|
خليل جبران/نويد سنديلو

شاعر جو موت ئي سندس
زندگي آهي...
رات جي ڪاري چادر ان شھر کي پنھنجي ٻانھن ۾ ويڙهي
ڇڏيو هو، جنھن تي فطرت، برف جي اڇي ۽ پاڪيزه پوشاڪ
وڇائي هئي. ماڻھو رستن کي ويران ڪري، پنھنجن گهرن
۾ گرمائش جي ڳولا ۾ هليا ويا هئا، جڏهن ته اتر جي
سرد هوا، باغن کي اجاڙڻ جي خيال سان گهمي رهي هئي.
شھر جي ٻاهران هڪ جهوني جهوپڙي بيٺل هئي، جيڪا برف
جي بار هيٺ دٻيل ۽ ڪرڻ تي هئي. ان جهوپڙي جي هڪ
اونداهي ڪنڊ ۾ هڪ غريبڙو بسترو هو، جنھن تي هڪ نٻل
نوجوان، موت ۽ حيات جي ڪشمڪش ۾ پيل هو. هو گاسليٽ
واري ڏيئي جي ان جهيڻي روشنيءَ کي گهوري رهيو هو،
جيڪا گهٽيءَ جي لڳندڙ هوائن جي ڪري، لھرا کائي رهي
هئي. هو پنھنجي عمر جي بھارن ۾ هڪ اهڙو مرد هو،
جنھن صاف ڏسي ورتو هو ته زندگيءَ جي چنبي مان پاڻ
کي آزاد ڪرڻ واري پرامن گهڙي، تيزيءَ سان، ويجهو
اچي رهي آهي. هو شڪرگذاريءَ سان موت جي اچڻ جو
انتظار ڪري رهيو هو؛ سندس زرد چھري تي اميد جو صبح
پيدا ٿي رهيو هو، سندس چپن تي هڪ ڏکوئيندڙ مرڪ هئي
۽ اکين ۾ معافي.
هو هڪ اهڙو شاعر هو، جيڪو زندهه دولتمندن جي شھر ۾
بک وگهي تڙپي رهيو هو، هو هن ڌرتيءَ جي دنيا ۾ ان
لاءِ موڪليو ويو هو ته جيئن پنھنجي سندر ۽ گهرن
قولن سان انسان جي دل کي گرمائي سگهي.
هو هڪ
عظيم روح هو، جنھن کي ”ڏاھپ جي ديويءَ“ انساني روح
کي سڪون بخشڻ ۽ نرم بڻائڻ لاءِ موڪليو هو. پر
افسوس! هن، هن سرد ڌرتيءَ کي خوشيءَ سان الوداع
چيو، پر ان جي رھاڪن کان کيس هڪ مرڪ به نصيب نه ٿي.
هو پنھنجا آخري پساهه کڻي رهيو هو. سندس بستري جي
پاسي ۾ ڏيئي کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه هو، جيڪو سندس
واحد ساٿي هو ۽ ڪجهه ڪاغذ هئا، جن تي هن پنھنجي
دل جا احساس لکيا هئا. جڏهن هن پنھنجي سڪي ويل
سگهه جا بچيل ذرا گڏ ڪيا، ته پنھنجا هٿ آسمان
ڏانھن کنيا؛ هن پنھنجيون نگاهون نااميديءَ سان
ائين ڦيريون ڄڻ بادلن جي اوٽ پويان تارن کي ڏسڻ
لاءِ جهوپڙي جي ڇت کي چيري پار ڪرڻ چاهيندو هجي.
هن چيو، ”اچ، اي حسين موت! منھنجو روح، تنھنجي
تانگهه ۾ آهي. منھنجي ويجهو آءٌ ۽ زندگيءَ جون اهي
زنجيرون کولي ڇڏ، جن کي گھليندي مان ٿڪجي پيو
آهيان. اچ، اي مٺڙا موت ۽ مون کي انھن پاڙيسرين
کان نجات ڏي، جن مون ڏانھن هڪ ڌاريي وانگر نھاريو،
ڇاڪاڻ ته مان انھن آڏو، فرشتن جي ٻوليءَ جي تشريح
ڪندو هوس. تڪڙ ڪر، اي پرامن موت ۽ مون کي، انھن
هجومن مان کڻي وڃ، جن مون کي وسارڻ جي اونداهيءَ
ڪنڊ ۾ انڪري ڇڏي ڏنو، جو مان سندن وانگر ڪمزورن جو
رت نٿو پيئان.
اچ،
اي مھربان موت ۽ مون کي پنھنجي اڇن پرن هيٺ لڪائي
ڇڏ، ڇاڪاڻ ته منھنجي هم نسل انسانن کي منھنجي
ضرورت ناهي.
مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀَر، اي محبت ۽ رحمت سان
ڀريل موت؛ پنھنجا چپ، منھنجي انھن چپن سان لڳاءِ،
جن ڪڏهن ماءُ جي چمي ناهي چکي، نه ڪنھن ڀيڻ جي ڳلن
کي ڇھيو آهي ۽ نه ئي ڪنھن محبوبا جي آڱرين کي
محسوس ڪيو آهي. اچ ۽ مون کي وٺي وڃ، اي منھنجا
پيارا موت!“
تڏهن، ان مرندڙ شاعر جي سيرانديءَ کان هڪ فرشتو
نمودار ٿيو، جنھن ۾ هڪ مافوق الفطرت ۽ خدائي سونھن
هئي، سندس هٿ ۾ اڇي ڪنول
(Lilies)
جو هار هو. هن شاعر کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ سندس اکيون
بند ڪري ڇڏيون ته جيئن هو هاڻي رڳو پنھنجي روح جي
اک سان ڏسي سگهي. هن شاعر جي چپن تي هڪ گهري، ڊگهي
۽ انتھائي نرم چمي ڏني، جنھن سندس چپن تي هميشه
لاءِ هڪ اطمينان واري مرڪ ڇڏي ڏني.
پوءِ
اها جهوپڙي خالي ٿي وئي ۽ اتي ڪاغذن جي ٽڪرن
کانسواءِ ڪجهه به نه بچيو، جن تي شاعر، پنھنجي تلخ
بي مقصديت وکيري ڇڏي هئي.
صدين کان پوءِ، جڏهن، ان شھر جا ماڻھو جھالت جي
بيمار ننڊ مان سجاڳ ٿيا ۽ کين علم جي باک ڦٽندي
نظر آئي، تڏهن هنن شهر جي سڀ کان خوبصورت باغ ۾ ان
شاعر جي ياد ۾ هڪ عظيم يادگار تعمير ڪرايو ۽ هر
سال، ان شاعر جي اعزاز ۾ جشن ملھائڻ لڳا، جنھن جي
لکڻين کين آزاد ڪيو هو.
اف، انسان جي جھالت ڪيتري نه بي رحم آهي!

مسڪان چنا


مسڪان چنا، پنھنجي خاندان جي پھرين نياڻي آهي،
جنھن بي.اي.سي تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. سندس
ماءُ ياسمين استادياڻي آهي ۽ ان جي ئي تربيت خواهه
نگرانيءَ ۾ مسڪان تعليم ورتي آهي. کيس ”گل ڦل“ ۽
”سرتيون“ رسالو پڙهڻ جو چاھه رھيو آهي. ھن ”ھمسري“
اخبار ۾ لکڻ کان شروعات ڪئي ۽ ھاڻي سوچي ٿي ته
سندس لکڻيون ”سرتيون“ رسالي ۾ به شايع ٿين. ھن وقت
سندس ڄمار ايڪيھه سال آھي. -
ا
ڀلاري
ڀٽ ڌڻي، اسان کي پنھنجي فن ۽ فڪر جو جيڪو اٿاهه
ساگر عطا ڪيو، تنھن سمنڊ جي سيني ۾ معنيٰ ۽ مفھوم
جا سوين ماڻڪ موتي ۽ لعل لڪيا پيا آهن. لطيف
سائين جي انھيَءَ عظمت، سنڌ، ھند ۽ دنيا جي
اڪيچار عالمن اديبن ۽ محققن، کي پاڻ ڏانھن متوجه
ڪيو آھي.
”لطيفيات“ جي موضوع تي قلم کڻندي ڪو به محقق
ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي شارحن کي نظرانداز نه ٿو ڪري
سگهي. ھي قلمي ڪوشش پڻ انھيءَ سلسلي جي ھڪ ڪڙي
آهي. ھن موضوع کي وڌيڪ مڪمل ۽ جامع بڻائڻ ۾ اسان
جي ليکڪن جا سوانحي خاڪا عرض رکجن ٿا.
آڏواڻي ڀيرومل مھر چند:
سندس ولادت 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي. 1875ع ۾ سالٽ
اينڊ ايڪسائيز ۾ ملازمت ڪيائين. 1924ع ۾ اتان
ريٽائري وٺڻ کان پوءِ ”ڊي.جي.سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾
ليڪچرار ٿيو. جتي 1937ع تائين ڪم ڪيائين. 1949ع ۾
ڀارت لڏي ويو، جتي 7 جولاءِ 1950ع تي لاڏاڻو
ڪيائين.
ڀيرومل
مھرچند آڏواڻي مختلف ادبي ۽ علمي صنفن جي مکيه
موضوعن تي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ 55 ڪتاب لکيا.
سندس لطيفيات جي موضوع تي ڪيل ڪم جو وچور ھن ريت
ٿئي ٿو :
(الف )
ڪتاب
”غريب
اللغات“ (1907ع) ”سنڌ جو سيلاني“ (1923ع) ”لطيفي
سُر“ (1928ع) ”چونڊ ڪلام“ (1941ع) ڀٽائي گھوٽ شاهه
لطيف جي ورسي (1942ع) ”جوھر نظم“، ”عمر مارئي“ ۽
”ماڻي جو ملڪ“
(ب)
مضمون
1-”شاهه
جا سُر“ ( سنڌو رسالي ۾ مارچ 1941ع کان ڊسمبر
1941ع تائين ڪل 5 مضمون)
2- ”شاهه
جي سنڌ“ (تحفا لطيف 1958ع)
3-Sindhi
literature and its pioneers" ( "sindhian world"
1940)
4. "Shah
poet laureate of Sindhi" ("poet laureate of
sindhi" 1961)
آڏواڻي ڪلياڻ بولچند
سندس
ولادت 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ٿي. 1947ع
کان پوِءِ ڀارت لڏي ويو. اڄڪلھه بمبئيءَ ۾ رهي ٿو.
ڪلياڻ آڏواڻي، ورھاڱي کان اڳ ڪاليج ميگزين
”ڦليلي“ ”سنڌو“ ۽ ”لطيف ٻاري“ ۾ لکڻ شروع ڪيو .
1946ع ۾ مشھور ڊرامو ”شڪنتلا“
ترجمي ڪرڻ تي انعام کٽيائين. ڀارت ۾ پڻ ڄاتل
سڃاتل علمي ۽ ادبي شخصيت جي حيثيت ماڻي ٿو.
ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. ”لطيفيات“ جي موضوع تي
سندس ڪيل قلمي ڪوششن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
(الف)
ڪتاب:
”شاھه“
(1951ع) ”شاھه جو رسالو“ (1958ع) شاھه لطيف
(انگريزي ۾ 1970ع)
(ب)
مضمون :
1. ”سُر
سھڻي“ لطيف نئو مخزن (1951ع)
آصف
احمد خان مصراڻي
سندس ولادت 8 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ مٺو ٻٻر ضلعي
دادو ۾ ٿي. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ پنھنجي تر ۾
علم جي روشني پکيڙيائين، پاڻ اسان جي دور جي
ناميارن عروضي شاعرن مان ھڪ هو. ”جمعيت الشعراءِ
سنڌ“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ جو سرگرم ڪارڪن رھيو.
سندس سوانح جو تفصيلي خاڪو ۽ قلمي پورھئي جا انگ
اکر ”ڏات ڌڻين جي رٿا“ جي حوالي سان، رڪارڊ نمبر
140 ھيٺ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيا ويا
آهن.
پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. لطيفيات جي موضوع تي
ڪجهه مضمون لکيائين، جن جو تفصيل ھن ريت آهي :
1. ”شاھه
جي رسالي جا ڇاپي نسخا“ (نئين زندگي 1967ع)
2. ”شاھه
جي شعر جي پھرين منظوم شرح“ (نئين زندگي مئي
1967ع) ۽ (اديون جون 1966ع)
آغا
تاج محمد :
آغا
تاج محمد ولد عبدالمجيد خان پٺاڻ 16 سيپٽمبر 1904ع
تي باگڙجي ضلعي سکر ۾ ڄائو. تعليم کاتي ۾ اهم عھدن
تي فائز رهندي، سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم
ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ٿيڻ جو به
اعزاز حاصل آهي. 10 آڪٽوبر 1959ع تي وفات ڪيائين.
سندس زندگيءَ جو احوال، سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري
(سنڌالاجي) ”وياسي وينجهار“ (سنڌي ادبي بورڊ)
مھراڻ سوانح نمبر (سنڌي ادبي بورڊ) نئين زندگي
(ڊسمبر 1966ع) ۽ ڊاڪٽر ممتاز بخاري جي تحقيقي
مقالي ”سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌي ادب ۽ سياست ۾
حصو“ ۾ تفصيل سان ڏنو ويو آهي.
مرحوم مختلف موضوعن تي چوويھه ڪتاب لکيا. لطيفيات
جي موضوع تي ٿيل سندس ڪم جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو:
(الف)
ڪتاب :
”عڪس
لطيف“ (اردو۔ 1951ع)
(ب)
مضمون :
1 ”شاهه
عبدالطيف ناصح جي حيثيت ۾“ (”عام لاءِ فيبروري“
1951ع) ۽ (”نذر لطيف“ 1954ع)
2 ”شاهه
جي نظر ۾ خالق ۽ مخلوق“ (لطيف سالگره مخزن 1960ع)
3 ”شاهه
ڪا ڪلام اور اردو ترجمي ڪي اھميت ۽ شاهه جو رسالو
ڪي اھميت” (ٻئي اردو ۾: نغمات لطيف 1960ع)
ابڙو
علي خان:
علامه
علي خان ولد عمر خان ابڙو 1888ع ۾ لڳ ننڍڙي ڳوٺڙي
”سانگي“ تپو منگواڻي تعلقي ميھڙ ۾ ڄائو. تعليم
مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين.
جتان 1944ع ۾ ريٽائرڊ ڪيائين. سندس وفات 16 جولاءِ
1954ع تي ٿي. مرحوم جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال،
سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (سنڌلاجي) ”وياسي
وينجهار“ (سنڌي ادبي بورڊ) ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (
ڊاڪٽر الانا) نئين زندگي (ڊسمبر 1954ع) ۽ ڊاڪٽر
ممتاز بخاري جي تحقيقي مقالي ۾ ڏنل آهي.
مرحوم جملي سورنھن ڪتاب لکيا، جن مان ھڪ ڪتاب ”سُر
سامونڊي“ لطيفيات جي موضوع تي پڻ هو. اھو ڪتاب
1956ع ۾ شايع ٿيو.
پٺاڻ
بشير احمد شاد:
بشير احمد شاد ولد در محمد پٺاڻ اپريل 1942ع ۾
شڪارپور ۾ ڄائو. علم دوستي کيس معياري قلمي
پورھئي ڪرڻ جو اعزاز ڏنو آهي. ”مولانا ثنائي جي
ادبي خدمت“ جي موضوع تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي
نگرانيءَ ۾
Ph. D
ڪئي اٿس. ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا اٿس. شاعري
افسانو ۽ تنقيد سندس پسنديده موضوع آهن. ڪيترن
ڪتابن جو ليکڪ ۽ مرتب آهي. سندس قلمي پورھيو ۽ ان
بابت انگ اکر مرتب ڪري رڪارڊ نمبر 212 ھيٺ ڏات
ڌڻين جي رٿا جي حوالي سان، سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيو
ويو آهي. لاکيڻي لطيف تي سندس ڪتاب ڇپيل آهي.
شيخ محمد
سومار:
محمد
سومار ولد الله بچايو شيخ 1 جنوري 1935ع تي بدين ۾
ڄائو. 1986ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ادبي دنيا ۾ لاڙ
جو لال ۽ سنڌ جو بي لوث، پر محنتي اديب ۽ شاعر
ڄاتو ويندو ھو. ثقافت تاريخ ۽ علم و ادب سان کيس
جنون جي حد تائين پيار ھوندو ھو. مرحوم شيخ محمد
سومار جو ”لطيفيات“ جي موضوع تي لکيل ڪتابن ۽
مقالن جو مختصر وچور ھيٺ ڏجي ٿو:
(الف)
ڪتاب
1. ”شاھه
جا گم ٿيل بيت“ (1956ع)
2. ”لطيف
سائين جن جا لاڙ تان ڀيرا“ ( 1986ع)
(ب)
مضمون
1. ”شاھه
جون ھمعصرن شاعرن سان ڪچھريون“
(لطيف
سالگره 196ع)
سانگي
مير عبدالحسين
مير
عبدالحسين سانگي ولد مير عباس علي 1851ع ۾ ڄائو.
سندس وفات 12 جون 1924ع ۾ ٿي. پاڻ پنھنجي دور جي
ناميارو شاعر ۽ منفرد نثرنويس ٿي گذريو آهي. سندس
زندگي ۽ ادبي خدمتن جو احوال،
”ڪليات
سانگي“ ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين ڪتابن ۽ رسالن ۾ موجود
آهي. سندس لکيل ڪتابن جو تعداد ٻارهن ڄاڻايو ٿو
وڃي. سانگي، ڀٽ ڌڻي جي عقيدتمندن مان ھڪ ھو.
انھيءَ عقيدت کيس ”لطائف لطيفي“ (فارسي) ڪتاب لکڻ
تي آماده ڪيو، مرحوم اھو ڪتاب، 1877ع ۾ لکيو، جيڪو
1967ع ۾ شايع ٿيو. اھو ڪتاب ئي ”لطيفيات“ جي موضوع
تي لکيل ڪيترن ڪتابن جو ماخذ آهي.
حامي عطا
محمد:
ڊاڪٽر
عطا محمد حامي ولد قائم خان سوھو 1 جنوري 1919ع تي
ڄائو. 3 جون 1982ع تي وفات ڪيائين. مرحوم پنھنجي
دور جو ناميارو پروفيسر، استاد، شاعر ۽ نقاد ھو.
ڊاڪٽر حامي مرحوم، سچل سرمست جي ضلعي جو ھو، انڪري
ادب کي محققانه انداز ۾ پيش ڪرڻ جو سھرو، سندس سر
تي آهي. ان کانسواءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي فن ۽ فڪر کي
به پنھنجي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي اجاگر ڪيائين.
انھيءَ سلسلي ۾ ڪيل سندس قلمي ڪاوشن جو اختصار
ھيٺ ڏجي ٿو:
1. ”شاھه
۽ غالب“ (ياد لطيف 1953ع)
2. ”شاھه
جي نازڪ خيالي“ (نذر لطيف 1954ع)
3.
”لطيفيات لطيف جي“ (ڳوٺ سڌار 1959ع)
دائودپوٽو
علامه:
عمر محمد بن دائودپوٽو 25 مارچ 1896ع تي ٽلٽي ۾
ڄائو ۽ 22 نومبر 1958ع تي وفات ڪيائين. مرحوم
پنھنجي دور جي ناميارن تعليمدانن ۽ محققن مان ھڪ
ھو. سندس زندگيءَ جو تفصيلي احوال، ”منھنجي مختصر
آتم ڪھاڻي“ کانسواءِ
”عالمن جو آفتاب“ ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن ۾ موجود آهي.
ڊاڪٽر ممتاز بخاري پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ پڻ سندس
احوال ڏنو آھي. ڊاڪٽر مرحوم 28 ڪتابن کانسواءِ 9
مسودا، علمي ادبي دنيا کي ڏنا. سندس تحقيقي خدمتن
جو اعتراف ۾ وقت جي سرڪار
”شمس العلماءُ“ جو خطاب ڏنس. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي
استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي سان گڏ، لطيفي ادب ۾ اضافو
ڪيو. مسودي جي صورت ۾ ”شاھه جو رسالو“ کان علاوه
پنھنجي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي به انھيءَ موضوع ۾
اضافو ڪيو.
خليل شيخ
محمد ابراھيم:
ڊاڪٽر
محمد ابراھيم خليل ولد محمد يوسف ڪراچي ۾ 4 ڊسمبر
1900ع ۾ ڄائو. 18 ڊسمبر 1989ع وفات ڪئي اٿس. پاڻ
سنڌيءَ جو ڪھنه مشق شاعر ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. پاڻ
”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جي اڳواڻن مان ھڪ ھو. ھڪ
درزن کن ڪتاب لکيائين. ڊاڪٽر خليل پنھنجي ڪتاب
ادب ۽ تنقيد (1949ع) ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي حوالي
سان. لطيفيات تي بحث ڪرڻ کانسواءِ ھي مضمون ۽
مقالا لکيا:
1. ”شاھه
جي بيتن جي ادبي خوبين مان شاھه جي پڙھيل ھجڻ جي
ثابتي“ (ياد لطيف 1953ع)
2. ”شاھه
ڀٽائي جي حب وطن“ (سالگره مخزن 1954ع)
3. ”شاھه
عبداللطيف شاعر“ (يادگار لطيف 1956ع)
4. ”شاھه
۽ تصوف“ (يادگار لطيف 1959 ع)
5. ”شاھه
جي ڪلام ۾ تصوف جون رمزون“ (لطيف سالگره 1960ع)
6. ”شاھه
عبداللطيف ڀٽائي نيچرل شاعر جي حيثيت ۾“ (ضياءِ
اللطيف 1968ع)
7.
”ڪينجھر ھندورو ٿئي يا ڪينجھر کٿوري ٿئي“ (تحفا
لطيف 1968ع)
8. ”تو
جي بيت ڀانئيا“ (نئين زندگي 1969ع)
ڏيپلائي
محمد عثمان:
محمد
عثمان ولد حبيب الله ڏيپلائي جي ولادت 1908ع ۾ ٿي
۽ 7 فيبروري 1981ع تي وفات ڪيائين. مرحوم پنھنجي
دور جو ناميارو صحافي ۽ اديب ٿي گذريو آهي. مختلف
موضوعن ۽ مکيه صنفن تي لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ کن ڪتاب
لکيائين. مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي، لطيفي فڪر کي
عام ڪرڻ ۾ تعريف جوڳي قلمي ڪوشش ڪئي آهي. ان سلسلي
۾ ڪيل ڪم جا الڳ اکر ھيٺ ڏجن ٿا:
(الف)
ڪتاب
1. ”شاھه
جي رسالي جو رھبر“ (1951ع)
2. ”شاھه
جو رسالو “ (1951ع)
3. ”شاھه
جو رسالو پاڪيٽ سائيز“ (1951ع)
(ب)
”شاھه جي سسئي“ ( يادگار لطيف 1956ع)
بروھي اي
ڪي:
الله
بخش ڪريم بروھي 24 ڊسمبر 1915ع تي ڳڙھي ياسين ۾
ڄائو ۽ 1987ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ پاڪستان جو نامور
قانوندان ٿي گذريو آھي. پاڪستان جي تاريخ ۾ کيس
سفارتڪار ۽ سياستدان جي حيثيت ۾ به ياد ڪيو وڃي
ٿو. مرحوم پھريون دفعو 1953ع ۾ ۽ ان کان پوءِ ھر
ھڪ مارشل لا جي دور ۾ وزير به ٿي رھيو. 1977ع واري
مارشل لا کي ضرورت واري نظرئي ھيٺ، پاڪستان جي
سپريم ڪورٽ مان جائز ھجڻ جو فيصلو ڪرايائين. پاڻ
چوٽيءَ جي ليکڪن مان به ھڪ ھو. سندس فلسفي ۽ قانون
جي لکڻين جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو:
(الف)
ڪتاب
:
1.
An adventure in slef expression
(1955ع)
( ب)
مضمون
:
1- ”شاھه
جي شاعري“ (نئين زندگي 1957ع)
2- ”محبت
اور آرزو ڪا شاعر“ (نغمات 1960ع)
3- ”شاھه لطيف جو ڪلام نقشي“ (لطيف 1970ع)
4- ”شاھه
جو لطيف جو پيغام“ (لطيف سالگره 1975ع)
5.
Poetry of Shah Latif (poet laureate of Sindhi
1961)
ٽرمپ
ارنيسٽ:
ڊاڪٽر
ارنيسٽ ٽرمپ 13 مارچ 1828ع تي جرمنيءَ جي ننڍڙي
ڳوٺ انسفيلڊ ۾ ڄائو ۽ 5 اپريل 1885ع
۾ وفات ڪيائين. ھن ويھن سالن جي ڄمار ۾ آزاديءَ جي
تحريڪ ۾ حصو ورتو. ان کانپوءِ ملڪ ڇڏي، انڊيا آفيس
لائبريري ۾ ملازمت ڪيائين. ”چرچ مشن سوسائٽي“
پاران ھندوستان ۾ آيو ۽ کين سنڌ ۾ اچڻو پيو، جتي
کيس لطيف جي پھرئين مرتب جو اعزاز مليو. ھن سنڌ ۾
ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو ڪلام ھٿ ڪيو. جنھن کي جرمنيءَ جي
لئنگئيج ۾ شايع ڪرايائين. اھڙيءَ ريت ”شاھه جو
رسالو“ سڀ کان پھريون دفعو 1866ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو
ھو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، سنڌي زبان لسانيات ۾ به
ڪم ڪيو، پر کيس شھرت ۽ عزت، ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي ڪلام
کي مرتب ڪرڻ جي ڪري ملي.
جتوئي
علي نواز:
پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي 11 جولاءِ 1914ع
تي نوان جتوئي ضلعي نواب شاھه ۾ پيدا ٿيو. سنڌ
يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ چيئرمين به ٿيو.
پروفيسر جتوئي صاحب لسانيات، اخلاقيات ۽ شاعري جي
موضوع تي ست اٺ ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ترجمي ۽ ترتيب
وارا ڪتاب به اچي وڃن ٿا. پروفيسر صاحب ”لطيفيات“
جي موضوع
تي ڪيترائي مقالا لکيا، جن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن ٿا:
1. ”شاھه
جي رسالي ۾ توحيد جو مفھوم“ (نئين زندگي آڪٽوبر
1950ع)
2. ”ڀٽ
ڌڻي جو ڀاري ڀيد“ (تحفا لطيف 1958ع)
3. ”شاھه
جي نفس شناسي“ (بھار لطيف 1959ع)
4. ”سُر
ڪارايل“ جي اندورني اپٽار“ (يادگار لطيف 1960ع)
قاضي
آءِآءِ:
امداد
علي ولد امام علي قاضي جي ولادت 1886ع ۾ ۽ وفات 17
اپريل 1968ع تي ٿي. پاڻ پنھنجي دور جي ناميارن
دانشورن ۽ فلاسفرن مان ٿي گذريو آهي. سندس حياتي ۽
فڪر تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ
جي مٽيءَ ۾ مدفون عظيم انسان، پنھنجي ڏات ۽ ڏاھپ
جي ڪيترو عرصو جوت جلائي رکي. سنڌ جي ھن نامياري
دانشور ۽ فلسفي، ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي فڪر کي اجاگر
ڪرڻ لاء پنھنجي تقرير خواھه تحرير جون صلاحتيون ڪم
آنديون. سندن ڪن لکڻين جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو:
(الف
)ڪتاب
1. ”شاھه
جو رسالو “(1961ع)
2. "Shah
latif an introduction to his art" (1961
(ب)
مضمون
1. ”شاھه
جي عالمي شاعرن ۾ مقام“ (تحفا لطيف 1958ع)
2. ”شاھه
جا ڪلام اور اردو زبان ڪا استعمال“
(نغمات لطيف 1960ع)
3. "Shah
his position among the world poets" (poet
leaurate of sindh 1961)
4. "Shah
latif and apperiation"( king of melody 1964) |