سوچ ويچار
اچو ته نئون سماج اَڏيون
اسان جي موجوده سماج کي نفرتن ۽ ڪدُورتن جي
اُڏوهيءَ اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيو
آهي ۽ ٻاهران به ان کي ڪيترا زخم آهن، جن جي ويج
طبيب نه هئڻ جي ڪري اُهي ناسُور ٿيڻ لڳا آهن.
سنڌ جي مضبوط سماج جو وڏو ڪارڻ رواداري، محبت ۽
عزت وارين خوبين سان گڏ هڪٻئي جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾
ڀرجهلو ٿيڻ هو.
سنڌي سماج ۾ عورتن ۽ وڏن جي عزت مثالي هئي، جيڪي
روايتون سماج کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هيون. اُهي آهستي
آهستي ڪمزور ٿي رهيون آهن. انهن سڀني جي ڪري اسان
جو سماج پنهنجي اصليت وڃائي رهيو آهي. سنڌي سماج
پنهنجا قدر وساري رهيو آهي. عزت، محبت، رواداري،
ڏک سک ۾ ڪم اچڻ واريون روايتون اسان سڀني جي روين
مان ختم ٿينديون پيون نظر اچن. ان مضبوط سماج کي
اَڏيندڙ عورت، جنهن نانِي، ڏاڏِي، ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ
۽ ونيءَ جي روپ ۾ سدائين سنڌي سماج کي رواداري،
محبت، عزت واري تعليم ڏيئي مضبوط ڪيو هو، اڄ به
اسان جي سماج کي سنڌ جي عظيم ڪردارن ڏاڏِي، نانِي،
ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ ونيءَ جي مضبوطيءَ سان ڪردار
ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي سماج ۾ گهرن ۾ اها عورت پنهنجي مَردن، اولاد،
ڀائرن لاءِ بهترين صلاحڪار طور ڪم ڪري ٿي ۽ اهو ئي
سبب آهي جو سندس اُن وڏ ماڻهپي واري سوچ ۾ اسان جي
زخمي ٿيل موجوده سماج کي ماضيءَ ۾ انتهائي مضبوط ۽
ڳنڍيل رکيو.
اسان جون عورتون، ٻهراڙين جون ذهين ۽ روايتي
عورتون، شهرن جون پڙهيل ۽ قدرن کي عزت جي نگاهه
سان ڏسندڙ سنڌي عورتون هن سماج جي مضبوطيءَ لاءِ
وري ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ممڪن آهي، موجوده
دور جي جديد پڻي، انهن روايتن کي ميسارڻ جي ڪوشش
ڪئي هجي، جنهن هن سماج جي اصل چهري کي ڌنڌلو ڪري
ڇڏيو آهي. اڄ انهن تهذيب يافته عورتن کي جيڪي سنڌ
جي تهذيب، ثقافت، روايتن جي مضبوطيءَ جون امين
آهن، اڳتي اچي هن زخمي ٿيل سماج جي نئين سر اڏاوت
لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
- ادارو
حفيظ قريشي
اُنهن جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري!
(منهنجي خاندان جون لطيف شناس عورتون)
حيدرآباد جي ”مدرسة البنات“ واري اسڪول ۾ پهرئين
درجي ۾ وڏين ڀينرن سان گڏ پڙهندو هوس. گرميءَ يا
سياري جون موڪلون ٿينديون هيون ته ضد ڪري ڪراچيءَ
ويندو هوس، جتي منهنجي ”لالي مان“ (ڏاڏي) رهندي
هئي. آڏي ڳچيءَ وارو ڀريل چولو، سوسيءَ جي سٿڻ،
ٽونر واري جُتي، 80 ورهين جي عمر ۾ به ڊگهن وارن
واري (جنهن ۾ ڇڊو پاڊو ڪو اڇو وار هو) لالي مان
صبح جو نيرن سِيري پوريءَ سان ڪندي هئي. چاچا
عبدالله، اسدالله شيخ واري اسڪول ۾ ماستر هو. پاڙي
۾ سونارن جي ڏيڍيءَ ۾، سِيري پوريءَ جي نيرن تيار
ٿيندي هئي، جتان چاچا عبدالله نيرن وٺي ايندو هو.
هو هڪ گراهه پاڻ کائيندي ۽ هڪ گراهه مون کي
کارائيندي ويندي هئي. منهنجي گهر ڳليءَ جي هڪ ڪنڊ
تي سيد روشن علي شاهه (جسٽس سجاد علي شاهه جو
والد) جو گهر هو ته ٻيءَ ڪنڊ تي حُسين سيٺ جي وڏي
حويلي هوندي هئي. انهن گهٽين ۾ نچندي، ٽپندي،
ڪُڏندي، وڏا ٿياسين، پنڌ ئي پنڌ ٻارن جي ميڙاڪي ۾
موسيٰ لين (جتي گل محمد کتري رهندو هو) اتان اسان
چاچا ڇتن واري گهر کجور بازار تائين پسار ڪري
ايندا هئاسون. انهيءَ دور ۾ اڃا ڪراچيءَ جي
لياريءَ واري علائقي ۾ ڪڇ جي ميمڻن جي والار ڪانه
ٿي هئي. ڏاڏا واري ساري جاگير اوکائي ميمڻن ڀڳڙن
مُٺ تي خريد ڪري ورتي هئي. خيراڻي مسجد (بابا جا
ناناڻا خيراڻي هئا) مان موٽندي عبدالرزاق جو پيءُ
فجر مهل ٻانگ ٿئي پلنگ تان اٿيو ته امالڪ پٽ تي
ڪري پيو.“ لالي مان ڏاڏا سائينءَ جي لاڏاڻي جي
ڳالهه ٻڌائيندي هيءُ بيت پڙهندي هئي:
”نه ڪنهن ماريا جنگ ۾، نه ڪنهن سور ٻري،
روئان ڪيئن ڪري، مادر ملاحن کي.“
(لطيف)
ان ريت ڳوڙها ڳاڙيندي لطيف جي بيتن ۾ اوسارا ڏيندڙ
”لالي مان“ کان زندگيءَ ۾ پهريون بيت ٻڌم. پوءِ
ايترا ڀيرا ٻڌم جو ياد ٿي ويا.
هڪ ڀيرو لالي مان کي بابا سائين حيدرآباد وٺي آيو.
آءٌ لالي مان سان گڏ وحدت ڪالونيءَ واري گهر جي
گيلريءَ ۾ سمهندو هوس، هڪ رات لالي مان کي تپ ٿي
پيو. لالي مان مون کي تپ ۾ چوندي هئي، ته جي آءٌ
مري وڃان ته مون کي ”مورڙي مقام“ ۾ دفن ڪجو.
ڏاڏيءَ جا سمورا مائٽ پليگ ۾ مري ويا هئا. هو جڏهن
به مائٽن کي ياد ڪندي هئي، تڏهن لطيف جا بيت
پڙهندي هئي. رات جو مون کي دٻي دٻي، جهنگ ۾ ڦاٿل
هرڻي، مورڙي ميربحر جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ وچ
وچ ۾ لطيف جا بيت به پڙهندي ويندي هئي، هو پنهنجي
هڪ نوجوان پٽ عزيزالله جي وفات تي هن قسم جا بيت
پڙهندي هئي، جن جون ڪي اڌ سٽون ياد اٿم:
”هڪ سهڻو ٻيو لڳي ويس لُڪ.“
----
”روئان ٿي راڻا، هنڌ نهاري حُجرا.“
ان ريت منهنجي لطيف سائينءَ سان شناسائي ٿي، لالي
مان جي وفات کان پوءِ اسڪول جون موڪلون ڳوٺ
گذاريندا هئاسون، جتي چاچا محمد اعظم جهڙو مهربان
رهندو هو. پر مون کي حافظ علي اڪبر وارو گهر وڻندو
هو. جتي هڪ وڏي ورانڊي ۾ سڄي ڳوٺ جي وڏي پڦي فاطمة
رهندي هئي. هيڏي وڏي گهر ۾ ڪُل ٽي ماڻهو. پڦي
فاطمة، پڦي آمون ۽ هن جي هيڪلي ڌيءُ ڊيل جا منهنجي
ڀيڻ فهميده جو سن هئي رهندا هئا. اڇي جهڙي پشم مان
ٺهيل، پڦي فاطمة جو هي وڏو گهر جنهن ۾ گلاب، موتئي
جا ٻوٽا، ڦارون، ۽ صوفي ٻيرن جا وڻ هوندا هئا، وڏي
اڱڻ تي ڊوڙن پائڻ ۽ ڳوٺ جي ڇوڪرن سان کيڏڻ ۾ مزو
ايندو هو. ڪنهن ڪنهن مهل اڪيلو پڦي فاطمة جي ڀر ۾
اچي ويهندو هوس. موڪلن ۾ تمام گهڻا سوٽ اتي شام جو
حافظ علي اڪبر جي وڏي اڱڻ تي گڏ ٿيندا هئا. کيس
الاهي ساري شاعري ياد هئي. حافظ علي اڪبر مجروح
جون مداحون، هن جي اها شاعري، جا هن پنهنجي محبوبه
جي هجر ۾ ڪئي هئي، سا ٻڌائيندي هئي ۽ گڏوگڏ نِير
به وهائيندي هئي.
”لَوهِيڙَنِ پَاندَ ڳَڀِيا،پيَنِ پَاندَ ڇَڻِي،
ڍَولِيا نهَ اَچڻ ڳالهَڙِي، تَو وَئِي شَتَ وَڻِي،
هِئِين هَٿَ هَڻِي، وِڌَمِ لَکا لوڪَ ۾.
(لطيف)
[لوهيڙن جا گونچ ڦٽا ۽ اهي ڇڻي به پيا،
منهنجا محبوب! نه اچڻ واري ڳالهه توکي وڻي وئي
آهي،
مون جو ڏک ۾ دل تي هٿ هنيو (هاءِ ڙي ڪندي) ته
ماڻهن کي پنهنجي محبت جي خبر پئجي وئي].
پڦي فاطمة در ڏانهن واجهه وجهندي، اهڙا لطيف جا
ڪيترائي بيت پڙهندي هئي، جي اڄ به لطيف جي ڪنهن
رسالي ۾ موجود ناهن:
لَوهِيڙَن پاندَ ڳَڀِيا، پيا سَر ڪُسَر نِسري،
اکيون اڄُ اَسري، وري به ويهي رهيون!
(لطيف)
[لوهيڙن جا گونچ ڦٽا آهن، سر ۽ ٻيا گاهه ڦٽي آيا
آهن،
اڄ اکيون راهه نهاري وري به اداس ٿي ڪري چپ ٿي
ويون.
پڦي وڏي لطيف جي بيتن ۾ اوسارا (يادون/سارون)
ڏيندي هئي].
لطيف سائينءَ کان سواءِ هن کي حافظ علي اڪبر
”مجروح“ جو گهڻو ڪلام ياد هو، سندس ور جوانيءَ ۾
گذاري ويو هو.
ويا اونهي اوهري اوءِ، مون کي ماري ماڳهين،
جڳن جا جڳ ٿيا، تئان نه موٽيو ڪوءِ،
گوندر ماريندوءِ، مون کي ماءُ وين جو.
(لطيف)
[گهري پاڻين ۾ هليا ويا، مون کي ته اصل ماري ويا،
زمانو گذري ويو، اتان ڪو به موٽيو ڪونهي،
اي ماءُ! مون کي هنن جو ڏک ماري ڇڏيندو.]
هڪ بيت چئي هوءَ ٻيو بيت پڙهندي هئي:
گوندر هٿ نه پير، وِرهه منجهه ئي وهڻو،
ڪڙهه ۾ قطارون ڪري، سورن لاتا سير،
مون جيئن گهاري ڪير؟ هيڪلي ريءَ سڄڻين.
[ڏک جو رستو به ڪونهي، ڏک کي هٿ ۽ پير به ڪونهي،
فراق اندر ئي اندر ٿو اُسري، اندر ئي اندر سور
قطارون ڪريو پيا گهمن.
منهنجي اندر ۾ سورن جبلن جون قطارون جڙي ويون آهن،
مون وانگر ڪير آهي؟ جا سڄڻن کان سواءِ اڪيلي زندگي
گذاريندي؟
]
هالا پراڻا ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آخوند ملان
ساوڻين جي ڳوٺ جي هن وشال گهر مان لنگهندي، اڄ به
اهي اڪيلائي ۽ تنهائيءَ جي خوفناڪين کي بيان ڪندڙ
بيت مون کي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
مون جيئن گهاري ڪير، هيڪلي ريءَ سڄڻين.
(لطيف)
هڪ ڀيري مون سائين جي ايم سيد کي پڦي فاطمة جا
ٻڌايل اهي بيت ٻڌايا هئا، سائين اها خواهش ظاهر ڪي
ته ڪاش اها خاتون زنده هجي ها ته کانئس روبرو اهي
۽ ٻيا بيت ٻڌجن ها. سائين تصديق ڪئي هئي ته اهي
بيت لطيف رح جا ئي آهن. منهنجو ڳوٺ ڀٽ کان مس 7
ميل پري هوندو. منهنجي ڳوٺ جي اوطاق ۾ منهنجي
سانڀر کان ڪيترائي ورهيه پهرين لطيفي فقير رهندا
هئا، انهن مان هڪ واحد ڏني فقير سان مولانا دين
محمد وفائيءَ ملاقات ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر ”لطف
الطيف“ ۾ پڻ آيل آهي.
وڏين کان سواءِ ننڍين ۾ منهنجي سوٽ طلعت بانو به
هوندي هئي. هڪ ڏينهن صبح جو ڳوٺ ۾ صندليءَ تي ويٺي
نيرن ڪيم. ايتري ۾ سجاول کان مائٽ اچي نڪتا. سَوٽ
مهمانن جي اچڻ تي هيءَ سٽ چئي:
”انهن جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري“
(لطيف)
ٻي سَوٽ بيت سَڄو ڪيو:
چمڪيون چوڌار، ڌچون ڌاريچن جون،
ماءُ سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
انهن جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري.
ٻئي ڏينهن نيرن تي سَوٽ وڏيءَ کي ڪيترائي ياد ڪيل
لطيف جا بيت ٻڌايا هئم.
سَوٽ کلندي مون کي چيو:
ادا! مون توکي دٻو ٿي ڀانيو پر تون ته ڏاهو نڪتين!
پوءِ ان ڏينهن سُر مارئيءَ ۽ سسئيءَ مان تمام گهڻا
ياد بيت ٻڌايا هئم. اهي سڀ وڏيون گذاري ويون. ڏاڏي
لالي مان مورڙي ميربحر جي مقام ۾ دفن آهي.
پڦي فاطمة هالا پراڻا ۾ مخدوم لا خيال سرور نوح جي
استاد جي پيرانديءَ واري قريشين جي مقام ۾ ابدي
آرامي آهي.
سَوٽ طلعت بانو ويجهڙائيءَ ۾ سجاول ۾ گذاري وئي،
اتي ئي پنهنجي پٽ ڊاڪٽر خالد قريشيءَ جي ڀر ۾
آرامي آهي.
اڃا ڪالهوڻي ڪالهه، هيس مارن گڏ ملير ۾،
سي ڏينهن ويا گذري، جيئن منجهه خواب خيال،
جن جي سار سنڀال، سي پرين اڄ پري ٿيا.
(لطيف) |