ڪزبانو سنڌو
قسط – 3 (ناوليٽ)
چاهت جن جي من ۾
”توهان جي ڏاڏي صحيح پئي چوي. ڏوهه منهنجو به آهي.
آخر آءٌ به ته حشمت جو پٽ آهيان نه!“ شهاب جي ڳلن
تان لڙڪ لڙي پيا.
ٻئي ڏينهن شهاب محمود سان گڏجي اوطاق تي آيو. اتي
ڪافي ماڻهو عذر خواهيءَ لاءِ ويٺل هئا.
وزيران ۽ ارم پنهنجي سس رحمت سان گڏ ڪمري ۾ ويٺيون
هيون. اتي ڳوٺ راڄ جون ٻيون مايون به ويٺيون هيون.
تانيه ۽ ثانيه ٻئي ڪمري ۾ هيون.
عطيه ڪچن ڏانهن پئي وئي، سڪندر کيس روڪي چيو
”عطيه، منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ!“
”جي ادا!“
”عطيه، امان جو رويو چاچيءَ وارن سان صحيح نٿو
لڳي. سو توهان کي انهن جو خاص خيال رکڻو آهي!“
”جي ادا، توهين ڪابه ڳڻتي نه ڪريو.“
”ٿئنڪس منهنجي ننڍڙي ڀيڻ، اهو خيال رکجو ته کين
ڪابه تڪليف نه ٿئي!“
”جي ادا! ٻيو ڪجهه؟“
”ٻيو ڪجهه ٻڌندينءَ؟“
”ها بلڪل، ٻڌايو!“
”خبر اٿئي تانيه آهي ڪير؟“
”ادا، تانيه چاچا سائينءَ جي وڏي ڌيءَ آهي ۽
منهنجي سڳي سوٽ آهي.“
”اها ته آهي پر.....“ سڪندر کي سمجهه ۾ نه پئي آيو
ته هو ڪيئن ٻڌائي ته تانيه ڪير آهي. بهرحال، لفظ
ڳولي ورتائين.
”توهان کي ياد آهي عطيه، ته مون ٻڌايو هو ته
نوريءَ جي مزار ويجهو هڪ ڇوڪري لانچ مان ڪينجهر ۾
ڪري پئي هئي!“
”۽ توهان اُن ڇوڪريءَ کي بچائي ورتو هو!“
”تانيه اهائي ڇوڪري آهي!“
”سچي!“ عطيه اچرج مان چيو ”پوءِ توهان کي هتي ڏسي
سڃاتائين؟“ ”ها، مون کي ڏسي هوءَ حيران ٿي وئي!“
سڪندر چيو ”۽ مان هن کي ڏسي حيران ٿي ويس! شايد ڪا
ڇڪ هئي جنهن مون کي اڇلي ڪينجهر جي ڇولين ۾ وڌو!“
هن ٿڌو ساهه ڀريو ”مان ته ان واقعي کي اڄ تائين
وساري نه سگهيو آهيان ۽ نٿي ڄاتم ته تانيا سان
هيئن ملاقات ٿيندي!“
”ها ادا، واقعي سچ ٿا چئو. اسان سان پنهنجي وڇڙيل
سوٽ ملندي به ته هن صورتحال ۾!“ عطيه جو لهجو غم ۽
خوشيءَ گاڏڙ ٿي ويو، ”پر هوءَ آهي ڪٿي؟“ سڪندر
اتاولو ٿي ويو.
”پنهنجي ڪمري ۾ آهي.“
”ٺيڪ آهي، مان اوڏانهن وڃان ٿو. توهان چانهه ٺاهي
اچو ..... زبردست قسم جي.“ هن ويندي ويندي جملو
پورو ڪيو.
ڪمري ۾ خاموشي هئي، تانيه پنهنجي ئي پورن ۾ هئي ۽
ثانيه ڪمري ۾ اچ وڃ ڪري رهي هئي، نيٺ هن کان رهيو
نه ٿيو ۽ سڌو سوال ڪيائين تانيه کان ”تانيه، توهين
ادا سڪندر کي ڏسي ڪجهه حيران ڇو ٿي ويون هيون؟“
”ها!!!“ تانيه پورن جي پاتال مان اُپڙي آئي ”اصل ۾
ڇا هو ته....“
هوءَ اڃا جملو پورو نه ڪري سگهي هئي ته سڪندر جو
آواز آيو.
”ڇا مان اندر اچي سگهان ٿو؟“
”اچو اچو.“ ثانيه کي جهڙو ڪر وجهه لڳي ويو ”هي
توهان جو پنهنجو ئي ته گهر آهي!“
”ٿئنڪس ماءِ لٽل سوويٽ ڪزن!“ سڪندر اندر اچي هڪ
صوفا تي ويٺو.
”مسٽر ڪزن، ايڏو تڪلف ڇاجو؟“ ثانيه پاڻ بي تڪلفيءَ
مان چيو ”پنهنجا پاڻ ۾ ئي ته آهيون!“ ڪجهه ياد
ڪندي ”۽ ها، توهان جي عمر وڏي آهي!“
”اهو وري ڪيئن؟“
”اهو وري هيئن ته هينئر هينئر توهان جو ذڪر پئي
هليو.“
”اها ته منهنجي خوشنصيبي آهي. پر اهو ذڪر ڪهڙي
حوالي سان پئي هليو؟“ سڪندر تانيه ڏانهن ڏٺو ته هن
نيڻ جهڪائي ڇڏيا.
”ادا، ڇڏيو انهن حوالن ٻوالن کي.“ ثانيه ٻئي هٿ
لوڏيا ”بس ذڪر هليو پئي. سو هليو پئي!“
”۽ منهنجي اچڻ تي ويچارو منهنجو ذڪر به بند ٿي
ويو!“ سڪندر ٿڌو ساهه ڀريو ۽ تانيه ڏانهن ڏٺائين
”لڳي ٿو توهان جي سسٽر کي منهنجو هتي اچڻ سٺو نه
لڳو!“
”نه اهڙي ڳالهه نه آهي. تانيه هونئن به گهٽ
ڳالهائيندي آهي.“ ثانيه مرڪندي چيو.
”توهين يقين سان ڪيئن ٿيون چئو ته تانيه کي منهنجي
اچڻ تي اعتراض نه آهي!“ سڪندر جون نظرون تانيه جي
چهري تي هيون.
”مان اعتراض ڇو ڪنديس؟“ دراصل....۽ تانيه جملو
اڻپورو ئي ڇڏي ڏنو.
”ڇا دراصل، خاموش ڇو ٿي وئينءَ؟ سڪندر اتاولو ٿي
ويو.
”پاپا ڪڏهن ڳوٺ جي باري ۾ اسان کي ڪجهه به نه
ٻڌايو هو، اسان لاءِ هيءُ ماحول نئون آهي.“ تانيه
آهستي چيو.
”منهنجي باري ۾ توهان جي راءِ ڇا آهي؟ مان ته
توهان لاءِ اوپرو نه آهيان!“ سڪندر مرڪي چيو.
ثانيه، حيرت مان تانيه ڏانهن نهاريو.
”مطلب ته توهين هڪٻئي کي اڳ ۾ ئي سڃاڻو ٿا!“ ثانيه
هلڪي رڙ ڪئي.
”بلڪل!“ عطيه ڪمري ۾ گهڙي ”ڇا توهان کي خبر نه
آهي؟“
”نه، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته خبر ناهي!“ ثانيه چانهه
کڻندي چيو. تانيه جو مک لال گلابي ٿي ويو.
”ٻڌايو نه ته توهين هڪٻئي کي ڪيئن سڃاڻو؟ ڪٿي
مليا؟“ ثانيه ضد ڪرڻ لڳي.
”مان ته توهان کي ٻڌائڻ واري هيس ته سڪندر پاڻ اچي
ويو ۽ مان چپ ٿي ويس!“ ايترو چئي تانيه وري به چپ
ٿي وئي. ۽ اها چپ تانيه کان سٺي نه ٿي ۽ هن هڪ شعر
پڙهيو:
هُو به چپ، رات به چپ، چنڊ به چپ تاراچپ،
تون نه ڳالهائين ته ٻيو ڪير ڀلا ڳالهائي!
”واهه واهه!“ سڀني ثانيه کي داد ڏنو.
”ڪنهن جو شعر آهي؟“ سڪندر اتاولو ٿي ويو.
”منهنجو آهي، ٻيو وري ڪنهن جو آهي!“ ثانيه رسي
ويهي رهي.
”مان ٿي ٻڌايان پنهنجي پياريءَ سوٽ کي.“ عطيه،
ثانيه کي، ڳرهاٽي پائيندي چيو.
”ها، توهين ئي ٻڌايو. هنن ٻنهي جي وات ۾ ته مڱ
آهن!“ ثانيه تانيه ۽ سڪندر ڏانهن اشارو ڪيو، ”جي،
بسم الله!“ هوءَ ٻڌڻ لاءِ ٺهي جڙي ويٺي.
”قصو هيئن آهي ته ادي تانيه ڪينجهر گهمندي ٻيڙيءَ
مان ڪري پئي هئي، تڏهن هڪ اجنبي نوجوان سر تان آهو
پلي لهرين ۾ ٽپو ڏنو هو ۽ تانيه کي ٻڏڻ کان بچائي
ورتو هو!“
”۽ اهو نوجوان ادا سڪندر هو!“ ثانيه خوش ٿيندي
چيو، ڄڻ ڳجهارت ڀڳي هجيس.
”جي!“ عطيه کيس شاباس ڏني ”تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو!“
”او ماءِ گاڊ!“ ثانيه پنهنجي ڳلن تي هٿ رکيا ”اسان
ته توهان کي پرپُٺ دعائون پئي ڪيون. توهان ته سچ
پچ اسان کي ڪري مُلهه خريد ڪري ورتو هو!“
ثانيه جي ايڪسائٽمينٽ تي تانيه کيس گهوري ڏٺو.
تڏهن سڪندر پڇيو ”بس رڳو دعائون پئي ڪيون؟“ هو
سنجيده ٿي ويو ”ٻيهر ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي!“ هن جون
نگاهون تانيه جي چهري تي ئي ٽڪيل هيون. هن چاهيو
پئي ته هن جي سوال جو جواب تانيه ڏئي ۽ تڏهن تانيه
چيو:
”ڪوشش ته ڪئيسين، پر....!“ جملو وري به اڻپورو ئي
رهيو.
سڀني ڪجهه دير جملي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪيو.
”پر ڇا؟“ ”سڪندر ڳالهايو“ توهين چپ ڇو ٿي ويون؟“
”بس ائين ئي!“ تانيه ڳالهه ٽارڻ گهري.
ثانيه يڪو تانيه جي منهن ۾ ڏسي رهي هئي. سڪندر کيس
چيو:
”ڀلا تانيه ۾ ايترو ڇو پئي ڏسين؟ عقل اڌارو
وٺندئينس ڇا؟“
”مان ڇو عقل اڌارو وٺنديس ڪنهن کان؟“ هوءَ سڌي ٿي
ويٺي ”مان پاڻ عقل واري آهيان.“
”اهو ته صاف ظاهر آهي!“ سڪندر چانهه جو ڪوپ
ٽپائيءَ تي رکيو.
”طنز پيا ڪريو!“ ثانيه ڪوڙي ڪاوڙ مان چيو ”ويساهه
نه اچيوَ، ته پڇي ڏسو تانيه کان!“
”ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“ سڪندر تانيه ڏانهن
ڏٺو. ”توهان جي چانهه ٿڌي ٿي رهي آهي.“
”ها،“ تانيه ڄڻ ڪنهن سپني مان سجاڳ ٿي ۽ چانهه مان
سرڪيون ڀرڻ لڳي.
تانيه، سڪندر، عطيه ۽ ثانيه ٻاهر لان تي ويٺا
هئا، سڪندر اُداس اُداس هو، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه
پئي آيو ته ڇا ڳالهائجي. تانيه جنهن جي پاري جهڙي
صفت هئي، اها به چُپ هئي، نيٺ هن ئي ٿڌو ساهه ڀري
هڪ جملو ڇڏيو:
”شام جڏهن به ايندي آهي ته اُداس ڪري ويندي آهي.“
”۽ شام ويندي آهي ته مٿان رات اچي ويندي آهي. ڪاري
۽ ڀاري رات!“
”توهان اڄ ايڏو اداس ڇو آهيو؟“ تانيه سڪندر کان
پڇيو.
”وڃڻ وارا ته هليا ويندا آهن، پر انهن جي ياد اسان
جي دل ۾ رهجي ويندي آهي. زنده انسان گهڻو ڪجهه
چاهي ٿو. ڏاڏا سائين منهنجو دوست به هو. ڏاڏا
سائينءَ جي تڪليف مون ڏٺي، محسوس ڪئي، چاچا شهاب ۽
توهان کي ڏاڍو ياد ڪيائين. بابا سائينءَ کي مان
موڪليو ته وڃو چاچا سائينءَ کي وٺي اچو!“. سڪندر
وڏو ساهه کڻي چيو.
”ڏاڏا سائينءَ پاپا کي گهر مان ڇو ڪڍيو؟ ڪهڙو قصور
هو پاپا جو!“ تانيه بيچينيءَ مان چيو.
”اهو چاچا سائينءَ کان پڇو نه ته ڇو توهان کان
لڪايائين؟“ ڏاڏا سائين ته صرف هڪ اصول پرست انسان
هو. قصور ٻنهي جو آهي. هڪ ڳالهه ياد رکجو ٻنهي
فئملين کي ڳنڍڻ يا ٽوڙڻ صرف توهان ۽ چاچي جي وس ۾
آهي.“ سڪندر غور سان تانيه ۾ نهاري چيو.
”مطلب؟“ تانيه پڇيو.
”مطلب صاف ظاهر آهي. چاچا سائينءَ کي خبر هئي ته
سندس ماءُ پيءُ جيئرا آهن، پر ڪڏهن به ملڻ جي ڪوشش
نه ڪيائون، ڇو؟ اولاد کي ئي سوچڻ گهرجي. والدين جو
بلند درجو آهي. ٺيڪ آهي والدين کان ڪا غلطي ٿئي ٿي
ته ڇا والدين اولاد کان انهيءَ جي معافي وٺن؟ جي
نه ته اولاد کين ڇڏي هليو ويندو!“ سڪندر جذباتي ٿي
ويو.
”مان خود حيران آهيان! ڇا مسئلو آهي؟ پاپا سلجهيل
۽ سمجهُو انسان آهي. ائين والدين کي ڇڏي نه ٿو
سگهي. مان ته چاهينديس ته رنجشون ختم ٿين!“
تانيه سنجيده ٿي وئي.
”توهان کي جيجي وڏي سڏي پئي!“ ڪم واري ڇوڪريءَ
عطيه کي اچي چيو. عطيه وڃڻ لڳي.
”اوڪي، مان به هلان ٿو.“ سڪندر به ڀيڻ سان گڏ هليو
ويو.
”تانيه سڪندر ڳوٺ جو ته لڳي ئي ڪونه پيو! مان ته
ڏاڍي امپريس ٿي آهيان سڪندر کان. واقعي انسان ۾
شعور هجي ته ان جي شخصيت به وڻندڙ ٿيو پوي.“ ثانيه
سڪندر جي تعريف ڪرڻ لڳي.
”چپ ڪري ويهڻ ته توهان کي اچي ئي ڪونه!. هروڀرو
ويٺي پرائي تعريف ڪرين!“ تانيه ٽوڪيندي چيو.
”پرائي تعريف؟ سڪندر غير ته نه آهي. پنهنجو فرسٽ
ڪزن آهي. مان ته تعريف ئي ڪنديس. توهان کي ڪاوڙ ڇو
پئي لڳي؟“ ثانيه نخريلي انداز ۾ چيو.
”توهان سان بحث ڪرڻ فضول آهي!“ تانيه کي آڻ مڃڻي
پئي.
ڊنر جو ٽائيم ٿي چڪو هو.
سڀ رحمت جي ڪمري ۾ اچي ويٺا. شهاب ماءُ جي هنج ۾
مٿو رکي ليٽي پيو. رحمت شهاب جي وارن ۾ آڱريون
ڦيرڻ لڳي.
”امان، مان توهان جو گنهگار آهيان. مون کي معاف
ڪريو.“ شهاب جي لهجي ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ”مون کي پُٽ
جو اولاد نه ٿيو، جيتوڻيڪ مان پنهنجي نياڻين کي
پُٽن وانگر سمجهان ٿو، پر دل ۾ هڪ وهم اٿم. ڪٿي
توهان جي بددعا ته نه آهي، جو توهان کي ڇڏي هليو
ويو هئس. ڪڏهن به توهان جو حال نه پڇيم!“ شهاب جي
اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
”تو اهو سوچيو ڪيئن. ماءُ پنهنجي اولاد کي بددعا
ڏئي نه ٿي سگهي! مون کي ته سدائين تنهنجو فڪر هو.
تو ۽ محمود جي اڪثر ملاقات ٿيند رهي. محمود مون کي
ٻڌايو ته تون خوش آهين. بس مان مطمئن هيس ته
منهنجا ٻچا خوش آهن.“ رحمت شهاب جا هٿ چمندي چيو.
عطيه، تانيه ۽ ثانيه کي وٺي ڪمري ۾ آئي.
”اچو پُٽ، پنهنجي ڏاڏيءَ جي ڀر ۾ اچي ويهو.“ رحمت
تانيه ۽ ثانيه کي چيو.“
ٻئي اچي ڏاڏيءَ جي قريب ويٺيون.
عطيه ڪم وارين مايُن کي چئي ڏاڏيءَ جي ڪمري ۾ چادر
وڇائي ماني رکي. ”اچو ادا، ماني کائون!“ محمود
اٿندي شهاب کي چيو. سڀ گڏجي اچي مانيءَ تي ويٺا ۽
نه چاهيندي به ماني کائڻ لڳا.
”پاپا خبر اٿوَ ته تانيه کي ڪينجهر مان ڪنهن
ڪڍيو؟“ ثانيه ويهندي چيو.
تانيه هڪدم ڪنفيوز ٿي وئي.
”ڪنهن ڪڍيو ڇا مطلب؟“ شهاب حيرت مان پڇيو.
سڪندر تانيه ۾ نهاري مُرڪڻ لڳو.
”پاپا، تانيه کي نئين زندگي ڏيڻ وارو ٻيو نه، پر
ادا سڪندر هو.“
"What?"
شهاب تانيه ۾ نهاري وري سڪندر ڏانهن ڏٺو.
ثانيه ڄڻ انڪشاف ڪيو هو.
وزيران حيرت مان تانيه ۽ سڪندر ڏانهن نهاريو!
ڇامسئلو آهي، سوچڻ لڳي.
”اڇا، ته منهنجي ڌيءَ کي توهان بچايو. واهه قدرت!
هڪ معجزو ٿي ويو! رت رت کي ڇڪيو، نه ته ڪير ٿو
ڪنهن جي لاءِ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي! ٿئنڪس
سڪندر. توهان جيڪو اسان تي احسان ڪيو آهي، زندگيءَ
ڀر اسين انهيءَ کي ياد رکنداسين.“ شهاب سڪندر جي
پُٺي ٺپري.
(هلندڙ) |