رابعه سهارڻ
سونهن ۽ سوڀيا
سونهن کي نکارڻ پاڻ کي سنوارڻ عورت جو فطري حق
آهي. هزارين سال اڳ عورت پنهنجي سونهن کي وڌائڻ
لاءِ ڪيترائي جتن ڪندي هئي. اڳ سونهن کي وڌائڻ
لاءِ ڪي جديد طريقا رائج ڪين هئا پر سادگيءَ ۾
جيڪا سونهن هوندي هئي، ان جو مثال نه ٿو ملي. گهرو
ڏس ۽ هٿ سان ٺاهيل ٽوٽڪا سونهن وڌائڻ لاءِ ڪافي
هئا. اڳ عورتون رات جو ڪيسوڦل (گلن جو قسم) پُسائي
رکنديون هيون ۽ صبح جو اُن سان پنهنجو مُنهن ۽ هٿ
ڌوئينديون هيون. رنگ کي صاف ڪرڻ لاءِ پنير ٽڀي ۾
پسائي رکبو هو، صبح جو نيرانو گلاس ڀري پِي
ڇڏينديون هيون. ان کان سواءِ لپ اسٽڪ جي جڳهه تي
مِسي مساڳ هڻنديون هيون ۽ مکڻ ۾ ٺهيل ڪجل اکين ۾
وجهنديون هيون. هٿن ۽ پيرن تي هٿ جي پيٺل ميندي
لڳائي نَنهن تي به مينديءَ جو عرق لڳائي ننهن
مينديءَ رتا ڪنديون هيون.
خشڪ چمڙيءَ لاءِ ملائي سان منهن تي مساج ڪبو هو،
تيل - ميٽ سان وار ڌوئبا هئا ته وارن کي مضبوط ۽
چمڪدار ڪرڻ لاءِ آوئرا، آريٺا ۽ سڪا ڪائي کي پيهي
ميندي ملائي وارن ۾ وجهبو هو.
بيضو ۽ ڌونئري سان به وارن کي ليپ ڏبو هو ۽ ٻيا به
ڪيترائي ٽوٽڪا ڪري پنهنجا سورنهن سينگار پورا ڪبا
هئا. پر هاڻ ته جديد دور آهي، ان ۾ عورتون پنهنجي
سونهن ۽ هار سينگار لاءِ ڪيترائي هزارين رپيا خرچ
ڪن ٿيون. بيوٽي پارلر کلي ويا آهن. اسين رابعه
سهارڻ جو سلسلو سونهن ۽ سوڀيا هلائي رهيا آهيون ته
جيئن اسان جون ڀينرون ان مان پنهنجي سونهن کي
سوايو ڪري سگهن. _ ادارو.
توهين پاڻ به سٺو ميڪ اپ ڪري سگهو ٿيون
شخصيت ۾ انفراديت پيدا ڪرڻ جي خواهش هر انسان ۾
هوندي آهي. سينگار ته عورتن جي هونئن به ڪمزوري
آهي.
ڏينهن جو ميڪ اپ:
سامان: فائونڊيشن، پين اِسٽڪ، بِلش آن، ڪلينزنگ
ڪريم، اسڪن ٽانڪ، مسڪارا، لِپ اِسٽڪ، آءِ برو
پينسل، ڊسڪو پينسل، ڪلر فائونڊيشن.
ميڪ اپ ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪلينزنگ ڪريم سان چهري ۽
ڳچيءَ کي چڱيءَ طرح صاف ڪريو. چهري کي خشڪ ڪرڻ کان
پوءِ چهري تي فائونڊيشن پين اِسٽڪ هڻو ۽ آڱرين سان
چڱيءَ طرح چهري جي چمڙيءَ ۾ جذب ڪريو.
بِلش آن:
جيڪڏهن ٻُوري/پائوڊر جي شڪل ۾ هوندو ته گهڻي دير
هلندو. بِلش آن اک جي هيٺان هڏي تي هڻڻو آهي.
آءِ بِرو پينسل:
اکين جي ميڪ اپ کان پهرين آءِ بِروز درست ڪري وٺو.
جيڪڏهن گهڻو سنها هجن ته برائون پينسل سان انهن کي
درست ڪري شيپ ڏيو.
آءِ شيڊو:
ڏينهن جي ٽائيم آءِ شيڊو لائيٽ ڪلر ۾ استعمال
ڪريو. پائوڊر جي شڪل ۾ بهتر رهندو.
مسڪارا:
مسڪارا استعمال ڪرڻ وقت تمام گهڻي احتياط جي ضرورت
هوندي آهي. پهرين مٿين پنبڻن تي هڻو ۽ پوءِ هيٺين
تي. مسڪارا هڻڻ سان پنبڻ گهاٽا نظر ايندا.
لِپِ اسٽڪ:
جنهن رنگ جي لِپ اِسٽڪ توهين استعمال ڪري رهيون
آهيو، انهيءَ رنگ جي ٿلهي لِپ پينسل سان چپن جي
آئوٽ لائين ٺاهيو. پوءِ لِپ بُرش جي مدد سان لِپ
اِسٽڪ انهيءَ آئوٽ لائين جي اندر احتياط سان هڻو.
ڏينهن جو هلڪي رنگ جي لِپ اِسٽڪ خوبصورت تاثر ڏئي
ٿي.
ميڪ اپ جي معياري شين جي لسٽ:
1. لوز پائوڊر
2. فائونڊيشن
3. مسڪارا
4. آءِ لائنر
5. آءِ شيڊز
6. لِپ اِسٽڪ لائينر
7. لِپ اِسٽڪ
8. مختلف سائيز جا بُرش
9. اِسپنج
10. بِلش آن
11. بِلش آن جي لاءِ وڏو بُرش
12. فيس پائوڊر
13. آءِ بِرو پينسل
14. لائيٽ ڪلر جي نيل پالش
15. ڪلينزنگ ڪريم
نصرت لاشاري
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري
ڪراچيءَ کان
دهليءَ تائين
(ڀارت جو سفر نامو) حصو ٻيو
امر هوٽل ۾ سڀئي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي ٿانيڪا
ٿيا، آءٌ ۽ ماهين هيسباڻي روم نمبر 210 الاٽ ٿيڻ
کان پوءِ پنهنجون بيگون هوٽل اسٽاف جي ڇوڪرن کان
کڻائي پنهنجي ڪمري ۾ پهتيونسين، مينهن جو سلسلو
ساڳي رفتار سان جاري هو، ڪرول باغ جو علائقو نئين
دهليءَ جي بلڪل وچ ۾ آهي، جيئن ڪراچيءَ جوصدر آهي،
ائين، هوٽل جي ٻنهي پاسي
PCO
هئا، سامهون باغ هو، باغ سان گڏ گهٽيءَ ۾ باندرا
بازار هئي، جتي شاپنگ لاءِ هر طرح جو سامان موجود
هو. اها معلومات اسان هيلپر ڇوڪري کان ورتي، ڪلاڪ
کان پوءِ رسيپشن تان فون وڄڻ شروع ٿيا، ته سريش
صاحب جي گهر وڃڻ لاءِ گاڏيون تيار آهن، سڀ لهي
اچو.
هميشه ڇوڪرين لاءِ چئبو آهي ته دير ڪنديون آهن، پر
اسين ان روايت کي ٽوڙيندي جلدي تيار ٿي هيٺ لهي
آيونسين. سڀ تيار بيٺا هئا روانگيءَ لاءِ، پنجن
پجارو گاڏين ۾ سوار ٿي، سريش ڪيسواڻيءَ جي گهر
ڏانهن روانا ٿياسين، حسين شاهه راشدي، امداد حسيني
۽ شوڪت شورو ويٺا. دهليءَ جي رستن تان گذرندي
آسپاس جن جن جاين کي ڪراس پئي ڪيوسين، انهن کي
توجهه سان پئي ڏٺوسين، جيئن هڪ ديس کان ٻئي ديس
وڃڻ وارا اڪثر ڪندا آهن. چوواٽا ڏاڍا ڪُشادا ۽
سُهڻا ٺهيل هئا. ڪٿي وڏا، ڪٿي ننڍا، ٽريفڪ به
ڪراچيءَ وانگر گهڻي هئي، پر ٽريفڪ پوليس وارا تمام
گهٽ نظر پئي آيا، پر پوءِ سگنل تي سڀني صبر سان
بيهي پنهنجي سگنل کلڻ جو انتظار پئي ڪيو، ڊرائيور
ٻڌايو ته هتي جيڪڏهن ڪو سگنل ٽوڙي به وڃي ته پوليس
ان مهل ڪابه ڪارروائي نه ڪندي، انڪري جو متان کيس
ڪا ايمرجنسي هجي! ان جو بس نمبر نوٽ ڪري کيس گهر
جي ايڊريس تي چالان موڪلبو آهي.
اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيوِ کان پوءِ ڊرائيور ٻڌايو ته
ساڄي هٿ تي نظر ايندڙ ميدان ۾ گانڌي خاندان جون
سماڌيون آهن، جن ۾ مهاتما گانڌي، اندرا گانڌي ۽
راجيو گانڌي شامل آهن. اندرا ۽ راجيو ڀارت جا
وزيراعظم رهي چُڪا آهن، جن مان اندرا گانڌيءَ جو
موت سندس ئي سيڪيورٽي عملي جي هڪ سِک پاران ٿيو ۽
سندس پٽ راجيو گانڌيءَ جو موت هڪ جلسي ۾ خودڪش
حملي ۾ ٿيو. سندس سياسي قتل 1991ع ۾ ڪيو ويو،
اندرا گانڌي ذوالفقار علي ڀُٽي جيان پنهنجي ملڪ
توڙي انٽرنئشنل سياست جو هڪ اهم ڪردار هئي، مرڪ
واري مُکڙي تي سدائين رونق هوندي هيس، اندرا ۽
ذوالفقار علي ڀٽو ٻئي ننڍي کنڊ جا اهڙا سياستدان
هئا جن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن جون واڳون ان مهل
سنڀالڻ لاءِ مليون، جڏهن سندن ملڪ انتهائي ڏکئي
وقت مان گذري رهيا هئا، ان وقت هنن باشعور ليڊرن
سياسي سمجهه کان ڪم وٺندي وقت جي اهميت کي نظر ۾
رکندي، تمام اهم فيصلا ڪيا، جن ۾ سڀني کان اهم
شملا معاهدو (2 جون 1972ع) ۽ پاڪستاني فوج جا جنگي
قيدي (جن جو تعداد 93000 هزار) هو.
ڏکڻ ايشيا جي هنن ٻين ليڊرن جي ڪوششن کان پوءِ
ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگين لڳڻ جو سلسلو بند ٿيو ۽ ٻئي
ملڪ سٺن پاڙيسرين جيان پنهنجو ناتو نڀائڻ لڳا،
جيتوڻيڪ ڪشمير مسئلو گڏوگڏ هلندو رهيو.
اٽڪل چاليهن منٽن جي ڊرائيوِ کان پوءِ ڪيسواڻي
هائوس دهلي پُهتاسين. مينهن تيز ٿي چڪو هو،
ڪيسواڻي هائوس کي سهڻي نموني لائيٽنگ سان سجايو
ويو هو. هڪ هزار گز جي ڊبل اسٽوري بنگلي جي هيٺئين
پورشن ۾ ڪيسواڻي صاحب جي آفيس ۽ مٿي رهائش هئي.
اسان لاءِ مانيءَ جو بندوبست هيٺ ٿيل هو ۽ مٿي راڳ
جي محفل متل هئي، هتي اسان کي مسٽر ۽ مسز سچديو،
سريش ڪيسواڻي، ديپڪ، سندراگناڻي، اُما لالا،
رينوادناڻي، مايا راهي، ڪرشن راهي، گيهاڻي ۽ ٻيا
اديب مختلف شهرن مان اسان سان ملڻ آيا هئا. مانيءَ
۾ ڪيترائي گوشت ۽ سبزين جا طعام هئا، سلاد ۽ ڪولڊ
ڊرنڪس هيون، چڪن جا ڪباب ۽ پالڪ پنير، پوريون، دال
وغيره موجود هئا، هن ملاقات ۾ اسين سڀ هڪٻئي سان
تعارف ڪرائڻ ۾ مصروف هئاسين. تقريباً ساڍي يارهين
لڳي اسان جي واپسي هوٽل ڏانهن ٿي، اُتي پهچندي اهو
ٻڌايو ويو ته سڀاڻي منجهند جو گيهاڻيءَ آفيسرز ڪلب
۾ اسان جي دعوت ڪئي آهي. صبح جو نائين کان ٻارهين
تائين جنهن کي شاپنگ ڪرڻي هجي يا ڪو پنهنجو ڪم ڪار
هجي ته ڪجو. اسين گاڏي هٿ ڪري صبح جو ڏهين بجي اڌ
ڪلاڪ جي ڊرائيوِ ڪري پالڪي بازار روانا ٿياسين.
هيءَ بازار شهر جي وچ ۾ هئي. مٿان سائي پهاڙي. ان
پهاڙيءَ ۾ اندر ڏهه پندرهن ڏاڪا لهي وڃي جو ڏسون
ته ڇا ته حسين بازار هئي! اُتي مون کي بابا وڏي
(منهنجي ڏاڏي محمد حسن لاشاري) جون ننڍپڻ ۾ ٻڌايل
ڪهاڻين ۾ پرستان جي پرين جي ڪهاڻي ياد آئي، مُرڪي
پيس. ماهين چيو ”ڇا ٿيو؟“ کلي چيومانس ”هتان جون
پريون سڀئي بنان ٻانهن جي ڪپڙا ٿيون پائين ۽ رنگ
جون به سانوريون آهن، بازار ۾ دڪانن ٻاهران ڏاڪڻين
وٽ ننڍا ننڍا مندر هئا، ڀڳوان جي سامهون ڪافور جو
دونهون ڪيو ويو هو، هر مذهب ۾ صبح جي شروعات ڌڻيءَ
جي نالي سان ڪبي آهي، جيئن اسان وٽ صبح جو ياسين
شريف پڙهي گهران نڪربو آهي. هتي پوڄا پاٺ ڪري
ڀڳوان کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي، هتان جا دڪاندار وڏا
ٺڳ هئا، هر شيءِ جي قيمت ٻيڻي پئي ٻڌايائون. مون
ٻه ساڙهيون ورتيون. پروين راڄپر، ممتاز ڀٽو، شبنم
موتي ۽ ماهين به ٿوري شاپنگ ڪئي، شاپنگ انڪري به
گهٽ ڪئي، جو اڃا اسان کي بمبئي ۽ حيدرآباد دکن مان
شاپنگ ڪرڻي هئي، پر پوءِ به اسان ماين کان وڌيڪ
ساڙهيون حُسين شاهه راشديءَ ورتيون. اسان کلي کيس
تنگ ڪرڻ لڳاسين ”ايڏيون ساڙهيون ڪنهن جي لاءِ
آهن؟“ راشدي صاحب مخصوص مُرڪ مُرڪندي جواب ڏنو ”بس
ابا ٻچڙيوال آهيون.“ ائين مختصر شاپنگ ڪري هوٽل
واپس پُهتاسين ته دعوت ۾ وڃڻ لاءِ سڀئي تيار هئا،
اسان به ڪمري ۾ وڃي ڏهن منٽن ۾ فريش ٿي هيٺ
پهتاسين. سڀئي گاڏين ۾ سوار پئي ٿيا، آفيسرز ڪلب
دهليءَ جي پوش علائقي ۾ هئي، جن رستن تان گذر ٿيو،
اُتي دهلي گورنمينٽ جي وزيرن جا سرڪاري بنگلا هئا.
ٻنهي پاسي تمام ڪُشادا روڊ، ساوا چهچ وڻ، شهر جي
سونهن کي سوايو ڪري رهيا هئا. اسان جي اڳيان اڇي
Foxy
ڪار پئي ويئي، خبر پئي ته ايڏي ماڊرن دؤر ۾ به
هتان جا وزير مشير توڙي پارليامينٽ جا ميمبر انهن
گاڏين کان سواءِ، ڪنهن ٻيءَ لگزري گاڏيءَ ۾ سفر نه
ٿا ڪري سگهن، سرڪاري عهدي تان لهڻ کان پوءِ سندن
مرضي. خان مارڪيٽ کان اڳيان خوبصورت چَوواٽو
ٽپياسين ته هڪ گهر تي ”راجيو گانڌي نِواس“، لکيل
بورڊ تي نظر پئي. مون کان رڙ نڪري ويئي. راجيو
گانڌيءَ جو گهر! سڀني جو ڌيان ان پاسي ڇڪجي ويو.
دعوت ۾ اسان کي ويلڪم ڪيو ويو. گيهاڻي صاحب تمام
وڏو انڊسٽريلسٽ آهي. ڀارت چيمبرس آف ڪامرس جو
ميمبر ۽ دهليءَ جو تمام ائِڪٽِوِ سنڌي آهي. پاڻ
ڀارت مان پاڪستان آيل وفد ۾ به شامل هو. مان پاڻ
سان اسٽل ڪئمرا سان گڏ هئنڊي ڪئمرا به ريڪارڊنگ
لاءِ کڻي ويئي هئس. عاليشان دعوت کان پوءِ فوٽو
گرافي ڪري اتان اسان لاءِ رشين ڪلچرل سينٽر ۾
تعارفي شروعاتي پروگرام رٿيل هو، اُتي پهتاسين.
هال ۾ هزار ماڻهن جي گنجائش هئي، اسان مهمانن لاءِ
هڪ پورشن ريزرو ٿيل هو. هتي دادا هري موٽواڻي سنڌي
”ڪونج“ رسالي جو ايڊيٽر ۽ سنڌ جو سچو عاشق، ڊاڪٽر
موتي پرڪاش، رام ڄيٺملاڻي (جيڪو پارليامينٽ جو
ميمبر ۽ قانوني ماهر هجڻ سان گڏوگڏ ايل ڪي
آڏاوڻيءَ جو ويجهو دوست پڻ آهي) هن پروگرام ۾ خاص
مهمان هو. پروگرام جو سلسلو اسٽيج جي کاٻي پاسي
رکيل ميڻ بتيون ٻاري ڪيو ويو. اسٽيج تي اسان جي
وفد جي اڳواڻي ڪندڙ قمر شهباز، سريش ڪسواڻي، لڇمڻ
ڪومل ۽ ٻين کي ويهاريو ويو. اسان مهمانن تي گلن جي
ورکا ڪئي ويئي. سنڌي اڪئڊمي دهليءَ جي مينو سهڻي
بليو ساڙهيءَ ۾ سندر پئي لڳي. اُن سڀني مهمانن کي
ڳاڙهي رنگ جون چُنريون پارايون. ان کان پوءِ امداد
حسيني شاعري ٻُڌائي. تقريرن ۾ جيڪا سڀني کان اهم
هئي اها رام ڄيٺملاڻيءَ ڪئي، سنڌين لاءِ چيائين ته
”اسين دنيا ۾ ڪٿي به هجون، ڪيڏي به ترقي ڪري وڃون،
جيستائين اسان مان چڙهت، چغلي، ۽ گلا ڪرڻ جي عادت
ختم نه ٿيندي، تيستائين اسان ڪا به ترقي نه ٿا ڪري
سگهون.“ رام جِي جيئن ته مڃيل وڪيل آهي، سنڌ مان
گهڻي دير سان لڏي ويو هو، سندس تقرير جو فن ڏاڍو
امپريسو
(Impressive)
هو. هتي رتنا گوديا سان ملاقات ٿي هئي، هيءَ مردن
جهڙي مائي هئي، بولڊ ڏسڻ ۾ به هئي ته پنهنجين
لکڻين ۾ به. (هن جي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“
”سرتيون“ ۾ هلي رهي آهي).
پروگرام ختم ٿيو ته سڀئي چانهه پيئڻ لاءِ گڏ
ٿياسين. هتان واندا ٿي اسين دهليءَ جي سي ايم
شريمتي شيلا ڊڪشٽ جي گهر ڊنر تي وڃڻ لاءِ گاڏين ۾
سوار ٿياسين. دهليءَ جي مختلف رستن تان ٿيندا سي
ايم هائوس جي عاليشان بلڊنگ جي گيٽ تي اچي
بيٺاسين. گيٽ جي ٻاهران پوليس جو ڪو به گشت نظر نه
آيو. گيٽ کان اندر سيڪيورٽي عملو موجود هو. هن
دعوت ۾ اسان سان هند جا اديب ريٽا شاهاڻي پوني مان
آئي هئي، مايا راهي، ڪرشن راهي، سندر اگناڻي ۽ ٻيا
به اُت موجود هئا. فرسٽ فلور تي ڪُشادين گهٽين ۽
ڏاڪڻ مان ٿيندا هڪ وڏي هال ۾ داخل ٿياسين، اسان
سان گڏ فنڪارن کي فني جوهر ڏيکارڻ جو اهم موقعو
مليو، سونيا ڪنول ۽ نرما ڪنول جون سنڌي ڀرت ڀريل
ڊريسون سڀني لاءِ ڏاڍيون پرڪشش پئي لڳيون، مظهر
حسين ۽ ذوالفقار علي ۽ برڪت عليءَ پنهنجي فن جو
عاليشان مظاهرو ڪيو. ايتري ۾ شريمتي شيلا ڊڪشٽ
آئي. اسان سڀني جو ساڻس تعارف ڪرايو ويو، سنهڙي،
ننڍي قد جي دهليءَ جي سي ايم پيلي رنگ جي ساڙهيءَ
۾ ملبوس هئي. ڏاڍي سهڻي ڍنگ سان اسان کي
کيڪاريائين. اسان سان فوٽو گرافي ڪرائي. ڪلاڪ کن
اسان کي اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ هلي وئي. ڊنر ۾ بيهن
جو ٻوڙ، تريل ڪريلا، پالڪ، پنير، چانور، چڪن ڪباب،
فريش جوس، سلاد ۾ رشين سلاد ۽ ٻيون ڊشز موجود
هيون، پر کائبو ايترو ئي هو جيتري گنجائش هئي.
ڪباب
Serve
ڪرڻ لاءِ ويٽرز موجود هئا، رات
جو اٽڪل ٻارهين بجي ڪرول باغ جي علائقي ڏانهن
روانا ٿياسين.
صبح سان اُٿي تيار ٿي ناشتو ڪري آءٌ ويڻا شرنگيءَ
کي فون ڪرڻ لڳيس ته جيئن سندس مدد سان ڀارت جي
سينيئر صحافي ڪلديپ نيَر کان انٽرويو لاءِ ٽائيم
وٺي سگهان، سندس موبائيل بند هو. گهر واري نمبر
تان ڪنهن ٻڌايو ته پروگرام ۾ ويل آهي. پوءِ دادا
هيرو ٺڪر کي فون ڪري کيس عرض ڪيم ته ڪُلديپ نيَر
کان ٽائيم وٺي ڏي. ٿوري دير کان پوءِ دادا هيرو
فون ڪئي ته منجهند جو ٻارهين وڳي جو ٽائيم مليو
آهي، ان مهل ساڍا نَوَ پئي ٿيا. هوٽل مان ڪانفرنس
لاءِ روانا ٿياسين، جنهن علائقي ۾ اها بلڊنگ هئي
ان جي آسپاس
WWF
انڊيا،
IUCN انڊيا ۽ ٻين
Ngos
جون آفيسون هيون.
علائقو دهليءَ جو ڊفينس پئي لڳو. خان مارڪيٽ وٽان
گذرياسين، جيڪا آچر جي ڪري بند هئي. ڪانفرنس جي
شروعات اٽڪل ساڍي ڏهين وڳي ٿي. سڀني اديبن پنهنجو
پنهنجو تعارف ڪرايو، پوءِ ان سيشن جي خاص مهمان
حميد سنڌي صاحب کي اسٽيج تي ويهڻ جي دعوت ڏني
ويئي. قمر شهباز ۽ سريش ڪيسواڻي ”سنڌي مهااُتسو“
پاران ڪرايل ڪانفرنس ۾ سنڌي ميڊيا ۽ ان سان درپيش
ايندڙ مسئلا ۽ انهن جي حل تي پنهنجا ويچار ونڊيا.
ايتري ۾ حميد ڀٽي اچي نياپو ڏنو ته ٻاهر هيرو ٺڪر
توهان جو انتظار پيو ڪري، آءٌ پنهنجو بيگ کڻي تڪڙي
ٻاهر نڪري آيس، اتان ڪلديپ نيَر جو گهر ڪلاڪ جي
ڊرائيوِ تي هو. ايڊريس دادا هيري وٽ هئي، ”وسنت
وِهار“ جو علائقو گلشن اقبال جي بنگلن واري علائقي
جيان هو. ڏاڍي ڳولهڻ کان پوءِ اچي ڪلديپ نيَر جي
گهر ادا حميد ڀٽو، علي اڪبر ۽ عارف گاد ڪئمرامين،
دادا هيرو سان جيئن ڪلديپ صاحب جو در ٽپياسين ته
سندس ملازم اسان کي ڊرائنگ روم ڏانهن وٺي ويو.
رستي ۾ ننڍڙو ڪمرو هو، جتي صوفي تي اسان جو انتظار
ڪندي ڪلديپ صاحب کي ننڊ اچي ويئي هئي. اسان جو
آواز ٻڌي اُٿي پيو. سلام ڪيومانس، سلام جو جواب
ڏيندي چيائين ”ٻه ڏينهن اڳ هرنيا جو آپريشن ڪرايو
اٿم، طبعيت ٺيڪ ناهي، پر خبر پئي ته سنڌ پاڪستان
مان هڪ صحافيءَ جي ڌيءَ انٽرويو ڪرڻ ٿي چاهي ته
آءٌ منع نه ڪري سگهيس.“ ان ڳالهه کان پوءِ سندس
شخصيت مون لاءِ وڌيڪ معتبر ٿي پئي. ايتري ۾ سنڌ ٽي
وي جا ڪئمرامين ريڪارڊنگ لاءِ پنهنجون ڪئمرائون ۽
لائيٽنگ سيٽ ڪرڻ لڳا. ڪلاڪ کن جو انٽرويو ڪرڻ کان
پوءِ اسان ڪلديپ صاحب کان موڪلايو. مون دادا هيرو
کي چيو ته واپس ان رستي کان هلجو، جتان پاڪستان
ايمبسي ڏسي سگهجي، ان تي داد کلي پيو، ٿوري دير ۾
ئي اسان دهلي گيٽ ڪراس ڪري ايمبيسيز جي علائقي ۾
داخل ٿياسين، هن رستي جي ٻنهي پاسن کي گاهه جي
سائي ويڪري پٽين سان سجايو ويو هو. عاليشان ڪُشادو
روڊ جنهن جي ٻنهي پاسي مختلف ملڪن جا سفارتخانا
هئا، ساڄي پاسي جپان جي سفارتخاني جي ڀرسان
پاڪستان جو سفارتخانو هو. ڏاڍي آرٽسٽڪ مين گيٽ تي
بليو ڪلر جو قبو ٺهيل هو، جنهن جي بلڪل وچ تي
پاڪستان جو جهنڊو لڳل هو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو
پندرهن ويهن ملڪن چائنا، جرمني، فرانس، پاڪستان،
جپان، برطانيا، آمريڪا، نيوزيلئنڊ، يو اي اي،
اٽلي، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جون هاءِ ڪميشن ڏسي
حيرت به ٿي ۽ ڏاڍو سٺو به لڳو. ڪراچيءَ ۾ رشيا جي
ايمبسي باٿ آئلئنڊ ۾ آهي، ته سعودي ڊفينس ۾، ته
آمريڪن ايمبسي ميرٽ روڊ تي، سڀ سفارتخانا مختلف
علائقن ۾ آهن، ان رستي تان مون ڪئمرا ڪڍي پاڪستان
هاءِ ڪميشن ريڪارڊ ڪرڻ چاهيو. اڃا ٿوري ريڪارڊنگ
ڪيم ته سيڪيورٽي گارڊز ۽ ٻيا پوليس اهلڪار مشڪوڪ
نظرن سان ڏسڻ لڳا. سو هڪدم ڪئمرا بند ڪرڻي پئي.
دادا هيرو اسان کي لنچ ٽائيم تي اچي ڪانفرنس هال ۾
ڊراپ ڪيو، لنچ ڪري وري سڀ ڪانفرنس روم ۾ آياسين ته
ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت قمر شهباز جي هئي
۽ خاص مهمان شمشيرالحيدري هو. اسپيڪرز ۾ آءٌ ۽ تاج
بلوچ هياسين، تاج بلوچ کان پوءِ مون ڳالهايو. ان
کان پوءِ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، پنجين
بجي ڌاري ڪانفرنس پوري ٿي ته اسان جو ٻيو پروگرام
ساڌو واسواڻي سنڌي اسڪول دهليءَ ۾ رکيل هو. اسان
کي ٽڪريءَ تي ٺهيل هن اسڪول جي عمارت گهمائي وئي.
عاليشان بلڊنگ جي سڄي انتظاميا سنڌين پئي هلائي.
ڪلاس رومس جي ٻاهران هر ڪلاس جو نمبر ۽ ڊانس جا
ڪلاس هئا ته ان جي ٻاهر واري ديوار تي ڊانس ڪندڙ
نرتڪين جا فوٽو هئا، هن اسڪول جو ميڊيم انگريزي
آهي، پر پوءِ به هتي سنڌي هڪ سبجيڪٽ طور پڙهايو
وڃي ٿو. پر اها سنڌي اسان ڪونه سمجهون! ان لاءِ جو
ان جو اسڪرپٽ ديوناگريءَ ۾ آهي. ان بلڊنگ جو نظارو
اسان شام جو ڪيو. ان مهل بلڊنگ خالي هئي، پر اسڪول
جي ٻاهران ڇهه ست بسون مختلف شهرن مان ڀرجي آيو
هيون، جن اسان کي ڀليڪار به چئي ۽ ميوزيڪل ايوننگ،
جيڪا پڻ ”سنڌو مهااُتسو“ ۽ سنڌي اڪئڊمي دهلي پاران
رٿي وئي هئي، ان جو آغاز ڪرڻ لاءِ جيئن ئي آءٌ هال
۾ داخل ٿيس ته شريڪانت ڀاٽيا مائيڪ تي منهنجو
تعارف ڪرائيندي چيو ته ”هن ميوزيڪل شام جي
ڪمپيئرنگ نصرت لاشاري ڪندي.“ بنان ڪنهن نوٽيس جي
هي سڏ عجيب لڳو، پر پوءِ به نڀائي ويس. اڌ پروگرام
کان پوءِ ماهين هوٽل کان اچي پُهتي ته ان کي به
سڏي ورتم ته اچي پنهنجو ڪم سنڀالي. پروگرام جي
باقي ڪارروائي ان هلائي. اتان وري اسان کي شري رام
ڄيٺملاڻيءَ جي گهر ڊنر تي وڃڻو هو. تقريباً نوين
وڳي ڄيٺملاڻي هائوس پُهتاسين. عاليشان دعوت ۽ اسان
وارن فنڪارن کي ڳارائڻ لاءِ هڪ اسٽيج ٺهيل هئي. هن
دعوت ۾ ريلوي منسٽر لالوپرساد يادَو، صحافي،
پارليامينٽ ميمبر شري ڄيٺملاڻيءَ جي تمام ماڊرن
ڌيءَ شيبا به هئي، تمام هاءِ ڪيليبر جي ماڻهن جي
دعوت جو آغاز ميوزڪ سان ڪيو ويو، جنهن ۾ سجاد
يوسف، صائمه منظور، سونيا، نرما، صادق فقير، برڪت
علي ۽ ذوالفقار سريلا راڳ ٻڌائي لالوپرساد کي به
جهومائي ڇڏيو، لالوپرساد ڏاڍو ڪو مقبول هو. سڀئي
ان سان فوٽو گرافي ڪرائڻ ۾ مشغول هئا. هڪ پاسي
فريش جوس ۽ اسٽاٽر ڪباب پئي سروِ (Serve)
ٿيا ته ٻئي پاسي ميوزڪ ۽ سنڌي راڳ تي انڊين اديبن
ڪرشن کٽواڻي جيڪو ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ جهڙي اهم ڪتاب
جو ليکڪ آهي، واس ديو موهي، دهلي پريس ڪلب جا
ميمبر جن مان پرڪاش جي سان شريڪانت منهنجو تعارف
ڪرايو. ان پڇيو ته ڇا ڪشمير مسئلو حل ٿيندو؟ مون
چيو ته ڪشمير مسئلو جيڪڏهن انڊيا ۽ پاڪستان حل ڪرڻ
چاهين ته بلڪل ٿي ويندو. پر هڪ ڳالهه اهم آهي ته
هينئر گهٽ ۾ گهٽ خون خرابو ڪشمير ۾ بند ٿيڻ کپي،
جيڪو ڪشميرين جي
Basic Human Rights ۾ شامل آهي.
هن دعوت ۾ ڏيڍ سَو ڊشز رکيل هيون، پنجويهن قسم جا
سلاد، اُتي ئي ڪباب پئي ٺهيا ۽ سروِ (Serve)
ٿيا. دوسا، ساڳ، سڄي دنيا جي کاڌن، چائنيز کان وٺي
پاڪستاني، انڊين، رشين نه ڄاڻ ڪهڙن ملڪن جا ڪهڙن
قسم جا کاڌا، ڪسٽرڊ، قُلفيون، پوڊنگز، چانور،
ڪشميري ڊشز جا اسٽالز لڳل هئا. مان، آپا ممتاز ۽
ادا اسحاق تنيو گڏجي ان سڄي پوزيشن جو جائزو وٺي
آياسين ۽ هڪٻئي کي ڏسي کلي چيوسين ايڏيون شيون
آهن، ڇا کائجي؟ شروعات سلاد کان ڪئيسين، ٻي به هڪ
ٻه سبزيءَ واري ڊش ٽيسٽ ڪئي ته پيٽ ڀرجي ويو. ٻين
شين کي ٽيسٽ ڪرڻ جي حسرت رهجي ويئي! اهڙيءَ ريت
اسان جي زندگيءَ جي هيءَ عاليشان دعوت پُڄاڻيءَ تي
پهتي ۽ اسان هوٽل روانا ٿياسين.
هي اسان جي زندگيءَ جو مصروف ترين ڏينهن هو، جنهن
جو هڪ هڪ منٽ ڪم سان گذريو. آءٌ به ڏاڍي پرسڪون
هيس، جو گهران ڪلديپ نيَر جي انٽرويو لاءِ
سوالنامو ۽ سندس متعلق پڙهي نڪتي هيس. سو اهو ڪم
به خوش اسلوبيءَ سان پورو ٿيو. صبح لاءِ ڪپڙا ڪڍي
ماهين سان ڳالهائيندي نه ڄاڻ ڪيڏي مهل ننڊ اچي
ويئي. خبر ئي نه پئي. صبح جو اٺين وڳي انٽرڪام
گهري ننڊ مان اُٿاريو. ماهين ڄاڻي واڻي اهڙي پاسي
سُتي جنهن پاسي لئمپ رکيل هو. ننڊ مان اُٿڻ جي به
ڏاڍي ڏکي، پر اُٿي وڃڻ کان پوءِ فٽافٽ تيار هوندي
هئي. نائين بجي تائين تيار ٿي اچي ناشتو ڪيوسين.
ان کان پوءِ وري ٻئي ڏينهن جي پهرئين سيشن لاءِ
ڪانفرنس هال ۾ داخل ٿياسين. منجهند جي مانيءَ
تائين ڪانفرنس پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتي. منجهند جي
ماني اُتي ئي کاڌيسين. منجهند جو واپس هوٽل وڃي
سامان جي پيڪنگ ڪرڻ شروع ڪئيسين، جو رات جو لکنؤ
روانو ٿيڻو هو. سامان جيڪو پاڻ سان کڻي وڃڻو هو،
اهو الڳ ڪيوسين ۽ ٻيو سامان هوٽل جي اسٽور ۾
رکرايو ويو. هوٽل ٻاهران ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ اچي چڪي
هئي جنهن ۾ سوار ٿي اسان کي انيلا سندر ۽ سندس
ڌيءَ رچنا جو بيلي ڊانس پروگرام اٽينڊ ڪرڻو هو.
ڪوچ ۾ سوار ٿي اسين هڪ عاليشان بلڊنگ جي آڊيٽوريم
۾ داخل ٿياسين. هال ۾ ٻه هزار ڪرسيون رکيل هيون،
جيستائين پروگرام جي شروعات ٿئي هتي موجود ماڻهن
سان هڪ هڪ ڪري سڀني ميمبرز کي پنهنجو تعارف ڪرائڻ
لاءِ چيو ويو. هر دفعي تعارف انڪري پئي ڪرائڻو
پيو، جو اسان سان گڏجڻ لاءِ، دهليءَ کان سواءِ
انڊيا جي ٻين علائقن مان به سنڌ مان اٺونجاهه سال
اڳ لڏي ويل سنڌي ملڻ پئي آيا. کين پنهنجا شهر،
گهر، گهٽيون ۽ ڳوٺ ياد هئا. اُتي ٻه بزرگ اچي مون
سان مليا. پڇيائون ”ڪهڙي شهر جي آهين؟“ مان چيو
”لاڙڪاڻي جي!“ اهو ٻڌي لاڙڪاڻي مان لڏي ويل دادا
موهن جو منهن مهڪي پيو. ٻئي چيو ”مان ٺارو شاهه
مان ميٽرڪ ڪئي، پوءِ اسان جي لڏپلاڻ ٿي ۽ اسان کي
سنڌ ڇڏڻي پئي!“ ائين چوندي هو ڍنڍڪرون ڏيئي روئڻ
لڳو ۽ مون کي به روئاري وڌائين.
ٿوري دير ۾ ئي اسٽيج تان پردو کڄي ويو ۽ بيلي شروع
ٿيو. هن ڊرامي جي ڊائريڪٽر انيلا سندر ۽ سندس ٽيم
خاص اسان لاءِ هي ڊرامو ڪرڻ بمبئيءَ مان آيا هئا.
هن ڊرامي جو اسڪرپٽ ٻن مهينن جي ريسرچ سان دادا
سُندر اگناڻيءَ (جئپور واري) ۽ سندس هڪ ٻئي ساٿيءَ
جيڪو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر هو (سندس نالو وسري ويو اٿم)
ان لکيو هو. هن ۾ سنڌ جي ڪهاڻي هئي ۽ اها ڪهاڻي
”وقت“ ٻڌائي ٿو، پنهنجي پڙاڏجندڙ آواز ۾. سنڌ ڪڏهن
کان سرجي، هن ڌرتيءَ جي گولي تي سنڌ جو وجود ڪڏهن
کان سنڌ سڏجڻ لڳو، سنڌو درياهه ان جي اهميت، مختلف
حڪمرانن پاران سنڌ تي ڪاهون، سومرن، سمن، ڪلهوڙن،
راجا ڏاهر، ٽالپرن جو دَور، شاهه عبداللطيف جي
شاعري، ان جون سورميون، پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ
لڏپلاڻ! وقت جي مختلف وهڪرن مان وهندڙ سنڌ اڄ ڪٿي
بيٺي آهي؟ هن نرت ناٽڪ ذريعي ان کي ڏاڍي سهڻي
نموني پيش ڪيو ويو هو. مون پنهنجي هئنڊي ڪئمرا سان
ريڪارڊنگ ڪئي، هن نرت - ناٽڪ جي
Duration ٻه ڪلاڪ هئي. ڊرامي جي ختم ٿيڻ کان
پوءِ اسان سڀني مهمانن کي ڪلاڪارن سان ملايو ويو ۽
فوٽو گرافي به ڪئي وئي. اتان واندا ٿي اسين ڪوچ ۾
سوار ٿي، لکنؤ لاءِ دهليءَ مان روانا ٿياسين.
ساڳئي ڏينهن تي منجهند جو مرزا غالب ۽ امير خسرو
جي مزار تي به حاضري ڀريسين. هنن وڏن شاعرن جي
مزارن تي ميلي جهڙو سمان هو، جتي قبرون ٺهيل هيون،
ان جي اندر عورتن جو وڃڻ منع هو. دل ۾ سوچيم ته
مرزا غالب عورت جي حُسن جو پوڄاري هو. هيءَ پابندي
سندس روح لاءِ پريشان ڪندڙ هوندي. اسين ٻاهران ئي
قُل پڙهي موٽي آياسين. (هلندڙ)
|