آتم ڪٿا قسط ”5“
رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
هنن چئن مهينن ۾ ماڻهن کي سڃاڻي ورتو هوم. ڪير
منهنجي باري ۾ ڇا ٿو چوي، اها چنتا به مون ڇڏي ڏني
هئي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. جن منهنجي ساراهه جون
پُليون پئي ٻڌيون ته رتنا جهڙي نُنهن ملڻ مشڪل
آهي، پنهنجي ڌيئرن، نُنهن کي منهنجو مثال ڏينديون
هيون. سڀ جوان ڇوڪريون مون کي ديوانن جيان پيار
ڪنديون هيون،جي اڄ تائين به ڪن ٿيون. پر منهنجي هن
قدم کڻڻ تي مردن ۽ وڏي عمر وارين زالن کي چڙ لڳي
هئي. مرد، جن هميشه زالن تي حڪومت ڪئي هئي، چوندا
هئا، ”ڪجهه به ٿي وڃي ها، پر مڙس کي ڇڏي نه وڃي
ها. ڀلي هو ڪيڏي به غلطي ڪري، آخر ته مڙس آهي.“
وڏي عمر واريون عورتون پيار ته ڪنديون هيون پر
منهنجي هن قدم تي دُکي ٿيندي چونديون هيون، ”جوان
ڇوڪري آهي، زمانو ڏاڍو خراب آهي، ڪنهن جي قيد ۾
ڦاسي وڃي ته سڀني جو نڪ ڪٽجي ويندو.“ هڪ اڌ اهڙي
به زال هئي جنهن چيو، ”ڏٺئه ساراهه جو نتيجو! سچ
چوندا آهن، ”واکڻِي کچڻي ڏندن ۾ اٽڪي.“
مينا واسواڻي مون سان گڏجندي رهندي هئي، جو اُتي
ئي ٻارن کي گهرائيندي هئس. اُهي سڀ چوءِ پوءِ جون
ڳالهيون ٻڌائيندي رهندي هئي. گيدن ماءُ هڪ ڏينهن
چيو، ”رتنا، تون جوان ۽ خوبصورت آهين، مان توکي
فلمن ۾ چانس ٿي وٺي ڏيان. سڀ ڀر..... مون کي
سڃاڻن.“ هن جي ڳالهائڻ ۾ گاريون گهڻيون ۽ مطلب
ٿورو هوندو هو، پوءِ به ڪجهه وقت لاءِ من بهلجي
ويندو هو. ماڻهو ته ماڻهو آهن، ٿورو وقت پچار ڪرڻ
لاءِ کپين. مان هاڻي ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي
هئس. ماءُ جي دل رکڻ لاءِ ڀيڻ وٽ اچي رهيس. حالت
هن جي به سٺي نه هئي پر ٻار سڀ منهنجي ٻارن وانگر
سدورا هئس. ماءُ کي ڏينهن جو هر ڪم ۾ مدد ڪندا
هئا. جيئن ريڊي ميڊ ڪپڙا سبڻ ۾، يا ڪڻڪ جون ڳوڻيون
صاف ڪرائڻ ۾، لائين لڳائي پاڻي ڀرڻ ۾، يا پاپڙ
ويلڻ ۾. اڄ سنڌو ونگر جون حالتون بدلجي چڪيون آهن،
پر اُتي رهندڙ هر ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته
سنڌي جڏهن سنڌ کان هتي آيا هئا، انهن ڪهڙين ڪهڙين
مصيبتن کي منهن ڏنو هو. منهنجي ڀيڻ سڄو ڏينهن سخت
پورهيو ڪندي هئي. رات جو مڙس هن کي چار لڳا ئي نه
آهن ته آواز ڏيندو هو، ”راڌو، راڌو“ ٻه دفعا چئي.
پوءِ ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيئي اُٿاريندو هوس.
منهنجي ننڊ ته هئي ڦٽل. ڀيڻ بنان جواب ڏيڻ جي ”هري
اوم، هري اوم“ چوندي وڃي اسٽور ٻاري چانهه رکي،
منهن ڌوئي ايندي هئي. چانهه مڙس کي ڏيئي، ماني
ٺاهڻ ويهندي هئي، ٻه اسٽور ٻاري. هڪ تي ڀاڄي ۽ ٻئي
تي ماني پچائي ٽفن ٺاهي رکندي هئي. اهو اسنان ڪري
ايندو هو، ٻه منٽ پوڄا ڪندو هو ته جهٽ ڪڏهن مٺي
لولي ته ڪڏهن چهري لولي نيرڻ جي لاءِ ڏيندس. جي
ٿوري چُڪ ٿي وڃي ته منهنجي ڀيڻ کي ڌڪ هڻندي به دير
نه ڪندو هو. مان سوچيندي هئس، ”مرد زال کي نوڪر
سمجهي ويٺو آهي. نوڪر به پگهار وٺي هڪ گار تي
نوڪري ڇڏي هليو ويندو آهي.“
”آهه، هيءَ زال جي دل ڪهڙي ڌاتوءَ مان ٺاهي آهي
ڀڳوان، جو آڳ ۾ جلندي به هن جي ڪائي قيمت نه آهي.
اي جڳت جنني، هاڻ ته پاڻ سڃاڻڻ جي ٿوري ڪوشش ڪر،
توکان سواءِ هن دنيا ۾ اوندهه ٿي ويندي. پوجا پاٺ
ڪرڻ کان تون پنهنجي من اندر پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش
ڪر ته هيءَ دنيا تنهنجي ان کوج جي روشنيءَ ۾ چمڪي
اٿندي.“
منهنجي سوچڻ مان ڇا ٿيندو؟ مان هن لاءِ اڄ ڪري به
ڇا ٿي سگهان؟ نه مون کي گهر آهي نه گهاٽ رولاڪن
جيان ڀٽڪي رهي آهيان، هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين
اُميدن جي آسري. ويزا ته نه آئي پر وڪيل وٽان ڪان
جا طلاق جا پيپر اچي ويا. پڙهندي پڙهندي سڄو تن من
آڳ جيان جلندو رهيو. ڪان هن حد تائين پهچي سگهي
ٿو، اهو سپني ۾ به نه سوچيو هوم. وڪيل جئسنگهاڻيءَ
وٽ وٺي هلي منهنجي ڀيڻ، جنهن مون ڏانهن نهاري چيو،
”تون ڇا ٿي چاهين؟ مهيني اندر تو ڪو جواب نه ڏنو
ته هو ٻي شادي ڪري سگهي ٿو.“
مون وراڻيو، ”هن کي شادي ڪرڻي آهي ته ڀل وڃي ڪري،
پر مون تي اهڙا سنگين الزام!.....“
وڪيل منهنجي ڳالهه وچ ۾ ڪٽيندي چيو، ”هي سڀ وڪيلن
جي ڀاشا آهي. سستن وڪيلن جو ٻيو ڪم ڪهڙو هوندو
آهي. توکي هن جو جواب موڪلڻو آهي ته موڪل.“
مون چيو، ”ٺيڪ آهي، توهان لکي موڪليوس ته ڀلي وڃي
ٻي شادي ڪري مون کي ڪو اعتراض نه آهي.“
خبر ناهي ته في ورتائين يا نه، اها سڄي رات مون
پنهنجي گذاريل جيون تي هڪ نظر وڌي. مون شادي ڪرڻ
نه ٿي چاهي، پر ٿي وئي. هونئن مان سپنن ۾ ڪنهن
سهڻي سٺي يُگ پرش سان شادي ڪرڻ ۽ ان سان پريم ڪرڻ
جا هر وقت خيال ڪندي هئس. شاديءَ کان پوءِ ڪان
منهنجي جيون ۾ پهريون پرش هو، جنهن جو ڇهاءُ مون
محسوس ڪيو. نفرت ڪندي به هو منهنجي موه جو مرڪز
بڻيو هو. ٻارنهن سال هن جي بيماريءَ ۾ ڊاڪٽرن،
ساڌن، سنتن، اسپتالن ۾ ڌڪا کائيندي گذاريا. خوش
خواب ۾ رهيس ته ڪان ٺيڪ ٿي ڪمائيندو. ٻار پنهنجا
فرض نڀائيندا، ائين عام ماڻهن جيان پاڙيوارن ۽
پنهنجن جو پيار پائيندي جيون گذاري وٺنديس پر ڪان
مون کي عام ماڻهن جو جيون جيئڻ نه ڏنو. مان هميشه
گهر ۾ سڀني جي اڳيان چوندي رهندي هئس، ‘منهنجي
سوڀمان اڳيان هر شيءِ تُڇ آهي’ اهو ئي ڪارڻ هو.
رات ڏينهن پنهنجي سڀني سکن کي تياڳي ڇڏيو. سچ چيو
آهي لطيف سائينءَ: ‘ڏُک سکن جي سونهن، گهوريا سُک
ڏکن ري!’ اڄ سوچيندي آهيان ته جي ڪان منهنجو اپمان
نه ڪري ها يا پيار جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏي ها ته اڄ مان
رتنا ‘رولاڪ’ نه هجان ها. پر ائين ٿيڻو هو، ٿي
گذريو. مون جواب موڪلي ڏنو، ڀلي شادي ڪري. مون
اندر پاڻ کي ٽٽوليو ته ان ڳالهه تي مون کي ڪو دک
آهي يا ٿيندو ڇا؟ جواب هو، ‘نه، بلڪل نه.’ پاڻ هر
رات جي پيڙا کان مڪتي ملندي ۽ گهر سنڀالڻ واري اچي
بابا ۽ ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ کاڌو ته کارائيندي. اهو
منهنجو پرديس ۾ هجڻ تي وڏو آٿت رهندو. منهنجي ويزا
اچي ويئي. هاڻ ٽڪيٽ وٺڻي هئي. ٽي سؤ روپيا کپندا
هئا. مون وٽ هو ٺن ٺن گوپال. ڪنهن کان به گهران ها
ته ملي ٿي سگهيا. منهنجون ساهيڙيون تمام امير
هيون، تن ۾ هڪ هئي جانڪي ويرومل راگهاڻي. ويرومل
کي مان رکڙي ٻڌندي هئس. جانڪي ڀاڄائيءَ مون کي
پهريائين به مدد ڪئي هئي، جڏهن مون ننڍي ڏير کي
جاءِ وٺي ڏني هئي. پنهنجا مڻيا هن وٽ کڻي ويئي
هئس، پر هن ڀونڊو ڏيئي چيو، ”ڳڻ ته گهڻا آهن؟ کڻ
پنهنجا مڻيا هتان. هي وٺ ٽي هزار روپيا، جڏهن کپني
ڏج.“ اُن وقت ٽي هزار وڏي رقم هئي. پوءِ به مون ٻن
سالن ۾ واپس ڪئي هئي. اڄ انهن واپس آيل مڻين تي
گهر ۾ تڪرار ٿيو هو. ان وقت امان جي ساهيڙي ڪملا
آفيس ۾ مون سان گڏجڻ آئي. اها رات مون سان گڏ
ڪلياڻ ۾ هلي، ڀيڻ به سڃاڻندي هئس. مون رستي تي هن
کي ٻڌايو ته ويزا اچي ويئي آهي، هاڻ ٽڪيٽ جو
بندوبست مون کي ڪرڻو آهي. پر ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي
ته مان ڪنهن کان گهرنديس؟ تون امان سان ڳالهه نه
ڪج. پٽ جي ڪري اڳ ۾ ئي گهڻو نقصان ٿيو اٿس، هو
دڪان هلائي ڪونه سگهيو. هن مشڪندي چيو ”بي بي،
چنتا ڇا جي؟ اٺ مهينا بنان ڪنهن جي مدد جي، گهر
کان ٻاهر گذري ويا، ٽڪيٽ به ملي ويندو.“
ٻئي ڏينهن مان آفيس هلي ويس. هيءَ شام جو ناسڪ ٿي
واپس ويئي. فون ڪيائين ته تون وي.ٽي. اسٽيشن تي
اچي مون سان گڏج. گڏجڻ تي هن ٽي سؤ روپيا ڏيئي
چيو، ”قسم اٿيئي منهنجو، ماءُ جا اڌارا سمجهي وٺ.“
پڇيومانس، ”پر تو پئسا آندا ڪٿان؟“
”منگل سوتر وڪڻي ڇڏيم. تون واپس اچي، مون کي
ٺهرائي ڏج.“
اُن وقت سون سؤ روپيا تولو هو.
تاريخ ارڙهين، مهينو سيپٽمبر، اڻويهه سؤ اڻهٺ ۾
مان گڏجي آئي هئس. ويرومل جهاز تي ڇڏڻ آيو هو.
جهاز تي ايڏي ته رش هئي جو هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندي
اڳتي وڌڻو ٿي پيو. مون وٽ هڪ بئگ هئي، ٻه
جوڙا/وڳا، باقي ماڌوءَ وٽان آيل چٺيءَ وارو سامان.
منهنجو ڪولي هو جنهن تڪڙ ۾ هيٺ وڃي چادر وڇائي بئگ
رکي، جاءِ والاري. مٿي اچي مزوري وٺي هليو ويو.
ويرومل اهڙي حالت ڏسي چيو، ”ڇڏ تون هيءُ جهاز، هل
گهر. هفتي کان پوءِ مان توکي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ
وٺي ڏيندس.“
مون چيومانس، ”نه ڀاءُ، هاڻ نه روڪ.“
هن جون اکيون ڀرجي آيون. ويندي چيائين، ”تو جهڙي
ضدي ڇوڪري نه مون ڏٺي، نه ٻڌي.“
دل منهنجي به ڀريل هئي، پوءِ به کلي چيم، ”توهان
ڪوڙ ٿا ڳالهايو ته نه ٻڌي، نه ڏٺي آهي. مون کي
هيڏن سالن کان جو ڏسندا ٿا اچو.“
هن ڀاڪر پائي موڪلايو. مان هيٺ وڃي پنهنجي ٺهيل
بستري تي ويٺيس. سوچيم ڀيڙ گهٽ ٿئي ته مٿي وڃي
وهنديس. ٿوري وقت لاءِ ليٽي رهيس، اکيون بند ڪري.
پر من ڀٽڪندو رهيو. صبح ٻارن سان گڏ بابا به مون
کي آسيس ڪرڻ آيو هو. منهنجي پيرين پوڻ تي چيائين،
”پٽ،مون جهڙو مجبور ماڻهو هن دنيا ۾ ڪونه هوندو
پوءِ به واعدو آهي ته تنهنجي ٻارن کي جان سان جوڙي
رکندس.“
مون ڀريل من سان چيو، ”بابا، ان آسري تي ته پرديس
وڃي رهي آهيان. بس آسيس ڪريو ته ويهه هزار ڪمائي
ڏاسوائيءَ جو قرض چڪايان. پوءِ هتي اچي ڪو ڪم هٿ
ڪري ٻار وٺي وينديس. ها ٻيو توهان جي پٽ طلاق جو
نوٽيس موڪليو هو، مون به جواب موڪليو.“
بابا چيو، ”مون کي خبر آهي ته اها سڄي شرارت ڪنهن
جي آهي. مان ته هاڻ ڪمائڻ کان لاچار آهيان. ڪان
هاڻ فالن جو ڪم هلائيندو آهي پر پئسا خرچ ڏيڻ لاءِ
نه جهڙا ٿو ڏي.“
مون بابا کي چيو، ”توهان چنتا نه ڪريو. مهيني ٻن
جي ڳالهه آهي، مان خرچ موڪلي ڏينديس.“
چوڻ کان ته چئي ويس، هاڻ سوچيم پئي ته نوڪري جلد
ملندي يا نه؟ ماڌوءَ ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي
ڪيون. پر پيئندڙ ماڻهوءَ تي وشواس ڪرڻ ڇا واجب
آهي؟ ٺيڪ آ، ڏسي وٺبو.
جهاز هلڻ لڳو. ملاقاتين جي ڀيڙ گهٽ ٿي ويئي ۽ هيٺ
ٻوسٽ پئي ٿيو، مان وڃي مٿي ڊيڪ تي ويهي رهيس. ڊيڪ
تي به گهڻن اڳ ئي بسترا وڇائي ڇڏيا هئا. شايد
پاڻيءَ جي جهاز ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. چؤڌاري سامان
رکي وچ ۾ فئمليءَ سارو جاءِ ڪوليءَ جي مدد سان
والاري وهندا هئا. ڄڻ ته ننڍو ڳوٺ هو، بنان ڀتين
جي. ڪجهه به ڪنهن کان لڪل نه هو. هيٺ منهنجي پاسي
کان هڪ ڀاٽياڻي پنهنجن ٻن ٻارن سان وڏي جاءِ
والاري ويٺي هئي. هن مون کي کلي کيڪاريو. پاڻ سنهي
سيپڪڙي هئي پر آواز دهل جهڙو، سڀني جو ڌيان
ڇڪائيندڙ هوس. نالو هوس ‘هيتي’. پڇيائين، ”تون
ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“
چيومانس، ”دبئي.“
هيتي: ”اتي تنهنجو ڪير آهي؟ اسان به سالن کان اتي
ئي رهندا آهيون. هر ٻئين مهيني کان پوءِ مان انڊيا
ايندي آهيان سامان کڻي، وڪڻي واپس ويندي آهيان.
چار پئسا چڱا مڙس کي ڪمائي ڏنا اٿم. هي ڇوريون جو
ويٺيون آهن، تن لاءِ به ته کپي. مڙس کي آهي نوڪري،
پر دبئيءَ ۾ سڀ ائين ئي ڪندا آهن. انهن جو گهر
هيءُ جهاز ئي آهي.“
ايڏي ڳالهائڻ ڪارڻ يا جهاز کي جو وڏو لوڏو آيو ان
لاءِ هوءَ ڌيئرن کي پڪڙي ليٽي رهي. مٿي ته آنند
لڳو پيو هو. مان جهاز جي ڪناري تي اچي سمنڊ جون
جوشيليون لهرون ڏسندي رهيس. ڪي لهرون جهاز سان
ٽڪرائجي سڄي جهاز کي لوڏي پيون ڇڏين ۽ انهن جون
ٿڌيون ڦيهنگيون اچي منهنجو منهن ڌوئي پئي ويون.
ٻڏندڙ سج جي لالائي سڄي وايومنڊل کي ايترو ته
پرڪشش ڪري ڇڏيو جو مان مدمست ٿي، ان جي درشن ۾
کوئجي ويس. هڪ الؤڪڪ شانتي من کي گهيري ويئي هئي.
ڪڏهن سورج وڃي رات جي چادر ۾ لڪو، خبر ئي نه رهي.
خبر تڏهن پئي جڏهن هڪ وڏي لوڏي مون کي ڇرڪائي ڇڏيو
۽ پاسي ۾ بستري تي ليٽيل هڪ ٻڍڙيءَ مائيءَ وڏي
آواز سان چيو، ”ڌيءَ سنڀال. هن کان به وڏا وڏا
لوڏا ايندا، تون هتي منهنجي بستري تي ويهي رهه.“
مون وراڻيو، ”نه امان، منهنجو بسترو هيٺ وڇايل
آهي.“
هن چيو، ”پر هيٺ ته ڪراچيءَ کان پوءِ ٻوساٽ
ٿيندءِ. مان ڪراچيءَ لهي وينديس. تون هتي اچي
بسترو وڇائج.“
”او.ڪي.“ چئي مان هيٺ هلي آيس. ‘ماني ماني’ ڪري
مهراج چلائي رهيو هو. ٿورن ورتي، باقي گهڻي ڀاڱي
هرڪو پنهنجي لاءِ دٻا ڀري ماني کڻي آيو هو. هيتيءَ
چيو، ”اسان جي ماني کائي ڏس. اسين آهيون ڀاٽيا،
ٿوم بصر نه کائيندا آهيون، جنهن لاءِ ستن ڏينهن جو
سڪو کاڌو کڻي ايندا آهيون، جو خراب نه ٿئي. مون کي
به منهنجي ڀيڻ مٺيون ۽ چهريون لوليون پچائي ڏنيون
هيون ۽ ڪريلا به ٿوم ۾ ٺهيل ۽ پٽاٽا تري ڏنا
هئائين. منهنجي ڀيڻ جي کاڌي ۾ ايترو ته چس هو جو
جيڪو به هڪ دفعو کائيندو هو ته سڄي عمر ياد رکندو
هو. ڪلاڪ جي اندر سڀ گوڙ شور ختم ٿي ويو. هاڻ بلڪل
شانتي هئي ته مٿان مردن جو هڪ ٽولو هيٺ لهي آيو ۽
هڪ هنڌ اچي ويٺا. مون هيتيءَ کي چيو ته، ”مٿي
هلندينءَ؟ نائيٽ ڊريس پائي اچون.“
هيتيءَ چيو، ”هل،
اُٿي مڙس کي آواز ڏنائين، ”هيڏانهن، مان وڃان
پيئي، سامان جو ڌيان رکجو!“
تڏهن سڀني جون نظرون مون تي پيون. هلندي پٺيان ٻڌم
ڪنهن چيو، ”يار، ڪو نئون پنڇي ٿو ڏسجي!“
جهاز جي رفتار وڌي ويئي هئي. اسان سنڀالي سنڀالي
لوڏن کان خود کي بچائيندي آخر اچي وري هيٺ ويٺاسين
سچ پچ هاڻي مٿو پئي ڦريو. جهاز ۾ منهنجي پهرين
مسافري هئي. دل به ڪچي ڪچي پئي ٿي. هيتي ڦودني ٽڪي
ڏيئي چيو، ”هيءَ وات ۾ وجهي ڇڏ ته دل ڪچي ڪانه
ٿيندءِ. اڃا سوير آهي، هل ته هتي هلي ويهون.
پنهنجي مڙس تي نظر به رکنديس نه ته اِهي هن کي ڪٿي
بيئر ٻيئر نه پيئارين. اصل شيطان جا نانا اٿيئي.“
هٿ کان اٿاري اٿي وٺي هلي. ڏٺم سڀ مرد گوڏيون ٻڌي،
بوتلون کڻي گلاس ٽڪرائي، ڏند ڪڍي هيتيءَ جي مڙس کي
چيائون، ”آئي اٿيئي ماڻهين جاسوسي ڪرڻ.“
مون کي شرم اچي ويو. مان اٿي وري مٿي ڊيڪ تي وڃي
بيٺيس. هاڻ طوفان ٿمجي ويو هو. چنڊ پنهنجي ستارن
جي فوج وٺي سڄي آسمان تي قبضو ڄمايو هو. آسمان جي
اها سونهن ڏسي مون کي سنڌ جو اهو وقت ياد آيو جڏهن
نانيءَ کي رسي مٿي چوٽ تي وڃي وهندي هئس. سڄو
آسمان تارن سان ڀريل هو. ڏسندي ڏسندي هو ڪڏهن ڊڪ
پائي ڪنهن سان ملڻ ويندا هئا شايد. مان اهو
سوچيندي هئس ته اهڙو آسمان رڳو منهنجي ڳوٺ ۾ آهي.
پر ناني چوندي هئي ته آسمان هڪ ئي آهي، سڀني هنڌين
ساڳيو. شاديءَ کان پوءِ بمبئيءَ جي گرميءَ کان بچڻ
لاءِ سڀ زالون مٿي چوٽ تي وڃي سمهنديون هيونسين ۽
اڌ اڌ رات تائين ويٺيون بڪ بڪ ڪنديون هيونسين. ان
وقت به ڪڏهن مون کي ڀريل تارن سان آسمان ڏسڻ ۾
ايندو هو. جڏهن بادلن جي بارات نه هوندي هئي. پر
هاڻ سالن کان پوءِ اهڙو آسمان ڏٺم ته سنڌ جي ياد
اچي ويئي. پڪ هيءُ آسمان سنڌ جو ئي هوندو، هڪ نه
ٻه. هڪ مٿي ته ٻيو پاڻيءَ ۾ لهي اچي لهرن سان راند
پيو ڪري، سپني جيان پئي لڳو. وڏن کان ٻڌل سرڳ به
اهڙو ئي هوندو. لهرن جو جوش ڏسي پرڻ ڪيم ته مان به
پنهنجي جيون ۾ هميشه جوش ڀري رکنديس. ڪنهن کي به
پنهنجن دکن ۾ ڀائيوار نه ڪنديس. سکن ۾ بنان ڪنهن
سوارٿ جي هنن جي دکن ۾ وڃي ڀائيوار ٿينديس. منهنجي
ڀاءُ ويرومل جڏهن موڪلائڻ وقت ڀريل اکين سان چيو،
”رتنا، تون ڪهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ٿي سفر ڪرڻ وڃين،
مون کي ته هنن کي ڏسي ڪراهت پئي اچي. هلندي هلندي
پيا ڌڪا ڏين.“
ان وقت مون هن جا پير ڇهي چيو هو، ”ايشور مون کان
امتحان ٿو وٺي، آسيس ڪيو ته اهو پاس ڪري سگهان.“
هيتيءَ اچي منهنجن انهن خيالن ۾ ڀنگ وجهي چيو،
”مائي، هتي ٿي ولهه پئي پوي. ائين نه ٿئي ته دبئي
پهچندي پهچندي توکي ڪولي هيٺ کڻي هلن. هل هيٺ، اٺ
ڏينهن گذارڻ لاءِ سڀني سان ميل ميلاپ ڪرڻو پوندو
آهي. هل هنن سڀني سان تنهنجي واقفيت ڪرايان. هو
ڳالهائڻ جا ڪهڙا به هجن، پر آهن شريف. مان سالن
کان هنن سان اچان وڃان پئي. هل هيٺ.“ ٻانهن کان
پڪڙي هيٺ وٺي آئي. هنن سڀني جي سامهون وهاري
چيائين، ”او، هيءَ رتنا، دبئيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٿي
وڃي. شايد ڪنهن مٽ مائٽ وٽ.“ مون ڏانهن اشارو ڪري
چيائين، ”هاڻ هنن جي واکاڻ ٻڌ.“
هي اٿيئي گدورو، پر گڏهه نه چاڙهيندو آهي، پر گڏهن
جيان مال ڍوئيندو آهي. دبئيءَ کان بمبئي ۽ بمبئيءَ
کان دبئي. هيءُ اٿيئي ڪشن ڪارو، ٻاهر جو ڪارو آهي
پر اندر جو اڇو، جنهن لاءِ هن جو ٻيو نالو آهي
ماڇي. مهاڻو نه سمجهج هن کي. هيءُ اٿيئي مامو
اٺاني وارو. هو بمبئيءَ مان اٺ آني جا سڪا سچي
گيهه جي دٻي ۾ وجهي دبئي کڻي ايندو هو. هاڻ سڪن جو
واپار ته بند ٿي ويو، پر هن جو نالو هلي پيو اڃا
نه ته ڪو سڃاڻي ڪيئن سگهندو ته ڪهڙو مامو، هتي ته
گهڻيئي ماما آهن. ائين به سمجهي سگهن ٿا ته هي
مامو ڪڻس کان گهٽ نه آهي. هو ڏس سامهون جو ڏند ڪڍي
کلي پيو سو آهي موهن ڪوئو. هن جو گهر گهاٽ هيءُ
جهاز ئي آهي. ڪوئي جيان ٻر کوٽي هتي رهيو پيو آهي.
جهاز ٻه چار ڏينهن بيهندو آهي ته هي بازاريون پيو
گهمندو آهي. دبئي هجي يا بمبئي. هي ڀاٽيو نه آهي،
ڀائيبند آهي. جوءِ سان هڪ اڌ رات گذاري ايندو
آهي. ٻيا ويا آهن مٿي مهراج کي رشوت ڏيئي سٺو کاڌو
ٺهرائي ايندا يا پاڻ ٺاهيندا. ماس مڇي نه
واپرائيندا آهن. بس رڳو دارونءَ جا دنگ چاڙهيندا
رهندا آهن جو ان ۾ هڏو نه آهي جو هنن جي نڙيءَ ۾
اٽڪي. هاڻي هن کي ماڇيءَ چيو، ”چپ وهڻ ڪونه ٿو
اچيئي، پنهنجي مڙس ڀر..... جي ڳالهه ته ٻڌائين
ڪونه ٿي.“
هيتي: ”پر به هو ويو ڪيڏانهن؟“
گدوري: ”ويندو ڪيڏانهن؟ مٿي وڃي ڪنهن سان اک
لڙائيندو هوندو، هونئن ته گهر ۾ سڄو ڏينهن اڳٺ سان
ٻڌي رکيو اٿيئي، غلام ٿي پيو هلي تنهنجي اڳيان،
ڀاڙيو ڪٿان جو! هتي ته سک جو ساهه کڻڻ ڏينس. ماٺ
ڪري ويهه، جڏهن ڏس ته جاسوسي پئي ڪرين.“
مامي وڏي آواز سان چيو، ”هلو کائي اچون. جلدي ننڊ
ڪريون. سڄي ڏينهن جو ٿڪ آهي.“
گدوري: آءٌ سمجهان ڪين ٿو ڇا؟ هٿن ۾ خارش پئي
ٿئيئي، نالو ننڊ جو.“
مامي اٿندي چيو، ”سالا سڀ آهيو ٺڳ، مان سمجهان ڪين
ٿو ڪيئن؟“
موهن مون ڏي نهاري چيو، ”ڀيڻ، هنن جي ڳالهين تي
ڌيان نه ڏج، هي اٿيئي گهر ۾ سڀ زالن جا پڪا ڀڳت.
زالن هنن کي چيو آهي ته جهاز ۾ جوئا نه ڪجو پر هي
آهن جوئا جا ڀڳت. ان جي پوڄا نه ڪندا ته جي نه
سگهندا، شريفن جا پٽ.“ ائين چئي هن هيتيءَ ڏانهن
نهاريو.
هيتيءَ هن کي ڀونڊو ڏيندي چيو، ”تون ڪهڙو شريف
آهين؟ هجيئي جَوءِ هتي ته لاهي پادر هڻي توکي.“
موهن: ”برابر، جيئن تون هڻندي آهين مڙس کي.“
ايتري ۾ کاڌي واري اچي آواز ڏنو ‘آقي باقي آقي
باقي.’ رڌڻو ڏهن منٽن کان پوءِ بند ٿيندو، جنهن کي
کائڻو هجي ته جلدي هلي کائي اچي. ائين ان ڏانهن
جو وادوواد اتي پورو ٿيو. مردن جي راند جي چوڀاري
شروع ٿيڻ واري هئي. زالون سڀ وڃي ڄڻ پينگهي ۾
سمهيون، آرام سان ننڊ اچي وين. ٻئي ڏينهن صبح جو
سويل چانهه واري جي آواز تي اک کلي. مان برش ڪرڻ
هلي ويس. برش ڪندي جهاز جي لوڏن ڪري منهنجي چولي
جو سڄو ڇاتيءَ وارو حصو آلو ٿي ويو. هيتي ٻارن کي
وٺي آئي هئي ضروري حاجت ڪرڻ، مون کي ڏسي کلي
چيائين، ”تون ته ٻارن کان به چٽ آهين. منهن ڌوئندي
سڄو ڪڙتو آلو ٿي ڪرين. ڇاتيءَ تي ٽوال وجهي
وڃجانءِ هتان. سڀ اسان جي مڙسن جيان شريف نظرن
وارا جهاز ۾ ته نه چڙهيل آهن.“
منهنجي اڄ تائين اها عادت آهي شايد جو منهن ڌوئڻ
تي ڪپڙا آلا ٿي ٿا وڃن. ناني به سمجهائيندي هئي
ته: ”ڌيءَ ڌڻ آهين، ائين ڪرڻ سٺو نه آهي.“ مان
چوندي هئس، ”ڄاڻي واڻي ته ائين نٿي ڪريان.“
ناني: ”پر ڌيان به ته نٿي ڏين.“
مان اتي ترسي هيتيءَ سان گڏجي هيٺ آيس. مرد اڃا سڀ
سمهيل هئا. خبر نه آهي رات جو ڪهڙي وقت سمهيا
هوندا.
هيتيءَ چيو، ”هي سڀ هاڻ ڏينهن کي ڀتر هڻي اٿندا.
هل تيستائين سڀني زالن سان ملي اچون. هن ته چيو ته
”گهڻو ڪري ڀاٽيا اٿيئي جي سالن کان دبئيءَ ۾ رهندا
آهن“ هن منهنجي منهن ۾ نهاري چيو ته، ”دبئيءَ ۾
رهنديءَ ته سڀ خبر پئجي ويندءِ. پر به تون وڃين
ڪنهن وٽ ٿي؟“
مون چيو، ”ماڌوداس وٽ.“
”ماڌو! اهو جنهن کي گهٽيءَ ۾ فرنيچر ٺاهڻ جو دڪان
آهي؟ مندر تي گهر اٿس؟“
مون: مون کي اها خبر نه آهي.“
هيتي: ”هو ڳائيندو به آهي. پر..... چئي چپ ٿي
ويئي.
پڇيومانس، ”توهين هن کي سڃاڻو؟“
هيتي: ”دبئي آهي گهڻي؟ ٻن هٿن جيتري. هتي سڀ هڪٻئي
کي سڃاڻون.“
(هلندڙ)
هيءَ نعيمه سومرو جي شاعري آهي. رتاڻن ڳوڙهن سان
ڪوري پني تي لکيل شاعري، جنهن ڀيڻ جو جُواڻ جماڻ
ڀاءُ، پنهنجي نيم موجب، ڪم تي ويو هجي، ۽ اُتي
هڪڙي هروڀرو جي ڦڏي ۾، جنهن سان هن جو ڪو واسطو به
نه هجي، خون ٿي وڃي ۽ اُن جو لاش گهر پهچي ته اسين
اُن مُٺل ڀيڻ جي ري ڪاتيءَ ڪُٺل احساسن کي محسوس
ڪري سگهون ٿا!
نعيمه سومرو کان اُهو ڀاءُ نه وسري سگهيو آهي. نه
ئي وسري سگهندو! اُها ئي ”سار“ هن پنهنجي شاعريءَ
۾ اظهاري آهي. جيڪا اسين ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ
پيش ڪري رهيا آهيون.
- ادارو |