سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :2

 

الطاف شيخ

جپان ۾ اسلام جي آمد جي تاريخ

لکت ۾ يا ماڻهن جي واتان جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي آهي ان موجب هنن ٻيٽن (يعني جيڪي سڀ گڏجي جپان ٺاهين ٿا) جي ماڻهن کي اسلام بابت پهريون دفعو ڄاڻ 1877ع ۾ مغربي مذهبن جي معلومات حاصل ڪرڻ سان پئي. تقريباً ان ئي سال جي لڳ ڀڳ اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زندگيءَ جو احوال جپاني زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان وقت تائين ڪوبه جپاني ملسمان نه ٿيو هو، بس هڪ تعليم يافته طبقي کي معلومات خاطر اسلام جي ڄاڻ حاصل ٿي هئي جيئن اسان جي يونيورسٽين ۾ پوليٽيڪل سائنس جا شاگرد ڪجهه اهم ملڪن جو آئين پڙهن ٿا يا اسلام آئيڊلاجي يا اسلامڪ هسٽري جهڙن سبجيڪٽن ۾، يهودين، عيسائين، ٻڌن، آتش پرستن، سکن وغيره جي مذهبن جي پڻ ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.

جپانين کي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ٻيو اهم موقعو 1880ع ۾ مليو، جڏهن ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جپان سان سفارتي تعلقات شروع ڪرڻ ۽ جپانين ۽ ترڪ مسلمانن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ هڪ نيويءَ جو جهاز جپان موڪليو. ”ارتغرل“ نالي هي جهاز واپسيءَ تي ٻڏي ويو ۽ 609 ماڻهن مان 540 سمنڊ حوالي ٿي ويا.

هونئن چون ٿا ته ميتسو تارو جيڪو ”تاڪا اوڪا“ ذات جو هو، پهريون جپاني مسلمان هو، جنهن 1909ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ حج ڪرڻ بعد پنهنجو نالو عمر يامااوڪا (Yamaoka) رکيو ۽ ٻيو جپاني مسلمان بوم پاچيرو آريگا هو جيڪو پڻ انهن ئي ڏينهن ۾ واپار جي سلسلي ۾ هندستان ويو هو. ۽ اتان جي مسلمانن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي پنهنجو نالو احمد رکيو باقي ذات ساڳي آريگا رهڻ ڏنائين.

اڄ ڪلهه جپان ۾ اسلام ۽ جپاني مسلمانن تي وڌيڪ Studies ٿيڻ تي معلوم ٿيو آهي ته تراجيرو يامادا (Tarajiro Yamada) گهڻو ڪري پهريون جپاني مسلمان هو جيڪو ترڪيءَ وارن جو جهاز ”ارتغرل“ ٻڏڻ بعد ترڪ مسلمانن جي مرڻ جي همدردي ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو هو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو عبدالخليل رکيو ۽ حج ڪري وطن موٽيو هو.

پهرين وڏي لڙائيءَ دوران (بولشيوڪ انقلاب ۾) وچ ايشيا ۽ روس کان ڪيترائي ترڪومن، ازبڪ، ڪرغيز، ڪراخ ۽ تاتار مسلمان جتي ايران ۽ انڊيا پاسي لڏي ويا، اتي انهن جا ڪيترائي ڪٽنب جپان پڻ آيا جو روس (USSR) جو اڀرندو حصو جپان سان وڃيو لڳي. جپان جي حڪومت طرفان کين جپان ۾ پناهه ڏنو ويو. مسلمان قبيلا جپان جي مختلف شهرن ۾ Settle ٿيا ۽ جپاني جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي، انهن جي وچ ۾ مسلمانن جون هي ننڍيون ننڍيون ڪميونٽيون قائم ٿيون، جتي جتي گهڻا مسلمان هئا اتي مسجدون پڻ ٺهڻ لڳيون، ڪوبي بندرگاهه جتي اسان جي پاڪستاني جهازن جو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو، اتي جي پراڻي مسجد ”ڪوبي مسجد“ 1935ع جي ٺهيل آهي جيڪا اڃا موجود آهي. ان دور جي ٻي مسجد ٽوڪيو ۾ هوندي هئي، جيڪا 1938 ۾ ٺهي.

ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني حڪومت جپانين لاءِ ڪجهه ادارا ٺاهي انهن کي اسلام جي معلومات ڏني ۽ ان دور ۾ اسلام تي هڪ سئو کان مٿي ڪتاب ۽ جرنل جپان ۾ ڇپيا ويا. پر هي سڀ ڪجهه جپان ۾ رهندڙ ڌارين مسلمانن طرفان نه هو. جپان حڪومت پنهنجن ماڻهن کي اسلام جي تعليم انڪري ڏئي رهي هئي، جيئن جپان طرفان فتح ڪيل ملڪ (ملايا، سنگاپور، هانگڪانگ، چين وغيره) جن ۾ ڪيترائي مسلمان رهيا ٿي انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ۽ مٿن ڪنٽرول رکڻ ۾ سهوليت رهي. ايتريقدر جو ٻي وڏي جنگ ۾ ملايا ۽ سنگاپور ۾ جپانين جو ڪو هوائي جهاز ڪريو ٿي ته جپاني پائلٽ ڪلمو پڙهي پاڻ کي مسلمان سڏايو ٿي ۽ مڪاني مسلمان عوام کيس واقعي مسلمان سمجهي نه فقط حفاظت ڏني ٿي، پر شان مان پڻ. 1945ع ۾ جيئن ئي جنگ ختم ٿي ته اهي سڀ جپاني ادارا ۽ فوجي جن اسلام جي هام هنئي ٿي سي ائين غائب ٿي ويا، جيئن بقول اردو چوڻيءَ جي ته ”گڏهه جي مٿي تان سڱ“.

اسلام هوڏانهن اتر آفريڪا کان ويندي اسپين ۽ فرانس تائين پکڙيو ته هيڏانهن اوڀر ۾ چين، سنڌ، هند، برما ۽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان ٿيندو ڏکڻ فلپين ۾ اچي بلاڪ ٿي ويو. اتر فلپين پاسي وارا اسپين جي ڪالوني هئا ۽ اتان اسپيني پادري مٿي هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ جپان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ اسلام جي تعليم جپان تائين نه پهچي سگهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ چين فتح ڪرڻ تي جپانين جو چيني مسلمانن سان ميل ميلاپ ٿيو ۽ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا. انهن نو مسلم جپانين 1953ع ۾ پهرين جپاني مسلم آرگنائيزيشن ٺاهي جنهن جو نالو ”دي جپان مسلم ائسوسيئيشن“ رکيو ۽ ان جو سهڪاري مرحوم صادق ايمائي زومي ٿيو. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ هو 1989ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ان ائسوسيئيشن جو صدر مرحوم عمر ميتا ٿيو جيڪو پڻ سچو مسلمان ۽ اسلام جو خدمتگار ماڻهو هو. مرحوم عمر ميتا جپان طرفان قبضي هيٺ آيل حصي ۾ منشور ريلوي ڪمپنيءَ جو آفيسر هو. اتي چيني مسلمانن کان متاثر ٿي پيڪنگ ۾ مسلمان ٿيو. هن قرآن مجيد جو جپاني ترجمو پڻ ڪيو.

جپانين کي اسلام بابت 1973ع بعد به گهڻي ڄاڻ ٿي جڏهن تيل جا اگهه چڙهي ويا ۽ ڏسڻا وائسڻا ملڪ عربن جي چمچاگيري ڪرڻ لڳا. جپاني ٽي ويءَ تي اسان پهريون دفعو عرب دنيا جا ملڪ، عربن جي رهڻي ڪهڻي، مڪي ۽ مديني جا نظارا حج وغيره ڏٺو. ان کان سواءِ جپان جي ٽي ويءَ تي ٻانگ ۽ قرآن جي تلاوت اچڻ لڳي. ڪيترن جپانين اسلام ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا.

هڪ جپاني نو مسلم نور دين موريءَ چيو: ”اسلام علم جو مذهب آهي ۽ بنان علم حاصل ڪرڻ جي اسين صحيح مسلمان ٿي نٿا سگهون.“ نوردين ويجهڙائيءَ ۾ مڪي جي يونيورسٽيءَ مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ گرئجيوئيشن ڪري آيو آهي. ساڻس گڏ ٻيا به چار کن جپاني ٻاهران اسلامي تعليم حاصل ڪري آيا آهن جيڪي هاڻ پنهنجي زبان ۾ پنهنجن ماڻهن کي اسلام بابت تعليم ڏيئي سگهن ٿا. نه ته بقول نوردين موريءَ جي گذريل چاليهه سالن ۾ ٻڌن جي هن ملڪ جپان ۾ جيڪي به تبليغ لاءِ آيا اهي ڌارين ملڪن جا هئا.

نوردين موريءَ سان گڏ جيڪي ٻيا چار ڄڻا ٻاهران پڙهي آيا آهن انهن مان هڪ موريءَ سان مڪي جي ام القرا يونيورسٽيءَ مان گرئجويئيشن ڪئي، هڪ اسلامڪ يونيورسٽي مديني مان، هڪ دعويٰ ڪاليج ٽرٻولي مان، هڪ قطر يونيورسٽيءَ مان.

هن وقت ڏٺو وڃي ته جيتوڻيڪ جپان ۾ مسلمان جو في سيڪڙو گهڻو ناهي، پر بقول نور دين جي ”جپان جي نئين ٽهيءَ کي اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي وڏي جستجو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن ائين ٻڌڻ ۾ اچي ته اسلام جپان جو پاپولر مذهب آهي.“

altafshaikh2004@yahoo.com.pk

*** 

 

ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي

هنن هنگلاجان هٿ ڪيو

وچولو قد، مٿي تي دستار، هٿ ۾ تسبيح، بدن جي ڪپڙن مٿان سائو چوغو، ڪاريون ڪاريون اکيون، نوراني پيشاني مينديءَ لڳل سونهاري، ڏيا ۽ ميا جي مورت، شاهه حبيب صبح جو پنهنجي اوتاري ۾ گديءَ تي اچي ويٺو. پريان پريان آيل سندس پوئلڳ سندس ديدار لاءِ صفون ٻڌي ويٺا هئا. انهن مان ڪي تن جا روڳي، ته ڪي من جا، ڪي وري ٻنهي تن ۽ من جا مريض. هاڻي هو بيمارن کي ڪف، پت ۽ وات جي بدني سرشتن مان ڪنهن هڪ سرشتي جي خرابيءَ کي يا ٽنهي جي گڏيل خرابيءَ کي درست ڪرڻ لاءِ ڦودني، جاڻ، زيري، سؤنف، الايچي، آنولي وغيره جا ديسي نسخا ٻڌي ڏيندو.

هڪ پوئلڳ پاڻ سان گڏ اناج جي گاڏي ڀرائي کڻي آيو هو. شاهه صاحب جي سامهون ايندي ئي هن هٿ ٻڌي چيو، ”سائين، ٻاهر هتان جي لنگر لاءِ اناج جي گاڏي لهرائي اٿم. نذرانو قبول ڪريو ۽ دعا ڪريو.......“

شاهه حبيب سندس چهري ۾ نهاريو ۽ کانئس پڇائين، ”پر به مراد علي، تون اهڙو پِيلو پِيلو ڇو ٿي ويو آهين؟.....“

مراد علي ڇا چوي؟ سائينءَ کان ڀلا ڇا لڪل رهي سگهي ٿو؟ سائينءَ سندس نبض جاچي. چيو، ”مراد، تون سوچين گهڻو ٿو. اڙي ڀائي، من منجهيل رهندو ته تن ۾ پڻ مونجهارا پيدا ٿيندا..... ڪرڻ ڪرائڻ وارو هو پاڻ آهي، پوءِ ڇو ڪين تون پاڻ کي هن هڪ خدا کي سپرد ڪري پنهنجي حصي جو ڪم صحيح نموني ڪندو رهين؟..... ٻڌين ٿو؟“

مراد عليءَ وراڻيو، ”هائو سائين، ٻڌان ٿو....“

شاهه صاحب هڪ بيت چئي کيس گس ڏسيو:

هيِ ڪن گَڏُهڻا وِڪڻي، ڪن ڪي ٻئا ڳنهيج،
سَندي پِريان ڳالهڙيِ، تِنينِ سي سُڻَيج.....

تنهنجا اهي ڪَنَ ڪنهن گڏهه جا ڪَنَ آهن. تون هڪ ڪن کان ٻڌين ٿو، ٻئي ڪَنَ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿو. اهي ڪن وڪڻي ڪري ڪي ٻيا ڪن ڳنهه....“

مراد عليءَ سوچيو، سائين ٺيڪ ٿو چوي، مان اجائي چوراکورا ۾ لڳل آهيان. پنهنجو ڪم ڪريان. هِن هُن جي ڳڻتي ڇو ڪريان؟

شاهه صاحب کيس سُتيون - ڦڪيون، گهوٽا - ڪاڙها ڏنا ۽ هو قطار کان ٻاهر نڪري پنهنجي گهر روانو ٿيو.

هاڻي ان قطار ۾ ڪنهن سڌڙئي شاعر جو وارو هو. اهو نوجوان شاعر اصلاح لاءِ شاهه صاحب وٽ ايندو رهندو هو.کيس ڏسي شاهه صاحب پڇيو، ”ڪر خبر سُومرا، ڇا اَڃا تائين تون مجاز ۾ مبتلا آهين؟.... ڪا نئين شيءِ چئي اٿيئي؟“

سُومري وراڻيو، ”سائين، مجازي عشق ۾ ڪنين ڪنان وچ سيرَ ۾ آهيان... هاڻي اُتي آهيان، جتي مان يا ته پاڻ ٻوڙيندس، يا ته پنهنجو سر بچائيندس.“

شاهه صاحب کان اُمالڪ ”واهه واهه“ نڪري ويئي. چيائين، ”واهه واهه! تنهنجو اِهو عڪس ته هِڪَ اعليٰ علامَتَ بڻجيِ پيو آهي... ‘هاڻي وِچَ سير ۾ يا ته پاڻ ٻوڙيندس، يا ته پنهنجو سِر بچائيندس.’ واهه واهه!“

سُومري پنهنجو آندل بيت ٻُڌائڻ لاءِ آتو ٿي ڏٺو. شاهه صاحب چيو، ”هائو سومرا، پنهنجو بيت چئه.“

سومري ٺهه پهه پڙهيو:

ٿِيان مان جهرڪُ، وِهان پرينءَ جي ڇڄ تي،
مانَ ڪري ڊڙڪ، ٻولي ٻاجهاريءَ سين.“

شاهه صاحب جون نظرون سومري جي چهري تان اُٿي سندس مَنَ تائين گهڙي ويئون. ڏٺائين، سندس اهڙي نِهَار ڪري سومرو شڪجي - شرمائجي ويو آهي. هن هڪ کن ۾ ئي فيصلو ڪيو ته هو کيس وڌيڪ شرمسار نه ڪندو. چيائينس، ”سومرا، هن بيت ۾ تو پنهنجي ذهني ڪشمڪش پيش ڪئي آهي. تون مجازي عشق ۽ حقيقي عشق جي ڪشمڪش ڪنڌيءَ وڃي پهتو آهين. قدرت جي هر هڪ شيءِ سان، هن بيت ۾ آيل جهرڪ سان پڻ، وحدت قائم ڪري، پرينءَ جي ڊرڪ ڊرڪ ٻاجهاري ٻولي ٻُڌڻ لاءِ آتو آهين.....“

سومري جي چهري تي لهي آيل پردو وري مٿي کڄيو. هو سائينءَ کان ساراهه ٻُڌيِ سُرهو ٿِيو.

پر جلد ئي سائينءَ چيو، ”پر.........“

پَرَ ٻُڌي سومري جي سَرهائي پَرَ ڪري اُڏامي  ويئي. اکيُن ۾ اِنتظاريءَ وچان پُڇيائين، ”سائين، پر؟....“

”پر تون پنهنجي جذبات کي پنهنجي لفظن ۾ جاءِ ڏي. تنهنجا اهي الفاظ اوپري جاءِ ۾ ويٺا آهن. اهو بيت ته ٻه اڍائي صديون اڳ اسحاق آهنگر چيو هو..... تو ڪٿان ٻڌو؟“

سومري کي شرم اچي ويو. هو شرمساريءَ جي درياهه جي وچ سير ۾ ٻڏي ويو. شاهه صاحب کيس اُتان ڪڍي ڪناري تي آڻيندي چيو، ”ڏِس ، سومرا! تو وٽ تنهنجو پنهنجو گهڻو ڪجهه آهي. اُن کي ٻاهر ڪڍ. جيسين من ۾ لياڪو پائي هن هڪ جو ۽ هن هڪ جي جوڙ جنسار جو مشاهدو نه ماڻيندين، تيسين اصلوڪو نه ٿي سگهندين، اصلوڪو نه چئي سگهندين............“

وري هڪ کن رکي پنهنجي ڳالهه پُوري ڪندي چيائين، ”اسان جا وڏا چئي ويا آهن ته جيسين اسان لوڪ ڏانهن ليڪا بند نه ڪيا آهن، تيسين پرينءَ جو پورو پسڻ نه ٿي سگهندو.... اهو پورو پسڻ ڇا آهي؟ پرينءَ کي ۽ پرينءَ جي جوڙ جنسار کي پسڻ ئي پورو پسڻ آهي..... هاڻي به ويل ويئي ڪانهي. هاڻي کان ئي سَڌَ ڇڏي، سِڌُ جي ڪوشش ڪر.“

سومرو سندس پيرن تي ڪري پيو. شاهه صاحب کيس مٿي اٿاري سندس پٺي ٺپريندي چيو، ”هتان ائين نه وڃج، لنگر ڪري وڃج.“

سومري جي اتان کسڪي وڃڻ کان پوءِ شاهه صاحب پنهنجن ٻين پوئلڳن سان ملاقي ٿيندو رهيو. ساڻن حالي حوالي ٿيندي کين جوڳيون صلاحون ڏيندو رهيو. انهن مان ڪن کي جڙين ٻُوٽين جا نسخا ڏيندو رهيو، ڪن نون شاعرن جي اصلاح ڪندو رهيو ته ڪن ماڻهن کي قرآن جون ڪي آيتون پوريءَ ريت سمجهه ۾ نه اچڻ تي اهي آيتون سمجهائيندو رهيو.

ايتري ۾ سندس اندر واريءَ گهڙيءَ کيس ٻڌايو ته سج ڪاپار تي هو، ۽ هو اتان اٿي اوتاري جي ٻئي حصي ۾ وڃي پوئلڳن سان گڏ ويهي لنگر ۾ شرڪت ڪري. اڄ سومري سان ٿيل ملاقات کان پوءِ سندس ڌيان ور ور ڪري پنهنجي نوجوان پُٽ لطيف ڏانهن ٿي ويو. لطيف، سومري جو هم عمر آهي. هو سومري ۽ ٻين اهڙن نوجوانن مان لطيف جون سڪون لاهيندو رهيو آهي.... پر لطيف الاجي ڪٿي هوندو؟ ٽي سال کن گهر ۾ بنان ڪجهه ٻڌائي هو الائجي ڪيڏانهن نڪري ويو هو. هن جدا جدا هنڌن جي پوئلڳن کان پڻ هن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي هئي. پڪ ئي پڪ، هو انهن جوڳين سنياسين سان دور دراز هنڌن تي رٽن ڪندو هوندو جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو. هو به سومري وانگر ڪنهن وقت مجاز ۾ ڦاٿل هو ۽ پوءِ جلد ئي حقيقيءَ کان پڻ واقف ٿيو هو. هڪ ڏينهن مجاز ۽ حقيقيءَ جي گڏيل غلبي هيٺ لڳاتار ٽي ڏينهن غش ۾ پيو هو. مٿانئس واريءَ جا ڪوٽ چڙهي ويا هئا. هي ته ڀلو ٿئي اسان جي هڪ مريد ٻڪرار جو، جنهن اچي اسان کي خبر ڏني ته هو ان وقت ڪٿي پيو هو. مان اتي پهتس ۽ سندس حالت ڏسي منهنجي وات مان ازخود دانهن نڪري ويئي هئي:

”لَڳي لَڳي واءُ، وِيا اَنگڙا لَٽجي“

ته هُنَ نِيم هوشيءَ منجهان وراڻيو هو:

”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“

شاهه حبيب سوچي رهيو هو، ”اسين پاڻ ڪيترو به توڪل. تحمل جي واٽ تي هلندا هجون ۽ اها واٽ پنهنجن مريدن ۽ عقيدتمندن کي ٻڌائيندا هجون، ليڪن..... ليڪن جڏهن پاڻ تي ٻري اچي ٿي، ته ان جو سيڪ اسان کي پهچي ٿو.“

هو هڪ وڏو ٿڌو ساهه کڻي اٿيو ته واهه! هُن ڇا ڏٺو!.... ڪڏهن ڪڏهن ڪو پَل وقت جي صحيح سڃاڻپ ٿي پوندو آهي. اهو هڪ پَل هڪ پُل بڻجي ويندو آهي. اهڙي هڪ پُل، جيڪا لنگهي، پار ڪري، اهو شخص اچي سامهون بيهندو آهي، جنهن کي اسين شدت سان ساريندا سنڀاريندا آهيون. جنهن سڄڻ ساٿيءَ کي ياد ڪندا آهيون، سو سڄڻ ساٿي اسان کي پڻ انهيءَ پل، انهيءَ گهڙيءَ ياد ڪندو آهي. هن ڏٺو، ماشاءَ الله! لطيف اچي سندس سامهون بيٺو آهي. ڳڀرو جوان، اکين ۾ نور، سنهو پر مضبوط، ڪاري ڏاڙهي، ڪاريون مڇون. ڪاپار وارو سج گرمي ۽ روشني پکيڙي رهيو آهي. هن هم نه ڪئي تم، کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ اوتاري ۾ آواز ڏنائين ”اڙي ٻڌو ٿا، ڏسو ته اسان وٽ ڪير واپس وري آيو آهي....!“  سندس آواز تي اوتاري جي ٻئي حصي مان مريد اچي ڪٺا ٿيا. شاهه حبيب ٻيئي هٿ مٿي کڻي پالڻهار جا ٿورا مڃيا. مريدن پڻ پنهنجي مرشد جي شڪرادائيءَ ۾ شرڪت ڪئي.

حويليءَ ۾ لطيف جي اچڻ جي ڳالهه سڳنڌ جيان پکڙجي وئي. اتي به شادمانا ٿيڻ لڳا. رونق لڳي ويئي. شاهه حبيب، لطيف کي ساڻ ڪري حويليءَ پهتو ته سڳوريون مٿي تي ڪپڙو ڪري، گوڏن ڀر جهڪي، ڌڻيءَ جا ٿورا مڃڻ لڳيون.

ايتري ۾، منجهند جو جمال پڻ لنگر جي ماني ورتائڻ ۽ ساهي پٽڻ لاءِ ٻنيءَ تان اچي سهڙيو. جمال کي پڻ ويساهه ۾ نٿي آيو ته لطيف سندس اکين اڳيان هو. هن لطيف سان ڳلي لڳي پڇيو، ”ادا لطيف، هيترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ اسان جو ته حال هيڻو ٿي ويو هو!“

خوش گفتار لطيف وراڻيو، ”ڀائڙا، اتي ڪٿي ئي هوس.“

سڳورين لطيف ڏانهن ممتا ڀريل اکيون کڻي ڏٺو ۽ سندس اکين ۾ آنسن جا موتي چمڪڻ لڳا. هنن سخي هاشم شاهه نالي درويش کان لطيف پني ورتو هو. درويش دعا ڪئي هئي ته کيس پٽ ٿيندو. اهو پٽ قطب تاري جيان جڳ مٿان جڳمڳ جڳمڳ ڪندو. سندس نالو ان درويش جي چوڻ تي  عبداللطيف رکيو ويو.... سڀ لطيف کي نهاريندا رهيا. اهي سڀ پنهنجي ان نهار ۾ لطيف ڪيڏانهن ڪيڏانهن سير سفر ڪندو رهيو هو، انهن هنڌن جي تلاش ڪندا رهيا.

شاهه حبيب پٽ کان پاٻوهه مان پڇيو، ”پٽ، تون هنگلاج ويو هئين؟..... اسان جي هڪ مريد توکي اتي جوڳين سنياسين سان گڏ ڏٺو هو ۽ اسان کي خبر ڪئي هئائين. اسين جيستائين اتي تو تائين پهچون، تون اتان نڪري الائجي ڪيڏانهن هليو ويو هئين......“

لطيف وراڻيو، ”هائو بابا، جن جوڳين سنيساين سان مان گڏ هوس، اهي هڪ هنڌ گهڻا ڏينهن ڪونه رهندا آهن... مان پنهنجي ان سير سفر ۾ سنڌ جي ستن ئي سورمين جا هنڌ ڏسي آيو آهيان، انهن سان سندن ڄاڻ سڃاڻ جي ماحول ۾ ملاقاتون ڪري آيو آهيان.... بابا، مان اوهان کي ڇا ڇا ٻڌايان؟...“

وڏي بيگم کيس وچ ۾ ئي ڪٽيندي چيو، ”پر پٺيان اسان جي ڇا حالت ٿي رهي هئي، ان جو شايد توکي اندازو ڪونه هو..“

”جيجان، اسين سڀ هڪ ئي ناڙي ۾ ٻڌل آهيون. اسين ڀلا هڪٻئي کان جدا ڪٿي هئاسين؟“

هنگلاج جيترا واري ڳالهه شاهه حبيب جي من ۾ اٽڪي پيئي هئي. اڄ کيس الاجي ڇا ٿيو هو. هن ماءُ ۽ سندس پُٽ جي گفتگو ٻڌي اڻٻڌي ڪري چيو، ”لطيف، هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ....“

لطيف چيو، ”پڇو، بابا.“

شاهه حبيب پيءُ جي سڀاويڪ ڪردار ۾ پڇيو، ”پٽ، ڌڻي هن هنڌ به آهي، پوءِ اهي ڪاپڙي اجايو هنگلاج   ڇو ويا؟....“ هن پنهنجي ان ڳالهه کي بي ساخته هڪ بيت ۾ آڻي چيو:

”ناٿ جنهين ننڌ، تت نه نهاريو جوڳين،
ڪي ڪُويساهيا ڪاپڙي، پُريا پراهين پنڌ،
ڪو هِنهين هنڌ، ٿي هُنهين ويا هنگلاج ڏي.“

لطيف تحمل سان وراڻيو، ”هائو بابا، ڌڻي هن هنڌ به آهي ته هن هنڌ به آهي، سڀني هنڌن تي آهي. ليڪن جوڳين ڌڻيءَ کي هنگلاج ۾ پاتو.....“

لطيف انسان ذات جي هڪ اپاسنا گهر/ عبادت گاهه  ڏانهن، يا مندرن، مسجدن وغيره جي وحدت ڏانهن اشارو ڪيو هو ۽ چيائين:

”ناٿ جنهين ننڌ، تت به نهاريو جوڳين،
سي سُويساهيا ڪاپڙي، پُريا پراهين پنڌ،
هو هئو هن هنڌ، هنن هنگلاجان هٿ ڪيو.“

شاهه حبيب دور دور افق  ڏانهن نهاريو، ۽ جهٽ کن رکي چيائين، ”ابا، سچ ٿو چوين..... چڱو چڱو، اهي سڀ ڳالهيون پوءِ ڪنداسين. سڀيئي هلو ته گڏجي ڪرتار جو ڪُڻڪو ورنايون....“

۽ شاهه حبيب، لطيف ۽ جمال اوتاري جي ٻئي حصي ۾ لنگر ڏانهن اڳتي وڌي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com