بيوسيءَ کان هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئا، ۽ هن جون جوش سان آڪڙيل رڳون ساڻيون ٿي وينديون هيون.

باشيءَ کي وئي اڄ هفتو کن گذري چڪو هو، ۽ هن اهي ڏينهن پنهنجيءَ دل کي ان طرح پرڀائيندي گذاريا هئا ته ”ٺهيو، وري به سيد آهي... پر، تڏهن به ماڻهو ڇا چوندا هوندا؟“ اهو احساس هر وقت هن جي دل ۾ چهنڊڙيون پائيندو هو. سڄو ڏينهن هو پنهجيءَ ڀڳل ٽٽل اوطاق ۾ ويڳاڻو ويٺو پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندو هو، جيڪا ياد ڪڏهن هن جي دل کي آٿت ڏيندي هئي، ته ڪڏهن وري ستا سور به جاڳائي ڇڏيندي هيس. ڪنهن ٿي ڄاتو ته بي ترس قسمت هٿان هن جو ههڙو حشر ٿيندو؟ سوين ايڪڙ ڀلي زمين الائي ڪيئن سميٽجي هڪ ننڍڙو ٽڪر بڻجي وئي، جنهن مان هو کائڻ جيترو اناج به مس حاصل ڪري پئي سگهيو. سندس ڏاڏي ته کين قبر تائين اها دعا ڪندي ويئي ته ”خدا خير جي خزاني مان ججهو رزق ڏئيوَ، ست پيڙهيون کائين ته به نه کُٽي.“ هاڻي ته اها ڳالهه ئي الڳ هئي ته هنن خير جي خزاني مان رزق ورتوئي ڪونه، ۽ لکن جي ملڪيت به اسپريٽ جيان الائي ڪيئن کن ۾ اڏامي وئي.

زندگيءَ جي صورت اهڙي بدلجي وئي هئي، جو اڳي جن ڪڙمين کي هن جي گرجدار رڙ ڪنبائي ڇڏيندي هئي، هينئر اُنهن ئي اڳيان هو پنهنجي خسته حاليءَ ڪري اکيون نه کڻي سگهندو هو. پٽس به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. پڙهيل نه هو، ته نوڪري نه سهي، ٻيا ڌنڌا ته ڪونه کٽا هئا، پر ڪچيءَ ۾ ئي پيءُ ۽ چاچي جون عياشيون ڏسي ۽ ٻڌي، سندس ذهن جي هر صلاحيت ڄڻ مفلوج ٿي وئي هئي، سو ٻيو ڪجهه ته نه ڪري سگهيو، اناج منڊيءَ ۾ وڃي منشيگيري ڪيائين.

اباڻيءَ زمين کان سواءِ، خدا بخش پنهنجي لاولد مامي جي ملڪيت به پنهنجي قبضي ۾ آندي هئي، جيڪا لکن جي ڳاڻاٽي ۾ وڃي لڳي. سچ پچ، سندن ڏاڏيءَ جي چوڻيءَ موجب، ستن پيڙهين کاڌي به ڪين کٽي ها، پر الائي ڇو هو رڳا ٻه ڀائر به سک سان ڪين کائي سگهيا. طوفان جهڙي تيزيءَ سان وٽن دولت آئي به، ۽ هلي به وئي.

خدا بخش جو ڀاءُ گهر توڙي زمينداري ڪمن ڏانهن اک کڻي به ڪونه ڏسندو هو. هيءُ پربت جيڏو شير مرد، زمينداري ڏکن ڏاکڙن سان پيو نباهيندو هو. مجال جو ڪڏهن فصل مان نقصان ٿيو هجيس! جڏهن ڳوٺ ويندو هو، ته کيس ڏسي بيخوف ۽ بيپرواهه ڪڙمياڻين جو رت ئي سڪي ويندو هو. سندس باز جهڙي نگاهه جنهن تي پئي، تنهن کي بس الله بچائي. شهر ۾ صبح جو سوير جڏهن ننڍڙيون بيفڪر ڇوڪريون اسڪول وينديون هيون، ته خدا بخش کي ڏسي سندن ننڍڙيون دليون ڪبوتر وانگي ڦڙڪڻ لڳنديون هيون. سندس اوطاق واري رستي تي ايندي ئي ڇوڪرين جا قدم تيز ٿي ويندا هئا. سندس هراس ڀري صورت ڏسي ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو بگهڙ سندن پٺيان پيو هجي!

اهي ته خير سندس باطني ڳالهيون هيون. اندر اڇو آهي ئي ڪنهن جو؟ باقي هونئن هو ڏاڍو غيرتي مڙس هو. هن جي ڪنهن به لچ لوفر سان دوستي ڪانه هئي. سندس دوستيءَ جي حلقي ۾ شهر جي معززن کان وٺي شاهه صاحب جهڙو ڪرامت جو ڌڻي به هو. سندس نيڪنامي ۽ غيرتمندي جتي ڪٿي مشهور هئي. البت ڀاڻس جا خيال هن کان ڦريل هئا. کيس ”انگورن جي رس“ ۽ گهنگهروءَ جي جهنڪار کان سواءِ ڪنهن به چيز سان دلچسپي ڪانه هئي. ان تان هن ڀاءُ کي گهڻو ئي سمجهايو هو ته اهڙيءَ طرح شخصي عزت بلڪل نٿي رهي، پر ٻيا سڀ هن جهڙا سياڻا ٿوروئي هئا. هن به کيس وڌيڪ چوڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته ڀاڻس ويچاري کي بدقسمتيءَ سان صرف ٻه ڌيئر هيون، پٽ جو اولاد ڪونه هوس، ۽ هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي، سو اڳي پوءِ ملڪيت هن جي پٽ ڏانهن ئي اچڻي هئي، تنهنڪري، متان اهو خيال ڪري ته کيس پيسو خرچ ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، هو ڀاءُ سان ڏاڍيءَ درياهه دليءَ سان پيش ايندو هو. ڪيترو ٿو خرچ ڪري، اها خبر رکڻ به هو پنهنجي ڀائپيءَ لاءِ مناسب نه سمجهندو هو. ڀاڻس پنهنجن ٻارن جو وڏو به کيس بڻايو هو، تڏهن کيس انهيءَ عزت جي موٽ ۾ ايترو اختيار ڏيڻ ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانه هئي.

هو ڏاڍو بارعب ماڻهو هو. ڪنهن هن کي گهر ۾ کلندي ته ٺهيو، مرڪندي به مشڪل ڏٺو هوندو. هن جو اهو نظريو هو ته گهر وڃجي ته ڏاڍي رعب تاب سان، نه ته زال ذات قابو ۾ اچڻ جي ئي ڪانهي. اهوئي سبب هو جو هن جي اچڻ سان گهر ۾ قبرستان جهڙي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. مجال جو ڪير ڪنهن سان وڏي واڪي ڳالهائي سگهي! اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن خدا بخش هفتي ڏيڍ لاءِ زمين تي هليو ويندو هو ته گهر ۾ اها ڌماچوڪڙي لڳندي هئي جو ٻاهر به ماڻهن کي پتو پئجي ويندو هو ته خدا بخش گهر ۾ ڪونهي.

هو زالن کي ٻاهر ته قدم به رکڻ نه ڏيندو هو. ٻئي هنڌ ته خير، اهي مائٽن وٽ به سخت ضرورت ۾ وينديون هيون. مائٽن وٽ نه ڇڏڻ جو سبب اهو به هو ته خدا بخش جي زال کي هڪ ڀاڻيجو هو، جنهن کي قدرت شايد نويڪلائيءَ ۾ ڏاڍي چاهه سان ويهي ٺاهيو هو، جڏهن هو ايندو هو ته گهر جي ننڍين وڏين جي ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي. ننڍين جي دلچسپي خير سمجهه ۾ اچي پئي سگهي، پر وڏين جي شفقت بنسبت ڪو اندازو نه لڳائي سگهبو هو. خدا بخش زماني ساز شخص هو، هو ڪنهن جي دل جو چور هڪدم پڪڙي وٺندو هو. شايد انڪري جو خود سندس دل ۾ چور ويٺو هو. چور هت ڇا، ڊاڪو ويٺل هو. جڏهن خطري جو چتاءُ محسوس ڪيائين، ته ڇوڪر کي گهر اچڻ جي منع ڪري ڇڏيائين.

تعليم متعلق هن جو جڳ جهان کان الڳ نظريو هو. چي، ”جن کي علم مان ٽڪا ڪمائڻا نه هجن، انهن کي علم حاصل ڪرڻ جهڙيءَ حماقت ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟“ وٽس سڀڪجهه هو، تنهنڪري پٽ کي پڙهائڻ جي ضرورت ڪانه سمجهيائين. پٽس به اهڙو نالائق ته هو ڪونه، جو پنهنجي پيءُ جي اصولن جي خلاف ورزي ڪري. گهر جي زالن کي سواءِ قرآن شريف جي ٻيو ڪجهه به نه سيکاريو ويو هو، پر عقل ۽ سمجهه ته خدا هر ڪنهن کي ڏني آهي، سو خدا بخش جي گهر جون زالون به ڪن ڳالهين ۾ ڏاڍيون ڀڙ هيون، توڙي جو اسڪول جو در به ڪونه ڏٺو هئائون. جيڪڏهن ملڪ ۾ ٻوليءَ جي لغت کان سواءِ ڪچن لفظن جي لغت به تيار ڪئي وڃي ها، ته خدا بخش جي گهر جون زالون پنهنجي ٻوليءَ لاءِ اهو قابل فخر ڪارنامو ڏاڍيءَ خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏين ها. هو گندي کان گنديون گاريون اهڙيءَ ته بيباڪيءَ ۽ روانيءَ سان هڪٻئي کي ڏينديون هيون جو سندن مقابلي ۾ جيڪڏهن گُتي مان ڪو شرابي اٿي اچي، ته به هوند شڪست کائي وڃي. پردي جي سلسلي ۾ هو ڪنهن به طرح بيبين کان گهٽ ڪين هيون انهيءَ پابنديءَ جو هو فقط ايترو سو معمولي فائدو وٺنديون هيون جو جڏهن خدابخش وٽ اوطاق ۾ ڪو ملڻ ايندو هو ته هو ان کي سير يا سوراخ مان ڏسڻ لاءِ هڪٻئي مٿان پيون ڪرنديون هيون، ۽ ان سان هڪٻئي کي منسوب ڪندي کين ذرو به هٻڪ يا حجاب محسوس ڪين ٿيندو هو.

وڏيري خدا بخش جي ايڏي ضابطي کان پوءِ به زالن جي اها ذهنيت   ڏسي ائين ٿي چوڻو پيو ته عورت به ڪا ڏاڍي نرجي مخلوق آهي، جا ڪنهن به طرح قبضي ۾ نٿي اچي. بنهه بال مثل، جنهن کي جيترو زور سان پٽ تي هڻجي اوترو زور سان مٿي اڇل کائي اچي. باشي ته ڄڻ هن جي خيالن جو بنهه ضد بڻجي پيدا ٿي هئي. پڻس کي جيڏي چڙ گهڻي هئي، هن کي اوڏي ئي کل گهڻي. سڄو ڏينهن پئي هرڻيءَ جيان نچندي ٽپندي هئي. انگ انگ ۾ ڄڻ شرارت ۽ مستي ڳوهيل هيس. گهر ۾ هڪ اها ئي هئي، جنهن کي دلي طرح پيءُ جي غصي جي پرواهه نه هوندي هئي.

خدا بخش جي غيرتمنديءَ سبب، ڌاريا ته پري رهيا، پر مائٽيءَ وارن کي به کانئس ڌيءَ يا ڀائٽين گهرڻ جي همٿ ڪانه ٿيندي هئي. نيٺ هن اهوئي ڪيو، جيڪو هن جي مائٽن کي خوف هو. پٽس ارڙهن ورهين جو مس ٿيو، ته هن ڀاءُ کي چئي ان جي چوويهن ورهين جي وڏي ڌيءَ پنهنجي پٽ سان پرڻائي، ۽ ٻي ٽائفائڊ ۾ مري هنن جي جند آزاد ڪئي. پنهنجي ڀائٽيءَ جي زندگي ته هن ائين سنواري، باقي ڌيءَ لاءِ سو هن کي گهڻو فڪر ڪونه هو. ”خدا ڪندو ته سوٽ وانگر مري موچاري ٿيندي، نه ته شادي نه ڪيائين ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي!“ پر باشيءَ ڄڻ ته ڪانوَ جي هڏي کاڌي هئي - هوءَ ته سندس غيرت جي گلي گهٽڻ لاءِ پيدا ٿي هئي! الائي ڪيئن سندس واقفڪار شاهه صاحب جي شامت آئي جو هن کان پنهنجي وڏي صاحبزادي اصغر لاءِ باشيءَ جي گهُر ڪيائين. خدا بخش کي انهيءَ ڳالهه تان ايڏي ته غيرت وٺي ويئي جو سندس رڳ رڳ ۾ ڄڻ بارود ڀرجي ويو. رت پئي ٽهڪيس. سادات ٿي پيو، نه ته خدا بخش جي گولي هن جي سيني کان پار هجي ها! شاهه صاحب ته خير انڪار ٻڌي ٻئي هنڌان پٽ پراڻي آيو، پر خدا بخش ڪيترن ڏينهن تائين غيرت جي باهه ۾ پڄرندو رهيو. ”آخر هن کي اها همت ڪيئن ٿي؟ يعني منهنجي ڌيءَ....!“ ان کان اڳتي هو سوچي ئي ڪين سگهندو هو. البت باشيءَ جڏهن اڳئين دفعي شاهه صاحب جي وڏي صاحبزادي کي دريءَ جي ڳڙکيءَ مان ڏٺو هو، ته کيس دل ئي دل ۾ پنهنجو ساٿي ڪري قبول ڪيائين. پوءِ شاهه صاحب طرفان اهو پيغام ٻڌي ته هن جي رڳ رڳ خوشيءَ جو نغمو آلاپڻ لڳي هئي. پر هن جي ڪومل دل مان نڪتل لطيف نغما، سندس پيءُ جي غضبناڪ رڙين ۾ دٻجي ويا. اها باشي ئي هئي، جنهن کي ڏسي خدا بخش جي فولاد جهڙيءَ دل ۾ ڪجهه پيار جي نرمي ايندي هئي، پر هينئر شاهه صاحب جي پيغام تي هن کي مٿس ايڏي ته ڪاوڙ آئي هئي جو ڀانئي ته اصل گولي هڻي ماري ڇڏيس. ڪاش، سندس نگاهن جي غضبناڪيءَ ۾ ايتري گرمي هجي ها جو هو باشيءَ کي رک جو ڍير بڻائي سگهي ها! ”ڪمبخت، نه ڄمين ها ته ڇو ائين گار کائڻي پوي ها!“

*      *      *

پوءِ حالتون بلڪل جلد، بنهه سئنيما جي پردي تي ڦرندڙ تصويرن جيان بدلجي ويون. ڀاڻس هڪ ڏينهن شڪار تان موٽندي گهوڙي تان ڪري پيو. لوندڙيءَ ۾ ڌڪ لڳس، اتي ئي ختم ٿي ويو. ان جي اوچتي موت خدا بخش جي دل کي ڏاڍو صدمو پهچايو. ڏک ڪهڙي چيز آهي، تنهن سان هو پهريون ڀيرو آشنا ٿيو. ڀاءَ جي موت جو غم سهسائي جڏهن هن بئنڪ بئلنس وغيره ڏانهن نظر ڪئي، ته تختو نڪري ويس. مرحوم هيڏيءَ پونجيءَ مان ته ٽڪو به نه ڇڏيو، پر اٽلو هن هن کان قرض ورتو هئائين، ۽ ڪيترا ٽڪر زمين به وڪڻي ڇڏي هئائين. جڏهن هڪ هڪ سان حساب چڪتو ڪري واندو ٿيو، ته هن لاءِ ميلن ۾ کڙيل سر سبز زمين چند ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ سميٽجي وئي. ڀاڻس پنهنجو حصو ته ڪونه ڇڏيو، پر اٽلو سندس به ڪجهه حصو اڏائي ڇڏيو هئائين.

خدا بخش پيسي جي سوڙ ۽ ڀاءُ جي موت سبب ڏاڍو دلشڪستو ٿي پيو. پنهنجي عزت ۽ شان کي ائين سگريٽ جي دونهي وانگر هوا ۾ تحليل ٿيندو ڏسي، هن جي دل ٻڏندي ويندي هئي، نيٺ وڃي بستري داخل ٿيو. جبل جيڏي بيماري ڪاٽي اٿيو، ته زيور به ختم ٿي ويا. پر اڃا تائين زمينداري شان ۽ آڪڙ باقي هئي! شهزادي جهڙو پٽ ڪٿي وڃي نوڪري ڪري، اها ڪهڙي نه ذلت جهڙي ڳالهه هئي؟ پر پيٽ جي بک ڪو بيڪار اصولن ۽ انڌيءَ غيرت سان تعاون ته ڪونه ڪيو هو: سو جڏهن تنگدستيءَ هيڪاري اچي تنگ ڪيس، تڏهن لاچار، پنهنجي غيرتمنديءَ جو گلو گهٽيندي، خدا بخش پنهنجي پٽ کي منشيگيريءَ جي اجازت ڏني.

*      *      *

زندگيءَ سرءُ جهڙي ويران ۽ بيڪيف ٿي وئي. ڪٿان به بهار جي آمد جو اشارو نٿي مليو. انهيءَ مايوسيءَ گهر جي ڀاتيءَ ڀاتيءَ کي بيزار بنائي ڇڏيو. سس ۽ ننهن جو، نڻان ۽ ڀاڄائيءَ جو، زال ۽ مڙس جو، ذريءَ ذريءَ ڳالهه تي پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيڻ لڳو. خدا بخش سڄو ڏينهن ٻاهر اوطاق ۾ ويٺو پنهنجي گذريل عيش عشرت کي ياد ڪندو هو. پر ائين ڪندي جڏهن سندس ڦٽ چِڪڻ لڳا، ۽ بهار جي ڳالهين ڪندي بهار ڪانه آئي، ته سڀ کان مايوس ٿي مسجد جو سهارو ورتائين، ۽ باقاعدگيءَ سان پنج وقت نماز ادا ڪرڻ لڳو. مسرتن جا سڀ ساٿي جڏهن ساٿ ڇڏي ويندا آهن، ۽ ڪو سهارو باقي نه رهندو آهي، تڏهن مصيبت ۾ هونئن به خدا ياد ايندو آهي.

هڪڙي ڏينهن منجهد جو خدا بخش گهر ۾ اندر ليٽيو پيو هو. چپ چپات لڳي پئي هئي. ڏينهن ڏاڍو گرم هو، ڪانءَ جي اک پئي نڪتي. سڀئي پنهنجين ڪوٺڙين ۾ ستا پيا هئا. پر باشيءَ کي آرام ڪٿي! ورانڊي ۾ ويٺي ڀائٽين سان راند ڪيائين، ته اوچتو هن جي هٿان ننڍڙيءَ سعيده کي ڌڪ لڳي ويو. هوءَ رڙيون ڪري روئڻ لڳي. ڪوٺيءَ مان ڀاڻس ٻاهر نڪتو، ۽ خار مان باشيءَ کي چوٽيءَ کان وٺي چيائين، ”انڌي آهين ڇا؟“ باشي روئڻهارڪي ٿي اندر هلي ويئي. اندران خدا بخش ڏٺو ته کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ پٽس باشيءَ جي چوٽيءَ ۾ نه، پر سندس ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌو هو. ”ڪيڏو نه نالائق ٿي پيو! ڪا ساڃهه نه رهيس!... جي سعيده هن  جي هئي، ته باشي وري ڪنهن جي هئي؟ مون ته ڀاءُ سان ڪڏهن ڦوروئي نه ڦوليو، پر هن منهنجي جيئري ئي ڪڏهن باشيءَ کي پنهنجي پگهار مان رپيو به خرچي ڪانه ڏنا!“ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن کي باشيءَ تي قياس اچي ويو، ۽ هن جي فولاد جهڙيءَ سخت دل ۾ ننڊاکري شفقت سجاڳ ٿي اٿي. باشي سندس رت ئي ته هئي. اهو رت، جنهن جي ڦڙي ڦڙي ۾ سمايل هن جي انڌي غيرت هينئر دم ٽوڙي رهي هئي.

*      *      *

دل ڌُتارڻ خاطر، خدا بخش هڪ ڏينهن شاهه صاحب جي اوطاق تي ويو. معمولي ڪپڙن ۾، اداس اداس.کيس ڏسي، بس خدا جي ذات پئي ياد آئي. سندس مڇون، جيڪي اڳي بنهه وڇونءَ جي ڏنگ مثل کڙيون هونديون هيون، هينئر اهي هيٺ لڙڪي پيون هيون. ائين، ڄڻ ته ڪنهن انهن کي منڊي سندن ڏنگ ڪڍي ڇڏيو هجي.

اها ته شاهه صاحب جي دل کي خبر ته هن ائين ڇو ڪيو، بهرحال هن کي مٿس مهر ضرور اچي وئي هئي. هڪ ڏينهن هن وٽس سڳداسي چانورن جون ٻه ڳوڻيون، ۽ هفتي کان پوءِ پنهنجو خليفو موڪلي چوايو ته ”آءٌ تنهنجي نياڻيءَ سان نڪاح ڪرڻ ٿو چاهيان.“

ان وقت خدا بخش کي پنهنجي اڳين ڪاوڙ ياد ضرور آئي، پر هينئر سندس رڳن ۾ گردش ڪندڙ خون ۾ اها گرمي ئي ڪانه هئي. اهو خون، جنهن جي ڦڙي ڦڙي ۾ سندس غيرتمندي جذب ٿيل هئي، جنهن شاهه صاحب جي جوان پٽ جي پيغام تي طوفان مچائي ڏنو هو، اهو هينئر برف مثل ٿڌو هو. وقت وقت کي پنهنجي اهميت هوندي آهي. اڳي جواني هئي، هينئر ٻڍاپو، اڳي رڳن ۾ ڊوڙندڙ خون ۾ بجليءَ جهڙي طاقت هئي، ۽ اڄ سندس جسم جو سمورو جوش و خروش ختم ٿي چڪو هو. بنان چون چران جي، هن شاهه صاحب کي اقرار ڪري موڪليو. سندس زال پنهنجن ٽوڻن ڦيڻن جي ڪرامت سمجهي، دل ئي دل ۾ سکائون باسيون.

*      *      *

شاهه صاحب جي اڳين زال مري وئي هئي. هن کي ٻين پيرن جيان نه گهڻين زالن پرڻجڻ جو شوق هو، ۽ نه وري سريتن رکڻ جو. کيس پنهنجن مريدن سان ڏاڍو پيار هوندو هو، سو سڄو ڏينهن انهن سان مشغول هوندو هو، ۽ اندر، زالن ۾، مريدياڻين سان منهن ڏيڻ لاءِ شاهه صاحب کي بيبيءَ جي ضرورت هئي.

ڀاڄائيءَ کي باشيءَ جي قسمت تي رشڪ اچي ويو. ماڻس جي رڳ رڳ ٺري پئي. پر، الائي ڇو، بيوقوف باشيءَ هنن سان انهيءَ خوشيءَ ۾ ساٿ نه پئي ڏنو. هوءَ ائين نستي ۽ ويڳاڻي لڳندي هئي، ڄڻ ڪنهن هن جي جسم مان سڄي شرارت ۽ مستي نپوڙي ڪڍي ڇڏي هجي.

پوءِ، هڪ پورنماسي رات جو، شاهه صاحب پنهنجن ڏوهٽن ۽ پوٽن جو ڪٽڪ ساڻ وٺي، باشيءَ کي ڪنوار بڻائي وٺي ويو.

جنهن وقت باشي ڄڃ سان گڏ ساهري گهر پئي وئي، ان وقت خدا بخش کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اها باشيءَ جي ڄڃ نه هئي، پر هن جي غيرت جو جنازو نڪري رهيو هو. هر ڪنهن ڄاڃيءَ جي سواليه نگاهه خدا بخش جي چهري تي پئجي رهي هئي. هرڪو ائين سوچي رهيو هو ته خدا بخش جهڙي غيرتي شخص سالن جو اصول ٽوڙي ڌيءَ جي شادي ڪئي، سا به وري ڌارين ۾!

*      *      *

شاديءَ جي ٻئي ڏينهن شاهه صاحب جي سڀني ڏوهٽن پوٽن سان گڏ، سندس وڏو صاحبزادو به رسم موجب باشيءَ جي پيرن تي هٿ رکي کيس منهن ڏيکارڻ جي خرچي ڏيڻ آيو. جڏهن هن سندس پيرن تي هٿ رکيا، ته باشيءَ جي سڄي جسم ۾ ڄڻ بجليءَ جو ڪرنٽ اچي ويو. هن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، ۽ اوچتو، ڪنهن نامعلوم جذبي سببان هن جي اکين مان جهر جهر ڳوڙها وهڻ لڳا. صاحبزادو سندس ڳوڙهن جو تاب نه جهلي، منهن ڦيري هليو ويو. ۽ شاهه صاحب جي ٻڍڙي ماسي، کيس روئندي ڏسي چوڻ لڳي: ”سڀاڳي ڌيءَ، روءُ نه، مائٽن کان ڪهڙي ڌيءَ نه جدا ٿي آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com