سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :10

شاعري

ومي سدارنگاڻي

اَکيون بند ڪري ڇڏيندي آهيان

هڪڙو رنگين ڌاڳو

مون کي مليو هو

هوا ۾ هتان کان هتي اُڏامندو

مون کيس جهٽي ورتو

ڳنڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم

ڌاڳي اتي ئي پنهنجيون

اکيون بند ڪري ڇڏيون

هاڻي منهنجي اڳيان پٺيان نچندڙ ڌاڳا

ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن

۽ ڊپ وچان مان

اکيون بند ڪري ڇڏيندي آهيان.

 

اَڌ ٺهيل آکيري کي

هينئر مان اَڪيلي آهيان

ڪجهه دير اڳ مون سان گڏ هو

هڪ ننڍڙو پکي

منهنجي گل موهر تي آکيرو ٺاهيندو

اسان ٻنهي جي اکين ۾

خواب تري رهيا هئا

اسين ٻئي ڏسي رهيا هئاسين

بوگن جا اڇا، گلابي گل

اسين ٻئي ٻُڌي رهيا هئاسين

پنن ۾ وهندڙ مٺڙو سنگيت.

پکي اُڏامندو رهيو

هڪ ٻوٽي تان ٻئي ٻوٽي تي

اڏامي ويو

اُڏامي ويو پريان.

هاڻي مان اڪيلي ٻڌندي آهيان

پنن جي سر سر

ٽارين جو سڏڪڻ.

ويٺي ڏسندي آهيان

اڌ ٺهيل آکيري کي.

 

رهجي وڃي ٿي ٺڪ ٺڪ

”امان، بک.“

”ها، پٽ“.

ديڳڙي، ڪيوي، کَٽ کَٽ

”امان، بک.“

”ها پٽ، باقي ٿوري دير.“

ديڳڙي، ڪيوي، کٽ کٽ

”امان، بک.“

”بس ٿوري دير.“

ٿوري دير؟

گهڻي دير؟

ڪيوي، ٺڪ ٺڪ

ٻار لاءِ لوري آهن.

رهجي وڃي ٿي ٺڪ ٺڪ.

 

انهيءَ ڀيڙ ۾

مون تنهنجو هٿ

ڪجهه زور سان ئي پڪڙيو هو.

ڊپ هوم ته متان

هن ميڙ ۾

تون مون کان گم نه ٿي وڃين.

پر ڪل ئي نه پيم ته

ڪنهن وقت

تنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان

ريت وانگر

کسڪي ويو.

اڃا به منهنجي هٿ ۾ موجود

تنهنجي هٿ جي آلاڻ

تنهنجي هٿ جي گرمائش

مون کي وشواس ٿي ڏياري

ته تون مون کي وري ملندين

انهيءَ ڀيڙ ۾.

 

مان توکي ڪو نالو ڏيڻ چاهيان ٿي

مان توکي ڪو رنگ ڏيڻ چاهيان ٿي

پِيلو، ڳاڙهو، اڇو يا ڪارو

جيڪو مون کي وڻي

يا جيڪو توکي پسند اَچي.

 

مان توکي ڪو آڪار ڏيڻ چاهيان ٿي

اهو ڪنڊي جهڙو تکو به ٿي سگهي ٿو

پاڻيءَ جهڙو صاف به ٿي سگهي ٿو

تو جهڙو سهڻو به ٿي سگهي ٿو

مون جهڙو بدصورت به ٿي سگهي ٿو.

 

مان توکي ڪو آڪار ڏيڻ چاهيان ٿي

مان توکي ڪو رنگ ڏيڻ چاهيان ٿي

مان توکي ڪو نالو ڏيڻ چاهيان ٿي.

 

پاڻي ٿيندي ڏسون

ته خاني جي گهُٽ ٻوساٽ ته

گهڻي ئي سهن ڪري ورتي.

 

هاڻي ڪنهن پٿر تي هلي وهون

ان کي پاڻي ٿيندي ڏسون.

سمجهوتو

ڪو لقمان جو نسخو ته آهي ڪونه

جو قلم کنيو ۽ لکي ڇڏيو.

 

سِج جي هڪ ڪِرن جي ڳولها ۾ نڪتل

اسين

برداشت ڪونه ٿا ڪري سگهون

سموري سج کي.

 

ان ڪري اچ

ته ڪنهن پٿر تي ويهي

ان کي پاڻي ٿيندي ڏسون.

 

سمنڊ ۾

لڳ ڀڳ ائين ئي گهر ۾

رهندي آهي هڪ ڇوڪري

رهندو آهي جيئن کوهه ۾ ڏيڏر

ڀت تي تصوير

ڪتاب ۾ لفظ.

 

ڪڏهن ڪڏهن

بيزار ٿي

ٻاهر دريءَ مان

هٿ ڊگهيڙي

وڻ جوڀن ٽوڙيندي آهي.

پن کي چنديون چنديون ڪري

اُڏائيندي آهي

۽

ٻڏي ويندي آهي

سمنڊ ۾.

 

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

زندگيءَ جي 69 سالن جي تجربي

 مان سکيو آهيان ته

** کٽجي ته چُپ رهجي، هارائجي ته ٿورو ڳالهائجي.

** انداز ۾ ٿجي لوڪَ لهوارو، پر اصول تي جبلُ ٿي بيهجي.

** روشني ڦهلائڻ جا ٻه طريقا آهن

يا خود شمع ٿجي، يا ان جو آئينو ٿجي.

** ڪنهن ٻئي تي فضيلت حاصل ڪرڻ ۾ ڪا فضيلت ناهي، ليڪن اڳي کان وڌيڪ فضيلت واري ٿيڻ ۾ اصلي فضيلت آهي.

** ڪنهن جي تعريف ڪندي انهيءَ جا ثبوت پيش ڪجن، ورنه تعريف محض خوشامند ۽ ڪم ظرفي آهي.

** جڏهن ڪو خيال عام فهم لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿو سگهجي تڏهن انهيءَ خيال کي ڇڏي ڏجي.

** سچ جيڪو انسان کي آزادي بخشي ٿو، اُهو گهڻي ڀاڱي اهڙو سَچُ آهي، جيڪو ٻيا ٻُڌڻ پسند نه ٿا ڪن.

 

 

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

پيغام

موسم اُها نه آهي، ساڳو سماج ناهي،
ڌرتي اُها ئي ليڪن، روشن سراجُ ناهي.

 

ڌرتي ڌڏي وئيءِ، پربت ڏَرِي پيا پر،
انسان جي ٻچي جو، سالم مزاجُ ناهي.

 

مظلوم آدميءَ جو، انصاف ٿي نه سگهيو،
ڪمزور بادشاهي، ڪو تخت تاجُ ناهي.

 

ڪيئن ٿو گذر ڪري ڪو اشراف زندگيءَ ۾،
هر شيءِ ملي مهانگي، سستو اناجُ ناهي.

 

باهم نه ٿا رهون سڀ، هر ڪو ڄڻو ڄڻو آ،
همدرد ڀائپيءَ جو، هاڻي رواجُ ناهي.

 

سج اُڀرندو رهي ٿو، ٻِجُ پوکجي رهيو آ،
پاڻيءَ جي کوٽ آهي، پورو خراجُ ناهي.

 

سڌري سماج سگهندو، پر برطرف ٿئي هي،
تعليم جنهن ۾ عملي، ڪو امتزاجُ ناهي.

 

واعظ حبيبَ هاڻي، ٿي ڪارگر نه سگهندو،
هٿَ جي ڪِئي جو ڪاٿي، ڪوئي علاج ناهي.

 

 

زاهد دارا ابڙو

هڪ الميو

هي درياهه سڪي ويو آ،

اها هڪ حقيقت آ،

”اسان هن درياهه کي سُڪڻ نه ڏينداسين!“

اهو هڪ نعرو آ،

”هي درياهه اسان جي شهه رڳ آ“

اهو ڪنهن حد تائين هڪ روماني ۽ گهڻي ڀاڱي معاشي بيان آ

۽

”ڪاما قاضي“ تاريخ ۾ هڪ تحريڪ جو نانءُ هو؟...

پر هوءَ ڏاڍ جي پير جي کُڙي

جا اسان جي نِڙگهَٽ تي رکيل آهي

اسان ان کي اڃا تائين

ڪو نانءُ نه ڏئي سگهيا آهيون؟

جيڪو هڪ الميو آهي!

 

ساگر محمد حسين مهر

چوسٽا

”امڙ“

توسان منهنجو چاهه امڙ آ،
تو ۾ منهنجو ساهه امڙ آ،
منهنجي جنت تون ئي آهين،
منهنجو هي ويساهه امڙ آ.

 

”عورت“

سنڌ جي عورت عزت واري،
ڀاڳ ڀلاري غيرت واري،
ڪاري ڪري نه هِن کي ماريو،
عورت آهي عظمت واري.

 

”ليڊي ڊائنا“

سڀ کان وڌ جنهن شهرت ماڻي،
ها، مرڪ ته ان جي مُهڻي هئي،
هرڪو هن کي چاهي ٿو پيو،
ڄڻ ڊائنا سڀ جي سهڻي هئي.

 

”مدر ٽريسا“

مدر ٽريسا پيار پکيڙي،
سڀ جون دليون کٽيون هتڙي،
سوشل ورڪر عورت بڻجي،
ڏکيون گهڙيون ڪٽيون هتڙي.

 

مايا راهي

تون ڪير آن؟

مون پنهنجي

حصي جا،

پيڙا جا گُل چونڊي

هار ۾ پوئي ڇڏيا.

آڱريون رتورت ٿي ويون

تو زخميل آڱريون

چاهه سان کڻي چُميون

۽ منهنجيون آڱريون

اڳ جهڙيون ٿي ويون؟

سچ ٻُڌاءِ

ڇا تون ڪو جادوگر آن؟

دل زخمي ٿي

تو ملم رکيو

مون کي لهس آئي

تو ٿڌو ڇنڊو وڌو

مون هٿوراڙيون پئي هنيون

تو آڱر پڪڙي رستو ڏيکاريو

سوالن جا ڀالا

دل چيري ويا!

نظارن جا تير

اکيون انڌيون ڪري ويا!

جُملن جا ٽانڊا

ڪَن ساڙي ويا

وجود منهنجو

لڏي ويو

لڳم

ڄڻ ڪنهن پلار ۾

هيٺ ءِ هيٺ

وڃان پيئي ڪرندي!

بدحواس، بدحال

وايون بتال

اچانڪ،

ڪو هلڪو ڇُهاءُ

ڇُهي

ڪرشمو ڪري ويو

شرير شيتل

۽ من شانت ٿي ويو

لڳم،

مان اڪيلي ناهيان

تون ساڻ آهين

ڪو وشواس

ڪا شڪتي،

يا ڪو سهارو آهين

ٻُڌاءِ نه

تون ڪير آهين؟

 

 

بنفشه بهار

غضب ٿي وڃي

وساريءِ به وسرن نٿا ڇا ڪجي،
جي وسري وڃن ته به غضب ٿي وڃي!

 

نه ڪي چوريان چپ نه واتان ڪُڇان،
جي سمجهي وڃن ته به غضب ٿي وڃي!

 

وڃي عيد ٿي جي اڱڻ تي اچن،
اچي جي وڃن ته به غضب ٿي وڃي!

 

سُتل سور دل ۾ کنيو ٿو وتان،
جي جاڳي پون ته به غضب ٿي وڃي!

 

نه سنگي نه ساٿي نه زادِ سفر،
جي سهڻا سَڏن ته به غضب ٿي وڃي!

 

ٻڌو روئي روئي جنين حالِ دل،
پٿر سي هڻن ته به غضب ٿي وڃي!

 

هئم آسرو جن تي ايندا ڏسڻ؟
وساري ڇڏين ته به غضب ٿي وڃي!

 

*      *      *

ڪا ڇانوَ ڪر!

 

اي زندگي منهنجي مٿان،

ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!

 

پَيرَ ٿَڪل، ڊگهو سفر،

واري تتل، ڪيئن پير کڻان؟

ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!

سڄڻ ڏُور، وڃڻ ضرور،

جانب ريءَ، ڪيئن جيئان؟

ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!

ڏونگر ڏوريان، اکين ڀر،

اڇا پئي ٿي پنڌ پڇان،

ڪا ڇانَوَ ڪر ته مان هلان!

 

دنيا کي کِلڪارا ڏي

 

پنهنجا درد اُڌارا ڏي،

مون کي اهي سارا ڏي.

 

تنهنجي اُداسي دل ٿي جهوري،

اندر جهورڻ وارا ڏي!

 

تنهنجا نيڻ سانوڻي بادل،

مون کي اهي وسڪارا ڏي.

 

دل جا سڀ بار ڪڍي ڇڏ،

اهي مڙيئي مونجهارا ڏي!

 

دنيا ۾ گذر آ ساٿي،

دنيا کي کِلڪارا ڏي!

 

ماڻهو ڏس ڪيڏا تڙپن پيا،

تن کي تون سهارا ڏي!

 

وقت وڏو مرهم آ،

وقت کي تون وارا ڏي!

*      *      *

 

ڪارِي ٿي ڪُٺل

 

ايڏو پيار نه ڪر مون سان،
مان پيار کان ڊنل آهيان.

 

برسات ته ڪڏهوڪي وٺي،
مان لڙڪن ۾ ڀنل آهيان.

 

ڌرتيءَ تي ڀلي ڏسجان،
مان سُوريءَ تي چڙهيل آهيان.

 

فقط هڪ توکان وڇڙي،
مان پاڻ کان رُٺل آهيان.

 

پنهنجن ئي پيارن هٿان،
مان ڪاري ٿي ڪُٺل آهيان!

 

 

ارشاد سومرو

هڪ ڪويتا

ماڻهو بچائيندا آهن شمع کي،

هوا جي هڪ جهوٽي کان،

مون ٻاري آ شمع، طوفانن جي ڇانئن ۾!

ماڻهو لڪائيندا آهن رازن کي،

سينن جي تهخانن ۾،

مون اوريا آهن راز، پورب جي هوائن ۾!

ماڻهو ٻاڏائيندا آهن خدا کي،

ٿر تي وسڪاري لاءِ،

مون ٻاڏايو آهي خدا کي، نيڻن جي برساتن ۾!

ماڻهو ساريندا آهن پيارن کي،

ميلاپ جي محفل ۾،

مون ساريو آهي پيارن کي، رات جي تنهائين ۾!

ماڻهو ٺاهيندا آهن گهرن کي،

پهاڙ جي چوٽين تي،

مون ٺاهيو آهي گهر، سمنڊ جي ڇولين ۾!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com