سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي- جون 2026ع

باب:

صفحو:4 

قمرالنساءِ ٽالپر

 

 

 

آزاديءَ جي آس

 

ڳوٺاڻي زندگي بسر ڪندي، مون ۽ ادي وڏي هر ڳوٺاڻي ڪِرت سکي هئي. ڏڌ ولوڙڻ، لولو ٿڦڻ، مال ڇوڙڻ ۽ ٻڌڻ، ڏُهائي ڪرڻ، ڇيڻا ٿڦڻ، ٽوپو سيبو به ڄاڻنديون هيونسين. امان ته واهه واهه ڪندي نه ڍاپندي هئي.

”سگهڙ آهن منھنجون ڌيئر. جنھن گهر ۾ وينديون، تنھن جو ڀاڳ ورائينديون.“

پر منھنجي جيءَ کي جهيرون ڏيندڙ ڪي خواب به هئا، جن جو ساڀيان ٿيڻ بنھه ناممڪن هو. پڦي فاطمھ جون ڌيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهنديون هيون، جڏهن به پڦي سان گڏ، ڳوٺ اينديون هيون، مان انھن جو ڳالھائڻ ۽ اسٽائل پسي هرکجي پوندي هئس. آخر ۾ نراسائي ئي پلئه پوندي هئي.

ڳوٺ ۾ گرلس پرائمري اسڪول هو. ادي وڏي ته صرف پنج درجا پڙهي سگهي هئي، پر مون گهر وارن سان وڙهي بوائز مڊل اسڪول مان اَٺين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. ميٽرڪ ڪرڻ لاءِ ڇوڪرن جيان، مون کي ڳوٺ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ملي. منھنجا ڪلاس ميٽس ڇوڪرا هاڻ يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا هئا ۽ مون ڀٽائي جي هن سِٽ جيان:

”انگ ات اڙيو، جِت نه پھچي ٻانھن.“

 

 

حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ سکي ورتو هو. هاڻ مون کي ادي وڏي جو اونو هو. سندس مڱڻو، ماما (مرحوم) جي پُٽ سان ٿيل هو. اهو سڱ، امان جي بابا سان شادي وقت پيٽ لکي ڏيڻ واري رسم تحت ڪيو ويو هو. سراج، ادي وڏي جي قابل قطعي نه هو. سڄي رات گهر کان ٻاهر رهندو هو ۽ چرس پيئندو هو.

 

 

مون ادي کي سمجهايو ته، پاڻ کي اوڙاهه ۾ اُڇلڻ کان بھتر اٿئي، پنھنجي حق لاءِ وڙهه، پنھنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻ سِکُ.

پر ادي ايتري همت ساري نه سگهي، سو مون ادي وڏي لاءِ ڳالھائڻ جو فيصلو ڪيو، پر اها نوبت اچڻ کان اڳ ئي امان ۽ بابا پاڻ ۾ سھمت ٿي چڪا هئا ته هڪ نشئيءَ کي نياڻيءَ جو سڱ ڏئي، هن جي سڄي حياتي برباد نه ڪنداسين.

ويڌن اها ٿي، جو ٻئي ڏينھن ئي بابا جي پري جي عزيز ايس.ايس.پي منير منھنجو سڱ گهريو. جنھن جون اڳ ئي ٻه شاديون ٿيل هيون. اولاد نه ٿيڻ سبب، ٽيون نڪاح ڪرڻ لاءِ هن منھنجي گهُر ڪئي هئي، امان بابا منھنجي سڱ لاءِ ها ڪرڻ بجاءِ ادي وڏي جو سڱ ڏئي ڇڏيو. سندن خوشيءَ جي ڪا انتھا نه هئي، جو سندن نياڻي سُکي ستابي گهر جي مالڪياڻي ٿي رهي هئي.

ادي وڏي جي منير سان مڱڻي جي خبر ٻڌي، مامي هاجره گهڻي ڏکاري ٿي، اسان جي گهر اچي، امان ۽ بابا کي روئي ڏوراپا ڏيڻ لڳي:

”چوندا آهن، پنھنجو ماري به ڇانوَ ۾ اُڇلائيندو، توهان ته پراون کان ئي ويل نڪتا. مون رن زال ۽ منھنجي يتيم ٻچي سان ناحق ڪيو اٿوَ. منھنجي سراج جي مڱ ٻين کي ڏني اٿوَ.“

امان ۽ بابا مامي هاجره کي گهڻوئي سمجهايو، پر هوءَ مسلسل روئيندي ۽ ميارون ڏيندي رهي. نيٺ سندس روڄ راڙي هڻي هنڌ ڪيو. امان ۽ بابا کي به ڪھل آئي، انھن منھنجو سڱ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

امان جا هي لفظ ٻڌي:

”ڀاڄائي، تون پنھنجي آهين، سراج اسان جو ٻچو آهي، ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهيس ته پاڻھي سڌري پوندو. هاڻي فھميده جو سڱ توهان کي ٿا ڏيون.“

مان ڀڙڪو کائي، ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس:

”مان سراج سان شادي ڪانه ڪنديس.“

منھنجي واتان انڪار ٻڌي، مامي هاجره اچرج وچان ڏندين آڱريون ڏنيون. امان به جُتي جو پادر لاهي، مون کي ڏيکاريندي دڙڪو ڏنو:

”ماٺ ڪر ڇوري“ ۽ گهلي مون کي اندر وٺي وئي.

 

ماٺ ڪر ڇوري! جھڙن لفظن کان پوءِ آءٌ يڪي ماٺ ٿي وئي هئس. چپ چورڻ، اظھار ڪرڻ جا رستا بند ٿي چڪا هئا، ايئن منھنجي سراج سان شادي ٿي وئي.

شادي کان پوءِ جيئڻ ئي ڏکيو ٿي پيو هو. سراج پنھنجي هڙئي ڪمائي ڦوڪي ڇڏيندو هو. گهر جون ضرورتون، مامي هاجره الائي ڪيئن پوري ڪندي هئي!؟ مون به اڪيلي ويھڻ کان مامي جي ٻانھن ٻيلي ٿيڻ ۾ ڀلائي سمجهي. سيبي، ٽوپي جو ڪم شروع ڪيو. جيڪي ڏوڪڙ ڪمائيندي هئس، انھن مان ڪجهه سراج کي ضرور ڏيندي هئس. نه ته هو مون تي ڏمرجي پوندو هو.

ڏيڍ سال گذري ويو، مون پنھنجي پٽ فھيم کي جنم ڏنو. هاڻي ته مڙئي سور ميساري، فھيم لاءِ جيئڻ پئي چاهيم، پر سورن به ڪا مون سان لنئون لڳائي هئي، فھيم کي سخت سيءَ سان بخار ٿي پيو هو. هن جي علاج لاءِ پئسا مس پورا هئا. مٿان وري سراج جي قھر جو ڀئو، پر هن ڀيري، مون سراج کي کُتو جواب ڏنو. انڪار ٻڌندي ئي هن مون تي بي رحماڻو تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. تڏهن مامي ڊوڙي اچي مون کي ڇڪي پري ڪيو. سراج ماميءَ کي به ڌِڪو ڏئي ڪيرائي وڌو.

”مامي“ مون رڙ ڪئي ۽ ڊوڙي وڃي مامي کي ڀاڪر ۾ ڀريم. تيستائين سراج مون کي چوٽيءَ مان جهلي پري اُڇليو:

”نڪري وڃ منھنجي گهران، ٽي ڀيرا ”طلاق“

لفظ ورجايائين. مامي ته گهڻيون ئي رڙيون ڪيون، ”ابا! هي ڇا ڪيو تو؟“

منھنجي زبان مان هڪ لفظ به نه اُڪليو. لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. تن لڙڪن ۾ ڪابه التجا نه هئي. رڳو نصيب تي ماتم هو. نه ڄاڻ ڪيتري دير مان روئيندي رهيس. جڏهن مامي هاجره مون کي فھيم هنج ۾ ڏيندي چيو:

”امان وڃ، هي گهر هاڻي تنھنجو نه رهيو آهي. ٿي سگهي ته مون کي معاف ڪجانءِ، مان تنھنجي ڏوهي آهيان ڌيءُ. مان تنھنجي ڏوهي آهيان.“

هوءَ سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي، تڏهن مون کي احساس ٿيو صرف هاڻي ئي نه، پر هن گهر ۾ اڳي ئي مون لاءِ جاءِ نه هئي، مان فھيم کي سيني سان لائي اٿي کڙي ٿيس، موٽي اباڻي گهر آيس.

ادي وڏي مون کان اڳ ئي ساهراڻي گهران بيدخل ڪئي وئي هئي. منير کي دل جو دورو پوڻ سبب، هن جي Death ٿي چڪي هئي، ادي وڏي جي ساهرن، مڙس جي تڏي تي سوڳ ڪرڻ لاءِ به ادي کي گهر ۾ ٽڪڻ نه ڏنو. ٻن نياڻين جي سورن امان ۽ بابا کي جهوري وڌو هو. امان اڪثر بابا جي سامھون نياڻين جا سورَ سليندي روئي پوندي هئي، ادي وڏي به ذهني مونجهاري ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي مون کان اهو سڀ سَٺو نه ٿيو، سو بابا کي سندس پراڻا لفظ ياد ڏياريندي چيم:

”بابا، توهان ئي ته چيو هو ته فھميده منھنجي پٽن جھڙي ڌيءَ آهي. اڄ مان به چوان ٿي، پٽن جھڙيون ڌيئر پٽن جيان ٻانھن ٻيلي به ٿينديون آهن.“

بابا مسڪرائيندي، مون کي سيني سان لائي، پيشانيءَ تي چُمي ڏني. ”ها ڌيءَ، مون غلط نه چيو هو. تون واقعي منھنجي پٽن جھڙي ڌيءَ آهين.“

بابا جي پاران سٺي موٽ ملندي ئي مون سولائيءَ سان پنھنجو موقف بيان ڪري ورتو:

”بس توهان جي دعا ۽ مٿي تي هٿ کپي بابا. مان توهان جي ٻانھن ٻيلي ٿيڻ لاءِ پنھنجو تعليمي سلسلو جتان ٽٽو هو، اتان شروع ڪرڻ چاهيان ٿي.“

بابا خوشيءَ مان اجازت ڏني، مان بيحد خوش هئس، جو گهڻو ڪجهه وڃائي به مون گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتو  هو.

 

مقبول انجم ميمڻ

 

 

 

 

 

ظلم جا زنجير نيٺ ته ٽُٽندا...!

 

”ائي امان ڦاپل، رئيساڻي خيران گهرايو اٿئي، مون کي چيائين ته ايڏانھن ويندي، ڦاپيءَ کي مون ڏانھن موڪلجانءِ.“ جمل گهر ۾ پير رکندي، وڏي واڪي چيو:

”ها جيجي ماءُ، هينئر ئي ٿي وڃان“، پر اڃا ته سج مس ڪَني ڪڍي آهي. دل ۾ پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي.

جنوريءَ جو مھينو، ڦاپل لوئي ويڙهي، سيءَ ۾ ڏڪندي، رئيس جي گهر پھچي ٿي.

” ڦاپل چڱو ٿيو، جو جلدي اچي وئينءَ. ماني پچائڻ کان پوءِ ٻُھاري ٿانوَ ڪري، هي سڀ ڪپڙا ڌوئڻا اٿئي.“

رئيسياڻي، هن جي آڏو، سوڙين جون ڇئون ۽ ڳٺڙي ڪپڙن جي اُڇلائيندي چيو.

”منھنجو ٻچو ته اڃا ننڊ پيو هو، سجاڳ ٿيندو. اسڪول جي تياري ڪندو ۽ پوءِ ماني....“ اهو سڀ ڪجهه سوچيندي، هوءَ اُداس ٿي وئي.

”ها امڙ! تون ڪوبه فڪر نه ڪر، مان ڪپڙا ڌوئي سمورو گهر جو ڪم ڪار لاهي پوءِ گهر ويندس....“

اسلم ننڊ مان اکيون مھٽي چوڌاري نھاري ٿو. ماڻس گهر ۾ ڪانه هئي. سوچي ٿو، امان ضرور رئيس ارباب خان جي گهر وئي هوندي، پر ايترو سوير!؟ مون ته اڃا ماني به ڪانه کاڌي آهي.“ ڪافي انتظار ڪري ٿو. اندر ۾ بک جا چڪ پوڻ لڳس. آخر لسيءَ جا ٻه وٽا پي اسڪول وڃي ٿو.

”اسلم تون دير ڪري آيو آهين، انڪري رسيس تائين بينچ تي بيھي رهه. اها تنھنجي سزا آهي.“ استاد ناراض ٿيندي چيس.

رئيس جو پُٽ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير سان ايندو آهي ته سائين کيس ڪجهه نه چوندو آهي. شايد انڪري جو سائين ماني، انھن جي کائيندو آهي! پر مان ته غريب جو ٻار آهيان..... سائينءَ کي ته مون سان همدردي هئڻ گهرجي.

ٽن... ٽن... رسيس جي گهنٽي وڳي، سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو، ڏاڍو خوش ٿيو، مس مس ته جان ڇٽي هئس.

ڪلاس کان ٻاهر نڪري ٿو، ڪي ٻار ڇولا کائڻ لڳا ته ڪي فروٽ، وات ڀرجي آيس. کيسي ۾ هٿ هڻي ٿو، کيسو خالي.... چھري تي مايوسي ڇانئجي وڃيس ٿي.

”کيسو خالي.... پيٽ خالي.... ٿڌي آهه. امان پيٽ گذران ڪرڻ ۽ منھنجي پڙهائي لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي رهي آهي.“ خيالن جي اونھي دنيا ۾ غوطا کائڻ لڳو.

”امڙ مون کي هاڻ اجازت، ڪم ڪار سڀ لاهي ڇڏيو اٿم. ٻُھاري، ٿانوَن کانسواءِ فرش به ڌوئي آئينو ڪري ڇڏيو اٿم.“

”تون اڃا ترس مائي ڦاپل! اڄ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. اصل هينئر ٻنيءَ تان بٽئي ڪري پيو اچان. زور ڏئي پوءِ ڀلي هلي وڃجانءِ. هي وٺ خرچي به....“ رئيس ارباب ٻاهران ايندي چيو.

”سائين! منھنجو ٻچو صبح کان بکايل ....“ ڳالھه کي اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيائين. هن اسلم جي پڙهائي لاءِ پنھنجي خوشين کي دولت جي  لھر ۾ دفن ڪري ڇڏيو.

پئسا وٺي، لوئيءَ جي پلاند ۾ ٻڌي ٿي، منھن تي مُرڪ.... اندر ۾ آڙاهه.... طرحين طرحين جا خيال غريب جي من ۾ جنم وٺن ٿا. ”هي پئسا اسلم کي ڏيندس ته ڪتاب وٺي، ڏهاڙي ٿو ڪتابن لاءِ چئي....“

موڪل جي گهنٽي وڳي، گهر اچي ٿو، گهر ۾ ڪير به ڪونه هو. معصوم جي دل ۾ آنڌمانڌ... بُک... شايد اڄ ڪم گهڻو ڪرڻو هوندس، جو اڃان تائين رئيس جي گهران نه آئي آهي.“

ماءُ کي ڏسڻ لاءِ رئيس جي گهر اچي ٿو. پر..... قدم رڪجي ويس. هن جي اکين مان مجبوريءَ جا لڙڪ ڪِرڻ لڳا.

ماءُ کي رئيس کي زور ڏيندي ڏسي، سندس اکيون، غيرت ۾ لال ٿي ويون. ماءُ جي ڀرسان آيو. “جيجل! مان ٿو سائين جن کي زور ڏيان. تون گهر جو ٻيو سمورو ڪم ڀلي ڪندي ڪر. هونئن به تون صبح کان هينئر تائين ڪم ڪري ٿڪجي پئي هوندينءَ. تون گهر هلي ماني پچاءِ. مان صبح کان بکايل آهيان.“

رئيس جي ڪن تي اهو آواز پھتو ته تپي لوهه وانگر ڳاڙهو ٿي ويو. ”اڙي ڪُتي جا.... گڏهه جا.... ڪھڙي سيد جو پٽ آهين. اسان جي ٽڪرن تي پلجي وڏو ٿيو آهين. اٺ درجا پاس ڪيئي ته پاڻ کي غيرت وارو سمجهڻ لڳو آهين.“

اسلم جي اندر مان آهه نڪتي، هن جي اکين ۾ نفرت جا اُلا ٻرڻ لڳا، پر هن پاڻ کي ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏٺو. دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو، ”ياد رک رئيس.... تنھنجو  ظلم سدائين قائم نه رهندو. هڪ ڏينھن خدا توکي انھن ظلمن جي سزا ضرور ڏيندو.“

ماءُ جي ممتا تڙپي اٿي، ”رئيس منھنجي ٻچي کان غلطي ٿي... سائين ناراض نه ٿيو. هو ٻار آهي، خدا جي واسطي کيس معاف ڪيو.“ ماڻس رئيس جي پيرن تي ڪِري پئي.

رئيس هڪ زوردار لت هڻي ڪڍيس ته وڃي زمين تي ڪِري. ”توهان جو پيٽ ڀريو آهي، ڪُتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان....“ رئيس کان گڦ وهي رهي هئي.

ڄڻ ڪنھن ماءُ جي هانءَ تي پاڻيءَ بدران گاسليٽ هاري ڇڏيو هجي، هوءَ اندر ئي اندر ۾ جلي رهي هئي. پنھنجي جگر کي زمين تان کنيائين، ڦاٽل لوئيءَ سان، سندس رت اُگهڻ لڳي. ”پيشانيءَ تي نفرت جا گهنج....“

”امان! اسان کي هن ڳوٺ مان نڪري وڃڻ گهرجي، اسان پنھنجي ناناڻي ڳوٺ رهنداسين. مان مزدوري ڪندس، پر توکي ڪنھن رئيس جو ڪم ڪرڻ نه ڏيندس.

ماءُ جي اکين مان بيوسيءَ مان لڙڪ ڪِري پيا. ۽ هوءَ به هن ظلم جي واديءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي.

ماءُ پُٽ پورهيو ڪري، سلائي جي مشين ورتي. اسلم اسڪول کان موٽي، شام جو ڇولا وڪڻندو هو. سخت تڪليفن کي سھندي، وقت گذرندو رهيو، پر چوندا آهن ته ڏکن پٺيان سک. ايندا آهن. ماءُ جي دعائن سان، هن پنھنجو پڙهڻ جاري رکيو ۽ (بي.اي، ايل.ايل.بي) ڪري ورتي.

اڄ عدالت جي ڪرسيءَ تي اسلم هڪ جج جي حيثيت سان ويٺو هو. ۽ رئيس ارباب خان هٿڪڙين سان ٻڌل، ڪورٽ جي ڪٽھڙي ۾ بيٺو هو. هڪ پاسي هڪ ٻڍي عورت روئي رهي هئي. ”سائين! مون سان انصاف ڪريو. منھنجي پٽ جو صرف اهو ڏوهه هو، جو رئيس جي چوڻ تي هڪ غريب جي لڄ کڻي اچڻ کان انڪار ڪيو هو. ۽ ان جي بدلي ۾ هن منھنجي سھاري منھنجي جگر کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. ۽ وڏا ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳو ته جيڪو به اسان جي حڪم کان انڪار ڪندو، ان کي اهائي سزا ملندي.“

هڪ طرف رئيس جي آڏو ساون ۽ ڳاڙهن نوٽن جو تصور هو. رئيس جو وڪيل چوڻ لڳو، ”ماءِ لارڊ! اهو سڀ ڪوڙ آهي، هن مائيءَ جو پٽ چوري ڪندي، فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي.“

ٻي پاسي هڪ مظلوم ٻڍيءَ جي وڪيل آڏو، ماءُ جو پيار ۽ هڪ بيگناهه جي لاش جو تصور هو.“ هن عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو، ”ماءِ لارڊ! انصاف جي تقاضا پوري ٿيڻ گهرجي نه ته دنيا جي انھن عدالتن ۾ انصاف جو نالو مٽجي ويندو. رئيس ارباب خان، هڪ ظالم ماڻھو آهي، جيڪو ورهين کان ڳوٺ وارن تي ظلم ڪندو رهيو آهي.

ٻڍيءَ عورت ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”هڪ ماءُ کان پنھنجي پيريءَ جو سھارو ڇِني، ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي. لھٰذا عدالت کي التجا ٿي ڪجي ته اسان کي صرف انصاف گهرجي....“

ڪيتري وقت تائين بحث جاري رهيو، ٻنھي طرفن طرفان شاهد پيش ٿيا، جن پنھنجا پنھنجا بيان رڪارڊ ڪرايا.

اڄ عدالت کي حتمي فيصلو ٻڌائڻو هو، عدالت سڳوري ماڻھن سان ڀريل هئي، ڪمري ۾ بلڪل خاموشي ڇانيل هئي، سڀني کي فيصلي جو انتظار هو.

اسلم کي پنھنجو گذريل وقت ياد اچڻ لڳو. هن جي اکين ۾ قاتل رئيس طرفان ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم جا عڪس ترڻ لڳا. سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، پر هن پنھنجي رومال ۾ ڳوڙهن کي جذب ڪري ڇڏيو.

.... پوءِ ماڻھن ٻڌو ته رئيس ارباب خان کي ڦاسي اچي وئي.

 

ڊاڪٽر نويده ڪٽپر

غزل

آءٌ سراپا تنھنجي ٿيان،

اهڙو مون کي ڏانءُ ٻڌاءِ.

جنھن سان ڪوبه نه سازُ ملي،

اهڙو ڪوئي گيت ٻڌاءِ.

من جي اوندهه ڀل نه رهي،

اهڙي ڪائي جوت جلاءِ.

ڳُجهه به اندر جا توسان ئي،

تون به ته دل جا راز ٻڌاءِ.

گيت

او سانول!

آهي سڪ اجهل

ايئن نه دلَ کي پل

او سانول!

من ٿيو ماندو جنھن ڪارڻ

مون وٽ چنگ، نه سو چارڻ

اکين کان اوجهل،

او سانول!

اُڀ ۾ ڏار ڪري سگهندي

دل به اُڏار ڪري سگهندي

پر تو بن بوجهل

او سانول!

راتين پويان هئا ڏينھڙا

اکڙين ساڳيا اوسيئڙا

هانءُ سدا هيڪل

او سانول!

      ملڪه پيرزادو

اي منهنجا شعورَ!

تون ڇا بار بار

مون کي يادُن جي ڦاسي گهاٽ تي لٽڪائي

وري پنھنجي پُُرامن ٻانھن ۾

لڪائين ٿو؟

جنھن لمحي کي مان

هڪ ڳيت ۾ جذب ڪرڻ چاهيان

تون اُن کي خوشبوءِ بڻائي

مون ۾ سمائي ڇڏين؟

مان جنھن کي ماضي سمجهي

پٺتي ڇڏيان

تون ان کي

مستقبل بڻائي آڏو کڙو ڪرين؟؟

تون مون کان ڪھڙي جڳ جو

ويرُُ پيو وٺين؟

ڪڏهن ته تون منھنجو سڄڻ بڻجي

مون کي گُلن واريون

راهون پيو هلائينِ

مان تنھنجي

اُن رشتي کي

ڪھڙو نانءُ ڏيان؟

اي منھنجا ”شعورَ!“


 

بختاور منصور

محبت بغاوت

اسان محبت کي ائين چونڊيو

جيئن ڪا جيل جي ڀِت ۾ ڦاٿل روشني

آخري دَرزَ مان نڪري

سڄي اونداهيءَ کي للڪاريندي هجي.

 

۽ ها،

اسان کي خبر هئي

ته هن ڌرتيءَ تي عشق ڪرڻ

ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ئي جنازي کي ڪلھو ڏيڻ

جھڙو ٿي سگهي ٿو....

 

پر پوءِ به

اسان دل جي ڳالھه

لڪائڻ بدران

سينو کولي بيٺاسين

ڇو ته محبت ڪو ڏوهه ناهي

جنھن کي قبرن ۾ دفن ڪيو وڃي.

 

هي جيڪي ماڻھو

غيرت جا ڪارا جهنڊا کڻي گهمن ٿا،

اهي اصل ۾

پنھنجي ئي ڊپ جا يتيم آهن.

هي عشق کان نه،

عشق جي آزاديءَ کان ڊڄن ٿا....

 

هي چاهين ٿا

ته نياڻيون مٽيءَ جي ٿانون وانگر

سودن ۾ وڪامن،

۽ جيڪڏهن ڪا دل

پنھنجو آسمان پاڻ چونڊي وٺي ٿي،

ته ان جي ساهن کي

گولين سان سِبي ٿا ڇڏين....

 

پر سنڌ جي مٽي

باغين جي جنم ڀومي رهي آهي

 

هيءَ اها ڌرتي آهي

جتي ڀٽائيءَ عورتن کي

عشق جون استاد سڏيو

جتي عشق

کين اگهاڙي پير

ريگستان پار ڪرايا

جتي

سَسئي

پنھنجي عشق پٺيان

پھاڙن سان تڪر کاڌو،

مارئيءَ کي

محبت ۽ ڌرتيءَ آڏو

محلن جي سونھن به قيد برابر لڳي،

۽ سھڻي....

ها، سھڻي ته رات جي پيٽ ۾

ڪچي گهڙي تي

موت جي درياهه کي چيري ويندي هئي،

ڄڻ عشق

زندگي کان به وڏو سچ هجي.

 

ڀٽائيءَ جي ڌرتيءَ تي

محبت ڪڏهن به بزدلن جو رستو نه رهي آهي

هتي عشق

هميشه تلوار جي ڌار تي هليو آهي

۽ اڄ

جڏهن توهان

غيرت جي نالي تي محبتن جو قتلام ڪيو ٿا

تڏهن ڀٽائيءَ جا بيت

هوائن ۾ بغاوت بڻجي اڀرن ٿا....

 

ڇو ته محبت ڪا گلن جي نرم مند ناهي،

محبت ته

رت ۾ ٻڏل اهو چنڊ آهي،

جيڪو قتل ٿيڻ بعد ۾

رات جي پيشانيءَ تي پيو چمڪندو آهي.

اي بزدلو

اي قاتلو

توهان ٻه جسم تي ماري سگهو ٿا،

پر ٻن دلين جي وچ ۾ هلندڙ

اهو ڳاڙهو درياهه ڪيئن ماريندو

جيڪو صدين کان

انسان کي انسان بڻائيندو رهيو آهي؟

 

اسان اهي باغي ماڻھو آهيون

جيڪي موت جي اکين ۾ اکيون وجهي به چئي سگهون ٿا

ته

”ها،

اسان عشق ڪيو آ،

اسان محبت جا مريد آهيون.“

 

۽ جيڪڏهن توهان جي نظر ۾

محبت ڪرڻ بغاوت آهي،

ته پوءِ ياد رکو....

ايندڙ وقتن جا سڀ کان سھڻا ماڻھو

باغي ئي هوندا. 

 

عين سحر

غزل                                         

ڪڻيون آهن ڪري آيون قطارون اڄ!

اسان کي ساهه ۾ آهن سنڀارون اڄ!

 

اهي يادون اهي ڳالھيون نه وسريون هن،

ڏسي موسم ڪيان ويٺي پچارون اڄ!

 

اٿي خوشبو مٽيءَ جي آ وڻي ٿي جا،

مٽي آ مند وريون آهن بھارون اڄ!

 

جدائي جا کٽن هي پل اچو جيڪر،

اوهان جون ئي اٿم تن ۾ تنوارون اڄ!

 

ويو ڇا لئه هئين تون موڪلائي ڏس؟

مڪيون ڇو ٿي ’سحر‘ ڏي پو ميارون اڄ؟

 

 

Text Box: ملھار سنڌي
 

 

وائي

 

عورت توکي مان،

ڪھڙو نانءُ ڏيان.

پريم نگر آهين،

يا سونھن نگر سمجهان،

ڪھڙو نانءُ ڏيان.

ڪٿي آن سسئي،

ڪٿي ٻاگهي آن،

ڪھڙو نانءُ ڏيان.

گهٽ آ هر عظمت،

تنھنجي عظمت کان،

ڪھڙو نانءُ ڏيان.

ناهه خبر پيئي،

مون کي سوچڻ سان،

ڪھڙو نانءُ ڏيان.

غزل

علم آ روشني ٻارو!

سنواري زندگي ٻارو!

جهلَ، نفرت ۽ سستيءَ سان،

ڪجي ڇو دوستي ٻارو؟

معذورن سان همدردي،

وڏي آ بندگي ٻارو!

گذاريدو ڪونه جيون جي،

ڪا غفلت ۾ گهڙي ٻارو!

گذاريو خوب محبت سان،

سموري زندگي ٻارو!

سبق آموز مون ڪئي آ،

اوهان لئي شاعري ٻارو!

رهو ”ملھار“ موجن ۾،

ڪريو حاصل خوشي ٻارو!

 

خوشبو بلوچ

نظم- لڙهندڙ ديڳڙي

مون!

جڏهن غور سان،

ڇوليون کائيندي

ويندر پاڻيءَ کي ڏٺو

مون کي ان ۾

صرف پاڻي نه،

پر ڪيئي خاندان لڙهندي نظر آيا،

مون ڏٺو ته،

پاڻيءَ ۾

هڪ ديڳڙي،

لڙهندي پئي وئي،

لڙهندڙ ديڳڙيءَ کي ڏسي

مون کي ائين لڳو

ڄڻ اُن ديڳڙيءَ کي وٺڻ لاءِ

ان گهر ڌياڻي

پنھنجي گهر واري کان،

پئسا وٺڻ لاءِ

ڪيڏا نه

جهيڙا ڪيا هوندا،

اڄ ان ديڳڙيءَ پٺيان!!

حجت ۽ پيار ۾ ٿيل،

هڪ سنڌي عورت ۽ سندس وَر جي،

ٿيل جهيڙي ۽ محبت سان ٺاهيل اُن ٻوڙ کي

مون لڙهندي ڏٺو ته،

لُڙڪ لڙي پيا

 

  اقرا جويو

 

 

 

اڄ جو نوجوان!

 

  اڄ جو نوجوان، باخبر، پراميد ۽ صلاحيت رکندڙ آهي. هن، پنھنجي سوچ کي عالمي سطح سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هڪ نوجوان، نون خيالن، نئين مھارتن کي مد نظر رکندي، آزاديءَ سان سوچڻ جو عادي پڻ آهي. ”آزادي“ يعني بنا ڪنھن خوف جي، بناڪنھن ذهني دٻا ءُ جي بنا ڪنھن جي محتاجي جي  اڄ جو نوجوان نه رڳو  لکڻ پڙهڻ بلڪه سٺي ذهانت رکڻ ۽ صحيح غلط ۾ فرق سمجهڻ جي مھارت ڄاڻي ٿو.

اڄ جو نوجوان، جديد دور جي جيڪا  تيز رفتار يا مان ائين چوان ته ھڪ مقابلي ۾ اچي سماج جو اهم حصو بڻجي ويو آهي. هو علم، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي تبديليءَ سان گهرو جڙيل آهي. انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا جي وسيلي، هو دنيا جي ڪنھن به خطي سان ڳنڍجي ٿو سگهي، جنھن سبب، هن جي سوچ  ۽ هن جي ذھانت، عالمي ۽ جديد آهي.

اڄ جو نوجوان صرف تعليم حاصل ڪرڻ تائين محدود نه آهي، پر هو پنھنجي مھارتن، تخليقن، لکڻ، پڙهڻ کي ايئن ڏسي ٿو، جيئن هڪ ٻرندڙ شمع!

نوجوان، پنھنجا فيصلا ڪرڻ جي صلاحيتن کي استعمال ڪندي، سماج ۾ هڪ بھتر تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهي علمي، سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرا آهن ۽ هر شعبي ۾ پنھنجي قابليت رکن ٿا.

قديمي پراڻين رسمن  رواجن کي نواڻ ۾ تبديل ڪري، دنيا آڏو پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻن ٿا.

اڄ جي نوجوان کي سماجي مسئلن جھڙوڪ ماحولياتي تحفظ، صنفي برابري، غربت ۽ انصاف بابت ڄاڻ آهي، ۽ هو انھن مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آواز پڻ اٿارين ٿا، ڪيترائي نوجوان، رضاڪاراڻي ڪم، سماجي مھم ۽ نون منصوبن ذريعي، پنھنجي سماج جي بھتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اهڙين سرگرمين سان، هو نه صرف پنھنجي شخصيت کي مضبوط ڪن ٿا، پر سماج ۾ هڪ مثال پڻ قائم ڪن ٿا.

ٻئي طرف، اڄ جو نوجوان ڪيترن ئي چيلينجز ۽ دٻاءَ جو پڻ شڪار آهي. تعليمي مقابلو، روزگار جي ڳولا، سماجي توقعات ۽ گهريلو دٻاءُ ڪڏهن ڪڏهن، هن جي ذهن ۽ صحت تي منفي اثر وجهن ٿا.

مغربي ثقافت جي وڌندڙ اثر سبب ڪيترائي نوجوان، پنھنجي  سڃاڻپ کان ڌار ٿي ويا، جيڪو هڪ فڪر جوڳو مسئلو آهي. تنھن هوندي به، نوجوانن ۾ جرئت، حوصلو  مضبوط آهي

جيڪڏهن سماج، اسڪول، ادارا، والدين ۽ حڪومت نوجوانن کي صحيح رهنمائي، اخلاقي تربيت، تعليمي سھولتون ۽ آزاديءَ سان سوچڻ ۽ اظھارڻ جا موقعا مھيا ڪن ته هوند، اهي پنھنجون صلاحيتون استعمال ڪري، پنھنجي زندگيءَ کي بھتر بڻائيندا ۽ هڪ روشن، مستقبل  تعمير ڪندا، جيڪڏهن خودمختيار ٿي، هو، پنھنجا رستا ڳولھي ٿو ته يقيناً منزل ماڻيندو.

نوجوانن سان ڪچھريون ڪرڻ، انھن کي ٻڌڻ، انھن جي راءِ وٺڻ، انھن کي موقعا مھيا ڪرڻ بنيادي ۽ اهم قدم آهي.

نوجوان! اسان جو هڪ قيمتي سرمايو آهن، نشي جھڙي آڙهه ۾ اچڻ کان بچائڻ جو موقعو، اهي قدم ئي آهن. وقار ۽ فخر سان جيئڻ، سنڌ کي خوشحال ڏسڻ، هر نوجوان جو خواب آھي.

*      *      *      *

نوجوانن لاءِ نصيحت ڀريا نُڪتا

نوجواني، زندگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ قيمتي دور آهي. هن وقت ۾ ڪيل محنت، سکيا ۽ فيصلا، بھترين مستقبل جو بنياد بڻجن ٿا. هتي نوجوانن لاءِ جي ترقي، ڪاميابي ۽ بھترين زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه اهم ۽ عملي نُڪتا ڏجن ٿا:

Ø   وقت جو قدر: وقت کي ڪڏهن به ضايع نه ڪريو، پنھنجي روزمره جي روٽين ٺاهيو ۽ هر ڪم کي وقت تي پورو ڪرڻ جي عادت وجهو.

Ø   تعليم ۽ هنر: صرف ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي، جديد دور جي گهُرجن مطابق نوان هنر Skill جھڙوڪ: ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ڪوڊنگ يا فري لانسنگ سکو.

Ø   مثبت سوچ: پنھنجي آسپاس مثبت ماحول پيدا ڪريو. مثبت سوچڻ سان، اوهان اضطراب ۽ ذهني دٻاءَ کان محفوظ رهو ٿا.

Ø   چڱي صحبت: دوست هميشه اهي چونڊيو جن جو مقصد زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ هجي. سٺا دوست، توهان کي بھترين انسان بڻائڻ ۾ مدد ڪندا.

Ø   محنت ۽ صبر: ڪاميابي راتو رات ناهي ملندي، هر ڪم ۾ لڳاتار محنت ضروري آهي، تنھنڪري ناڪاميءَ کان ڊڄڻ بدران هميشه سکڻ جي ڪوشش ڪريو.

Ø   فيصلن ۾ پختگي: پنھنجا فيصلا سوچي سمجهي ڪريو بزرگن جي تجربي مان فائدو وٺو، پر پنھنجي صلاحيتن تي ڀروسو رکو، هميشه پاڻ کي چوندا رهو ته: ”مان هي ڪري سگهان ٿو.“

Ø   صحتمند زندگي: صحتمند دماغ لاءِ صحتمند جسم ضروري آهي.“ ورزش کي پنھنجي معمول جو حصو بڻايو ۽ چڱي خوراڪ کائو.

Ø   اخلاق ۽ عاجزي: عاجزي، انسان کي وڏو بڻائي ٿي. والدين، استادن ۽ وڏن جو احترام ڪريو ۽ هر ڪنھن سان سٺو اخلاق رکو.

(نيٽ جي ٿورن سان)

 

شاهه زمان ڀنگر

 

 

 

سنڌي ادبي عورت ڪانفرنس

 

 

سنڌ جي ساڃاهه وند عورتن، هڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي مستقل مزاجي ۽ سگهاري حڪمت عملي ذريعي، اهو ثابت ڪيو ته اهي سماج ۾ پنھنجي ڌار سڃاڻپ ۽ بيانيو رکن ٿيون ۽ سماج ۾ هاڪاري تبديلي لاءِ  ڊگهي جدوجھد لاءِ تيار آهن.

9 مئي 2026ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچي پاران، سنڌي ادبي عورت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جيڪا 1973ع کان پوءِ ان نوعيت جي پھرين ڪانفرنس هئي. ڪانفرنس ۾ ماڊريٽر، پينلسٽ، شاعرائون توڙي منتظمين جون ذميواريون، عورتن ئي نڀايون، ان دوران، شھر ۾ شديد گرمي باوجود آرٽس ڪائونسل جو آڊيٽوريم گهڻي ڀاڱي ڀريل رهيو، مردن جي به وڏي انگ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

س ا س عورت شاخ ڪراچي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عابده گهانگهرو آجياڻو پيش ڪيو، جنھن بعد سنڌيا سومرو، شاھه سائين جي وائي پيش ڪئي. مھتاب اڪبر راشدي مکيه خطاب ۾ سنڌي ادبي کيتر ۾ عورتن جي ڪردار سان گڏ، مزاحمتي ادب، پدرسري سماج ۽ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو.

پھرين سيشن جي ماڊريٽر ڊاڪٽر عابده گهانگهرو هئي، جڏهن ته صدارت ڊاڪٽر فھميده حسين ڪئي. نفيس فاطمه جعفري سنڌي لوڪ ادب ۾ عورتن جي احساس جو اظھار ۽ سندن سماجي ڪردار جي سري هيٺ، سگهارو مقالو پيش ڪيو. رضيه ٻگهيو سفرنامن ۾ عورتن جي ڪم، ذڪيه چنه سنڌ ۾ عورتن جي هراسمنٽ، قتل ۽ آپگهات، سنڌي مزاحمتي ادب ۾ عورتن جو ڪردار، جڏهن ته ساڀيان سانگي ج.ع منگهاڻي پاران لطيفيات تي ڪيل ڪم جو جائزو جي سري هيٺ مقالا پيش ڪيا، سمورن مقالن ۾ بھترين تحقيق ۽ شاندار ٻولي سبب، مقالي نگارن جي محنت نظر اچي رهي هئي.

خالده زلف پيرزادو لوڪ گيت ”مور ٿو ٽلي راڻا“ تي رقص ڪري ڀرپور داد وصول ڪيو.

ڪانفرنس جو سڀ کان اهم پينل ڊسڪشن ٿيو، جنھن جي ماڊريٽر نورالھديٰ شاهه هئي. سيشن ۾ ڳالھائيندي، سحر امداد چيو ته ليکڪا جيترو به بولڊ لکي، کيس ڪٿي نه ڪٿي لڪير ڪڍڻي پوي ٿي.

امرسنڌو، سنڌ جي سماجي حالتن ۽ عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو ذڪر ڪندي چيو ته، حڪمران ڪھڙا به هجن، عورتن جا مسئلا سندن ترجيحن ۾ شامل ئي ناهن، هن چيو ته سنڌي سماج کوڙ سارين ڪمزورين باوجود، هر اهم اشو تي گڏ ٿيڻ جي سگهه رکي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن هر شخص برائي جو خاتمو چاهي ٿو، پر چاهي ٿو ته ان خلاف جدوجھد ڪو ٻيو ڪري. هڪ سوال تي امرسنڌو چيو ته، عورت جي وجود تي رڳو سندس اختيار هجڻ گهرجي، ان حوالي سان ڪنھن به تنقيد تي کين اپولوجيٽڪ ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

حسين مسرت جو چوڻ هو ته، سھڻي، مارئي، سسئي، مومل سميت، لطيف جي سمورين سورمين، ان ڳالھه جو کُلي اظھار ڪيو ته هو پاڻ تي ڪنھن ٻئي جو اختيار قبولڻ لاءِ تيار ناهن.

عطيه دائود جو چوڻ هو ته سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، جيڪڏهن ڪراچي جي رستن تي نڪرو ته روڊن تي نظر ايندڙ تحريرون، ان تنزلي جو کليل اظھار ڪن ٿيون. عورت ليکڪا کان سندس تحريرن ۾ ذڪر ڪيل عشق تي به وضاحت گهري وڃي ٿي.

شبنم گل چيو ته، عورت ليکڪا لاءِ مسئلا سدائين رهيا آهن، پر وٽس علامتي انداز ۾ هر ڳالھه ڪري وڃڻ جو ڏانءُ هجڻ گهرجي.

پينل ڊسڪشن کان پوءِ ڊاڪٽر رخسانه پريت جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو. خاص مھمان خالده نسرين هئي.

سحر امداد، فرزانه شاهين، فوزيه سيال، سنڌو پيرزادو، سيما عباسي، ثمينه واحد، پشپا ولڀ، سعيده شبنم ۽ ٻين شاعرائن پنھنجو ڪلام پيش ڪيو. آمنه ابڙو ترنم سان غزل پيش ڪري ڀرپور داد ماڻيو. سمورين ويھڪن ۾ شريڪ مھمانن کي يادگاري شيلڊز به پيش ڪيون ويون.

آخر ۾ موسيقي جي محفل ٿي، جنھن ۾ سنڌيا سومرو ۽ تجمل شاھه فن جو مظاهرو ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org