سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :6

ثمينه ميمڻ

وِرِهه وڇوڙا

هوءَ سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهي هئي، ڀر ۾ مڙسهنس خالد ستو پيو هئس، هن گهڙيال تي نظر وڌي ته اٺ ٿي چڪا هئا. ارم کي ڏٺائين، جيڪا پنهنجي ننڍڙي پلنگ تي بي سُڌ سُتي پئي هئي. اڄ ته هن جو اسڪول به ويو. هوءَ سوچڻ لڳي. خالد کي به آفيس لاءِ دير ٿي وئي هئي. هن چاهيو ته هوءَ هن کي اٿاري پر الائي ڇو! اڄ هن جي همت جواب ڏئي وئي هئي. هُن کي خالد اڄ ڄڻ پنهنجو نه لڳو. هن جي دل چاهيو ته هوءَ رات ئي هن گهر مان هلي وڃي. هيءُ شخص جيڪو هن لاءِ سڀڪجهه هو، هڪ رات ۾ هن کي پنهنجو نه ٿي لڳو. هن خالد کي ڏٺو، ڪيئن نه اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو.

هيءُ سالن جون محبتون هڪ لحظي ۾ ختم ٿي ويون. هن جي چهري کي ڏسندي دل ۾ وڌيڪ ڌِڪار محسوس ٿيس. هوءَ انهيءَ ڪمري مان ئي ٻاهر نڪري آئي. دل چيس ته هوءَ پاڻ هينئر ڪو نه ڪو فيصلو ڪري. ڇا رهيو آهي هن جو گهر ۾. هيءُ سڄو گهر هن ڪيئن ٺاهيو هو. ذري ذري سان محبت هئس. هر شيءِ کي هُن دل سان چاهيو هو. هو شخص ئي هن جو پنهنجو نه رهيو ته پوءِ هي گهر ڇا آهي!؟ خوشي ڇا آهي!؟

پر هاڻ مان ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهان؟ ڪيڏانهن وينديس، انهن مائٽن وٽ جن منهنجي خوشي سمجهي اِهو رشتو قبول ڪيو هو. ڪهڙي منهن سان وڃان انهن وٽ.

ٻي شاديءَ جي اجازت نه ڏيڻ سان مٿس ڪهڙو اثر ٿي سگهي ٿو. هن سوچيو. هن کي خبر هئي ته هو هن جو رهيو ئي نه آهي. هوءَ ڪيڏو نه فخر ڪرڻ لڳندي هئي سرتين جي وچ ۾ وڏي واڪي چوندي هئي ته خالد عام مرد نه آهي. هو منهنجي باري ۾ الاهي جذباتي آهي ۽ هو مون سان الاهي پيار ڪري ٿو، پر، هُن جي سرتين کي ته پهرئين ئي خبر هئي ته اسٽوڊنٽ لائيف ۾ ڇوڪرين کي فلرٽ ڪيئن ڪندو هو. جڏهن سِپَ پنهنجي جيڏين سرتين کي اهو ٻڌايو هو ته ”خالد مون کي پرپوز ڪيو آهي ۽ هو مون سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي“ ته هن جي سرتين حيران ٿي سپ کي ڏٺو هو پر اهو ضرور چيو هو ته ”هيءُ ماڻهو توسان سچو نه آهي.“ پر هن کي خالد جون ڳالهيون ايتريون ته فيڊ ٿيل هيون جو هن جي سرتين جي ڪا به ڳالهه هن اڳيان ڪا معنيٰ نه ٿي رَکي. سِپَ جي مائٽن کان جڏهن هُن رشتو گهُريو هو ته هُن جي مائٽن به سِپَ جو راضپو ڏسي رشتو منظور ڪيو هو. ڇو ته هن جا مائٽ لبرل هئا. هو انهيءَ ڳالهه ۾ ئي خوش هئا ته سِپَ خوش هئي. هن جي شادي ڌام ڌوم سان ٿي هئي. خالد جا مائٽ شاديءَ ۾ نه آيا هئا ۽ خالد اِهو ئي ٻڌايو هو ته هُن جو مڱڻو سندس سؤٽ سان ٿيل آهي، پر هو ڪرڻ نه ٿو چاهي. هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ سان هو شادي ڪيئن ڪندو. جڏهن خالد جي مائٽن کي هن رشتي جي خبر پئي هئي ته هُنن خالد سان بائيڪاٽ ڪيو ۽ اهو ئي چيو ته ”تون جيڪڏهن شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته وڃي ڪر. پر اسان مان ڪير به تنهنجي شاديءَ ۾ شريڪ نه ٿيندو.“ هن اها سڄي ڳالهه سِپَ جي مائٽن کي ٻڌائي هئي ۽ اهو ئي چيو هو ته هو ڪڏهن به پنهنجي سوٽ سان شادي نه ڪندو ۽ سِپَ جي مائٽن به سِپَ جي خوشيءَ کي قبول ڪندي رشتو منظور ڪيو ۽ خالد ڪجهه دوست وٺي سِپَ سان شادي ڪئي. سِپَ جي مائٽن وٽ پئسو هو. هن فليٽ به سپ کي ڏنو. جنهن ۾ هو ٻئي رهڻ لڳا هئا ۽ نوڪري به وٺي ڏني هئائون. هوءَ ڪيڏي نه خوش هئي، پنهنجي زندگيءَ مان. هن کي لڳندو هو ته ڄڻ هوءَ ئي آهي، جيڪا ايڏي خوش آهي پنهنجي زندگيءَ ۾. ڀلا هوءَ خوش به ڇو نه هجي، هن چاهيو هو خالد کي، ۽ خالد به هن کي چاهيو هو. هُن جون سرتيون جڏهن به ڪا ڳالهه پنهنجي مڙسن جي ڪنديون هيون ته هوءَ وڏي فخر سان چوندي هئي ته منهنجو خالد ته ائين نه ٿو ڪري. هو ته منهنجو الاهي خيال ٿو ڪري. گهر کي وقت ڏئي ٿو، شام جو ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن گهمائڻ ڦيرائڻ، شاپنگ ڪرائڻ وٺي وڃي ٿو. هن جون سرتيون ٻڌنديون هيون پر وري جڏهن پاڻ ۾ ملنديون هيون ته اهو ضرور هڪٻئي کي چونديون هيون ته ”سِپَ جيترو انڌو اعتماد خالد ٿي ڪري ٿي، الله ڪري خالد به هُن جو اعتماد برقرار رکي. نه ته....“

ٻن سالن کان پوءِ سِپَ کي ڌيءَ ڄائي، هوءَ ڪيڏو نه خوش ٿي هئي. ڇٺي به ڀري ڪئي هئائين. هُن مِٽن مائٽن، سرتين کي سڏايو هو. پر ساهرا هن جا نه آيا هئا. هُن کوڙ دفعا خالد کي به چيو هو ته ”هو هِن کي پنهنجي ساهرين وٺي هلي ۽ هلي معافي وٺي.“ پر خالد اهو چئي انڪار ڪندو رهيو ”ته ڪو به ضرور ڪونهي، جن مائٽن منهنجي پرواهه نه ڪئي، مان وري ڇو ڪريان.“ دل ئي دل ۾ هوءَ سوچيندي هئي ته اهو ٺيڪ ته ناهي ڇو ته هُن کي پنهنجا مائٽ ڪيڏا نه پيارا هئا، ڇا خالد کي مائٽ پيارا نه هوندا. پر خالد هميشه هن کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو. ننڍڙي ارم کي خالد ڪيترو نه پيار ڪندو هو. آفيس مان به فون ڪري پڇندو هو ته ”منهنجي مٺي ڌيءَ ارم ڪيئن آهي، مون سان ڳالهرائينس“ ۽ هوءَ خوشيءَ ۾ ارم کي رسيور ڏيندي هئي ته پپا سان ڳالهاءِ. پوءِ هوءَ پنهنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ جڏهن لفظ اُچاريندي هئي ته هن جو من خوشيءَ مان جهومي پوندو هو. ان ويلي هوءَ پاڻ کي هن دنيا جي خوشنصيب عورت سمجهڻ لڳندي هئي. پر ... پر شايد هوءَ نظرجي وئي هئي يا خالد وائکو ٿيڻ لڳو هو. هوءَ سمجهي نه سگهي هئي ته اِهو ئي خالد آهي جيڪو هن تان اول گهول ويندو هو. هاڻ اهو ئي ٿوري عرصي ۾ پاسيرو ٿي ويو هو. هوءَ ڪڏهن شڪايت به ڪندي هئي پر اِهو چئي ماٺ ڪرائيندو هوس ته تون هروڀرو ٿي سوچين. هوءَ چُپ ٿي ويندي هئي، گهر ۾ ارم هن لاءِ رانديڪو هئي، سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۽ ارم کي سنڀاليندي گذري ويندو هوس. خالد هاڻي گهر کان پري ٿيندو ويو. آخر هڪ ڀيري هن پڇيس ته ڇا ڳالهه آهي، تون اڄڪلهه پريشان ڇو آهين. تنهن تي خالد ٻڌايو هئس ”ته بابا وارا چاهين ٿا ته هن شرط تي توسان راضي ٿينداسين ته آءٌ پنهنجي مَڱ سان نڪاح ڪريان!“

”ته پوءِ تو ڇا چيو؟“ هن جذباتي ٿيندي تڪڙ ۾ پڇيو.

”مون ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟“

”ڇا وري ڇا ڪجي، تون جواب موڪلين ته مون کي شادي ڪرڻي هجي ها ته مان پهرئين ڪيان ها.“

”ها ائين ئي ڪرڻو پوندو.“ ان ويلَ هن ڄاتو هو ته خالد ڪڏهن نه چاهيندو ته هو وري پنهنجي مڱ سان شادي ڪندو، پر آهستي آهستي خالد هن کان پري ٿيندو ويو ۽ آخر هڪ ڏينهن اِهو چيائينس ته ”مان پنهنجي سؤٽ سان نڪاح ڪريان ٿو. تون اجازت ڏي.“ ان مهل سِپَ جي پيرن ۾ ڄڻ سَو مڻن جا پٿر ڪنهن ٻڌي ڇڏيا هئا. ”تون مون کان اجازت ٿو گهُرين!!؟ مان توکي ڪڏهن به اجازت نه ڏينديس. توکي خبر آهي ته مان پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن سان به شيئر نه ٿي ڪري سگهان. مون توکي چاهيو آهي، سچاين سان، وفائن سان، پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته مان توکي اجازت ڏيان. ڇا مان توکي ان ڳالهه جي اجازت ڏيئي سگهان ٿي!؟“ سِپَ نهايت جذباتي ٿي وئي.

”ته پوءِ مون وٽ به ڪو حل ڪونهي. مون کي پنهنجي سؤٽ سان شادي ڪرڻي پوندي. آخر منهنجا ماءُ پيءُ آهن، مان ڪيستائين انهن کان پري رهندس. هي رشتا ٽُٽَڻ جا ته ناهن.“ لطيف، سپ کي چيو.

”ته پوءِ ڇا هيءُ رشتو ٽُٽَڻَ جو آهي!“ سپ جذبات ۾ چيو. ”مان چوان ٿو ته هيءُ رشتو ٽُٽَڻ جو آهي. ڀلا آءٌ مائٽن جو اڪيلو وارث آهيان، ڌَنُ دولت هيءَ ڪنهن جي آهي. جيڪڏهن شادي نه ڪندس ته پوءِ هيءُ پئسو مون کي ڪيئن هٿ ايندو!“

”سِپَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. معنيٰ ته تون مائٽن سان ٺاهه صرف انهيءَ صورت ۾ ٿو ڪرين ته توکي دولت ملندي. دولت جي ڪري تون مون کي ٿو ڇڏين. ڇا دولت پيار کان وڌيڪ طاقت ٿي رکي، هان ٻڌاءِ نه، دولت توکي مون کان وڌيڪ آهي؟؟“

”ها ها، دولت مون کي وڌيڪ آهي.“ خالد جي وات مان آخر سچ نڪري ويو هو.

”ته پوءِ توکي منهنجي اجازت جي ڇو ضرورت آهي. تون هينئر ئي منهنجي طرفان آزاد آهين.“ هن کي لڳو خالد انهيءَ انتظار ۾ هو ته هن جي وات مان اهي لفظ نڪرن ته جيئن هو آرام سان هن مان جان ڇڏائي سگهي. ”پر هڪڙي ڳالهه تون به ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. سپ چيو، ته هوءَ  منهنجي در تي ڪڏهن نه ايندي.“ خالد سمجهيو هو ته هو هينئر جان ڇڏائي چڪو آهي ۽ سپ ضرور اهو ٻڌي هن کي ڇڏي ويندي پر جڏهن هُن ائين چيو ته خالد جو دماغ چڪرائجي ويو.

***


 

پارس راڻي

شِيلا

شِيلا جو ان ڏينهن موڊ ڏاڍو خراب هو. وڪيل جي بيگم، شِيلا جي ڏاڍي بيعزتي ڪئي هئي.

”ڏس ته رولاڪ رن سڄي پاڙي کي اچي خراب ڪيو اٿس، هن کي ٻيو ڪوبه ڪونه مليو هو منهنجي پُٽ ۾ اکيون وجهي ويٺي آهي. مائي: ڏسو ته رنون اچي ڇتيون ٿيون آهن.“

بيگم صاحبه هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري سهڪندي به وئي گڏوگڏ شِيلا کي گهٽ وڌ به ڳالهائيندي وئي.

”مان چوان ٿي نڪر هتان. هينئر جو هينئر ٽر اکين اڳيان“ بيگم صاحبه سهڪندي صوفي تي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي.

”مائي ڏسو ته نيڪيءَ جو ته زمانو ئي نه رهيو آهي غريب ڇوڪريون سمجهي گهر جي ڪم تي رکيم، مون کي ڪهڙي خبر ته ڪو هي رنون صفا ڪي لاهي پاهي ويٺيون آهن.“

شِيلا کان وڌيڪ ٻڌو نه ٿيو سو پنهنجي ننڍي ڀيڻ لِيلان سان گڏ ٻاهر نڪري وئي. بنگلي جو چوڪيدار گيٽ تي بيٺو هو، کيس ڏسي ڏند ڪڍي کلڻ لڳو ۽ مُڇن کي مروٽو پئي ڏنائين.

شِيلا تيز تيز قدم کڻندي رستي تي هلڻ لڳي. گرمي به تيز هئي. ٻپهريءَ جو وقت هو سج به شِيلا جي تارونءَ تي هو. ڄڻ هو به شِيلا تي ٺٺولي ڪري رهيو هجي.

شِيلا جي اندر به ڪا باهه لڳل هئي. وات ۾ پنهنجي منهن بَڙ بَڙ ڪندي پئي وئي ۽ رستي ۾ اڳيان آيل هر شيءِ کي زور سان ٿُڏو به پئي هنيائين. ڪنهن مهل ڪاوڙ ۾ لِيلان کي به ٻه ٽي مڪون هڻي پئي ورتائين جنهنڪري لِيلان ڄڀ ڪڍي روئي رهي هئي ”مني ڪيا ڪرت هي؟“

شيلا ڪاوڙ ۾ مُڪ هڻندي چوڻ لڳي ”تو چُپ نا ته مين تيري ٽوٽي ڪر ڇڏان گي“.

”ايڪ تو وه راحيل دا بچا مَني پئسا نا ديا اور بهاگ گيا سالا..... ماري بيعزتي ڪرواڪي خود بِلي سا هوڪر ڀاڳ ڳيا. مان ڪي سامڻي سريف بڻ ڳيا. ماري سامڻي تو..... مين ڇڏان گي نئين....“ شِيلا اُن ڏينهن سڳ سوڌو جهلجي پئي هئي. بيگم صاحبه بازار ويل هئي، راحيل گهر ۾ اڪيلو ويٺو هو ۽ ٽي.وي پئي ڏٺائين. شِيلا تي اڳ ئي نظر هيس رنگ جي ڀلي ڪاري هئي پر جسم ته اهڙو هيس ڄڻ تراشيل مورتي. گهڻي ٻُهاري ۽ پوچيءَ جي ڪري سمارٽ ٿي وئي هئي.

انڊيا جي فلمن ۽ اسٽار پلس جي شوقين هئي. بيگم بيمار رهندي هئي ڪڏهن جاڳيل هوندي هئي ته ڪڏهن وري سمهي رهندي هئي. پوءِ ته شِيلا سڀ ڪم ڪار ڇڏي بس ريموٽ کڻي وات ڦاڙي پئي ٽي وي ڏسندي هئي.

راحيل ايندو هو ته بيگم صاحبه جي نظر بچائي نخرا ڪندي هئي.

راحيل به پئي اينجواءِ ڪيو. ٽرڙي فطرت جو هو. مٿان وري گُل پاڻ ئي جهولي ۾ پئي ڪريو. سو ڇنڻ جي ڪهڙي ضرورت!

زوريءَ چيڙائيندو هئس ”مان ته ڪرڪيٽ ڏسندس.“ شِيلا نخري واري انداز سان وري چوندي هئي ”مني گانا سڻڻ ديوو. سارخ مني اڇا لاڳي اي.“ اکيون مخمور ڪري وڏي ادا سان رئي جي ڪنڊ چٻاڙيندي چوڻ لڳي.

”۽ مان؟“ راحيل چيو.

”تو مني سارخ لاڳي اي! ڀڳوان قسم!“

اهو ڇيڙ ڇاڙ جو سلسلو جاري هو بيگم صاحب کي شڪ ڪونه ٿيو.

ان ڏينهن جيئن ئي بيگم صاحبه بازار وئي شِيلا ۽ راحيل کي موقعو ملي ويو.

بيگم صاحبه جيئن ٻاهر نڪتي راحيل سڌو ٻُهاري ڪڍندڙ شِيلا وٽ ويو ۽ هٿن مان ٻهاري کسي ٻانهن جهلي ورتائين

”اي ڪيا ڪرت هو! ڏوسي ديک ليوي گي.“

ڪيئن ڏسندي! ڏوسي ته بازار ويل آهي هاڻي نخرو نه ڪر!“

پر اوچتو بيگم صاحب به جيڪا پنهنجو پرس وساري وئي هئي مٿان پهچي وئي بس پوءِ ته ٻڙڌڪ مَچي ويو راحيل ته تيز قدم کڻندي ٻاهر اسڪوٽر تي چڙهي ڀڄي ويو. باقي بيگم صاحبه شِيلا جي جيڪا بيعزتي ڪئي سو ڄڻ هڏن مان مِک ڪڍي ڇڏيائين.

شِيلا سان ڪو اهو پهريون دفعو نه ٿيو هو پاڙي جا پنج گهر ٻن مهينن ۾ ڇڏي چڪي هئي. چئن گهرن مان ته بيعزتو ٿي نڪتي هئي. صرف هڪ گهر مان فائدو ٿيو هئس، ڇو ته اُتي ڇڙا رهندا هئا هن کي اُتي گهڻو پئسو مليو هو پر وري انهن ڇَڙن پاڙي وارن جي خوف کان شِيلا کي جواب ڏنو هو.

گهر پهتي ته ليلان وڃي ماءُ پيءَ کي دانهن ڏني.

”يه مني ماري هي“ پيءُ پونجي ڇڙٻ ڏيندي شِيلا کي چيو. ”ري تني ڪيا آگ لگت هي! تني لِيلان ڪو ڪيون مارا؟“

شِيلا پيءُ جا ٿپڙ کائي ڪمري جي ڪنڊ ۾ وڇايل تڏي تي سمهي رهي. لڙڪ اکين مان وهڻ لڳس پنهنجي ڦاٽل ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ڪپڙن تي نظر پيس ته اڃا وڌيڪ پنهنجي بيوسيءَ ۽ مفلسيءَ جو خيال آيس. سوچڻ لڳي ته پئسا ته سڀ پيءُ کڻي ويو آهي، هفتي کان پوءِ راما پير جو ميلو آهي، سڀ سرتيون نوان ڪپڙا پائي وينديون. هن وٽ نه نوان پازيب هئا ۽ نه نوان ڪپڙا ۽ نه بنديا، نه چوڙيون!

پيءُ کي پاراتا ڏيڻ لڳي.

”ايسي باپ سي تو اڇا هوئي ڪه وه مر جاوي اس کا تو زنده هي اگني سنسڪار هو جاوي تو اچها هي.“

”ڪميڻا ساري پئسي تو خود نشي مين اُڙا ديوت هي مني اور ماري ڀيڻ ڪو ڪيا ملتا هي! روٽي وي مانگ ڪر کاوين هين. بس گاليان ملتي هين.“

شِيلا مٿي تي هٿ رکي روئڻ لڳي

”هي ڀگوان اس سي تو اچها هي مرجائون.“

ٻئي ڏينهن وري ڪم جي ڳولا ۾ نڪتي هڪ گهر ۾ کيس ٻهاري ۽ پوچي لاءِ ڪم مليو. پنجن سَون ۾ سڄي گهر جو ٻهارو پوچو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪپڙا ڌوئڻا هئس.

گهر به ننڍو هو. هڪ پوڙهي مائي هڪ پُٽ آصف رهندو هو. جيڪو صبح جو ڪم ڪار لاءِ ٻاهر ويندو هو واپس اچي تقريباً سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند پيو هوندو هو.

شِيلا سوچيندي هئي ته آخر آصف سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند ڇو هوندو آهي؟ هو سڄي گهر جي صفائي ڪندي هئي پر آصف پنهنجي ڪمري جي صفائي پاڻ ڪندو هو. آصف جو حُليو به عجيب هو. گهڻو ڪري اڇي رنگ جو پهراڻ پاتل هوندو هئس. ڏاڙهي وڏي ۽ مٿي تي آر سان ٺهيل اڇي ٽوپي پهريل هوندي هئس. شِيلا ڏاڍي پريشان هئي. هڪ ته راما پير جو ميلو ويجهو ٻيو مٿان پيءُ به روز ماريندو هوس ته پئسا کڻي اچي. شِيلا سوچڻ لڳي ته هن گهر ۾ شايد هن جو ڪم ڪونه هلندو، پر پوءِ پڪو پهه ڪيائين ته آصف به آخر مرد آهي، مون کان بچي ڪيڏانهن ويندو! مون کي ڏسي ته وڏن وڏن جا هوش اڏري ويا آهن، آخر ته دام ۾ ايندو. هو بهاني ڪُبهاني آصف جي ڪمري ۾ وڃڻ لڳي، پر آصف کيس اک کڻي به ڪونه ڏسندو هو. گهڻو وقت نماز، قرآن ۽ ڪونه ڪو مذهبي ڪتاب پڙهندي گذاريندو هو. آصف جو رجحان ننڍپڻ کان ئي مذهب ڏانهن رهيو هو. اڃا ڳالهائڻ مس سکيو هو ته ماءُ سان گڏ نماز لاءِ بيهي رهندو هو. جوان ٿيو ته به ڪڏهن سگريٽ جو سوٽو به ڪونه هنيائين. ڳليءَ ۾ به اکيون هيٺ ڪري هلندو هو. ڪوبه مذهبي اجتماع ڪونه ڇڏيو هئائين. نماز جو پنج وقت پابند هو. هُن جي زندگيءَ جو مقصد ئي عبادت هو، هُو، ڪجهه اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيندو هو. جنهن سان هن جي آخرت آجي ٿي وڃي. ماءُ بيمار رهندي هئي. هو ماءُ جي خدمت به ڪندو هو، پر گهر سنڀالڻ هن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. ماءُ هن کان بنان پُڇئي شِيلا کي گهر جي ڪم ڪار لاءِ رکيو هو. آصف کي جڏهين شِيلا جي خبر پئي ته کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڇو ته هن کي شِيلا جي چال چلت ٺيڪ نه پئي لڳي، پر ماءُ کي هو ڪجهه چئي به نه پئي سگهيو. هن محسوس ڪيو هو ته شِيلا مختلف بهانن سان هن کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. پهرين ته هن سوچيو ته ماءُ کي چئي شِيلا کي ڪڍي ڇڏي، پر پوءِ خيال آيس ته ڇو نه شِيلا کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان. اها نيڪي به ٿيندي ۽ ثواب به ملندو. هڪ ڏينهن هن شِيلا کي پاڻ وٽ سڏيو. شِيلا ته خوش ٿي وئي. تڪڙي اچي آصف جي سامهون ويهي رهي.

آصف اکيون هيٺ ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”شِيلا ڏس توکي هيئن پاڻ وٽ سڏڻ ته مناسب نه هو، پر مان توسان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيان“

”هان ڪهو صاحب. مين تو ترس ڳئي تاري آواج سڻڻ واسطي.“

آصف چيو: ”تون ائين ڇو آهين؟ ڇا توکي اهو سڀ ڪندي شرم محسوس نه ٿيندي آهي.“ شِيلا هٻڪندي جواب ڏنو ”صاحب جي ماري سي ڪوئي گلتي هو ڳئي ڪيا؟ تو مني ايسا ڪيون بولتا هي!“

آصف جواب ڏنو ”ڏس مون کي سڀ خبر آهي، تون پوري پاڙي ۾ خوار آهين، تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو به توکي نفرت سان ڏسن ٿا. تون پاڻ کي سُڌار!“

شِيلا جي اکين مان لڙڪ وهي آيا.

”صاحب تو اس ليي ايسا ڪهوي هي جو تاري پاس سب ڪچهه هي تارا پيٽ ڀرا هي اس ليي تم دماگ سي سوچي هي. مارا دماگ ڀرا هوا هي پر پيٽ خالي هي. اس ليي مين پيٽ سي سوچون هو.“

ايئن چئي هو ڊوڙندي هلي وئي ۽ ٻه ڏينهن ٿي ويا هوءَ نه آئي. نه ڄاڻ ڇو آصف پنهنجي اندر عجيب بيچيني محسوس پئي ڪئي. گهر خالي خالي محسوس ٿيڻ لڳس.

”شايد مان گهڻو چئي ويو آهيان.“ ندامت محسوس ٿيڻ لڳي هئس ۽ بار بار شِيلا جو جملو ڪنن ۾ محسوس ٿيڻ لڳو هئس ”صاحب مين پيٽ سي سوچون هون.“ هن سوچيو ته آءٌ ڇو پيو شِيلا لاءِ سوچيان؟ پوءِ انهن خيالن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ توبهه ڪرڻ لڳو. نيٺ ذهن تان شِيلا لهي ويس. ٽئين ڏينهن شِيلا وري گهَر اچي وئي. ٻنهي ۾ روز بحث ٿيڻ لڳو. آصف پڪو فيصلو ڪيو ته شِيلا کي سُڌاري پوءِ ڇڏيندو ۽ شِيلا فيصلو ڪيو هو ته هوءَ آصف کي پنهنجي دام ۾ آڻي پوءِ رهندي. ٻئي پنهنجي مقصد ۾ مشغول هئا، پر هُنن کي خبر نه هئي ته ٻنهي جي ذهن ۾ به ڪجهه نئون ٿي رهيو هو. شِيلا کي محسوس ٿيڻ لڳو ته آصف کان سواءِ هيءَ دنيا واريءَ جي ڀِٽ آهي. هن کي آصف جي هر ڪم ۾ دلچسپي محسوس ٿيڻ لڳي. آصف جي دڙڪن ۾ به سڪون ملڻ لڳس. هن کي پتو به نه هو ته هن کي ڇا ٿيو آهي؟ آصف هن کي هر شيءَ ۾ ڇو ٿو نظر اچي!“

ان ڏينهن آصف هن کي پئي سمجهايو ”ڏِس شِيلا مان سمجهان ٿو ته تون تمام گهڻي مجبور آهين، تنهنڪري تو اهو سڀ ڪيو پر ڇا توکي سڪون مليو؟“ اڃا به وقت آهي تون سڌي راهه تي اچي وڃ، پوءِ توکي اهڙي راحت ملندي جو تو ڪڏهن به نه محسوس ڪئي! ايمان جي راحت!

شِيلا جو ذهن آصف جي چهري ۽ ڳالهين ۾ گم ٿي ويو هو. هوءَ هڪ ٽڪ هن کي ڏسندي وئي. وات مان پاڻهي نڪري ويس ۽ ”ماري ڪو گلت صحيح نئين مالوم! ماري تو  اب عادت هو گئي هي!“ بي اختيار ٿي آصف جو هٿ جهلي ورتو.

شِيلا جيئن آصف جو هٿ جهليو آصف کي ڄڻ جهٽڪو لڳي ويو. هن شِيلا کي زور سان پري ڌڪو ڏنو. شِيلا هيٺ وڇايل مصلي وٽ ڪري پئي. ۽ پوءِ اٿي ڊوڙندي ٻاهر هلي وئي.

آصف اُن ڏينهن کان پوءِ صفا گم سُم ٿي ويو. هو بار بار پنهنجي هٿ کي ڏسڻ لڳو هو. هن کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪا آڳ هن کي چمي وئي هجي. سارين عبادتن، سارين رياضتن باوجود شِيلا هڪ پل به هن جي ذهن تان ڪانه هَٽي هئي. هن جي چهري جي خوشبو چوڏس پکڙجي وئي هئي. آصف جي روح تائين چانڊاڻ لهي آئي هئي. گهڻا ڏينهن ٿي ويا هئا شِيلا گهر ڪانه آئي

هو ديوانن وانگر شِيلا کي ڳولهڻ لڳو هو ڪڏهن ڪمري ۾ ڪڏهن در ديوار ۾ ڪڏهن گهر ۾! پر هوءَ ڪٿي به نه ملي! هن گهڻو پاڻ کي سمجهايو ته ”هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ مان ته هن کي راهه ڏيکارڻ لڳو هئس. مان پاڻ ڪيئن راهه تان ڀٽڪي ويس!“

هن گهڻو پاڻ کي سمجهايو پر شِيلا جي هٿن جو ڇهاءُ هن جي روح تائين لهي ويو هو. هن پنهنجا هٿ چادر ۾ لڪائي ڇڏيا هئا ڄڻ هنن ۾ ڪا قيمتي شيءِ لڪيل هجي. هن گهڻو ڳولهيو پر شِيلا هن کي ڪانه ملي. هن کان سڀڪجهه وسري ويو. هو ڪير هو؟ ڇا هو؟ هن جو مقصد ڇا هو؟ سڀڪجهه وسري ويس، هڪ ڏينهن هلندي هلندي هڪ مزار وٽ پهچي ويو. هو ٿڪجي هڪ دڪيءَ تي ويهي رهيو. ڀرسان هڪ انتهائي نٻل ۽ ڪمزور مائي فرش تي ستل هئي وار ۽ ڪپڙا مٽيءَ هاڻا هٿ ۾ تسبيح هئس. وات تي لڳاتار ”الله هو“ جي صدا.

آصف ڇرڪ ڀري غور سان مائيءَ ڏانهن ڏٺو. هن سڃاڻي ورتو اها شِيلا هئي ۽ انتهائي تڪليف ۾ ۽ ڪمزوريءَ واري حالت ۾ هئي. هن زور سان رڙ ڪري چيو ”شِيلا ڏس مان آهيان آصف! تنهنجو آصف! شِيلا هوش ۾ اچ!“ شِيلا ڪمزور آواز ۾ چيو ”هوش تو اب آگيا هي صاحب! هاٿ نان لگانا! مين ڪبهي شِيلا ٿي اب عائشه هون. مين تاري احسانمند هون تين ني ماري ڪو سمجهايا ڪه حق ڪيا هي صحيح ڪيا هي گلت ڪيا هي. مني بهت گناهه ڪيي ٿي پر سڪون نا ملا ديک اب مين سڪون سي مر رهي هون مني سب ڇڏ ديا، گهر، مان باپ، ڌرم، ديکهه آصف صاحب مين گناهه مين جي رهي ٿي ليڪن اب مين ني جاڻ ليا ڪه سيدا رستا وه هي سارا سڪون تو اب نال هي“ شِيلا هٿ مٿي ڪيو پر هٿ هيٺ ڪري پيس ۽ شِيلا مري وئي. آصف رڙيون ڪرڻ لڳو ”شِيلا مون کي ڇڏي نه وڃ ڏس شِيلا مون کي ڪجهه ياد ناهي ته ڇا صحيح آهي ڇا غلط آهي، مون کي بس ايترو ياد آهي ته آئون تنهنجو آصف آهيان ۽ تون منهنجي شِيلا هڪ ڏينهن تو مون کي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو اڄ آءٌ تو وٽ آيو آهيان.“ آصف وار پٽيندي رڙندي پنهنجو هٿ شِيلا جي بي جان هٿن ۾ ڏيندي چيو ”ڏس شِيلا منهنجي هٿن ۾ اڃا تنهنجو ڇهاءُ آهي منهنجي ساري وجود ۾ تنهنجي خوشبو آهي مان ڄاڻي ويو آهيان ته منهنجو سڪون بس تون آهين. بس تون آهين.................“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com