سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :2

رخسانه

دوستي

دوستي ڪرڻ لاءِ ته سڀ ڪندا آهن، پر دوستيءَ کي نڀائڻ ڪنهن، ڪنهن کي ايندو آهي ۽ جنهن کي نڀائڻ ايندو آهي اُهي دوست مخلص هوندا آهن. پر ڪي ته دوستيءَ کي راند سمجهندا آهن، اُهي پهرئين ته دوستيءَ ۾ ايڏو اڳيان نڪري ويندا آهن، جتان واپس اچڻ مشڪل هوندو آهي. اڄ جي دور ۾ ماڻهو دوستي ڪندا آهن ۽ ايترا گَهِرا ٿي ويندا آهن ۽ وري اُهي ئي ايترو جلدي بدلجي ويندا آهن جو سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪندا آهن. ان لاءِ دوستي ڪجي ته مخلص ماڻهن سان ڪجي، جيڪي توهان جي احساسن کي سمجهن. ڇو ته دوستي هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو آهستي آهستي دل ۾ لهندو وڃي ٿو. جنهن ماڻهوءَ سان دوستي رکجي ٿي، انهيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان اهڙي دوستي رکي نٿي سگهجي. دوستي دل جي ڌڙڪڻ وانگر آهي، جيڪڏهن دوستي ٽُٽي ٿي ته دل جي ڌڙڪڻ به ڄڻ بند ٿيڻ لڳندي آهي. دوستي پاڪ جذبو آهي.

ماءُ

ماءُ کان سواءِ گهر قبرستان لڳندو آهي.

ماءُ ۽ گل ۾ مون کي ڪو به فرق نظر نه ايندو آهي.

ماءُ، پيءُ کان وڌيڪ شفيق هوندي آهي.

ماءُ جي ڪاوڙ وقتي هوندي آهي.

دنيا ۾ ڪو به رشتو ماءُ جهڙو نه هوندو آهي.

ماءُ جو پيار ڪنهن کي ٻڌائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ نه هوندو آهي.

الله جو سڀ کان سهڻو تحفو ماءُ آهي.

 سنڌي شعر ۾ قدرت جو چِٽ

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ ايم.اي آهي. جنرلزم ۾ ڊپلوما ڪيل اٿس ۽ سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيل اٿس. ڊاڪٽوريٽ لاءِ هن جو موضوع هو:”سنڌي شعر ۾ قدرت جو چِٽ“ (Portrayal of nature in sindhi poetry).

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، گورنمينٽ ڪاليج اجمير ۾ ليڪچرار آهي. هن ڪيترائي اعزاز ۽ اَوارڊ حاصل ڪيا آهن، جن ۾ N.C.p.s.I هند سرڪار پاران ”اظهار“ تي 15000 روڪ جو نئشنل اَوارڊ، سدارنگاڻي سونو ٻلو، ڀارتيه انوواد پريشد پاران 5000 روڪ انعام، راج سنڌي اڪئڊميءَ پاران 1989، 1992، 1999 ۾ بهترين ليکڪا جو اسٽيٽ اَوارڊ ۽ سڄي ڀارت ۾ سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيل پهرين خاتون هئڻ تي 5000 روڪ انعام حاصل ڪيائين. بهترين استاد جو اسٽيٽ اَوارڊ راجستان سرڪار ۽ راج سنڌي اڪئڊميءَ کان 1989، ناري گرو کان 1998 ۽ سنڌي ڀوشن کان 1996 ۾ حاصل ڪيائين.

عهدا: ميمبر:ساهتيه اڪئڊمي دهلي، راج سنڌي اڪئڊمي جئپور، صدر: مومل، چيئرپرسن:اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا.

ايڊيٽر: رهاڻ، آتم درشن (سنڌي، هندي روحاني مئگزن)، رچنا وغيره.

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ جا هيل تائين هندي، سنڌيءَ ۽ گجراتيءَ ۾ 26 ڪهاڻين جا ۽ درسي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

سنڌي عالمن موجب قدرت

دنيا جا عظيم شاعر اول پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر آهن. آمريڪا جي قومي شاعري والٽ وٽمئن جي شاعريءَ ۾ آمريڪا کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. شيڪسپيئر وٽ اِنگلئنڊ ايتريقدر آهي جو انگريز انگلئنڊ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندا پر شيڪسپيئر کي نه. شاهه لطيف جو لفظ لفظ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪڻ ڪڻ سان اوتيو پيو آهي. اهڙا شاعر پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ملڪ جو سمورو شان سمائي ڇڏيندا آهن. ڪنهن شاعر کي اِنساني جذبا سڌيءَ طرح پنهنجي آس پاس جي ماحول مان ئي حاصل ٿين ٿا. ڏات ۽ ڏاهپ جا سرچشما ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ مان ان جي زبان مان ئي ڦٽي سگهن ٿا. رويندر ناٿ ٽئگور انگريزي عربي اِسپيني يا فرينچ ٻولين ۾ لکي نوبل پرائيز حاصل نه ڪيو هو.

سنڌي شاعريءَ سان ويڌن اِها آهي جو شاعريءَ جي اڀياس لاءِ ڪي به تنقيدي ماڻ ۽ ماپا الڳ سان قائم نه ڪيا ويا آهن. نه رڳو ايترو پر مڪمل روپ سان صحيح نموني وضاحت سان سنڌي شعر جي تاريخ به ميسر ڪونهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن به موضوع تي سنڌي عالمن جا رايا ڄاڻڻ مکڻ جي شيخ پچائڻ مثل آهي. اِنڪري شاهه لطيف جي شاعريءَ کان اڳ قدرت نسبت ڪويتا / ويچار گهٽ ملن ٿا. البت شاهه لطيف لاءِ فطرت اِئين ضروري آهي، جيئن سڄر ۽ صاف هوا ڦڦڙن لاءِ ضروري هجي. اِنڪري شاهه آڏو ڪائنات جي ڏٺل وائٺل شين جي اهميت انهن جي رواجي حيثيت کان وڌيڪ ٿيو وڃي. اِن جي علاوه قدرت متعلق ڪِن عالمن جا رايا هن ريت آهن:

ليکراج عزيز لاءِ قدرت رچناڪار واسطي پريرڻا جو ذريعو آهي. ”هن قدرت جي ڪارخاني جون ڪرشمي سازيون شاعر جي احساس واري آڳ تي تيل جو ڪم ڏين ٿيون ۽ جيتريقدر شاعراڻي جذبي کي اُٿارينديون تيتريقدر باهه جو ڀنڀٽ ٻرندو. وري جهڙي باهه جي ڄِڀي هوندي تهڙو سيڪ ايندو.“

شيخ اياز ڪائنات جي گوناگون نظارن ۾ بيحد اونهو وڃي انهن کي ڪويتا ذريعي ساڀيان ڪيو آهي. هڪ ئي عنصر چنڊ لاءِ سندس ويچار هن ريت آهي: مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي؟ ان ۾ اِهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حسن ڪوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪيترو ئي اختلاف آهي. پر مان پڇان ٿو ته اِئين ڇو آهي ته دور قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حسين سمجهيو ويو آهي؟ اهڙو ڪوئي به دور ۽ اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي اِنسان چنڊ کي حسين نه سمجهيو هجي. ان ۾ اِهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ ۽ اِنسان ۾ اِهو ڇا آهي جو اُن جي حسن کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ اِنهن ٻن سوالن جو جواب مون لاءِ خود شناسيءَ جو درجو رکي ٿو، ڇو ته اِن کان پوءِ ئي مان سمجهي سگهندس ته مان شاعر ڇو آهيان.“

تيرٿ وسنت پرڪرتي پريم بابا لکيو آهي: ”اڪثر ساهتڪار ته هونئن ئي پورالا ۽ سودائي ٿيندا آهن پر پرڪرتي پوڄڪ چئي کڻي بس ڪر. ڪو هنن جو خفت خفتان قلم بند ڪري ته ڄمار آڱرين جي وِٿين مان وَهي ويندس. سندن چوڄ ۽ چرٻتاريون ۽ خفت خوض کين هر دل دلعزيز بڻائن ٿا. ڀلي ڪو پنهنجي فطرت گاهه ۾ چُميون ڏيئي چاهه سان گلي لڳائين.“

کيس قدرت سان ايترو موهه آهي جو خود ئي لکي ٿو ”هونئن به هيءُ ياتري روح ڀتين، ڇتين اندر اُسريو ئي ڪونهي. ٻيو ته چريا جئن ٿڌ تيئن وڌ. ڀانيان ته گرم ڪپڙا پائي، هيٺ لهندي ٻه ٻه ڏاڪا ٽپندو، چت ۾ ڪا اڌوري تُڪ اونائيندو، گل تي سرد هوا جون ٿڦڙيون سهندو، آلي گاهه تي ٻرانگون ڀريندو، ٽينگ ڏيئي ٻارڙن جهڙو ٿي پوان.“

وري لکي ٿو ”هڪ دفعي داس باغ جي ڏياوان وڻ سان دل ٻجهي ويئي. سمجهندو هوس ته منهنجو ڪو اَبو، ڏاڏو اِهو ويس ڌاري آيو آهي. آءٌ آهيان چلتو پرزو پوٽو ۽ هو آهي کيپ کتل پتامهه. روزانو اُن جي ٿڙ کي ڀاڪر پائي، شفق جو رنگين شعاءُ ڏسندو هوس. هڪ دفعي ٻيلهه فوٽو به ڪڍايوسين جو اڄ تائين سانڍيندو اچان، ليڪن بٽواري اِهو معصوم آرو به کسي ورتو. اِن پڄاڻان ڪنهن وڻ سان يارِي رکندي ڪيٻائيندو آهيان.“

پوپٽي هيراننداڻيءَ ته اڄ اِنسان ۾ گهر ڪري ويل جسماني ڪمزورين جو سڄو ڏوهه قدرت کان دور رهڻ جي مجبوريءَ تي مڙهيو آهي. ”ويچاري قدرت! هوءَ ته اسان جي ويجهو اچڻ لاءِ وڏا وس ٿي ڪري گهڻا واجهه ٿي وجهي، ساٺ سوڻ جي روپ ۾ شڀ موقعي تي انب جا پن، مرتيو سنسڪار ۾ ڍڪڻن ۾ ڪڻڪ جا سَلا، ڌرم - وِڌيءَ ۾ تلسي ۽ ڪيوڙو، سونهن وڌائڻ ۾ گلاب ۽ موتيو، وندر ڏيڻ لاءِ برنيءَ ۾ مڇيون بڻجي پيئي لياڪا پائي، پيئي اسان ڏانهن نهاري. پر اسين ساڻس گڏ پريت رکون ئي ڪين، مترتا جوڙيو ئي ڪين، مٽي - مائٽي ڳنڍيون ئي ڪين.“

تنوير عباسيءَ جو وري چوڻ آهي ته هڪ عظيم شاعر ۽ فنڪار ڪائنات کي عام ماڻهوءَ کان ٻيءَ طرح ٿو محسوس ڪري. هو ڪائنات جي ڳوڙهي مشاهدي مان پنهنجي تيز حس سان اهڙا ته تجربا ٿو حاصل ڪري جو انهن کي عام ماڻهو هونئن ته پهچي نه سگهي، پر شاعر جي بيان جي طاقت ۽ انهن تجربن جي ٻيهر تخليق ڪرڻ جي قوت ئي آهي جيڪا عام پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي شاعر جي اها عام ماڻهوءَ لاءِ اڻ ڏٺل، اڻ ٻڌل، اڻ ڇهيل ۽ اڻ محسوس ڪيل دنيا ٿي ڏيکاري ۽ محسوس ڪرائي ۽ هو شاعر سان گڏوگڏ ان دنيا کي محسوس ڪندو ۽ ان دنيا جو مزو ماڻيندو ٿو هلي.

هريش واسواڻي رچناڪار لاءِ قدرت جي اهميت کي هنن لفظن ۾ اظهار ڏئي ٿو. ”شعر جو اتهاس اِن ڳالهه جو ساکي آهي ته جي شاعر آهن، انهن انُوڀوتيءَ جي سوکيم ڏور سان پنهنجي چوگرد جي برهمانڊ کي پاڻ سان ٻڌل ڄاتو آهي، جنهن جي روپ هر بار انهن کي نئون روپ ڏنو آهي. ڪڏهن سندر جي تلاش، ڪڏهن سچ جي تلاش، ڪڏهن آنند جي تلاش. انهن کي هن جڙ، جڳت جي گوناگون وادين ۾ پئي ڀٽڪايو آهي، جتان ڪڏهن اُهي ٽيئي ڳولهي سگهبا آهن، ڪڏهن ٽيئي وڃائي سگهبا آهن، پر باوجود ان جي، انهن جي چيتنا کي وسيع سُمتيون اُتان ئي پئي مليون آهن. اِهو صحيح آهي ته هر دور ۾ قدرت ۽ ڪويتا جو رشتو ساڳيو ڪونه رهيو آهي (ان جا مختلف سبب آهن،) پر اِهو به سچ آهي ته ڪويتا جو قدرت سان رشتو ڪڏهن به مٽجڻ جهڙو نه آهي. اِهو تڏهن به نه مٽبو، جڏهن خود قدرت ڪونه رهندي (اڄوڪن ارٿن ۾). اِهو هڪ سناتن سنٻنڌ آهي، بلڪ ڪويتا جي اوچائيءَ جو هڪ ماڻ پڻ آهي.“

مٿين وصفن مان ظاهر آهي ته ڪويتا لاءِ قدرت جي اهميت هر ٻوليءَ ۾، هر ڪنهن، هر وقت پنهنجي پنهنجي نموني قبول ڪئي آهي. رواجي شخص کي قدرت ماءُ جي ممتا، پتا جو پيار ۽ دوست جي دلداري عطا ڪري، سندس خوشين ۽ اُمنگن ۾ اِضافو آڻي ٿي، سندس درد جي همراز بڻجي ڳوڙها اُگهي ٿي. ڪوي ته رواجي اِنسان کان گهڻو وڌيڪ حساس ٿئي ٿو، اِنڪري قدرت ڪويءَ ۾، سندس لوڇ کي لفظي جامو پهرائڻ ۾ ڪامياب واهڻ بڻجي ٿي. اِن سلسلي ۾ تاجل بيوس جي هنن لفظن مان پڻ اِهائي ڳالهه واضح ٿئي ٿي:

”ڌرتي، ڌرتيءَ - ڄايا ۽ ڌرتيءَ جا نظارا منهن جي لاءِ اِئين آهن، جئن اک لاءِ روشني، مڇيءَ لاءِ پاڻي يا ساڻيهه لاءِ سنڌو.“

قدرت -هڪ قاصد

سائنس جي ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ واڌاري حياتيءَ جي هر کيتر ۾ بي - بيان تبديلي آڻي ڇڏي آهي. جتي اڳ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ مهينا ۽ سال لڳندا هئا، اُتي ڪلاڪن ۽ ڏينهن ۾ پهچيو وڃجي. سنچار جي ڏس ۾ به پوسٽ - آفيسون، تارگهر، ٽيليفون ايڪسچينج جيڪا افاديت عطا ڪئي آهي، ڪجهه صديون اڳ اُن جو تصور ئي ناممڪن هو، اهڙي حالت ۾ وڇوڙي جا ماريل پريمي جوڙا پرينءَ کي پيغام موڪلڻ لاءِ قدرتي عنصرن جي مدد وٺندا هئا. اِها روايت اڄ به برقرار آهي، ڇاڪاڻ ته سنچار جا ڪيترا به تِکا ذريعا چنڊ، ڪڪر يا هوا کان تکِي رفتار ۾ نه هلي سگهندا. گڏوگڏ انهن ۾ مخفيت قائم رکڻ جي به قوت آهي. نه رڳو ايترو، پر جيئن جڙتو سنسار جي ساڌنن لاءِ ڪيترن هنڌن ڪيترن قسمن جون حدبنديون مقرر آهن، تيئن هنن عنصرن جي ڪا حدبندي ڪانهي. هِي هرهنڌ قائم دائم آهن. گهٽيون، رستا، ڳوٺ، شهر، مهانگر ۽ ملڪ لتاڙي گهربل جڳهه تي بي روڪ ٽوڪ اچِي وڃِي سگهن ٿا. سائنس جيئن ته اِهو به تسليم ڪيو آهي ته اسان جا آواز وايو منڊل ۾ موجود رهن ٿا، اِنڪري قدرتي عنصرن جي قاصد روپ جِي اهميت کي اڄ به برقراريت حاصل آهي. ٻين ٻولين وانگر سنڌِي شعر ۾ پڻ قدرت جي هن روپ کي معقول جڳهه حاصل آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

چنڊ

”چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،

مٿان اڱڻ اُڀري، پرين جي پئيج،

جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.“

ڪوِي چنڊ کي ڏسي کيس اِلتجا ٿو ڪري ته مون کي منهنجي محبوب سان مِلاءِ:

”مون کي آهي من ۾، چنڊ تنهنجي بات،

الله عنايت چوي، تون اڇو منهنجو رات،

تن جنين تات، سي ڏسين تون ڏيکار مون.“

چنڊ ۽ تارن هٿان پرينءَ کي نياپا موڪلڻ جي روايت دلگير به نڀائي آهي:

”وڃي ڏينهن ڪيڏا وِڌا ٿي سڄڻ،

هليو آءُ پيرون پڪا ٿي سڄڻ،

لڪي ۽ ڇپي چنڊ تارن هٿان،

سنيها سوين مون مُڪا ٿي سڄڻ.“

بادل

قدرت محض پريمين جا سنديش موڪلڻ جو ئي واهڻ نه آهي، پر ملڪ مٺڙي کي سرسبز بنائڻ لاءِ به ڪوِي بادل کي مِنٿ ڪري ٿو:

”بادل برسڻ بن نه وڃج،

تون ڪجهه بوندون برسائي وڃج،

موڳو موڳو ملڪ پيو آ،

مستي موج مچائي وڃ،

ڪڇ جي ڪنوار پيلي ڌرتي،

تنهنجي لڄڙي توکي پرتي،

پاڻ پَسائي پياس جڳائي،

تنهن کي هيئن نه سڪائي وڃ.“

ڪاليداس وانگر ڪڪر کي قاصد بڻائي ڪوِي کيس پنهنجي ساجن لاءِ هن ريت نياپو ٿو ڏئي:

”کڻي وڃ نياپو سجن ڪاڻ،

ڪڪر تون مٿان ڇلي پئجانس

نماڻا نيڻ کڻي چئجانس

جهري ٿي تورِيءَ جندڙي هاڻ،

کڻي وڃ نياپو ساجن ڪاڻ.“

ڪوِيءَ کي پنهنجي سنڌڙيءَ سان اٿاهه پيار آهي. وطن کان وِڇڙي، هو ان کي خوشحال ڏسڻ ٿو چاهي، اِنڪري هُو بادل کي سنديش ٿو ڏئي:

”اڙي بادلو! منهنجي سِنڌ تي دل کولي وسڪار ڪجو،

برن، ٿرن ۽ ميدانن ۾، ٿاڌل جي ٿڌڪار ڪجو،

ساوڪ مرڪي، گل ڦل مشڪن، روحاني هٻڪار ڪجو،

ڪونجون ڪرڪن، ڀونئرا ڀڻڪن، پکين مٿان اُپڪار ڪجو،

هرڻيون ڏاڍو ٺينگ ٽپا ڏين، مورن تي ڇمڪار ڪجو.

منهنجي پياري مٺي مٽيءَ کي، ڍاٽين جو ستڪار ڪجو،

باراني بوندن سان منهنجي سنڌڙيءَ جو ستڪار ڪجو.“

هوا

قليچ وري اردو ۽ فارسي شاعرن وانگر هوا جي هٿان محبوب کي پيغام مُڪو آهي ته هاڻي بهار آيو آهي، مان تنهنجي اچڻ لاءِ فارون ٿو پايان ته ڪو پرينءَ جي پار جو ڪانگل هِت لات لنوي:

”ڏي صبا سئر ڪري آڻي سنيهو يار جو،

من موهن منٺار دلبر دل گهرئي دلدار جو،

ٿي بهاري ويئي خزان سرسبز ٿيا صحرا سڀئي،

بلبل ۾ پيو گفتگو هر گهڙيءَ دلدار جو،

ٿو وجهان هر وقت فارون ۽ نهاريان چوطرف،

مان ڪانوَ ڪو لهين ڪانگل پرينءَ جي پار جو.“

قليچ وانگر پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ به صبا کي سنديش ڏنو آهي، پر سندس محبوبا سنڌ آهي، جنهن کي ساهه سنڀاري ٿو:

”صبا تون ساري، ڏج سلام سنڌ کي،

پکا وساري، نٿو  ساهه اوهان جو.“

***

صبا تون ساري، چئج عجيبن کي،

ويجها وساري، ڪي اوڏا اڏجو پکڙا.

***

صبا عالمن کي، تون ساري ڏج سلام،

اسان کي اِنعام، سندن ئي صورت ٿي.“

ظاهر آهي ته ڪوِيءَ کي اِهو يقين آهي ته هِت وهندڙ هوا سندس مٺڙي ملڪ سنڌ ۾ به وهندي ۽ سندس تڙڦ جو بيان اُتي وڃي ڪندي.

اُٺ

شاهه اُٺ کي به پنهنجو همراز مڃي، کيس تاڪيد ٿو ڪري ته تون سُسِتي ڇڏي، تڪڙيون وِکون کڻي هل، جيئن رات جو ئي هلي محبوب سان ملون، مان توکي چندن کارائيندس:

”ڪرها! ڪسر ڇڏ، وِک وڌندي پاءِ،

منهنجو هلڻ اُتهين، جتي جانب جاءِ،

توکي چندن چاريان، ٻيو وڳ لاڻي کاءُ،

ائين اُٺ! اُٺاءِ، جيئن هونديءَ رات هت مڙون.

***

ڪسر ڇڏ ڪنواٽ! وِکون وجهه وڌنديون،

سنئين سپرين جي، ونگي ڀانءِ م واٽ،

ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ، ته هونديءَ رات هت مڙون.“

ڪانوَ ۽ ڪونج

شاهه لطيف ڪانگ کي سنديش واهڪ بڻائي چيو آهي ته ڪانگل ۾ بهار ۽ مُشڪ جي خوشبوءِ آهي. هُو ڪانگل کي لالچ ٿو ڏئي ته مان تنهنجا پر سون سان مڙهائيندس. ڪانگا! مان توکي پنهنجي دل پنهنجي هٿن سان ڪوري ڪڍي ڏيان، تون چنبن سان محبوب اڳيان ان کي کاءُ، من محبوب چون ته هئڙي نموني ڪير ڪُسجي قربان ٿي آهي. اي ڪانگل! پرينءَ کي سلام ۽ نياز ڪري پيرين پئج. مان جو پيغام ڏيانءِ، سو واٽ تي وساري نه ڇڏج، ڌڻيءَ جي واسطي ساڻن ڳجهه ڳوهه ۾ ڳالهائج. جيئن چوانءِ، تيئن ڪج ته هميشه خوش هوندين:

”ڪري، ڪانگ! ڪُرنشون، پيرين پرينءَ پئيج،

آءٌ جو ڏئين سنيهو، وچ مَ وِساريج،

اَلله لڳ، لطيف چئي، ڳجهو ڳالهائيج،

چوان تيئن چئيج، ته کِنياتا! خوش هئين.“

***

”پرين جي پرديس ۾، تن جي ڪانگا! ڪج خبر،

ته سڀ مڙهايان سونَ سين، پکي! تنهنجا پر،

گهمي مٿان گهر، ڏج پارانڀا پرينءَ کي.“

***

”ڪڍي، ڪانگا! تو ڏيان، هنيون ساڻ هٿن،

وڃي کاءُ ولات ۾، اڳيان عجيبن،

پرين مانَ چونَ، ته هيئن قربان ڪير ٿي.“

***

”ڪانگل قريبن جا! اچي وائيءَ وڻ،

تو ۾ بوءِ بهار جي، مشڪ کٿوري مڻ،

اچي عجيبن جو، اورانگهج اڱڻ،

توکي پسي تڻ، سورنئان صاف ٿئي.“

سچل پڻ ڪانگل کي قاصد بڻائي، عرض ٿو ڪريس ته سندس نينهن جا نياپا مخفي رکج، رڳو منهنجي پرينءَ کي ئي نياپو ڏج، متان امانت ۾ خيانت ڪرين:

”ڪانگا! ڪتابت، ساري سانڍج ساهه سين،

اها امانت، ٻي ڪنهن عام نه آڇئين.“

شاهه ۽ سچل وانگر عزيز به ڪانگل کي قاصد مڃيو آهي، پر اڃا ڪانگل سندس محبوبن وٽان موٽيو ڪونهي، جنهنڪري ڪويءَ جو من ماندو آهي ۽ هُو ڏوراپو ٿو ڏئيس:

”ڪانگل نه قريبن جو نياپو آندو،

جن لاءِ سڄي عمر رهيو من ماندو،

واجهائي مران سڪ ۾، ڇُٽي جند پوي،

ڪَل ناهي ڪڏهن يار ٿئي هيڪاندو.“

ڪنور ڀڳت جو ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ڪلام به مشهور آهي.

نرمل جيوتاڻيءَ به ڪانگل کي پنهنجي صورتحال ٻڌائڻ جي اِلتجا ڪئي آهي:

”آڪاسا دل ڏاري، تن ۾ آ تونس تانگ

من آهه پرزا پرزا، کاڌو آ عشق نانگ

آڌيءَ جو ارتواتڻ، منهنجو ٿيو اُديش،

محبوب کي مڃي تون، سڪ جو هي ڏج سنديش.“

موهن اداسي ۽ پرمانند پياسي به ڪانگ معرفت ماروئڙن ۽ سانگيئڙن کي نياپو موڪلين ٿا. ارجن سڪايل وري ڪانوَ کي هڪ دفعو ئي سرحد جي پار اڏامي وڃڻ لاءِ التجا ٿو ڪري ۽ کيس مٺي لوليءَ جي انعام جو آسرو ڏيئي منٿون ٿو ڪري.

ڪانگل ذريعي نه رڳو محبوب کي پر وطن واسطي به ڪوِي پيغام ٿو ڏئي:

”اُڏ اي ڪانگ وڃ وطن ڏي،

دم نه هڪڙو دير لڳاءِ،

سِڪ منجهان جي ڏيانءِ سنيها،

سي اي پانڌِي جلد پهچاءِ،

اَن ٿيو ٽويا ۽ ڪاسا

ٿيا برڪت سان ڀنڊار

پيو ڪجهه هاريءَ جي هڙ ۾

يا هيل به ماڪڙ کي پيئي مار،

جيت جڻيو ۽ ماڪڙ ماري،

پوک تان جلدي جهار اُٿار.“

مارن کي ياد ڪندي مارئي بيحال آهي. هوءَ ڪانگ کي نياپو ٿي ڏئي ته منهنجي سانگيئڙن کي نياپو ڏيئي اچ:

”ڪانگل تنهنجي ڪار اڏامڻ، اڄ ته نماڻيءَ جو نياپو کڻ

صاحب توکي جس ڏيندو، ڪو جهانگيئڙن جو ڏس ڏيندو

وڃ موٽڻ ۾ دير نه لائج، حال دکايل ترت سڻائج،

واءُ گهلي توکي گس ڏيندو، ڪو جهانگيئڙن جو ڏس ڏيندو.“

گوپين جو ڪرشن سان اٿاهه پيار آهي. هو ڪانگ کي نياپو ٿيون ڏين ته تون روئي وڃي اسان جي هيڻي حال کان ڪرشن کي واقف ڪر.

ڪوي ڪونج کي به نياپو ڏئي ٿو ته اڏري وڃ اي ڪونج، پرينءَ کي ڏي ڪو وڃي پيغام ڙي.

گڏيل عناصر

عمومن انساني جذبن کي اظهارڻ لاءِ قدرت جو عناصر سنديش واهڪ جو ڪم ڪندو آهي، پر اها دلگير جي ڪلپنا شڪتي آهي، جو قدرت جي هڪ عناصر کي سنديش واهڪ بڻائي، مختلف عناصرن لاءِ نياپا موڪلي ٿو. مثلاً سورج پرڀاتي ڪرڻن ذريعي هيٺيان سنديش ڏئي ٿو:

”اي ڪويل جاڳ، ڪُو ڪُو ڪر وڃي تون سبز برڇن ۾،

اٿي گل، ماڪ سان منهن ڌو وڃين تون ٻهڪ ٻوٽن ۾

اي بندا، بندگي ڪر، ڇا اڃا رهندي تون سپنن ۾

سڄي جڳ کي تون جاڳرتا سندو پيغام پهچائين

نه ڀارت کي مگر بي غيرتي غفلت مان جاڳائين

وڃڻ جي ويل ڏيئي ٿو وڃين آرام جو نياپو

يا ڪاري ويس اوڍن ملڪ کي ماتام جو نياپو.“

ڪوي هوا، چنڊ، لهرن ۽ بادل کي پنهنجي دلبر لاءِ هيءُ سنديش ڏئي ٿو:

”پيغام کڻي وڃ باد - صبا،

دلبر کي چئج ديدار جي لاءِ،

اي چنڊ وڃي چئه چاهه منجهان،

چتچور کي تون آڌار جي لاءِ،

او لهرون، لالڻ کي چئجو،

الفت جي ڪيل اقرار جي لاءِ

او بادل پريٽم کي چئجو،

آ پياسي گهايل پيار جي لاءِ.“

مارئيءَ کي پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگين جي پريت سَتائي ٿي. هوءَ ڪونجن کي ۽ هوا کي هن ريت سنديش ڏئي ٿي:

”تون نه ڪونج وڃين ٿي هوتن ڏي،

اُها خبر ڏجانءِ روئي تن کي

مان ته ياد ڪيان سڪ وارن کي

اي تون به هوا، اِئين چئج وڃي

اڄ روئندو ڏٺو چنڊ تارن کي.“

چنڊ، بادل، هوا ۽ ڪانوَ کي سڀني ٻولين ۾ قاصد بڻايو ويو آهي. پر سنڌ جي جاگرافيائي حالتن ۾ اتي اُٺ ۽ ڪونج جي خاص اهميت آهي. اِها سنڌي ڪوين جي مخصوصيت شماربي جو هنن اُٺ، ڪونج، کي ته قاصد بڻايو ئي آهي، پر دلگير ڪويل، گل کي به نياپو ڏنو آهي. قاصد جي روپ ۾ ڪانوَ، اٺ ۽ چنڊ جو گهڻي ۾ گهڻو استعمال شاهه لطيف ڪيو آهي. سچل، اياز، دلگير، وَفا، قليچ بيگ، عزيز، شاهه عنايت رِضوِي، ڪمل سرتاج، ڪلياڻ آڏواڻي، دکايل، نرمل جيوتاڻي، موهن اداسي، پرمانند پياسي، ارجن سڪايل وغيره به رچنائون لکيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com