نصرت لاشاري
سڄڻ ۽ ساڻيهُه، ڪنهن اَڻاسيءَ وسري،
ڪراچيءَ کان
دهليءَ تائين
(ڀارت جو سفر نامو) حصو پنجون
حيدرآباد دکن ۾ هڪ ڏينهن
حيدرآباد دکن زندهه دل سنڌين جو شهر آهي، دهليءَ
مان صبح جو سوير اٽڪل ساڍي ستين وڳي هوٽل جِي
ڪانٽينينٽل مان ايئرپورٽ روانا ٿياسين، هي اسان جي
سفر جو ٽيون مرحلو هو، پهريون انٽرنئشنل فلائيٽ
ذريعي انڊيا پهچڻ، پوءِ ڪوچ ذريعي انڊيا جي وڏي ۾
وڏي صوبي اُتر پرديش (UP)
جي تاريخي شهرن لکنؤ، ڪانپور ۽ آگري جو سير ڪري
اُتان جي سنڌين جو درشن ڪري هاڻ وري دهليءَ مان
ڊوميسٽڪ فلائيٽ (ملڪ اندر جهاز جو سفر) ذريعي
حيدرآباد دکن روانا ٿياسين.
دهليءَ جي اندرا گانڌي انٽر نيشنل ايئر پورٽ تان
صبح جو ساڍي اٺين وڳي واري انڊين ايئر لائين جي
جهاز ذريعي حيدرآباد دکن روانگي ٿي،جهاز ذريعي
دهليءَ کان حيدرآباد جو شهر هڪ ڪلاڪ پنجٽيهن منٽن
جو آهي ۽ ريل رستي ستٽيهن ڪلاڪن جو سفر آهي، اسين
چاليهه ماڻهو هئاسين ٽوٽل. شري سريش ڪيسواڻي جڏهن
بورڊنگ پاس کڻي آيا ته اهي تمام وڏي بنديءَ جي
صورت ۾ هئا. سڀئي اچي جهاز ۾ سوار ٿياسين. جهاز جا
دروازا بند ٿيا، هڪ ٽريڪ تان جهاز ٻي ٽريڪ تي اچي
انتظار ڪرڻ لڳو. ائين اڌ ڪلاڪ کان پوءِ رن وي مليو
۽ ٿوري دير ۾ زوزاٽ ڪندو جهاز آسمان ۾ اُڏامڻ لڳو.
ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسين حيدرآباد دکن جي راجيو
گانڌي ٽرمينل تي لٿاسين. سامان هٿ ڪري ايئرپورٽ جي
وي آءِ پي لائونج ۾ بيٺل ميزبانن جو انتظار ڏسڻ
جهڙو هو! اسان جي انتظار ۾ نيڻ وڇايو بيٺا هئا،
هتي اسين شري شيام جماڻي (حيدرآباد - سڪندر آباد،
سنڌي سيوا سميتي ٽرسٽ جو صدر)، شريمتي لتا جماڻي
جيڪا سندن سهڻي جيون ساٿياڻي آهي ۽ سندن دوست مِٽ
مائٽ تمام وڏي گروپ جي صورت ۾ آسان کي سنمان ڏئي
آڌر ڀاءُ ڪرڻ آيا.
جن ۾ رجني آنٽي، شيلا آنٽي، شميتا جي سندن وڏا اصل
شڪارپور جا هئا. هو اڄ به پاڻ کي سنڌ (شڪارپور) جو
چونڊي فخر محسوس ڪندا آهن، حيدرآباد جا سنڌي ڪٽنب
سڀئي شڪارپوري هئا، هتان جا سنڌي مالي طور تمام
گهڻا خوشحال آهن، انڪري زنده دل به ڏاڍا آهن، اسان
کي ايئر پورٽ تان رِسيو ڪرڻ شري شام جماڻي، آنٽي
لتا جماڻي ۽ سندن ٻيا مٽ مائٽ آيا، اسان جو جهاز
چاليهه منٽ دير سان پهتو، ايئر پورٽ جي وي آئي پي
لائونچ ۾ ڪُم ڪُم ۽ چندن هار پارائي اسان کي
ڀليڪار چيائون، ساڻن ملي ائين لڳو ڄڻ اڳ به نه ڄاڻ
ڪيترا ڀيرا مليا هجون! رجني آنٽي انتهائي پرجوش
نموني سڪ مان ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پئي پاتا، حيدرآباد جا
سنڌي ڏاڍا خوش مزاج ۽ زنده دل هئا، ان جو سبب شايد
اهو آهي جو سندن ڪميونٽي انتهائي بااثر نموني
هڪٻئي سان جڙيل آهي.
اسان حيدرآباد هڪ ڏينهن لاءِ آيا هئاسين، سو جيئن
ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته ڳاڙهي رنگ جي خاص بس
جنهن ۾ اڪثر سرڪاري مهمانن کي سير ڪرائبو آهي، سا
شيام صاحب اسان کي سير ڪرائڻ لاءِ گهرائي هئي،
سڀئي کلندا ان ۾ سوار ٿياسين، ايئرپورٽ ايراضي شهر
کان گهڻو پري نه هئي، حيدرآباد دکن جيڪو مون سوچيو
هو ان کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ماڊرن، خوبصورت، ويل
آرگنائيزڊ، صاف سٿرو شهر آهي، شهر جي بلڪل وچ ۾
تمام وڏي ڍنڍ آهي جيڪا قدرتي نه پر هٿرادو آهي،
يقين نه پئي آيو ته ايڏي وڏي ڍنڍ آرٽيفيشل ڪيئن ٿي
ٿِي سگهي! ان جو ڪنارو انتهائي صاف سٿرو ۽ اتي
ٺهيل ننڍا پر يورپين اسٽائل جا چانهه، ڪافي ۽
وائين شاپس هئا، ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾ مهاتما گوتم ٻُڌ
جو پٿر سان ٺهيل عاليشان مجسمو رکيل آهي، جنهن جي
هڪ ڪُلهي تي چادر رکيل آهي ۽ ٻئي هٿ سان عالم کي
آشيرواد پيو ڏئي، اسان جي ڀٽائيءَ وانگر جنهن چيو
آهي ته ”عالم سڀ آباد ڪرين.“ اسان جو ڀٽائي سنڌ
سان گڏ هن عالم لاءِ دعاڳو آهي.
سڌارٿ جو مجسمو ڪيترائي سال ڍنڍ ۾ ڪِريو پيو هو،
پر ان کي کڻڻ لاءِ ڪابه ڪرين يا مشين نه هئي، پٿر
جي مجسمي جو وزن تمام گهڻو هو، نيٺ ٻاهران آنڌرا
پرديش گورنمينٽ ماڻهو ۽ مشينون گهرائي ڀڳوان سڌارٿ
جي هن مجسمي کي وري سندس ٺاهيل جاءِ تي بيهاريو
ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾.
ڳاڙهي بس مان لهي اسين اچي هڪ تمام وڏي ٻيڙيءَ ۾
سوار ٿياسين. حيدرآباد جي موسم هلڪي ٿڌي هئي،
گهاٽي جهڙ جي ڪري موسم به ڄڻ ته اسان جو آڌرڀاءُ
سنهڙين بوندن سان ڪيو، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اسان مائين
رجني آنٽي، لتا آنٽي ۽ اسان سان گڏ ٻين مائين
سنڌيءَ ۾ سهرا ۽ گانا ڳائڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ ”ٻيڙي
وارا، منهنجا ادا ڙي مهاڻا، لال تي ٿي وڃان!“ کان
وٺي ”هو جمالو“ ۽ ٻيا ڪيترائي گانا ڳايا، رجني
آنٽيءَ ڊانس ڪئي ۽ اسين ڳائيندا تاڙيون وڄائيندا
رهياسين، پندرهن منٽن لاءِ ٻيڙيءَ مان اسان کي
لاٿو ويو ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾ بيٺل ڀڳوان جو درشن ڪرڻ
لاءِ ۽ فوٽوگرافيءَ لاءِ. اتي آئس ڪريم کارائي
وئي، ۽ وري تڙ تڪڙ ۾ اچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿياسين،
ڪجهه دير کان پوءِ ساڳي بس ۾ چڙهي وري ڳائيندا
وڄائيندا، منجهند جي مانيءَ لاءِ حيدرآباد جي
سنڌين جي ريسٽورنٽ ”موٽل ۽ چمني“ ۾ اسان منجهند جي
مانيءَ لاءِ پهتاسين، هيءَ ريسٽورنٽ يورپين اسٽائل
جي هئي، تمام گهڻي ماڊرن ۽ خوبصورت، ڪلرفل
روشنيون، هتي پهچي اسان جا اديب ۽ ڳائڻا باغ بهار
ٿي پيا، ٿوري دير کان پوءِ کين پنهنجي پسند جا
مشروب ملڻ لڳا، اسين ڪنڊ وٺي ميزبان مائين سان
ڪچهري ڪرڻ لڳيونسين. ان وچ ۾ ماني
Serve
ٿي. ايڏا ته ڊشز هئا جو ڪهڙو
کائي ڪهڙو کائجي! مون فريش جوس سان سڀني حيدرآبادي
ڊشز مان ٿورو ٿورو ٽيسٽ ڪيو، هن ريسٽورينٽ ۾ ميوزڪ
عاليشان پئي هليو! اڃا جو ڏسجي ته ميزبانن سان گڏ
اسان جي ٽيم ۾ شامل نوجوان شاعر ۽ هڪ آنٽي اهڙي
ڊانس ڪئي ڄڻ ته سندن ڀاءُ جي شادي هجي.
”ڪجرا ري ڪجرا ري تيري ڪالي ڪالي نينا“ تي آنٽي
اهڙي ڊانس ڪئي ڄڻ ته ايشوريا راءِ هجي. امداد
صاحب، قمر شهباز، شريڪانت ۽ ٻيا به ناچ ۾ شريڪ ٿي
ويا. يادگار لنچ ڪري اسين وري اچي بس ۾ سوار
ٿياسين. هتان اسين مغلن جي ٺهرايل چار مينار کي
ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين، هڪ چؤواٽي تي راجيو
گانڌيءَ جو گولڊن مجسمو ٺهيل هو، اُتي رجني آنٽيءَ
ٻڌايو ته هي شهر راجيو جو تڪ رهيو آهي ۽ هتان کيس
هر ڀيري سوڀ ملي، هاڻ هتان سونيا گانڌي اليڪشن ۾
بيهندي آهي ۽ کيس به عوام ساڳي ڀرپور موٽ ڏيندي
آهي.
رجني آنٽيءَ سان ڪچهري ڪندي، هلندي بس مان اوچتو
منهنجي نظر ”ڪراچي بيڪريءَ“ تي پئي، مون کان رڙ
نڪري ويئي، توهان جي حيدرآباد ۾ ”ڪراچي بيڪري!!“ ۽
اسان جي حيدرآبا سنڌ ۾ ”بمبئي بيڪري“ واهه واهه!
پوءِ آنٽيءَ ٻڌايو ته هيءَ شهر جي تمام پراڻي
بيڪري آهي، اها پڻ سنڌين جي آهي، روزانو لکين رپين
جي سيل ٿيندي آهي، ان جا ڪيڪ ۽ ٻيون شيون سڄي ڀارت
۾ مشهور آهن، هڪ ٻي آنٽي حيدرآباد جي مشهور بازار
مان گذرندي ٻڌايو ته هتي ڪپڙي کان وٺي، سون ۽ ٻين
شين جو ڪاروبار گهڻو تڻو سنڌين جو آهي، حيدرآباد ۾
ٽوٽل ستر هزار سنڌي رهن ٿا، پر هو تمام گهڻا پڙهيل
ڳڙهيل آهن ۽ وڏو طبقو انٽرنئشنل بزنس سان لاڳاپيل
آهي، جنهن جي ڪري هتان جي حڪومت ۾ به سندن گهڻو
اثر رسوخ آهي، اها ڪچهري ڪندي اسين اچي چار مينار
واري علائقي پهتاسين، هي علائقو مسلمانن جو هو،
حيدرآباد دکن ۾ مسلمانن جو وڏو تعداد آهي، مشهور
ٽينس رانديگرياڻي ثانيا مرزا به چار مينار واري
علائقي جي آهي، هتي بازارن ۾ هلندڙ عورتن کي ڪارا
برقعا پاتل هئا، ڄڻ سمنڊ ڪناري رهندڙ پينگوئينز
هجن ۽ مردن کي اڇا ڪپڙا ۽ ٽوپيون پاتل هيون.
حيدرآباد دکن ۾ اسان سان ڪابه پوليس يا ٻيو ڪو
سيڪيورٽي عملو گڏ نه هو، ان مان اهو ظاهر پئي ٿيو،
۽ شهر جي عام زندگيءَ مان به اهو پئي لڳو ته هي
پُر امن شهر آهي، هتي موٽر سائيڪل هلائيندڙ
ڇوڪريون به نظر نه آيون، ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ
چار مينار واري تمام رش واري علائقي مان چار مينار
جي ڀرسان پهتاسين. گاڏيءَ مان لهڻ کان منع ڪيو
ويو، انڪري جو وقت گهٽ هو، ڀوري ۽ ناسي رنگ جا چار
مينار ڏسڻ جهڙا هئا، سهڻي تعمير ٿيل هين. عاليشان
تعمير سازي جو هڪ نمونو آهي، اتان ٿي واپسيءَ ۾
ساڳيا رستا ٽپي اسان کي اسراڻي انٽرنيشنل هوٽل
آندو ويو جتي اسان جي رهڻ جو بندوبست ٿيل هو، ساڍي
پنجين کان ستين تائين فريش ٿيڻ جو وقت ڏنو ويو دل
چيو ته بازار وڃجي پر وقت نه هو، تيار ٿي ستين بجي
اسان ڪلچرل شو لاءِ روانا ٿياسين.
اٺونجاهه سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو حيدرآباد دکن
جا سنڌي، سنڌ جي سنڌين سان گڏجي رهيا هئا، هي
پروگرام ”ڀارتيا وديا ڀون“ ۾ 23 سيپٽمبر جي شام جو
رکيل هو. هن پروگرام جي پبلسٽيءَ لاءِ سنڌ ڪرانيڪل
ماهوار مئگزين سنڌ مان آيل سڀني مهمانن، اديبن،
فنڪارن ۽ شاعرن جا نالا به ڏنا هئا ۽ شري سريش جِي
جيڪي صدر آهن، سنڌي ڪائونسل آل انڊيا جا ۽ سنڌي
اڪئڊمي دهلي، آندرا پرديش جي گورنر شري شڪال ڪمار
شندي، سندس زال شريمتي اُجالا شندي جا پيغام شامل
ڪيا ويا. ان کان سواءِ جماڻي آئيس ڪريم، سنڌ
ڪوآپريٽو بئنڪ، وشال بازار، ڪنچن گارمينٽ، بالاجي
وشنو سوئيٽ هائوس، شيلا آرٽس ڪرافٽ، گيانيز
جيولرز، پان آمريڪا، ڪومل ڪريشن، سيتا ايڪسڪليويز،
جماڻي هولسٽڪ سينٽر ۽ ٻين سنڌين پنهنجا اشتهار،
پيغام ۽ نيڪ تمنائن جا پيغام ڏنا.
اسين شام جو ست لڳي پندرهن منٽن تي ”ڀارتيا وديا
ڀهون جي هال ۾ پهتاسين ٻاهران سيڪيورٽي جي فقط هڪ
گاڏي عام گاڏين سان بيٺل هئي، خبر پئي ته اندر
گورنر آندرا پرديش پهچي چڪو آهي، هتان جي ماڻهن جي
ڪاميابيءَ جو راز ان ۾ به آهي ته ماڻهو وقت جا
ڏاڍا پابند آهن، اسان وٽ ماڻهو اُن کي سمجهيو
ويندو آهي، جيڪو دير سان پهچي، اسان کي اڳيان
وارين سيٽن تي وهاريو ويو، شري سريش ڪيسواڻيءَ جن
تقرير ڪئي. هن سنڌ جي تاريخ، ڪلچر ۽ ثقافت تي روشن
وڌي، شري شيام جماڻيءَ جن پنهنجا ويچار ونڊيا ۽
گورنر صاحب جا ٿورا مڃيا.
آندرا پرديش جي گورنر تقرير ڪندي چيو ته ”هي جيڪي
سنڌي ڀائر آهن اسان کي انهن تي فخر آهي، اڄ هو
خوشحال آهن. ڀارت جي خوحشالي ۽ ترقيءَ ۾ سندن اهم
ڪردار آهي، پر جڏهن هو اٺونجاهه سال اڳ هتي لڏي
آيا هئا تڏهن سندن کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، رهڻ
لاءِ اجهو نه هو پر آءٌ اها ڳالهه دعويٰ سان ٿو
چوان ته مون ڪنهن سنڌيءَ کي ڪنهن جي اڳيان هٿ
ٽنگيندي نه ڏٺو آهي، هي ڏيڻ وارن مان آهن وٺڻ وارن
مان ناهن، اسان کي فخر آهي جو اهي اڄ اسان جو حصو
آهن“. اهي لفظ شري شڪلا ڪمار شندي جن چئي اسان جي
پنهنجن سنڌين جي عزت اسان جي نظر ۾ اڃا به وڌائي
ڇڏي. مون مووي ٺاهي گورنر جي تقرير جي. اسان سان
گورنر صاحب جو فوٽو سيشن ٿيو، ان کان پوءِ
ذوالفقار ۽ مظهر حسين گڏجي ڪلچرل ميوزيڪل ايوننگ
جو آغاز ڪيو، پوءِ واري واري سان ٻين فنڪارن
پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، پروگرام ختم ٿيو ته اسان
سان ٽوئين سٽي حيدرآباد ۽ سڪندر آباد شهر جا سنڌي
ملڻ آيا، انهن ۾ گهڻو ڪري جوڙا هئا. ڪي نوجوان زال
مڙس ۽ ڪي وڏي عمر جا. هڪ وڏي عمر جي چاچا مون کان
پڇيو تنهنجي شادي ٿي آهي، مون چيو نه .چيائين هي
منهنجي زال ۽ مان گذريل چاليهن سالن کان (ڀاڪر
پائيندي) هيئن گڏ آهيون، ”تو شادي ڇو ناهي ڪئي،
هاڻ هتان واپس وڃي ضرور ڪجان.“ مون کلندي کين جواب
ڏنو شادي ضرور ڪنديس پر اهڙو وفادار ماڻهو ملي
جيڪو چاليهه سال مون سان گڏ هجي،“ ان تي سڀ ٽهڪ
ڏيئي کلڻ لڳا. سڀني کان موڪلائي اسين واپس هوٽل
پهتاسين، هاڻ احساس ٿيو ته ڏاڍا ٿڪل آهيون، رينو
جِي مان ۽ ماهين هڪ ڪمري ۾ رهيوسين، ٿوري دير فريش
ٿيڻ کان پوءِ هوٽل جي لائونج ۾ سڏايو ويو. اسان
لاءِ خاص چار مينار جا مانيومينٽس تيار ڪرايا ويا
هئا. اهي تحفي ۾ ڏنا ويا، ان کان پوءِ ڪمري ۾ پهچي
بس بيڊ تي ليٽڻ سان ئي ننڊ اچي ويئي. صبح جو ڇهين
لڳين اٿي تيار ٿي، هتان جي سنڌين جي پاڙي ۾ ٺهيل
سنڌو ڀون مندر ۽ سنڌين جا پاڙا مسٽر ۽ مسز شيام
جماڻيءَ سان گڏجي ڏٺاسين. هتان جا مرد ۽ عورتون
زال مڙس ڏاڍا لبرل ۽ پروگريسو سوچ وارا آهن، عورتن
کي پنهنجن ڪاروباري معاملن ۾ گڏ رکندا آهن، هتي
حيدرآباد ۾ آفيس توڙي گهريلو زندگيءَ جا فيصلا
اڪثر عورتون ڪنديون آهن.
اسين شري شيام جماڻي ۽ سندن سهڻي ساڙهيءَ ۾ ملبوس
شريمتي لتا جِي کان موڪلائي، ايئرپورٽ روانا
ٿياسين، ساڳي ڳاڙهي بس ۾ ايئرپورٽ پهچي سامان
روانو ڪري، پاڻ اچي ڪافي شاپ ۾ ويٺاسين حميد سنڌي
جن منهنجي مٿي تي هٿ رکي چيو ”هيءَ اسان جي دلبر
صحافي دوست جي ڌيءُ آهي، لڇمڻ ڪومل کين وراڻيو ”ها
يار ڏاڍو پيارو ماڻهو هو اصل وسري ئي نٿو!“
راشدي صاحب اچي چيو ”رڳو چانهيون ڪافيون پيئڻ ۾
مصروف آهيو، سامهون گفٽ شاپ اٿو وڃي حيدرآبادي
هيرن سان جڙيل چوڙيون وٺو ڪا شاپنگ ڪيو.“ اُما چيو
ته هي ايئرپورٽ وارا دڪان ڏاڍا مهانگا آهن، مون
ماهين کي چيو ”هل ڀلا. وٺون نه، ڏسي ته اچون،“
ڏاڍيون سهڻيون چوڙيون هيون، مون ٻه سيٽ تخليق ۽
رچنا لاءِ ورتا، دڪان تي اخبارون رکيل هيون. ٽن
اخبارن ۾ اسان جا فوٽو هئا، هڪ ته دڪاندار پاڻ کڻي
ڏني ”هي توهان جو فوٽو آهي نه“ آءٌ کلي پيس ۽
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم، فوٽو ڏسي خوشي ٿي، اخبار جو
نالو دکن ڪرانيڪل انڊيا سٽي هو، فوٽوءَ ۾ مون
گورنر جي تقرير ريڪارڊ پئي ڪئي، تصوير جو ڪيپشن
هيءُ هو:
سنڌ، پاڪستان مان آيل مهمان ناري گورنر شري شڪلا
ڪمار شنديءَ جي تقرير رڪارڊ ڪندي. ساڻن ملهايل شام
ڀارتيا وديا ڀون ۾ پاران سنڌي مهااُتوسو (On Friday)
فوٽ
by
Pavan
حيدرآباد مان ننڍيون وڏيون ڪي
ٽيهه اخبارون انگريزي، اردو ۽ هنديءَ ۾ نڪرن ٿيون.
ائين اسين هڪ ڏينهن، هڪ رات جو حيدرآباد دکن جو
يادگار ٽرپ هڻي، چوويهين سيپٽمبر 2005ع تي صبح جو
نوين لڳي جهاز ۾ چڙهي بينگلور روانا ٿياسين. |