سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون آگسٽ 2006ع

گلبدن جاويد

 

سرتيون شاهه لطيف چئي:

 آيا آسَ ٿِيامِ ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

پَسي پَهَرَ پُنهونءَ جي، نَنهَن سيِئَن نيڻَ ٺَرِيامِ،

گوُندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيوُن.

[سُر حسيني 6-1]

سوچ ويچار

تجزئي نگارن جو خيال آهي ته 21 صدي عورت جي حقن جي صدي آهي. پر ڇا عورت پنهنجا حق حاصل ڪر سگهي آهي، يا عورت پنهنجا حق وٺي ڄاڻي ٿي، انهيءَ پس منظر ۾ ڏٺو وڃي، ته هڪ پاسي عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڏاڍي سهڻائي ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن - خوش قسمتيءَ سان سنڌ جي نياڻين ۾ تعليم جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جيڪا ملڪي ۽ سماجي ترقي لاءِ هڪ مثبت ڳالهه آهي، حقيقت ۾ سنڌ جي عورت جو ڇوٽڪارو تعليم جي حاصلات ۾ آهي. نياڻي پڙهيل ڳڙهيل هوندي ته سندس زندگي خوشگوار ۽ ڪامياب گذرندي. ڇو ته باشعور نياڻي ڪڏهن به زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي دوکو نه کائيندي. ڇو چيو اٿن ته ”علم انسان جي ٽين اک آهي.“ ڇاڪاڻ ته علم ماڻهوءَ کي سندس فرضن ۽ حقن جي آگاهي ڏئي ٿو، ۽ زندگيءَ جو سليقو سيکاري ٿو ته وقت ۽ حالتن جي نزاڪت سان سماج ۾ پنهنجو وقار ڪيئن قائم رکجي. شعور کان وانجهيل ماڻهو نه فقط پاڻ لاءِ پر پوري سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو. بلڪ انسانذات لاءِ ناسور بڻجيو وڃي. انڪري ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ پنهنجي ٻچن جي تعليم تي ڌيان ڏجي خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي. ڀينرون، نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگاريون ۽ سنواريون ته جيئن اُهي ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ مضبوط سهارو بڻجي پون. ڇو ته عورت نالو آهي امن، محبت، ايثار، قرباني، امن آشتي ۽ شانتي ۽ سڪون جو. جڏهن نياڻين گهڻائيءَ ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿينديون ته پوءِ ڪير به سندن وار ونگو ڪري نه سگهندو! ۽ سماج ۾ ”ڪاروڪاري“، ”بدي جون شاديون“، ”بي جوڙ شاديون“ ڪرائڻ جهڙا ڪَلَور نه ٿيندا! پنهنجي پيرن تي بيٺل باشعور ڇوڪريءَ جي حقن کي ڦٻائڻ جي ڪنهن کي جرئت ٿيندي! پاڻي هميشه هيٺانهينءَ کي ٻوڙيندو آهي. اڄڪلهه نصرت جويو جهڙين سچين، سٻاجهڙين، سلڇڻين نياڻين جون زندگيون، ان ڪري برباد آهن جو اهي تعليم جهڙي مضبوط هٿيار کان وانجهيل آهن، پيار محبت هڪ فطري عمل آهي، پر ننڍي وهيءَ ۾ مائٽڻ کي رنجائي پنهنجيءَ مڃائڻ جي عمل جو نتيجو آخرڪار ناڪاميءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو. جڏهن مرد کي محسوس ٿئي ٿو ته عورت جو هاڻي ڪو اوهي واهي ناهي ته پوءِ اهو مرد، پنهنجي وَنَي لاءِ ور مان ڦري ويري ٿي پوي ٿو ۽ کيس پير جي جتي سمجهي کيس جسماني ۽ روحاني اذيتون ڏئي ٿو، جنهن جو ثبوت نصرت جويو جو بيدردي ۽ بيرحميءَ سان ڦٽيل ۽ ڏنڀيل چهرو آهي. جڏهن وَرُ واهروءَ بجاءِ ويري بڻجي پوي ته پوءِ عورت لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو موت هوندو؟! بهرحال صورتحال ڪهڙي به هجي، ڀينرن کي همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺڻ گهرجي. اهڙن مردن مان هڪدم ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي مستقبل لاءِ پاڻ ۾ جيئڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ گهرجي.

ڀينرون، زندگي نالو ئي آهي ڏکن ۽ سکن جي سنگم جو، پوءِ پاڻ ڳارڻ ۽ مارڻ بجاءِ ڏکين حالتن جو مقابلو ڪجي! انهي ڏس ۾ اسين سرتيون پليٽ فارم تان سنڌ سرڪار، عورتن جي تنظيمن ۽ ٻين ادارن کي گذارش ڪريون ٿا ته اهڙين مصيبت ماريل عورتن جي سهائتا ڪن. ماهوار سرتيون آگسٽ 2006ع جو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي، پر ڇو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا. اوهان جي صلاحن تنقيدن ۽ تجويزن جي هميشه جيان آجيان ڪئي ويندي.

- گلبدن جاويد

 ***

 

پڙهندڙن جا خط

ايڊيٽر سرتيون

السلام عليڪم، گذارش ته هن گڏ هڪ نظم بعنوان ”سرتيون“ عرض رکان ٿو اميد ته، ايندڙ پرچي ”سرتيون“ ۾ شايع ڪرڻ فرمائيندا ته نهايت احسانمند رهندس.

زياده آداب

مخلص”خاتم“ جانوري

پتو: هائوس نمبر 596 لالا ڳلي، شاهي بازار

حضرت روهڙي شريف

مانواري ايڊيٽر

پنهنجي دوست رکيل مورائيءَ جي مهربانيءَ سان خواتين جي رسالي ”سرتيون“ جو مئي 2006ع شمارو مليو اٿم. ان ۾ توهان جي سمپادڪي ليک ۾ سنڌي عورتن کي وقتائتو سڏ ڏنو ويو آهي، دراصل،  ڀارت، پاڪستان اپکنڊ ۾، عورتن جي مسئلن کان سواءِ ٻيا مسئلا پڻ ساڳيا آهن. عورتن کي ساڳيو ئي پيغام ريحانه نظير جي ڪهاڻي ”بنان عنوان“ ۾ پيش ٿيل آهي. ان جي پڇاڙيءَ ۾ ڏيکاريل آهي ته ان جي سورمي جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهي. پر مون وانگر توهان جي ڪيترن پاٺڪن کي به خاطري هوندي ته اهو ائين نه ٿيندو، هوءَ باعزت رهائي حاصل ڪندي.

سرتيون (مئي، 2006ع) جي ڪالم، ”خط ايڊيٽر ڏانهن“ ۾، جناب حسين سارنگ صاحب پنهنجي خط ۾ اپريل 2006ع واري شماري ۾ منهنجي ڪا تخليق شايع ٿيڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. توهان کي عرض آهي ته توهان اهو پرچو ۽ ٻيا پرچا پڻ موڪلڻ فرمائيندا. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي ان عيوض ۾ هي بندو توهان کي سرتيون جي ڏانوَ جون تخليقون موڪليندو رهندو.

هن گڏ پنهنجي هڪ ڪهاڻي ”هنن هنگلاجان هٿ ڪيو“ عنوان سان موڪلي رهيو آهيان. قبول ڪندا!

خلوص وچان توهان جو،

ميم جيم (موتيلال جوتواڻي)

پتو: .................................

محترمه گلبدن جاويد صاحبه!

ڪجهه مواد موڪليان پئي ۽ سالانا ميمبر شپ لاءِ فيس پڻ بڪ اسٽال موڪليان پئي. مهرباني ڪري رسالو منهنجي هيٺين ائڊريس تي ڏياري موڪلينديون رهجو. (مئي ۽ جون وارو پرچو پڻ موڪلجو).

سعيده شاهه

پتو: سيد گلي سيد محله، پوسٽ آفيس ڪوٽڙي ڪبير، تعلقه مهرپور، ضلعو نوشهروفيروز، سنڌ

محترمه ايڊيٽر صاحبه

”سرتين“ جي واري شماري، ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي صاحب جو لکيل مضمون ”شاهه لطيف سائين سراپا سنڌين“ نظر مان گذريو. جيڪو سندس سنڌالاجيءَ ۾ ڏنل ليڪچر جي بنياد تي بيٺل هو. جي حق ۽ انصاف جي ڳالهه ڪجي ته سرڳواسي هوت چند مولچند گربخشاڻي کان پوءِ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ ئي لطيف کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهيو آهي. هن مضمون ۾ لطيف پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي ستن سورمين ۾ جذب ڪري پنهنجي سنڌ سان عقيدت جو ثبوت ڏنو آهي.

هاڻي ڊاڪٽر صاحب وري لطيف جي سورمن ۽ سخي مردن جو اڳتي ذڪرڪندو جن کان سواءِ سندس مضمون نامڪمل ٿو لڳي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ سنڌو ماٿري، ادبي تاريخ ۽ ٻين سڀيتائن سان سنبندن (تعلقات) جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪو قابل تعريف آهي. مون کي هڪ دفعي ياد ٿو اچي ته جڏهن مان لنڊن يونيورسٽي ۾ Ph.d پئي ڪئي تڏهن منهنجي استاد محترم ڊاڪٽر پيٽر لائن PetterLyin سوال پڇيو هو. ته سنڌ جون جاگرافيائي، انتظامي ۽ ثقافتي حدون (Cultural Boundries) ڪهڙيون آهن ۽ سنڌ جو نقشو ڪيئن هجڻ کپي؟ مون ادب سان عرض ڪيومانس ته جن به ماڳن مڪانن جو لطيف پنهنجي رسالي، ۾ ذڪر ڪيو آهي اهي سڀ سنڌ جي Cultral Boundries ۾ اچي وڃن ٿا. انهن ۾ زندگي موجوده سنڌ، پر راجستان جا ٽڪرا، ڪڇ ڀُڄ، جوناڳڙهه، دوارڪا، هنگلاج، بلوچستان، ۽ ڪابل به اچن ٿا ۽ لطيف ساري دنيا کي به دعا ڪئي آهي ۽ ان جو مرڪز سنڌ کي بنايو آهي. انگريز استاد گهڙي کن  ته ماٺ ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته ان عظيم شاعر جنهن دنيا کي امن جي دعا ڪئي آهي ان تي Inter- disciplinary Research، تحقيق ٿيڻ گهرجي، وقت گذري ويو آهي. پر استاد جا لفظ اڄ به ياد آهن ۽ ڊاڪٽر جوتيواڻيءَ وري ياد ڏياريا آهن.

ڊاڪٽر صاحب کي ڌڻي وڏي ڄمار ڏئي، اسان جي سنڌ کي ڊاڪٽر جوتيواڻي جهڙن عالمن اسڪالرن جي ضرورت آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي وينتي آهي ته لطيف تي Inter disciplinary Research واري ڳالهه تي به غور ڪن.

ڊاڪٽر مهتاب علي شاهه

شعبو انٽرنيشنل رليشن

پتو: سنڌ يونيورسٽي ڄام

شورو، سنڌ.

 

اڀياس، تجزيو، تبصرو

گذريل سترنهن سالن کان ڇپجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي عورتن جي اڪيلي رسالي ماهوار ”سرتيون“ جولاءِ 2006ع جو پرچو اکين آڏو آهي.

کوهه/ نار مان پاڻي ڀرڻ لاءِ رسو ڇڪيندڙ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارڙين سان گڏ ٻن سندر نارين زينت صديقي ۽ نصرت لاشاريءَ جون خوبصورت تصويرون ٿر جي پس منظر سان ٽائيٽل کي ڏاڍو زيبائتو بڻائيون بيٺيون آهن .

سوچ ويچار/ ادارئي ۾ گلبدن جاويد جو لکيل هي جملو، ”سچ جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ زندگيءَ جي به پرواهه نه ڪجي.“ ڏاڍو وڻيو اهڙا انمول ويچارئي اسان جي ذهني ۽ نظرياتي سکيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

عنوان ”پرهندڙن جا خط“ بهتر لڳو. مان اڳ ۾ خطن لاءِ مختلف عنوان ڏئي چڪو آهيان. هڪ ڀيرو وري عنوان تجويز ڪجن ٿا جي ”مارن مون ڏي موڪليا“، ”پڙهندڙن جا پيغام“، ”سنيها ساريندڙن جا“ وغيره.

خطن ۾ سائين الطاف شيخ ۽ صبح جي هيرن (نسيم ڏاهريءَ ۽ نسيم لغاريءَ) جا ويچار وڻيا. خاص ڪري الطاف شيخ جو لکپڙهه لاءِ پتو ۽ فون نمبر پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي.

هن ڀيري پڻ ماضيءَ جيان سڀ کان اڳ ۾ ڀارت واسڻ سنڌياڻي رتنا گوديا ”رولاڪ“ جي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“ پڙهي. سندس لکڻين ۾ ڪيل واقع نگاري، منظر ڪشي، سوچن جي پختگي ۽ گهرائي مون کي هميشه ڏاڍي وڻندي آهي. سندس سوچن ۾ اسان پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي رهنمائي هوندي آهي. هندستان کان دبئي ويندي سندس پهرئين سفر جي ساٿياڻي ۽ پاڻ جهڙي ڏکايل خانم سان مخاطب آهي، ”خانم! اسان ٻئي لاپتي آهيون. اچ ته ان جي ماتم ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪريون!“ ڇا ته سندس سوچ آهي. ڏکن ڀرين گهڙين ۾ به پاڻ کي خوش ڪرڻ جي ڪيڏي ڪوشش ڪري ٿي! نيٺ خانم کان گانا ڳارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي.

استادِ شاعرِ ۽ سماج ۾ مثبت تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ريحانا چنڙ سان گلبدن جاويد جي ڪيل ڳالهه ٻولهه هن پرچي جي جان آهي. ريحانا عورتن توڙي ٻين پڙهندڙن جو جيءُ جهنجوڙيندڙ نراليون ۽ کريون ڳالهيون ڪيون آهن. ريحانا جهڙين نظرياتي باهمت، باعمل، سڄاڻ ۽ سجاڳ عورتن جا انٽرويو هر پرچي ۾ ڏيڻ گهرجن.

سنڌ جي سفير سائين الطاف شيخ جو ليک Not Borin USA سندس ساروڻين سان سرشار ۽ سامونڊي دنيا بابت چڱي معلومات ڏيندڙ آهي. کيس کپي ته ”سرتيون“ لاءِ خاص ليک عورتن جي حوالي سان لکي. الطاف شيخ پنهنجي لکڻيءَ جي پڄاڻي ڏڍاي سٺي انداز ۾ ڪئي آهي ۽ پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي. ”نوڪريءَ دوران ڪيترن ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن يا بندرگاهن تي اسان سڀني کي اهو تجربو ٿيو هوندو. پوليس، ڪسٽم، اميگريشن وارن واٽ ويندي سڏي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو هوندو. فقط انڪري جو اسان جو واسطو پاڪستان، هندستان، بنگلاديش يا برما جهڙي غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪن سان آهي. جن وٽ نه پيٽرول آهي. نه پوليٽيڪل پاور ۽ جن کي تڪليف ڏيڻ سان ڪا گلوبل تبديلي نه اچي سگهندي!

مانائتي تاج جوئي هند جي سنڌي شاعرِ لتا ٽهلياڻيءَ بابت سٺو تاثراتي ليک لکيو آهي. سندس ليک پڙهي، هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ويساهه وڌي ويو.

نسرين هاشميءَ جي تحرير ”سس ننهن: تجزيو ۽ تبصرو“ ۾ ليکڪا پنهنجن احساسن جو سٺو اظهار ڪيو آهي، پر سندس سوچن ۾ اختلاف آهي. پاڻ ئي پنهنجين ڳالهين کي رد ڪري ٿي. کيس اڻ ڌريو يا ٻنهي پاسي نه، پر هڪ طرفو ٿي لکڻ گهرجي. يا ته روايت پسندي، پراڻ پرستي ۽ صرف ماضيءَ جي مزارن ۾ رهي يا جدت، نواڻ، انوکائپ، ترقي پسندي ۽ مستقبل تي نظر رکندڙ سوچن، خيالن ۽ نظرين جي پٺڀرائي ڪري. سندس سوچ مطابق جڏهن رشتا ماڻهن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪا ٽئين قوت جوڙي ٿي ته پوءِ انهن نام نهاد رشتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن جا ذميوار ماڻهو نه هجڻ گهرجن! سندس ليک مان لڳي ٿو ته هوءَ ڪارائتو مرد کي سمجهي ٿي. گهر جي ڪم کي روايتي مردن جيان ڪم ئي نه ٿي سمجهي. تڏهن ئي ته ليکو اٿائين: ”ڇا ننهن جو اهو فرض نه آهي ته اها جڏهن ڀينرن، ڀائرن ۽ ماءُ لاءِ پيار رکي ٿي ته پوءِ نڻانن، ڏيرن ۽ سس لاءِ اها چاهت ۽ سوچ ڇو نه ٿي رکي؟ جڏهن ڀينرن کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ سوچي ٿي ته نڻانن لاءِ ڇو نه؟! ڇو ته ڪمائي به انهن جي ڀاءُ جي هوندي پوءِ ان تي ان جي ماءُ ۽ ڀينرن جو حق ڇو نه سمجهندي آهي؟“

نسرين هاشمي پنهنجي ليک ۾ مسئلي جي حل لاءِ نصيحتي انداز اختيار ڪيو آهي. سماجي سائنس مطابق جيستائين ڪنهن مسئلي جي سببن ۽ انهن جي علامتن جي پروڙ ناهي، تيستائين ان مسئلي جي حقيقي حل تائين نه ٿو رسي سگهجي. سس ننهن جي جهيڙي جا خاص سبب هي آهي.

صدين کان رائج پيئتو/ پدرسري (Patriacny) نظام.

جاگيرداري نظام جي پيداوار نام نهاد مرداڻي مٿڀرائپ واري سوچ (Male Shownism).

سماجي جوڙ جڪ جي ڀڃ ڊاهه سبب غلط خانداني نظام.

شعور جي کوٽ ۽ اولاد کي ملڪيت سمجهڻ واري رويي جي ڪري ڌرين جي مڪمل راضپي کانسواءِ رشتا جوڙڻ.

سنڌي سماج، سماجي، معاشي ۽ سياسي طور مستحڪم نه هجڻ.

قومي غلامي ۽ نالي ماتر تعليم، سس ننهن جي جهيڙي جو مٿين سببن سان گڏ ظاهري وڏو سبب شعور، سهپ ۽ ذهني ڪشادگي نه هجڻ ڪري پٽ/ مڙس صرف پنهنجي ئي اثر هيٺ هجڻ ۽ پري ٿيڻ جو خوف آهي.

مانائتي ارشاد سومريءَ جو ليک ”عورت جو روحاني قتل“ عورتن جي خاص مسئلي کي اڀارڻ جي ڪامياب ڪوشش آهي. پر ادي ارشاد به نسرين هاشميءَ جيان پنهنجن خيالن ۾ تضاد رکي ٿي، هڪ پاسي پيار پائڻ يا مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ باغي بڻجي گهر کان نڪرندڙ نينگرين کي ”پاڪ محبت“ کان منهن موڙڻ جا مهڻا ڏئي ٿي ته ٻئي هنڌ وري چوي ٿي ته: ”محبت ڪرڻ ڪوبه گناهه ڪونهي. محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سسئيءَ وانگر ڏونگر ڏورڻا پوندا ۽ مومل وانگر مرداڻو ويس پهرڻو پوندو. همت ۽ حوصلي سان ظلم ۽ ڏاڍ جا ڪوٽ ڪيرائي ثابت ڪرڻو پوندو ته انسان جي بلند ڪردار آڏو هر شيءِ تڇ آهي. سماج جي ٺيڪيدارن کي مات ڪرڻ تي مجبور ڪجي، جيڪي جرڳا ڪري عورت جي عصمت ۽ عزت  جي قيمت ڪٿين ٿا.“

سال! ادي ارشاد جا هي احساس، جذبا، جوش ۽ هوش سلامت رهن!

مانائتي نصرت لاشاريءَ جي سنڌ جي لکارين سان گڏ ڪيل سفر جي وارتا جو چوٿون حصو پڙهي فخر ٿيو ته هند جا سنڌي ڀائر اڃا سنڌ کي نه رڳو ساريندا، پر ساهه ۾ سانڍيو ٿا اچن. هو معاشي طور هتان جي سنڌين کان سگهارا آهن. شال! اُهي اڃا آسودا ٿين ۽ سنڌ جي قومي آجپي، امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن.

نصرت، هن قسط ۾ تاج محل بابت ڏاڍي ڪارائتي ڄاڻ ڏني آهي. کيس هڪ ڀيرو وري گذارش آهي ته هوءَ پڙهندڙن کي ڀارت جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن کان کليءَ طرح آگاهه ڪندي رهي.

”ڳڻن ڀريون ڳالهيون“ ۾ نجمه پنهور مانائتي زينت صديقيءَ  سان اثرائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. زينت صديقي فن جي خدمت سان گڏ جيڪا پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياري آهي ان لاءِ کيس جس ۽ سلام هجي.

بيشڪ زينت گهرو زندگيءَ ۾ ڪافي تڪليفون سٺيون آهن، ان جو صلو کيس صالح اولاد جي صورت ۾ مليو آهي. کيس ڀرپور عوامي موٽ به ملي آهي. پوءِ به سندس هيٺيون جملو مايوسي ڦهلائي رهيو آهي: ”عورت ڪيڏي به محنت ڪري، قربانيون ڏئي پر ان کي ان جو صلو ڪونه ٿو ملي.“ جيڪڏهن عام حوالي سان کڻي مڃجي به سهي، پر ڇا مرد کي صلو ملي ٿو؟ قومي طبقاتي غلام سماج ۾ واقعي، عورت ٻٽي جبر جو شڪار آهي. پر زينت جهڙين شخصيتن کي اهڙي قسم جي ٻولي نه ٻولڻ گهرجي.

زينت ”هور وهيوڙي هور“ گيت لاءِ ٻڌايو آهي ته اهو بدين پاسي سارين ۽ ڪڻڪ جي فصلن پچڻ تي ايندڙ جهار هڪلڻ لاءِ چيو ويندو آهي. اسان وٽ گهوٽڪي ۾ اهو گيت جوئر جي جهار هڪلڻ وقت پڻ چيو ويندو آهي.

اهو پڙهي خوشي ٿي ته حيدرآباد ۾ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي آفيس ۾، آچر ڏينهن اڳ جي سکيا جا ڪلاس ورتا وڃن ٿا.

جولاءِ 2006ع واري ۾ ٻه رپورٽون: ”ميڙو آهي مچ تي“ (رپورٽ: شبانا شاهه) ۽ ليڊيز ڪلب ۾ موسيقيءَ جي شام (رپورٽر: اڻڄاتل) ڏنيون ويون آهن.

ڇا موسيقيءَ جي شام ۾ صرف هڪ گلوڪار ضامن علي شريڪ ٿيو هو؟ محفل ۾ جيڪڏهن ٻيا فنڪار شريڪ ٿيا هئا ته انهن جا نالا به ڏيڻ گهرجن ها.

مانائتي غزالا چنڙ جي تاثراتي ڪهاڻي ”زندگيءَ جي سفر ۾ اڪيلا رهجي  ويندڙ وجود“ ڏاڍي سبق آموز آهي. معاشي طور تي مٿڀرائي ۽ وڏ ماڻهپي جي خول ۾ بند ماڻهن جي نفسياتي مسئلن تي لکيل هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.

سيما قريشيءَ جو عجيب غريب شاگرديءَ جي زماني وارو واقعو پڻ وڻيو. اهڙا عجيب غريب واقعا ضرور ڇاپڻ گهرجن.

نسرين طاهر وفائيءَ جا ”گهريلو ڏس“ پڻ سانڍڻ جهڙا آهن.

ڊاڪٽر خورشيد ميمڻ جي لکڻي مينديءَ رتا هٿڙا ۽ ڪزبانو سنڌوءَ جو ناوليٽ ”چاهت جن جي من ۾“ اڃا پڙهيا ئي نه آهن. انڪري انهن بابت ڪجهه به نه ٿو لکجي.

ڪجهه شاعريءَ بابت:

آصف زيديءَ جي هندي شاعريءَ ”ڀينرون“ جو سنڌي ترجمو نامياري سنڌيڪار ولي رام ولڀ ڏاڍو پيارو ڪيو آهي. شعر ۾ عورتن سان ٿيندڙ انياءَ جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. هي شعر عمل لاءِ اتساهه ۽ آواز آهي، اهڙي قسم جي نثر توڙي نظم کي سنڌي ويس پهرائڻ جي تمام گهڻي گهرج آهي.

سماج سڌارڪ ترقي پسند شاعر ريحانا چنڙ جي شاعري پڙهندڙن جي ذهنن ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ آهي. سندس شعرن جو موضوع عورت ۽ سندن مسئلا آهي. ان سان گڏ هوءَ هاري ۽ مزدور جي دردن لاءِ لکي ٿي. شال! ظالم اک جو ڪنڊو ٿيڻ ۽ سندس پوتي جهنڊو ٿيڻ واريون سوچون سلامت رهن.

تاج جي تاثراتي ليک ۾، هند واسڻ سنڌياڻي لتا ٽهلياڻيءَ جي شاعري سنڌ جي سڪ سان سرشار آهي. سنڌ ڏسڻ کان پوءِ سندس شاعري اڃا وڌيڪ پختي ٿي هوندي. نينگري طيبا سهارڻ جو ڏهين ڪلاس جي شاگردن/ شاگردياڻين جي الوداعي پارٽيءَ لاءِ لکيل شعر ڏاڍو سٺو آهي. طيبا پنهنجي تخيل ۾ زندگيءَ کي جاکوڙ جو نالو ڏنو آهي. ۽ تعليم کي روشنيءَ جو شاگردن/ شاگردياڻين کي سوڀ جا رنگ ڀرڻ ۽ جهنڊا ٿيڻ جو ڏس ڏئي ٿي. خلق جي خدمت کي ئي بندگي سمجهي ٿي ۽ جڳ ۾ محنت کي سوڀارو سڏي ٿي. سندس هي شعر بهتر  مستبقل جي نويد آهي.

مانائتي پروين راڄپر جا ست آزاد شعر بئڪ جي انر ٽائيٽل تي ڇاپيا ويا آهن. سندس شاعري پهريون ڀيرو پڙهي. اڳ ۾ ريڊئي ڪمپيئر طور ساڻس سڃاڻپ هئي. روبرو ملاقات نه هجڻ باوجود سندس آواز مون کي وڻندو آهي. سندس آواز کان متاثر ٿي ڪجهه سال اڳ مون ڪجهه بيت پڻ سرجيا هئا.

”ڀوري آهيان مان!“ ۾ پروين پاران اکين کي اڀاڳيون سڏڻ ۽ ڪنهن گهڙيءَ کي خوش قسمت ڪوٺڻ وارو رويو رواجي  لڳو. اسان (عورتن توڙي مردن) جا وڏا ويري لفظ قسمت، تقدير، ڀاڳ، مقدر، لکيو نصيب ۽ بخت آهن. پروين جي شعرن جو موضوع وڇوڙو آهي. ”جدائيءَ جو ماتم،  چنڊ ٽٽل، تارا ڇنل ۽ روسامو!“ سندس بهترين شعر آهن. سندس تخيل جي اڏام ڏاڍي گهري آهي. صلاح آهي ته ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ساڻس ڳالهه ٻولهه/ انٽرويو ڪيو وڃي.

(پروين راڄپر جو انٽرويو ڊسمبر 2005ع سرتيون ۾ ڇپيل آهي – ايڊيٽر)

حسين سارنگ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com