سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :4

 

نعيمه سومرو

ڪيئن وساريان؟

تنهنجون اُهي اُداس ڳالهيون،

اُهي ڀِنل ڀِنجر

اُهي آليون اکيون

اُهي بي قرار نظرون

اُهي ڳوليندڙ نگاهون

ڪيئن وساريان،

تنهنجي آواز جي لرزش،

اُها ٽُٽل لفظن جي ڪهاڻي

اُهي معصوم افسانا!

ڪيئن وساريان؟

تنهنجي اُها مِٺڙي مُشڪ،

اُجري اُجري صُورت

شرم حيا جي مُورت،

ڪيئن وساريان؟

موڪلاڻيءَ مهل،

اُهي ڪجهه پَل،

جن توکي،

منهنجي نظر ۾،

ڪري ڇڏيو اَمُل!

****

ياد اچين ٿو!

مون کي تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

رات جي ڪاراڻ، صبح جي اَڇاڻ ۾ مَٽجي ٿي

۽ چوڌار پکڙجن ٿا سج جا ٿڌا ڪِرڻا

پکي لنون ٿا لاتيون

ٿڌيون هوائون ٿيون لڳن.

 

تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

وِهامي ٿي اُماس رات

۽ نڪري ٿو نئون چنڊ

پکيڙي ٿي چانڊوڪي نُور.

 

تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

ماڪ موتي وسائي ٿي

مکڙيون گل بڻجن ٿيون

فضا معطر ٿي وڃي ٿي.

 

تون ياد اچين ٿو

تڏهن

جڏهن

رُت جهڙالي هوندي آهي

ڪڪر گَجندا آهن

وسندا آهن مِينهَن

تڏهن

جڏهن

سمنڊ ۾ چڙهندي آهي وِيرَ!

****


 

نجمه نُور ڦلپوٽو

گيت جشنِ بهاران

چوڏس آهي ميگهه ملهار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

جاٿي ڪاٿي مُکڙيون مُرڪيون،
پن ڇڻ پَسجي آر نه پار،
جشنِ بهاران جي آ بهار.

ٽاري ٽاري ڦُلڙن واري،
ڪوئل ڪوڪي چؤڌار،
جشنِ بهاران جي آ بهار.

 

صحرا ۾ ڄڻ ساگر پَلٽيو،
ڪُونجون اُڏريون ڪري قطار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

ڌرتيءَ پنهنجا سُور نه ساريا،
اوٺي آيا موڙي مَهار،
جشنِ بهاران جي آ بهار.

 

ٿيو جَڳُ سارو نينهن نظارو،
پِياسَ ٻُجهائي پيار جي ڌار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

”نُور“ بسنتي چادر اوڙهي،

 

هم رنگ ٿي ويا رَنگ هزار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

چوڏس آهي ميگهه ملهار،
جَشنِ بهاران جي آ بهار.

 

پارس ”عباسي“

غزل

 

لهندڙ سج تڪيندا آهيون،
ڇڻندڙ پَن ڳڻيندا آهيون.

 

آکيرن ڏانهن ورندڙ پَنڇي،
ڪِرندڙ پنک جهَٽيندا آهيون،

 

پاڻيءَ تي ڪجهه ليڪا پائي،
پنهنجا درد ونڊيندا آهيون.

 

اوسيئڙي ۾ نيڻ وڇائي،
ننڊ جا پير جهليندا آهيون.

 

کوڙ ڏينهن کان پوءِ اَدِي،
ڪنهن ڏانهن ايندا ويندا آهيون.

 

غزل

 

باغ ڪيڏو ڀريل،
آءُ پوپٽ ڪو جهَل.

 

نيڻ منهنجا تلاءُ،
مُرڪ تنهنجي ڪنول!

من - هرڻ، کيچلو،
ياد، سائو جبل!

 

ڏينهن ۽ رات ڄڻ،
تنهنجو گجرو، ڪجل!

 

ڪيڏي خوشبو گهُلي،
ڪا دري آ کُليل!

سانجهه سنڌوءَ مٿان،
يا ڪوئي رنگ مهل.

 

گرهڻ مان چانڊاڻ!

(ٽيڙو)

بختن جو لوڏو،

هٿ جي چمپا گل هيا -

بڻجي ويا ڇوڏو!

***

جا گلڙن منجهه جهُلِي،

جو اَجگر جيڏي شهر ۾ -

سا نينگر وئي رُلِي!

***

ڪيڏي ٿي ڪاراڻ،

ڪجهه ڪجهه روشن پوءِ به هئي -

گرهڻ مان چانڊاڻ!

***

خالي گهر ۽ مان،

پاڇا پائن بانبڙا -

گهري درد جيان!

***

 

سنجها سرواڻ

ڪاش

ڪاش!

مان هن کي

سمجهائي سگهان

ته جيئن هو سوچي ٿو

ائين ڪڏهن به

ٿيڻو ڪونه آهي

پوءِ ڇو هُو ائين سوچي

پاڻ کي عذاب ڏئي پيو

۽ پاڻ سان گڏ

مون کي به ڀوڳرائي پيو.

***

 

سون ساريڪا هٿڙا

(پورهيت نينگري)

زيب النساءَ

ڪاش، ڪاش ئي رهجي وئي!

منهنجي عمر 20 سال آهي. جڏهن 9 سالن جي هئس ته ماءُ جي پوتي جهلي ساڻس گڏ گهرن ۾ ڪم ڪرڻ ويندي هئس. پوءِ آهستي آهستي ڪم به سکي ويس. ڪم ۾ ايتري ته ڀَڙ ٿي ويس جو امان چيو ته هاڻي تون الڳ ڪنهن بنگلي تي بيهه، پوءِ مان اُتي ئي ٻئي بنگلي تي ڪم تي بيٺيس. نئين مالڪڻ مون کي رڌپچاءُ سيکاريو. اُتي گهر جا ٻالڪ صبح جو نيرن به ڪونه ڪندا هئا، پر مون چيو ته مان توهان کي صبح جو سوير اچي نيرن ٺاهي ڏينديس. هاڻ هو سڀ صبح جو مون سان فرمائشون ڪندا آهن ته هي ٺاهي ڏي، هُو ٺاهي ڏي. مون کي خوشي به ٿيندي آهي ته ڏک به ته هيڏو ڪجهه ڪريان ٿي پر آخر ٿيندو ڇا؟ سڀ منهنجون محنتون، سچايون ۽ وفاداريون جنهن جو مُلهه 1500 سَو رپيا فقط 1500 سَو رپيا، سي به مون کي ڪم ۾ نه ٿا اچن، 800 سَو رپيا گهر ۾ ڏيندي آهيان ۽ 500 سَو رپيا ويسي رکندي آهيان 200 رپيا ڀاڙي جا رکندي آهيان. جڏهن ته ڀاڙو ته روز 10 رپين جي حساب سان 300 سَو رپيا ٿو ٿئي. بس ڇا ڪجي؟ هيتري ڪم ۾ هيڏا هاڃا! سوچيان ٿي ته لڳي ٿو ته مون کي سَو کن ته بيماريون هونديون، پر جي نه سوچيان ته بس....

آءٌ صبح جو اٺين ڌاري بس ۾ ويندي آهيان. شام جو چئين وڳي واپس ايندي آهيان، بوهرين جي گهر صدر ۾ ويندي آهيان. ماني ٻوڙ ٺاهيندي آهيان، صفائي ڪندي آهيان. ٿانوَ ڌوئيندي آهيان. آءٌ اڌوراڻا ڪپڙا ڪانه وٺندي آهيان، پر اڻسبيل ڪپڙا ملندا اٿم ته وٺندي آهيان. نيرن به اتي ڪندي آهيان ۽ منجهند جي ماني ٺاهيندي ۽ کائيندي به اُتي آهيان.

ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته منهن واهه ڪري ڀڄي وڃان! گهر ۾ جڏهن پُورت نه ٿي ٿئي ته منهنجي ڪٿان پورت ڪندا! منهنجي عمر جون ڇوڪريون ڏسندي آهيان ته گهر ۾ مائٽن سان نخرا ڪنديون آهن، فرمائشون ڪنديون آهن ته ڏک ٿيندو اٿم ته منهنجي قسمت ۾ ايئن ئي لکيل هو! ماءُ به پورهيو ڪري ۽ آءٌ به! بس ۾ جڏهن چڙهندي آهيان ته پڙهيل لکيل ڇوڪريون ڏسندي آهيان ته دل چوندي اٿم ته ڪاش مان به پڙهيل هجان ها! پر اِها ڪاش ڪاش ئي رهجي وئي!

دل ڏاڍي اُداس ٿيندي اٿم، ته هاڻ ڪيڏو ڪم ٿي ڪريان پر قدر اِهو 1500 سؤ رپيا اٿم، ڪو ته اهڙو هجي جيڪو مون کي هنن عذابن مان ڇڏائي ۽ وٺي وڃي ڪنهن نئين ديس ۾! جتي مان صرف پنهنجي گهر جو ڪم ڪريان ۽ هُن سان پيار ڀريون ڳالهيون ڪريان! پر ڪير ايندو؟ ڪڏهن ايندو؟ بس اميدن تي جيئري آهيان. 9 سال ٿي ويا اٿم ڪم تي ويندي. گهڻن ماڻهن کي روز ڏسڻ سان ماڻهن جا چهرا پڙهي ويندي آهيان. گهڻا ته رستي ويندي تنگ ڪندا آهن، پر جواب ڪانه ڏيندي آهيان، پوءِ شايد پاڻهي سمجهي ويندا هوندا ته هيءَ اهڙي ڪانهي!

بيگم صاحبه مون کي تمام گهڻو ڀائيندي آهي. شايد آءٌ هِن سان هِري مِري وئي آهيان، مون کي هنن ماڻهن تي جيترو اعتماد آهي ۽ هنن سان جيترو پيار آهي، اوترو شايد پنهنجي مائٽن سان به ڪونهي، ڇو ته جيترو احساس هو ڪن ٿا، اوترو ڪير به ڪونه ٿو ڪري. 500 رپيا وي.سي رکي هئم، جيڪا 25000 رپيا کلي جنهن مان فرج ۽ ٽي وي ورتم ۽ گهر وارن کي سک ڪري ڏنم، پر آءٌ پيسي لاءِ سڪي وئي آهيان، سوچيندي آهيان بس ايترو بچي جو سڄو مهينو ڀاڙو ڪري سگهان.

مان چاهيان ٿي ته پنهنجن ۾ شادي نه ڪريان، ڇو ته اسان جي خاندان جون سموريون عورتون پورهيو ڪن ٿيون. شاديءَ کان پوءِ وري مون کي اهڙي نموني محنت ڪرڻي پوندي، اهڙي خدمت آءٌ پنهنجي ساهُرن جي ڪريان ته سٺو.

برياني ۽ قورمو سٺو ٺاهيندي آهيان. چائنيز ۽ هر شيءِ سٺي ٺاهي وٺندي آهيان. هُن گهر جي ايتري ڄاڻ ٿي وئي اٿم جو هڪ ڏينهن به نه وڃان ته گهر اچي وٺي ويندا آهن. سڄي گهر جي ذميواري مون تي آهي، گهر ۾ ڪهڙي شيءِ کُٽل آهي، ان جي گهر ڀاتين کي خبر ڪانهي. مان هڪ ڏينهن به موڪل ڪانه ڪندي آهيان. صرف ڪم ۽ ڪم. هينئر جواني اٿم گهڻو ڪم ڪري سگهان ٿي.

رپورٽ: نجمه پنهور

 


 

 

ڳڻن ڀريون ڳالهڙيون

انٽرويو: گلبدن جاويد

ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ سان ڳالهه ٻولهه

سرتيون: اوهين پنهنجي ڪٽنب بابت ڪجهه ٻڌايو؟

ڊاڪٽر رخسانه: اسان پنهنجي ڪٽنب ۾، ماءُ پيءُ کان علاوه پنج ڀائر ۽ ڀينرون آهيون. ٻه ڀائر آهن هڪ ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو رياضيءَ (Mathematics) ۾ ايم ايس سي (M.Sc) ڪرڻ کان پوءِ اڄڪلهه ليڪچرر طور ڪم ڪري ٿو. ڀينرن مان هڪ ڀيڻ رياضي (Mathematics) ۾ ايم ايس سي (M.Sc) آهي ۽ ايس ايس طور ڪم ڪري پئي ۽ ٻي ڀيڻ سِول انجنيئر آهي. آءٌ پاڻ ڊاڪٽر آهيان.

سرتيون: اوهان جي شادي پنهنجي پسند سان ٿي يا مائٽن جي پسند سان؟

ڊاڪٽر رخسانه: منهنجي شادي منهنجي پسند ۽ مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي. مطلب ته شادي سڀني جي رضامنديءَ سان ٿي.

سرتيون: ڪامياب شادي گذارڻ لاءِ ڪهڙا گُڻ ضروري آهن؟

                       

ڊاڪٽر رخسانه: هن سوال جي جواب ۾ آءٌ ته ايئن چونديس ته اهڙيون ڪي به طيءِ ٿيل ڳالهيون ناهن جو چئجي ته اِهي ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي ڪنهن شخصيت ۾ هجن ته شادي ڪامياب ٿيندي! بس، هڪ مساوات برابري آهي. هڪ Equation آهي، اها اگر ٻن فردن وچ ۾ قائم ٿي وئي، ته شادي ڪامياب ٿي ويندي، نه ته يا ته رشتا ٽُٽڻ جي فطري عمل مان گذرندا يا وري سمجهوتي Compromise جهڙي انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال جي نذر ٿي وڃبو.

سرتيون: اوهان جي ڪهڙي ڳالهه اوهان جي گهر واري کي وڻندي آهي؟

ڊاڪٽر رخسانه: اهو سوال ان کان ئي پڇو ها ته بهتر ٿئي ها.

سرتيون: اوهان جي ڪهڙي ڳالهه ڊاڪٽر صاحب کي نه وڻندي آهي؟

ڊاڪٽر رخسانه: مان گهڻن ماڻهن جي موجودگي برداشت نه ڪري سگهندي آهيان. منهنجي هڪ پنهنجي طبيعت آهي. مون کي پرسڪون ماحول وڻندو آهي. هو هڪ سياستدان آهي. ظاهر آهي ته هن کي اها ڳالهه گهڻي پسند نه هوندي!

سرتيون: اختلاف ٿيڻ وقت پهرين ڪير پرچائيندو آهي؟

ڊاڪٽر رخسانه: اختلاف ٿيڻ ته فطري ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي وڙهي پوندا آهيون ته پوءِ ٻئي ڏينهن، سوچڻ سمجهڻ کان پوءِ، جيڪو سمجهندو آهي ته منهنجو ڏوهه وڌيڪ آهي ته اهوئي پرچائي وٺندو آهي. هونئن اسان جي وچ ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون ورلي ئي ٿينديون آهن.

سرتيون: اوهان کي گهڻا ٻار آهن؟

ڊاڪٽر رخسانه: اسان جا ٻه ننڍڙا پٽ آهن همير ۽ ڪبير.

سرتيون: ٻارن جا ههڙا خوبصورت نالا ڪنهن رکيا؟

سرتيون: ٻارڙن جا نالا مون ۽ ڊاڪٽر گڏجي رکيا آهن. وڏي پُٽ همير جو اسڪول ۾ نالو محمد صالح آهي جيڪو ڊاڪٽر جي والد صاحب جو نالو آهي.

سرتيون: ڊاڪٽر ٿيڻ، اوهان جو شوق هو يا مائٽن جو؟

سرتيون: ڊاڪٽر ٿيڻ جو پنهنجو شوق به ٿورو گهڻو هو، پر مائٽن جو تمام گهڻو شوق هو ته وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر ٿئي. جيئن هر ماءُ پيءُ جو خواب هوندو آهي. منهنجو پنهنجو گهڻو لاڙو حسابن ڏانهن هو.

سرتيون: اوهان خواب ڏسنديون آهيو؟

ڊاڪٽر رخسانه: ظاهر آهي هر حساس ماڻهو، هر سوچيندڙ ماڻهو هڪ تصور رکي ٿو، هو خواب اُڻي ٿو ۽ آءٌ به خواب ڏسندي آهيان. محبتن کي ماڻڻ جا خواب، انسانيت جي خوشحاليءَ جا خواب، فرسوده رسمن کان ڇوٽڪاري جا خواب، آزاد زندگيءَ جا خواب.

سرتيون: اهڙي خواهش جيڪا چاهيو ته پوري ٿئي؟

ڊاڪٽر رخسانه: ها! منهنجي هڪڙي خواهش آهي ته مان سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار امرجليل سان ملاقات ڪريان. بلڪه ان سان ڪچهري ڪريان. بلڪل فطري انداز سان. باقي هن جو فون نمبر يا ائڊريس حاصل ڪرڻ ظاهر آهي منهنجي لاءِ ايڏي وڏي ڳالهه ڪانهي.

سرتيون: اسان جو سماج ويڳاڻپ جو شڪار آهي، ڇو؟

ڊاڪٽر رخسانه: اها سماجي ويڳاڻپ ڪنهن به هڪ مسئلي، هڪ ڳالهه يا هڪ سبب جي ڪري ناهي، بلڪه سببن جو هڪ تسلسل آهي، جيڪو هڪ فرد کان ٿيندي مٿي ڏاڍ ۽ اڻبرابريءَ تي ٻڌل رياستي سرشتي تائين ٿئي ٿو. انڪري هر فرد کي پنهنجو پنهنجو ڪردار هاڪاري (Positive) انداز ۾ نڀائڻ گهرجي. سماج جي تضادن کي سمجهڻ گهرجي. انهن تي نظر رکڻ گهرجي. انهن جو حل تلاش ڪرڻ گهرجي. باقي اها ڳالهه هر باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو ته سماجي ويڳاڻپ جو حل تبديليءَ ۾ آهي ۽ سماجي تبديليءَ جو هڪ ئي گس آهي ۽ اهو آهي سياسي گس. اصلاحي پروگرام ڀلي کڻي ڪيترا به آندا وڃن پر تبديلي سياسي رستي سان ئي ممڪن آهي.

سرتيون: اسان جي سماج ۾ عورتن لاءِ الڳ پريشر گروپ يا الڳ تنظيمن جي ڪنهن حد تائين ضرورت آهي؟

ڊاڪٽر رخسانه: اسان جي سماج ۾، عورتن جي هڪ مضبوط تنظيم جي انتهائي سخت ضرورت آهي. هن جنسي متڀيد واري سماج ۾ ڪو ته اهڙو پليٽ فارم هجي جيڪو هن اڌ آباديءَ جو آواز بڻجي اعليٰ ايوانن تائين پهچي، جتي قومن جا فيصلا ٿين ٿا، جتي قانونسازي ٿئي ٿي. عورت کي پنهنجو وجود مڃرائڻ لاءِ برابريءَ واري حيثيت مڃرائڻ لاءِ خود کي هڪ ڊگهي ۽ منظم جدوجهد ڪرڻي پوندي.

سرتيون: اڄ جي اديبن جي ادبي تخليقن مان ڪيتريون مطمئن آهيو؟

ڊاڪٽر رخسانه: اڄ جي اديب جي ادبي ڪاوشن مان اسان مطمئن آهيون يا نه، ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ کان اڳ ان ماحول تي ڳالهائڻ گهرجي جيڪو هڪ قلمڪار جي لکڻ لاءِ ضروري آهي. اڄڪلهه ڪهڙا ادارا آهن، اهڙا ڪهڙا معياري ڪتاب/مخزن آهن. ڪهڙيون ادبي ويهڪون آهن جيڪي اديبن جي تخليقن کي ڇنڊي ڇاڻي انهن جو ڪو معيار مقرر ڪن. اديب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪوشش ڪن پيا، پر اَسان جي تخليقڪارن جو گهڻو ڪري تعلق مڊل/وچولي طبقي سان آهي. اڄڪلهه معاشي بدحالي، ڪمرشلائيزيشن جو زمانو ۽ معياري پبليڪيشن جي کوٽ جي ڪري ڪافي سٺو مواد پڙهندڙن تائين نه پيو پهچي. پر مان يقين سان چوان ٿي ته جيڪڏهن ادارا مضبوط ڪيا وڃن، معياري رسالا باقاعدگيءَ سان ڪڍيا وڃن، سنڌي ادبي سنگت، پنهنجو ڪردار بهتر انداز سان نڀائي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ پنهنجي شاخن کي فعال بڻائي ته جيئن نئين ٽيلنٽ جي همت افزائي ٿئي ۽ انهن جي لکڻين ۾ جيڪي ڪوتاهيون آهن، اهي به بحث هيٺ اچن ته ڪو شڪ ناهي ته اسان جا تمام بهترين ليکڪ منظر تي نه اچن.

سرتيون: اوهان ڪهڙن ماڻهن سان ملي خوش ٿينديون آهيو؟

ڊاڪٽر رخسانه: مون کي انهن ماڻهن سان ملي خوشي ٿيندي آهي جن سان ذهني هم آهنگي هجي، جيڪي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ سان گڏ ٻين جي ڳالهه ٻُڌڻ جا به عادي هجن. طبيعت گهڻي حساس هجڻ ڪري مان گهڻي سوشل ناهيان. ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به نه ٿي سگهي آهيان. ڊاڪٽري پروفيشن ۽ ادبي دنيا ۾ منهنجا ڪجهه Friends آهن، جيڪي مون کي تمام ويجهو آهن.

سرتيون: دوستي اوهان جي نظر ۾؟

ڊاڪٽر رخسانه: آءٌ توڙي جو تمام گهڻا Friends نه ٿي رکان، پر مان پنهنجي ڪجهه Friends جي معاملي ۾ ڏاڍي جذباتي آهيان. انهن جي ڪا به تڪليف مون کان برداشت نه ٿي سگهندي آهي. دوست اهو ماڻهو آهي، جنهن سان بنان ڪنهن مطلب/مصلحت جي اندر اوري سگهبو آهي. ان کي زندگيءَ جي معاملن تي مشورو ڏئي سگهبو ۽ وقت اچڻ تي مشورو وٺي سگهبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دوست ويجهن مائٽن کان به وڌيڪ ويجها محسوس ٿيندا آهن.

سرتيون: محبت کي ڪيئن بيان ڪنديون؟

ڊاڪٽر رخسانه: محبت کي هڪ وصف جي ڪارب ۾ نه ٿو آڻي سگهجي. محبت جنهن جي ڊيگهه، ويڪر، اوچائي، گهرائي، مُلهه، مقدار سدائين اَڻ ڪٿيو ئي رهيو آهي، اڃا رياضيءَ اهڙو ڪو ماپو ئي ايجاد ناهي ڪيو، جنهن ۾ محبتن کي مقدار ۾ ماپي سگهجي. هي بس هڪ احساس آهي، جيڪو ارپبو ۽ جذب ڪبو آهي. بقول استاد بخاري:

منهنجي توسان محبت مٺا ايتري،
ڇا چوان ڪيتري، ڇا ڪٿيان ڪيتري،
جيتري ڪير سوچي سگهي تيتري،
ياد يارن جي استاد سانڍي ڪٿي،
زندگيءَ کان ڊگهي، وقت کان ويڪري.

سرتيون: عشق جي باري ۾ اوهين ڇا چونديون؟

ڊاڪٽر رخسانه: هي تمام وڏو منصب آهي. اسان انتهائي ادنيٰ انسان آهيون. بس شاهه سائينءَ جو هي شعر چونديس:

ڪپي ڪپي انگڙا، سڄڻ سڄو ڪن،
اياڻا الجهن، ڏسي وَڍَ وجود جا.

سرتيون: زندگي اوهان جي نظر ۾؟

ڊاڪٽر رخسانه: زندگي صرف صبح ٿيڻ، شام ٿيڻ، رات ٿيڻ، وري صبح جو اٿڻ جو نالو ڪونهي. خاص ڪري مان پنهنجي سرتين، پنهنجي ڀينرن کي چونديس ته زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيو. مڃون ٿا تمام گهڻا ڪم ڪاريون اوهان جي حوالي ڪيون ويون آهن، پر پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي آهي. اسين انسان آهيون، اهو سماج کي مڃرائڻو پوندو.

سرتيون: اڄ جي دَور ۾ هر ماڻهو دُکي آهي، پر جڏهن مريض بيمارين جا درد کڻي اوهان وٽ اچن ٿا ته اوهين ڪيئن ٿيون محسوس ڪريو؟

ڊاڪٽر رخسانه: اسان ڪو به درد نه ڏٺو آهي، اسان ڪا به تڪليف نه ڏٺي آهي، سچ پڇو ته پنهنجي مريضن کي ڏسي بار بار احساس ٿيندو آهي ته اسان هنن لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيا آهيون. هنن جا درد اسان جي ڏنل دوائن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهن.  هر ”سور مان نڪتل دانهن“ جو علاج ٻه Pain Killer Tablet نه ٿيون ٿي سگهن. جڏهن مون هڪ مريض کي دوا ڏيندي چيو هو ته ”هي ٻه گوريون ڏينهن ۾ ٽي دفعا مانيءَ کان پوءِ کائجان ۽ هيءَ هڪ گوري ٽي دفعا ڏينهن ۾ مانيءَ کان اڳ کائجان.“ ته ان جون اکيون ڀرجي آيون هيون، چتائي منهن ۾ پئي ڏٺائين. پڇيم ”ڇا ٿي ڏسين؟ ڪو مسئلو آهي ڇا!؟“

ڀريل اکين سان مرڪندي چيائين ”ڊاڪٽر، اسين ته ماني ٽن ڏينهن ۾ هڪ دفعو کائيندا آهيون.“ ڏاڍي تڪليف ٿي هئي. مان هن مريض کي ڪجهه به ڪونه چئي سگهيس ۽ دوائن جو لکيل پنو هن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو هوم.

ڇا ان ڳالهه جو جواب سماج جي مڪمل تبديليءَ ۾ لڪل ناهي؟

سرتيون: سنڌ کي سکيو ستابو ڪيئن بڻائجي؟

ڊاڪٽر رخسانه: شاهه سائينءَ جي سٽ آهي:

”سپرين سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ملي.“

سرتيون: پسند جو کاڌو؟

ڊاڪٽر رخسانه: آءٌ گهڻي کائڻ پيئڻ جي شوقين ناهيان، پر تنهن هوندي به ڪجهه شيون وڻنديون آهن، جيئن پلو، گوار، ڪڙهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪڙهائي کائڻ تي دل چوندي آهي. رات جو مان کنڊ پيل اڇا چانور کائيندي آهيان، مون کي ڏاڍا وڻندا آهن جنهن تي سڀ کلندا به آهن.

سرتيون: پسند جو لباس؟

ڊاڪٽر رخسانه: مون کي مختلف ڊيزائين ۾ ٺهيل سلوار قميص ئي وڻندي آهي. عام پائڻ لاءِ. باقي خاص ڏڻن/موقعن تي ساڙهي پائيندي آهيان.

سرتيون: پسند جو گل؟

ڊاڪٽر رخسانه: مون کي موتيي جو گل پسند آهي.

سرتيون: پسند جو رنگ؟

ڊاڪٽر رخسانه: ڳاڙهو، برائون، هلڪو پرپِل، ميرون وڻندا آهن. ڪارو رنگ به ڪڏهن پائيندي آهيان.

سرتيون: ننڍپڻ ۾ ڪي رانديون کيڏيون، پنهنجي پسند جون رانديون ٻڌايو؟

ڊاڪٽر رخسانه: مون کي ڪرڪيٽ راند تمام گهڻي پسند آهي ۽ پاڻ ۾ کيڏڻ لاءِ اسڪريبل ۾ تمام گهڻو مزو ايندوآهي، جيڪا اسان اڪثر ڀائر ۽ ڀينرون جڏهن گڏجندا آهيون ته کيڏندا آهيون.

سرتيون: ڪهڙي ڊش وڌيڪ سٺي رڌينديون آهيو؟

ڊاڪٽر رخسانه: سٺي کاڌي رڌڻ جي ڳالهه نه ڪريو، باقي سڀ ڪجهه رڌيندي آهيان. ايترو وقت ئي ناهي جو رڌپچاءَ ۾ به ماهر ٿيان.

سرتيون: پسند جا سنڌي شاعر/شاعرائون؟

ڊاڪٽر رخسانه: سنڌي ٻوليءَ جا تمام گهڻا سٺا شاعر آهن، جيڪي مون پڙهيا آهن، نالا انهن جا ئي کڻنديس، ڪافي شاعرن کي مون نه پڙهيو آهي. جن کي پڙهيو آ انهن ۾
شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، ادل سومرو، اياز گل، سميع بلوچ، روبينا ابڙو، عطيه دائود، وسيم سومرو،
بخشل باغي، ايوب کوسو، حليم باغي، مريم مجيدي،
آسي زميني، راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، فياض چنڊ مون کي پسند آهن.

سرتيون: شاهه جو شعر جيڪو اوهان کي پسند هجي؟

ڊاڪٽر رخسانه: شاهه جو هي شعر مون کي بيحد پسند آهي:

اڃا تو منجهاءَ، ڪک ڇُتي رت نڪري،
مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهَليندين گهاءَ،
سو تُون ڪُڄاڙياءَ، سِڪڻ جون سَڌون ڪرين.
سرتيون: اوهان جي پسند جا فلم ۽ ٽي وي فنڪار ڪهڙا آهن؟

ڊاڪٽر رخسانه: فلم ۾ مون کي اميتاب بچن، نصيرالدين شاهه، سنجيو ڪمار، راجڪمار، منوج باجپائي، وحيد مراد، شبانه اعظمي، ريکا، ممتاز، زينت امان ۽ ڪاجول پسند آهن.

ٽي وي فنڪارن ۾ طلعت حسين، شفيع محمد شاهه، امانت مغل ۽ سڪينه سمون پسند آهن.

سرتيون:  شاعره ڪيئن بڻيون؟

ڊاڪٽر رخسانه:  شاعري ڏات الاهي آهي، جيڪا مون کي قدرت طرفان عطا ٿي. ان ۾ منهنجي شعوري ڪوشش شامل نه آهي.

سرتيون:  شاعريءَ جا مجموعا؟

ڊاڪٽر رخسانه:  ”پياسيون اکيون، جل ٿل خواب“ مجموعو اچي ويو آهي.

سرتيون:  ”سرتيون“ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

ڊاڪٽر رخسانه: ”سرتيون“ پڙهندڙ سرتين ڏانهن منهنجو پيغام آهي ته هو گهڻي کان گهڻو پنهنجي پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان ڏين ۽ ادبي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ جي ڪوشش ڪن، انهن سان ئي هو باشعور بڻجي سگهنديون ۽ پنهنجي شخصيت جي سڃاڻپ ڪرائي سگهنديون.

آءٌ ”سرتيون“ پڙهندڙ ڀائرن کي به پيغام ڏينديس ته اوهان پنهنجي عورتن، پنهنجي ساٿياڻين ڏانهن پنهنجا رويا مثبت رکو. بلڪه هڪٻئي لاءِ به سٺو سوچيو. مڃون ٿا ته ڪجهه اوڻايون، ڪجهه غلطيون، ڪجهه اهڙا قدم انسانن کان کڄي وڃن ٿا، جيڪي اسان جي سماج لاءِ قابل قبول ناهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ننڍڙي ڳالهه تي ڪنڌ ڪيرائي وجهجن، هي ڪنڌ عظيم مقصدن تي ڪرڻ لاءِ آهن، نه ڪي ننڍي وڏي ڳالهه تي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com