سنڌيا شاهه
بيوسين جي پاڙ
درياءَ نيرن جي مانيءَ لاءِ اٽو پئي ڳوهيو جو پکين
جا ولر هيٺ لهي اچي آڏو ٿي ٻولڙيون ٻولڻ لڳس.
جهرڪيون، ڪٻريون، هيڙها ۽ ڪانوَ روز اچي اٽو وٺندا
هيس ۽ انهن جون ٻولڙيون ٻڌي درياءَ جهڙو ٺري پوندي
هئي ۽ اٽي جا گولڙا ٺاهي لپ لپ ڪري اڇلي ڏيندي هين
ته پکي انهيءَ لپ تي جهنجي جهٽ ۾ وري ڏانهس نهارڻ
لڳندا هئا ته کلندي چوندي هين: ”حاضر حاضر اجهو ٿي
ڏيان“ ڀِت تي پاڻيءَ جو پاٽوڙو ڀري رکندي هين جنهن
مان اهي پکي ئي نه ٻليون ۽ نوريئڙا به اچي پاڻي پي
ويندا هئا.
پکين پنهجون پنهنجون ٻولڙيون ٻولڻ شروع ڪيون ته
درياءَ جهٽ جهٽ ڪري اٽي کي اٽاڻ ڏيئي اٽي جو چاڻو
ٺاهي لپ ۾ گولڙيون اٽي جون ٺاهي اڇليائين جن پکين
کي اٽو هٿ آيو سي اڏري ويا ۽ ٻيا ويجهو ويجهو
ٽِپڙا ڏيڻ لڳس ته ٻيون گولڙيون ٺاهڻ لڳي. اڃا
گولڙا ٺاهيائين پئي جو هڪ ڪانوَ ڀت تي ويهي ٽاڙڻ
لڳو........ ڪان........ ڪان........ ”ائي مان
صدقو وڃانءِ ڪانگڙا، مٺي لولي پچائي ڏيانءِ ٻڌاءِ!
منهنجو ٻچڙو اچي پيو نه؟..........“ درياءَ تڪڙ
تڪڙ ۾ اٽي جو چاڻو ٺاهي ان ۾ کنڊ وجهي ٻئي چاڻي
سان ڍڪي ويلڻ لڳي ته ڪانءُ ڪان ڪان ڪندو اولاهين
ڪنڊ ڏانهن اڏري ويو ته هنيانءُ ٺري پيس. خوشيءَ
مان ڳائڻ لڳي. ”اڄ ايندو اڱڻ منهنجو ڍولڻو....!“
”ڪهڙو ڍولڻو پيو اچئي امڙ؟........“ نورل گهر ۾
داخل ٿيندي ڪلهي تان ڪوڏر لاهي ڪنڊ ۾ رکندي پڇيس
ته خوشيءَ مان ٻڌائڻ لڳس: ”سخي ٿو اچي اڄ، اجهو
هاڻي هاڻي ڪانءُ ٻڌائي ويو آ.“
نورل نلڪي ڏانهن ويو ۽ ماءُ جي خوشيءَ تي مرڪندي
هٿ منهن ڌوئي کٽ تي ويهندي پوتڙيءَ سان منهن
اگهندي چيائين: ”وارو ڪر امان، نبن کي پاڻيءَ تي
بيهاري آيو آهيان، مس مس ته ڪو پاڻيءَ جو وارو آيو
آ.“
”هائو ابا اجهو گهڙيان ٿي پئي ماني.“ درياءَ بُسري
تئي ۾ اٿلائي ٻي ماني گهڙيندي چيس.
”چاچي.......... الا..........“ اندران ڪوٺيءَ مان
حوران اوچتو رڙ ڪئي ته ٻئي ڇرڪجي ويا ۽ ڀڳا اندر
ڪوٺي ڏانهن. حوران چيلهه کي ٻئي هٿ ڏيو ڦٿڪندي
چيو: ”چاچي سور ۾ عضوا ٿا ڦاٽن..............“
درياءَ سندس حالت ڏسندي نورل کي چيو: ”ابا وارو
ڪر، ڀڄ دائي حسنه کي وٺي اچ. چئينس اصل دير نه
ڪري.“ ”هائو امان اجهو ٿو وڃان.“ نورل تڪڙو دائي
حسنه کي وڃي وٺي آيو. دائي حسنه حوران کي ڏسي
درياءَ کي چيو: ”ادي ويم ڏکيو ٿيندس، منهنجي مڃ ته
بنان دير کڻائينس مڊم ڏانهن.“
مڊم جو نالو ٻڌي درياءَ وسامي ويئي. وساميل آواز
سان چيائينس: ”تون جهڙي ڏاهي آهين تون ڪجهه ڪر
نه.“
”ادي مان ڇا ڪريان؟......“ دائي حسنه لاچاري
ڏيکاريندي چيس: ”هجي منهنجي وس جي ڳالهه ته ڪجهه
ڪريان به.“ درياءَ منهن پاسي ڪري بيوسيءَ مان چيو:
”اسان به ته ٻار ڄڻيا، اسان ته ڪڏهن مڊم جو منهن
ڪونه ڏٺو!.....“ ”ادي........“ دائي حسنه ڪلهي تي
هٿ رکندي چيس: ”اسان جي ڀيري ۾ اهي بيماريون به
ڪونه هيون جيڪي هاڻي ٿي پيون آهن. ڪالهه ئي رمضان
واري نُنهن جو ويم ٿيو. چڱي ڀلي ٿلهي متاري مائي
پوءِ به ڊاڪٽرياڻيءَ چيو ته رت ڪونهيس آپريشن کان
سواءِ ٻار ڪونه ٿيندو. آپريشن کان پوءِ به يا ٻار
بچندو يا ماءُ! ڊاڪٽرياڻي ته چڙ پئي ڪري ته توهان
اڳواٽ چيڪ اپ ڇو نه ٿا ڪرايو ته جيئن اڳواٽ اُپاءُ
وٺي ڇڏجي.“
درياءَ سندس ڳالهيون ٻڌي چيو: ”ڊاڪٽرياڻين کي به
ته پنهنجي ڪمائي ڪرڻي آهي نه! اهي ائين ڇو نه
چونديون!...“
”تون ڪانه سمجهندينءَ، مان نورل کي ٿي چوان.“ دائي
حسنه ڪوٺيءَ مان ٻاهر وڃي نورل سان ڳالهايو ته
نورل به منجهي پيو: ”هينئر ايترا پئسا ڪٿان
اچن!..........“
”مان باقي چرچا پئي ڪريان ڇا!......“ درياءَ هاريل
آواز ۾ چيو ۽ مٿو پڪڙي ويهي رهي.
”ابا وڌيڪ توهان جي مرضي باقي ڳالهه زور اٿوَ.“
دائي حسنه ٻنهي جي حالت ڏسي پاڻ به چپ ڪري اندر
هلي ويئي ته نورل ماءُ ڏانهن ڏٺو ۽ درياءَ ڏانهس
ڏٺو ۽ ٻنهي جا ڪنڌ جهڪي ويا. ان مهل ئي ٻاهريون در
کليو ۽ سخي ٿيلهو ڪلهي تي رکيو گهر ۾ داخل ٿيو.
ٻنهي کيس ڏٺو ته ڄڻ ٻنهي ۾ ساهه پئجي ويو. ٻئي
ڏانهس ملڻ لاءِ وڌيا. سخي ساڻن ملندي سندن منهن تي
پريشاني ڏسي کانئن پڇيو: ”خير ته آهي پريشان پيا
لڳو؟.........“ نورل جو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ ڪجهه به
ڪڇي نه سگهيو ته درياءَ ٿڌو ساهه کڻندي حوران بابت
ٻڌايس. سخي خوش ٿيندي چيس: ”ته پوءِ وٺي هلو
ڀاڄائيءَ کي ڊاڪٽر ڏانهن.“
”ڪٿان وٺي وڃونس!.....“ نورل هيڻائيءَ مان چيو:
”هڙ ۾ ٽڪو هجي ته وڃون نه ڊاڪٽرن ڏانهن. گهر ۾
هڪڙو ڇيلو هو آڌيارو اهو به قرض ۾ پورو ٿي ويو،
سودي وارن سودي کان به ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو آ ٻيو
ڪنهن کان اوڌر گهران؟...... اڄ جنهن ڏي اميد سان
نهار ته اهو اڳي ئي ٿو منهن ڦٽائي! ڪاڏي
وڃئون!........ ڏکيو سکيو ته وقت گذري ٿو وڃي
بيماريءَ بڙيءَ ۾ ڇا ڪريون!.......“
”ادا مان جو آيو آهيان!...........“ سخيءَ پاسي
واري کيسي مان هزار هزار جا ڏهه نوٽ ڪڍي ڏيکاريندي
چيس: ”ڇهن مهينن جي پگهار مان جيڪو بچندو هو سو
رکندو ويس هي گڏ ٿيا آهن ته ڳوٺ آيو آهيان. وٺي
هلو ڀاڄائيءَ کي ڊاڪٽر ڏانهن.“
نورل ۽ درياءَ جي جسم ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو. نورل
ڀڳو گاڏي ڪرائڻ لاءِ ۽ درياءَ ڀڳي اندر حوران کي
تيار ڪرڻ لاءِ. گاڏي آئي ته حوران کي وٺي ڀر واري
شهر ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ ڏانهن وٺي آيا. ڊاڪٽرياڻيءَ
حوران جي حالت ڏسي کين ڪاوڙ مان چيو: ”توهان ماڻهو
آهيو يا جانور؟....... هڪ عورت جي توهان وٽ ڪا به
قيمت نه آهي!....... توهان قدر ڪٿان ڪندؤ ڪنهن
عورت جو، توهان وٽ ته ڍورن ڍڳن کان به سستي آ نه
عورت! هڪ مرندي ته ٻي پرڻجي ايندؤ! اها به مرندي
ته ٽين، چوٿين آڻيندؤ! توهان وٽ ته ڏيڻ لاءِ بدلي
۾ به ڪيئي ڇوڪريون هونديون، هڪڙي ڏيئي ٻيو سڱ
وٺندؤ، ڇوڪري نه هوندؤ ته وياج تي پئسا وٺي به ٻي
شادي ڪندؤ! توهان لاءِ ته راند آ نه شادي ڪرڻ!“
ڊاڪٽرياڻيءَ نرس کي دوائون سمجهائيندي گهڙي کن
ترسي نرس جي ويندي ئي وري چوڻ شروع ڪيو: ”توهان
هوٽلن تي ويهي وقت وڃائيندؤ! توهان جو ڇا گهر ۾
ٻڌل ڍورن جهڙين عورتن سان! اهي ته توهان جون ٽڪن
ورتل غلام آهن، جيڪي توهان جي ۽ توهان جي ٻارن جي
خدمت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيون آهن! توهان ڇو هنن کي
انسان سمجهي هنن جو چيڪ اپ ڪرائيندؤ. توهان کي ته
اهو به احساس نه هوندو ته نقصان رڳو ڪنهن عورت جو
نه، اوهان جي ٿيڻ واري ٻار جو به ٿي سگهي ٿو.
توهان کي ته شايد ٻار جو مرڻ به وڏي ڳالهه ڪونه
لڳندو هوندو! توهان وٽ اڳي ئي ڌڻ جو هوندا آهن.
هڪڙيءَ مان نه ته ٻيءَ مان ئي ڌڻ ٿي پوندا. هڪڙو
ٻار مئو به ته ڇا!.......“
”ائين ڪونهي ڊاڪٽر صاحبه!....“ ڪنڌ جهڪايو ويٺل
نورل ۽ درياءَ جي وچ ۾ ويٺي نيٺ سخيءَ ڊاڪٽرياڻيءَ
کي چيو: ”اصل ۾ هيءُ منهنجو ڀاءُ نورل هڪ هاري
آهي. هارپي تي ٻني ڪاهيندو آهي. اڳي واٽر جو پاڻي
هوندو هو ته بچت به ٿيندي هئي، هاڻي ٽيوب جي ڳڌي
پاڻيءَ تي ڪاهجندڙ فصل پيٽ ڀرڻ جيترو ڇهه ماهيءَ
جو ان مس ڏيئي سگهندو آ. ادي وٽ ايترا پئسا ڪونه
هئا جو ڀاڄائيءَ کي وٺي اچي چيڪ اپ ڪرائي ها. اسان
جي گهر جو خرچ منهنجي پگهار تي هلندڙ آ. مان شهر ۾
هڪ هوٽل تي ماني پچائيندو آهيان ۽ ٻئي ٽئين مهيني
گهر موٽندو آهيان. هن ڀيري ڇهه مهينا کن گهر ڪونه
آيو هيس، اهو سوچي ته ڪجهه پئسا گڏ ڪري پنهنجي
ڪوٺي ٺهرائيندس پر اڄ گهر آيس ته ڀاڄائيءَ جي
طبيعت خراب ڏسي ان کي اوهان وٽ وٺي آياسين.
”اسان غريب مجبور هوندا آهيون ڊاڪٽرياڻي صاحبه!
بيحس يا ظالم نه. اوهان ته اخبارن ۾ خبرون پڙهي يا
ٻڌي اهوئي سمجهنديون هونديون ته اسان غريب
ماڻهو....... ماڻهو نه جانور هوندا آهيون جيڪي
جانورن وانگي جيئندا آهيون ۽ جانورن وانگي مرندا
آهيون پر ائين ڪونهي!......... حقيقت ۾ اسان
زندگيءَ کي نه آهيون گهاريندا زندگي اسان کي گذاري
ڇڏيندي آهي ۽ خبر تڏهن پوندي آ جڏهن اسان جي هٿ جا
زندگيءَ لاءِ سبيل لباس اسان لاءِ ئي ڪفن بڻجي
پوندا آهن. مجبوري سڀ کان وڏو عذاب هوندي آ
ڊاڪٽرياڻي صاحبه ۽ ان کان وڏو عذاب هوندي آ بيوسي.
غربت جي بيوسي، پيٽ بکئي جي بيوسي ۽ اگهاڙي انگ جي
بيوسي! سڀ کان وڏي بيوسي ته اها به هوندي آ
ڊاڪٽرياڻي صاحبه ته اسان غريبن جي مٿن تي ڇت نه
هوندي آ، پر ڪا ڀت به نه هوندي آ! تڏهن لوڙهن کان
بيهي هر ڪوئي اسان جا اگهاڙا انگ ڏسي اسان تي
ٺٺولي ڪري سگهندو آ.........!“ سخيءَ ڳيت ڏيئي
ڳوڙها پيئندي ڪجهه دير ترسي وري ٿڌو ساهه کڻندي
چيو: ”وڏيون ڳالهيون ڪندڙ ڪو مسيحا هتي آهي به ته
ڪونه جنهن وٽ بنان پئسي جي وڃي سگهجي. اڄ جي مان
نه اچان ها ته ڪنهن به اسپتال ۾ ڀاڄائيءَ کي داخل
ٿيڻ نه ڏنو وڃي ها ۽ ڪو ئي به ڊاڪٽر سندس علاج ته
ٺهيو کيس ڏسڻ لاءِ به ڪونه اچي ها!.........“
سندس تلخ ڳالهيون ٻڌي گهڙي کن ته ڊاڪٽرياڻي چپ ٿي
ويئي. اچرج مان نهاريندي نيٺ پڇيائينس: ”توهان چيو
ته توهان بورچي آهيو پر توهان جي ڳالهين مان ته
لڳي ٿو........“
”بورچي به ماڻهو هوندا آهن ۽ اهي پڙهيا لکيا به ٿي
سگهن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڇي به سگهن ٿا.“
”هون......“ ڊاڪٽرياڻي شرمساري لڪائڻ لاءِ دوا جون
پرچيون اٿلائيندي پيڊ تي ڪجهه لکندي پڇيس: ”عام
طور بورچي گهٽ پڙهيا هوندا آهن ۽ اوهان گهڻو پڙهيل
ٿا لڳو.“
”گهڻو نه، انٽر پاس آهيان. اسان غريبن جي انٽر به
اوهان جهڙن ماڻهن جي ڊگرين کان وڌيڪ مهانگي هوندي
آهي. مون کي وڌيڪ پڙهڻ جو شوق هو پر گهر جي حالتن
وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنو. مان هاڻي واندڪائيءَ ۾ جنرل
ناليج جا ڪتاب پڙهندو آهيان. ۽ اخبارون وغيره به
پڙهندو رهندو آهيان.“
”انٽر پاس ماڻهوءَ ۾ ايترو اعتماد!...... پهريون
ڀيرو پئي ڏسان.“
”شايد انڪري جو مون ڊگري نه، تعليم پرائي آ ۽ تيز
اسپيڊ سان هلندڙ سواريءَ وانگي لتاڙي ويندڙ
زندگيءَ کي گذارڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿم. شايد انڪري
خبر اٿم ته زندگي ڇا آهي؟ ۽ ڇا آهن انهيءَ جون
ضرورتون!“
”هون.......“ ڊاڪٽرياڻيءَ اٿندي چيو: ”پهريون ڀيرو
اوهان جهڙي ڪنهن بورچيءَ سان ملڻ ٿيو آ. خوشي ٿي
مون کي. اوهان جو دفاع ۾ ڳالهائڻ وڻيو. معاف ڪجو
مون واقعي به ڪجهه غلط ڳالهايو.“ ڊاڪٽرياڻي مرڪي
اڳتي وڃي وري بيهي پوئتي ڪنڌ ورائي کانئس پڇيو:
”فرض ڪريو، اڄ اوهان وٽ پئسا نه هجن ها ۽ ائين ئي
مريضه کي آڻيو ها ۽ مان ڏسڻ کان انڪار ڪريان ها
ته؟.....“
”ته شايد........“ سخي تلخ مرڪندي چيو ته ”مان به
اوهان وانگي ئي اوهان جي ضمير جاڳائڻ لاءِ ڪا
جذباتي تقرير ڪريان ها!........“
”هون!.........“ ڊاڪٽرياڻيءَ مرڪيو ۽
”صحيح!......“ چوندي حوران کي وڌيڪ ٽريٽمينٽ ڏيڻ
لاءِ هلي ويئي.
سنڌيا شاهه
ٽيڙو
دل سان ٿا ٻولن،
پڙهندي ٻار قرآن
ڏاڍو ٿا جهولن!
ٻارن جي خيرات،
مينهن ڪڻيءَ جي لاءِ-
پٿرين تي صلوات!
ڪارڙو ڪمارڙو جو جلوس،
قدرت ڄڻ مرڪي پئي-
ڏسي ٻارن جو خلوص!
..................
ڪائي واٽ ڏيکار
هاڻي بس او موليٰ!
ڪائي واٽ ڏيکار.
سوڙهيون ٿي ويون هن،
اوچتو دلين جون ڀتيون-
پوڙهيون ٿي ويون هن!
پنهنجو ئي گهر،
اوپرو ٿي ويو آهي-
هي ساڳيو ئي در!
سُڪيءَ تان تِرڪي پئي،
هلندي خيالن تار تان-
پاڇي کان ڇرڪي پئي!
دڪانداري آ،
هلي ڏي وٺ سان-
رشتيداري آ.
--------
پيڙا پيرن جي،
ساک ڏين ٿا-
ساٿ سويرن جي!
لوڙهي جي اندر،
آس لڇي ٿي ڪا-
ڳوڙهي جي اندر!
ثواب ٿي پوکي،
اکين جي اُکريءَ ۾-
خواب ٿي پوکي!
ريحانه نظير
موبائيل ۽ مِس
”ائي ٻڌ! هي
S.M.S
پڙهيو اٿئي،“ هڪ ٽيچر ڪلاس ۾
ويٺل ٻيءَ ٽيچر کي چيو.
ٻي ٽيچر جيڪا هڪ ڇوڪريءَ جو سبق ٻڌي رهي هئي تنهن
يڪدم کانئس پڇيو. ”ڪهڙو؟“
”اهو مِس وارو ڏس ڪيڏو نه سٺو لکيل آهي.“
پاسي واري مِس هن ڏانهن آئي. ٻئي هڪٻئي ڏي ڏسي کلڻ
لڳيون. ڇوڪري جيڪا سبق پڙهي رهي هئي سا سبق پڙهندي
رهي. ۽ هي ٻئي ڄڻيون هڪٻئي سان
S.M.S بابت ڳالهائڻ لڳيون. ايتري ۾ ڪلاس ۾ ويٺل
هڪ ٻي ڇوڪري مِس کي چيو.
”مِس هيءَ غلط ٿي پڙهي، سڄو سبق ڪچو اٿس.“
پر مِس جو منهن اهوئي موبائيل ۾. سندس منهن ۾ ڪنهن
مهل خوشي ڪنهن مهل گهُنڊ ۽ وري ڪنهن مهل تجسس پئي
جاڳيو. ڇوڪريون هڪٻئي پٺيان ائين ئي سبق پڙهنديون
رهيون. ”ٻڌاءِ ته ڇا تي پئي ٿي کلين؟“
پاسي واري مِس پڇيو؟ ايئن ئي
S.M.S
پئي ڏسان ماڻهو ڪيڏا نه بيوقوف
آهن. ڪهڙا ته
S.M.S
ٺاهيا اٿن.
ڇوڪري: ”مِس مِس هيءَ غلط پئي پڙهي.“
مِس نائله کي تمام گهڻو خراب لڳو ته هن مون کي
Distrub
ڇو ڪيو. هڪدم اٿي ان کي چماٽ
هنيائين.
”سڄي شرارت تو ۾ آهي. رڳو اٿئي ٽپال ڏيڻي. هاڻي بس
ڪري ويهه“. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هن
نماڻين نظرن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ شروع ڪيو.
ڪلاس ۾ ويٺل مِس شمائله جنهن کي اڪثر گوڏن ۾ سور
جي تڪليف هوندي آهي. تنهن چيو:
”نائله ٻڌ، هن مون واري ڪلاس جي ڇوڪريءَ کي به هڪ
چماٽ وهاءِ. ڏاڍو ٿي گوڙ ڪري.“
مِس نائله ڀرسان ويٺل ڇوڪريءَ کي چماٽ وهائي ڪڍي.
”انهيءَ کي چو هنيئي، صائمه کي چيو مانءِ... پر
خير تون به گهٽ ڪونه آهين. توکي به چڱو ٿيو جو
لڳي.......“
ڪرسيءَ تي ويٺل مِس شمائله پنهنجي گوڏن کي زور
ڏيندين ڳالهائڻ شروع ڪيو،
”سڄو ڏينهن ڪِر.. ڪِر.. ڪِر.. ڪِر، مٿي ۾ ئي سور
وجهي ٿيون ڇڏين“ اڳي ئي اسان کي گهرن جا مسئلا گهٽ
آهن، هتي اچون ٿا ٻه ٽي منٽ ساهه کڻڻ. سو به نه ٿو
ملي.“
مِس نائله ”ادي اصل بس ڪري ويهه! وري ٿيون چون ته
مِسون نه ٿيون پڙهائين سڄو الزام اسان جي
مٿان.....“
”هنن کي خاموش ڪرائيندي اسان جو گلو ئي سڪي ٿو
وڃي. ائي صبا وڃ گهران پاڻي ته کڻي اچ.“
”مِس مون سان گڏ ثنا ۽ سڪينه به هلن.“
ڇوڪريءَ نخري سان چيو.
”ها ها توهان به وڃو، پر جلدي اچجو.“
ڇوڪريون پاڻي کڻڻ ويون، ايتري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر
موبائيل وڳي ”هيلو، هيلو امان ڪهڙا حال آهن؟“
نائله پنهنجي ماءُ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
شمائله جيڪا ڪاپيون چيڪ ڪري رهي هئي، تنهن جو سڄو
ڌيان ان فون ڏي هليو ويو.
مِس نائله پنهنجي ماءُ سان ڳالهائڻ ۾ لڳي وئي ته
ڇوڪريون به پنهنجا پير ڊيسڪن تي رکي هڪٻئي سان
ڳالهائڻ لڳيون.
هڪڙيءَ چيو ”نيٺ مار مليئي نه!......... نه مِس
کي ڏَسين ها نه ئي مار ملئي ها...!“
زهره جو سبق ڪچو هو. مون مِس کي چيو پر مِس ته ٻڌو
ئي ڪونه.“
”هرو ڀرو مار کاڌئي.“
مِس شمائله: ”ڇوريون بس نه ٿيون ڪريو. ڏسو نه پيون
ته مِس فون تي پئي ڳالهائي. اٿي بيهو ۽ وات تي اڱر
رکو. مِس جي حڪم تي ڇوڪريون اٿي بيٺيون ۽ آڱر
پنهنجي چپن تي رکيائون.
ائين ئي مِس وري وڃي ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ ڪاپيون چيڪ
ڪرڻ لڳي. پر سندس ڌيان اهوئي فون جي طرف هو. مِس
نائله فون تي پنهنجي ماءُ سان ساهرن جون گلائون
ڪري رهي هئي.
”امان، مون سان ته ظلم آهي. ڪمائڻ وارو منهنجو مڙس
۽ کائڻ وارا ست ڄڻا. اڃا گهر ۾ مِس ڪو شيءِ جو
ذرو ايندو ته سڀني جو وات ڄرڪي جيان ڦاٽو پيو
هوندو. رڳو ٻليءَ وانگر پيا تڪيندا ته ڪيڏي مهل ٿو
ملي“.
”سس کي هڪ صوف ڏينديس ته چوندي ته عمر لاءِ به
رکجانءِ، ان کي به صوف وڻندا آهن. دل ٿي چوي ته
جهلي ڇڏيانس ته فروٽ آڻي ئي نه، پر ڇا ڪريان رابيل
۽ سيما ماني ته کائين ئي ڪونه. رڳو فروٽ کائيندا
آهن. جهليان ته جهليان ڪيئن......؟!“
ماءُ: ”بس، امڙ اهي ڏکيا ڏينهن اسان به گذاريا.
اهي جزائون ته هر ڪنهن جي نصيب ۾ لکيل آهن.“
ماءُ ڌيءَ کي آٿت ڏيندي چيو.
”امان ٻيو ته ٺهيو، پر جي ڪڏهن هوٽل تي ماني کائڻ
وڃون ته به پڦي چوندي ته منهنجي لاءِ به ڪجهه
وٺيون اچجو. گهر جي ماني کائي کائي بيزار ٿي پيا
آهيون.
خبر اٿئي تو وارو نياڻو ڇا چوندو آهي!
حاضر امان، ڇو نه!
مون کي ته اصل نُهن کان چوٽيءَ تائين باهه لڳيو
وڃي. ڏائڻ، ڪجهه به نه ٿي سهي!
ايتري ۾ ڇوڪريون پاڻي کڻي آيون. سندن جسم مان پگهر
ڳڙي رهيو هو ۽ هو سهڪي رهيون هيون.
”چڱو امان وڌيڪ پوءِ ڳالهائينداسين.“
مِس نائله فون رکي پاڻي پيئڻ شروع ڪيو.
ڇوڪريون پنهنجين پوتين سان پگهر اگهڻ لڳيون.
”ڪيڏي نه ڌپ اٿو پگهر ۾، وهنجنديون ڪونه آهيو
ڇا؟“.
مِس نفرت مان ڇوڪرين ڏانهن نهاريندي چيو،
چڱو هاڻي هلي ويهو.“
ڇوڪريون لڄي ٿيندي وڃي ڊيسڪن تي ويٺيون.
”پاڻي مان به پيئندس.“ ٽيچر شمائله چيو.
مِس نائله بوتل مان پاڻي گلاس ۾ وڌو ۽ هٿ وڌائي
کيس ڏنائين.
هن پڇيو: ”امان جي فون هئي!“
”ها ادي، ماءُ پيءُ ته نياڻيءَ جو ڀلو سوچيندا
آهن، پر گهر به ته سٺو ملي نه؟“
”ها، ادي ها! سچ ٿي چوين.“ مِس ڏک مان چيو.
”ڀلا ٻڌ، اڃا تائين اهوئي آزار اٿئي ڇا؟.....“
”تنهنجي ڏيرن کي اڃا ڪا نوڪري ڪانه ملي آهي؟“
مِس شمائله همدرديءَ وچان پڇيو.
”ها ادي، بس مڙئي پيا زندگي گذاريون، منهنجو مڙس
ويچارو ڏاڍو خيال رکندو آهي، تنهنڪري انهن ڇورن
سان به منهن پيان ڏيون.“
”جيڏي مهل ڏس ته منهنجي سس چوندي ته ابا عمر کي ته
ڀاڙي جا پئسا ڏي، ۽ شازيه کي به ڪاليج جي في ڏيڻي
آ!“
”رڳو ڪِر ڪِر ۽ نڀاڳ.“
”جهڙوڪ عمر نوڪري ڪري اسان کي پڳ ٻڌرائيندو.“
مِس نائله پنهنجي دل جو سور ٻڌايو چيو.
ايتري ۾ وري مِس شمائله جي فون وڳي.
”هيلو، هيلو، ڪير...... ڪير؟“
ٻي مِس ٻارن کي خاموش رهڻ لاءِ چيو.
ڪجهه دير ڳالهائن کان پوءِ فون بند ٿي وئي.
”ڪنهن جي فون هئي؟“ مِس نائله مِس شمائله کان
پڇندي چيو.
”امان جي فون هئي منهنجي ٽيون نمبر ننڍڙي ڌيءَ
جي طبعت ٺيڪ نه آهي، سو چيو اٿس ته موڪل وٺي اچ.“
”وڏي آپا کان وڃي موڪل وٺ.“
مِس نائله مِس شمائله کي مشورو ڏيندي چيو.
”ها چوانس ٿي، پر توکي خبر نه آهي ته هوءَ ڪهڙي
آهي! ڪنهن جي به مجبوري نه ٿي سمجهي، ڄڻ خدا ڏي
ته هلڻو ئي ڪونهيس.“
”اهڙو ته منهن پڪو ڪري جواب ڏيندي آهي جو وري ڪنهن
جي به دل نه چوندي آهي.“ مِس نائله چيو.
مِس شمائله افسوس ڪندي چيو،
”هوءَ ته برابر سخت آهي پر اسان ماسترياڻين ۾ رِيس
به ته ڪيڏي آهي. ڪالهه نه ڏٺئي ته مون موڪل گهري
مانس ته هڪدم زاهده چيو ته آپا مون کي به موڪل
ڏيو.“
”پوءِ تو ڏٺو ته آپا جو منهن ڪيئن خراب ٿي ويو.“
مِس شمائله هن کي وڏي آپا بابت سمجهائيندي چيو.
”ڀلا تون پنهنجو گهر ڇڏي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ ڇو
ٿي رهين؟“ مِس نائله کانئس وضاحت گهري.
”ادي نه پڇ، منهنجا چار ٻار وري سڄي گهر جو خرچ به
منهنجي مرس مٿان. جيڪو ڪمائي سو ته چٽ پر وري گلا.
هونئن به آصف ته آهي ئي منهنجي هٿ ۾ جيئن چوانس
تيئن ڪري. سو چيومانس ته هتي اسان جو ڪجهه به ڪونه
ورندو. هل ته هلي امان وارن وٽ رهون. ته جيئن
پنهنجا ٻار به سٺي نموني زندگي گذارين.“
”پر ادي، اهي ٻار به ان نسل جا آهن. انهن ڏانئڻن
اهڙو ته جادو ڪيو اٿن جو سڄو ڏينهن ٿا انهن کي
سارين.“
”سِدرا کي ته بخار ٿي پيو آهي. سو امان چيو ته
جلدي گهر اچ!“ ڇوڪريون هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي
بيٺيون رهيون. آخر مِس کي رحم آيو ۽ هنن کي ويهڻ
لاءِ چيائين پوءِ ڇوڪريون ڪچهري ڪنديون رهيون ۽
هاڻي رسيس جو ٽائيم ٿي چڪو هو ۽ کين بک به لڳي رهي
هئي.
مِس شمائله هيڊ مسٽريس کان موڪل وٺڻ لاءِ وئي.
مِس نائله ڇوڪرين کي سبق پڙهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ وري
ٻئي ڪلاس ڏانهن هلي وئي. ڇوڪريون ڪتابن ۾ منهن
وجهي پڙهڻ لڳيون.
”تمام سخت محنت ۽ دل لڳائي پڙهڻ سان اسان جو
مستقبل روشن ٿيندو.“
ايتري ۾ وري موبائيل وڳي.
ڪتابن مان ڌيان هٽائيندي ڇوڪرين رڙ ڪئي.
”منهنجي مِس جي فون آهي.“
”نه، نه، منهنجي مِس جي فون آهي.“
ڏس اها ڌن آهي نه ته ”اڪ پرديسي ميرا دل لي گيا“
نه تنهنجي مِس جي ڌن آهي: ”اگر تم مل جائو زمانا
چهوڙ دين گي هم“.
آخرڪار فون وڄي وڄي بند ٿي وئي. ڇوڪريون پاڻ ۾
وڙهڻ لڳيون.
”انڌي تو چيو“
”نه پهرين تو چيو“
”منهنجي مِس جي فون ڀلي آ.“ ”نه منهنجي مِس جي فون
ڀلي آ!“ بس ڪر، تون ، نه تون.....
ايئن ئي ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهڻ لڳيون. ڪلاس ۾ گوڙ ٿي
ويو. هڪ ڇوڪري ڀڄندي ڀڄندي پنهنجي مِس نائله جيڪا
ٻئي ڪلاس ۾ ويٺي هئي. ان کي چيو.
”مِس ڪلاس ۾ سڀ ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهن پيون!“
”هل ته اچان ٿي، رڳو اٿئي ٽپال ڏيڻي.“
ايتري ۾ مِس شمائله ڪلاس ۾ آئي ۽ برقعو پائڻ لڳي.
ڇوڪرين کان بنان پڇڻ جي ته ڇا ڳالهه آهي. سونٽي
کڻي هر هڪ کي وهائي ڪڍيائين.
ڇوڪريون ڊپ ۽ حراس ۾ چپ ڪري ويهي رهيون. ايتري ۾
وري ٻئي ڪلاس ۾ ويٺل مِس نائله جي فون وڳي.
مِس شمائله هڪ ڇوڪريءَ کي چيو، ”وڃ مِس کي چئه ته
تنهنجي فون پئي وڄي.“
مِس برقعي جا بٽڻ هڻڻ لڳي.
”ايتري ۾ مِس نائله جنهن تيزيءَ سان ڊوڙندي آئي.
ڄڻ ته ڊوڙ جو مقابلو هجي. پر فون وڄي وڄي آخر بند
ٿي وئي.
”اوهه: بند ٿي وئي. ڪنهن جي هئي؟ فرزانه جي هئي.“
هن موبائيل ۾ نالو ڏسندي چيو.
”موڪل مليئي؟“
”ها! مڙئي منٿون ايلاز ڪرڻ کان پوءِ ڏنائين ۽
چيائين ته سڄي مهيني ۾ وري نه چئجان.“
هن شڪايتي انداز ۾ چيو.
پوءِ هوءَ پرس کڻي ٻاهر وئي. نائله وري موبائيل ۾
ڏسڻ لڳي. ايتري ۾ مِس فوزيا ڪلاس ۾ آئي.
”ڪنهن جي فون هئي؟“
”فرزانه (ڀيڻ) جي هئي.“
”هيءَ وري ڪاڏي وئي!؟“
”ڇوڪريءَ جي طبيعت ٺيڪ نه هئس. ماڻس فون ڪيس ته
جلدي اچ.“
هن منهن ٺاهيندي چيو.
”نه ڪو، مڙئي ڪوڙ ٺاهي پوءِ ٿيون اسڪول اچن ۽ هاف
ڊي وٺن. ادي نصيب اٿن جو ملين ٿو.“
مِس فوزيا ڏند ڪرٽيندي چيو.
”وري ڏس! مڙس وٺي ماڻس جي گهر پئي رهي. ته متان هو
پنهنجو ماءُ پيءُ کي ڪجهه ڏئي.“
”بلي! مائي جي هُشي ته ڏس، نيٺ ادي پيءُ ماءُ جو
به ته ڪو حق آهي يا نه؟ آخر اسين به اولاد وارا
آهيون خدا کان به ڊڄڻ گهرجي ان کي الائي ڇا
منظور!“
مِس فوزيا پنهنجي ڪلاس ڏانهن وئي ته مِس نائله
دڙڪو ڏئي ڇوڪرين کي سماجي اڀياس پڙهڻ لاءِ چيو.
مِس جي موبائيل ٽيهر وڳي ۽ سڀني ڇوڪرين جو ڌيان
وري ڌن ڏانهن ڇڪجي ويو.
هاڻي مِس فون تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڇوڪريون آهستي
آهستي پڙهڻ لڳيون.
”اسين ٻار ئي هن ملڪ جا معمارآهيون. سڀان اسان کي
ئي هن ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون آهن. ٽڻ... ٽڻ...
ٽڻ... ايتري ۾ رسيس جي گهنٽي وڳي.
مِس
S.M.S
پڙهي رهي هئي. ان کي ڪابه خبر
ڪانه پئي. ڇوڪريون ائين گم ٿي ويون، جيئن بندوق جي
ٺڪاءُ تي پکي اڏامي ويندا آهن.
مِس نائله وڃي اسٽاف روم ۾ ويٺي جتي ٻيون ٽيچرس اڳ
۾ ئي ويٺيون هيون.
هر ڪنهن مِس پاڻ سان آندل کاڌو ميز تي رکيو.
هاڻي کائڻ سان گڏ ڪچهري ڪنديون رهيون. ايتري ۾ ٽڻ
ٽڻ ٽڻ رسيس بند ٿيڻ جو گهنڊ وڳو.
سڀني ڇوڪرين کي ٻڪرين جي ڌڻ وانگر ايمڻان پٽيوالي
لڪڻ ڏيکاريندي اندر ڪندي وئي. ڇوڪريون ته ڪلاس ۾
پهچي ويون، پر سڀ ماسترياڻيون اسٽاف روم ۾ هڪ ٻئي
جي
S.M.S
پڙهڻ ۾ رڌل رهيون. ۽ هر هڪ
ڪلاس جي ڇوڪري پنهنجي پنهجي ٽيچر کي وٺڻ آئي.
هر ڪا ٽيچر پنهنجي موبائيل ۾ منهن وجهي
S.M.S
پڙهڻ ۾ ايترو ته مشغول هئي، جو
هن کي در تي بيٺل ڇوڪرين جو آواز ڄڻ ٻڌڻ ۾ ئي نه
پئي آيو.
ڇوڪرين هيڏانهن هوڏانهن نهاري پاڻ ۾ فيصلو ڪيو.
”هلو ته وڏي آپا کي ٿا چئون!“
۽ ايئن ئي سڀ ڇوڪريون گڏجي هيڊ ماسترياڻيءَ جي
آفيس ڏانهن ويون.
”توهان جون ماسترياڻيون ڪٿي آهن؟“
مئڊم رعبدار آواز ۾ پڇيو.
”اهي اسٽاف روم ۾ ويٺيون آهن.“
هڪ ڇوڪريءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.
”مئڊم يڪدم پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ۽ پنهنجي منهن
ڳالهائيندي (اهي ڪونه سڌرنديون) چوندي ڇوڪرين سان
گڏ اسٽاف روم ڏانهن آئي.
ماسترياڻيون هڪدم ڇرڪجي اٿي بيهي رهيون. ڪن جي ته
هٿن مان تڪڙ ۾ موبائيل به ڪري پيا.
”ڪجهه خدا جو خوف ڪريو، ڪجهه حلال ڪري به کائو.“
توهان به پنهنجي ٻچن واريون آهيو! هي به توهان جا
ٻار ئي ته آهن، جيڪر هنن جو ڀلو ڪندؤ ته خدا توهان
جي ٻچن جو پڻ ڀلو ڪندو.“
مئڊم چڙ ۽ ڪاوڙ مان ايئن چئي آفيس ڏانهن رواني ٿي.
ماسترياڻيون هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳيون.
”سڄو ڏينهن مٿو هڻجي ۽ نتيجو وري اهو ٿو ملي!“
هڪڙي ٽيچر شڪايتي انداز ۾ چيو.
”پاڻ کي ته ڏسي سڄو ڏينهن آفيس ۾ ويٺي آهي. ڪلاس ۾
ويهي ته خبر پويس ته ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي.“
ٻي ٽيچر پهرين جي ڳالهه کي وزن وٺرائيندي چيو.
”تقرير ته ڪيئن ٿي ڪري! پاڻ به ته حلال ڪري کائي
نه!“.
ٽئين ٽيچر ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو،
”هلو ته ڪلاسن ۾ هلون، نه ته اڃا وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻو
پوندو.“
سڀ ٽيچرز پنهنجي ڪلاسن ۾ ويون.
ڇوڪرين جن مئڊم کي دانهن ڏني هئي، سي ڊنل سهي جيان
ويٺيون هيون.
پر ٽيچر جي نظرن کان بچڻ ڪٿي، ممڪن هو.
”ڇوري، وات پٽي توسان آهيان! هيڏي اچ...... اهڙو
پڙهڻ جو به شوق اٿئي جيڏي ٽپال تڪڙي ٿي پهچائين“.
ايئن ئي مِس نائله سندس ساڄي ڳل تي چماٽ وهائي
ڪڍي.
ڇوڪري ڪنڌ هيٺ ڪندي، اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ڊيسڪ تي
وڃي ويٺي. اهڙي نموني سڀني ٽيچرز پنهنجي پنهنجي
ڪلاس ۾ ڪارروائي ڪئي.
”ها ٻڌايو! ڪهڙو سبق پئي پڙهيو. رسيس کان اول!“
”مس، استادن جو احترام“. هڪ ڇوڪريءَ جوش واري
انداز ۾ چيو.
سبق: ”استاد اسان جي ملڪ جو قومي سرمايو آهن. انهن
جي ئي بدولت سماج ترقي ڪري ٿو.“
اڃا ڇوڪريءَ ايترو پڙهيو ته هنن جي بس اچي وئي.
مِس اسان جي بس آئي آهي اسان وڃون؟
ڪيتريون ئي ڇوڪريون ٿيلها کڻي ٻاهر وڃڻ لڳيون.
ايتري ۾ وري موبائيل جي رنگ وڳي.
۽ مِس هڪ دفعو ٻيهر
S.M.S
پڙهڻ ۾ مشغول ٿي وئي.
ڇوڪرين پنهنجي منهن سبق پڙهڻ شروع ڪيو.
سبق: ”اسان کي گهرجي ته ايئن ڪريون، جيئن اسان جا
استاد ڪن.“
S.M.S
ڏکي انگريزيءَ ۾ هو. جيڪو مِس
جي سمجهه کان ٻاهر هو. مِس جو ڇوڪرين ڏانهن ڪوبه
ڌيان نه هو. اها ته ويچاري پنهنجي ئي پريشاني ۾
هئي ته
آخر هي ڇا لکيل آهي؟
نيٺ ٻئي ڪلاس جي ٽيچر کان
S.M.S
جي معنيٰ پڇڻ وئي. پوءِ ٻئي
ٽيچرز موبائيل ۾
S.M.S
پڙهي ان جي مختلف معنيٰ
ڪڍنديون رهيون ۽ سوچينديون رهيون.
اڃا کڻي ڏسن ته موڪل ٿي چڪي هئي. پورو اسڪول خالي
هو ۽ پٽيوالو نماڻين نظرن سان کين ڏسي رهيو هو ته
ڪيڏيءَ مهل وينديون ته هو به اسڪول بند ڪري گهر
ڀيڙو ٿئي! |