سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي- جون 2026ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

 

 

 

 

 

 

ڪتاب جي اهميت

 

 

 

        ”ڪتاب“ جو لفظ، هڪ پڙهيل لکيل انسان جي زندگيءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

ڪتاب هڪ بھترين ۽ ”خاموش“ دوست آهي. انسان هيٺيان نُڪتا ذهن ۾ رکي، گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو.

ڪ

Ø                

ڪفر کان روڪي ٿو.

ت

Ø                

تحقيق ڪرڻ سيکاري ٿو.

ا

Ø                

اورچائيءَ جي راهه تي هلائي ٿو.

ب

Ø                

براين کان روڪي ٿو.

        هر دور ۾ ”ڪتاب“ جي اهميت بابت تمام گهڻي تعداد ۾ لکيو ۽ پڙهيو ويندو رهيو آهي. انسان جي زندگيءَ ۾ ”ڪتاب“ اُن وقت  اهميت حاصل ڪئي. جڏهن ”ڪاغذ“ وجود ۾ آيو. اُن کان اڳ جيڪو ڪجهه پراڻي دور جون خاص ڳالھيون، چوڻيون، حڪمت جون ڳالھين، يا وري ٻوليءَ جي لکت وغيره جي باري ۾ ڪو دستاويزي ثبوت نه مليا آهن، ڇو ته ڪاغذ جي ايجاد کان پوءِ ئي لکڻ ۽ سنڀالڻ جو رواج قائم ٿيو. ورنه لکت صرف ڪجهه پراڻي آثارِ قديمه جي دور جي پٿرن، ڀتين، پھاڙن، وڻن جي پنن، برتنن وغيره تي نقش ٿيل صورت ۾ ملي. جڏهن کان ڪاغذ وجود ۾ آيو ته پيغام رساني جا طريقا به آسان ٿي ويا.

آهستي آهستي جيئن پڙهڻ پڙهائڻ جو رواج وڌيو ته ڪتاب لکڻ ۽ مختلف علمن کي لکي، محفوظ ڪرڻ جو سلسلو به وڌندو رهيو. هر قسم جي علمي معلومات کي قلمبند ڪرڻ جو رواج ترقي ڪندو رهيو. موضوع ڪھڙا به هجن، پر اُنھن کي لکي محفوظ ڪرڻ، انسانن جي اولين ترجيحات ۾ شمار ٿيڻ لڳو. اهڙي طريقي سان ڪتبخانا وجود ۾ ايندا رهيا. ۽ علم، ادب، فلسفو، سائنس ۽ ٻيا مختلف موضوع رفته رفته ڪتابن جي صورت اختيار ڪندا رهيا. گڏوگڏ پوءِ انسان پنھنجي روزمره جي اٿڻي ويھڻي، طور طريقا، سماجي روايتون رسمون، خوشيءَ ۽ غميءَ جي موقعن تي ڳالھائي ويندڙ گفتگو، سير و تفريح جي جاين جو ذڪر، ثقافتي طور تي ملھايا ويندڙ اهم ڏينھن، مذهبي ڏينھن جي باري ۾ معلومات وغيره سڀ ڪجهه پنن تي لکڻ جو سلسلو مستقل طور تي زيرِعمل رهيو. جيڪي ماڻھو خاص طور تي تعليم ڏيڻ جي شعبي سان واسطو رکندڙ هئا ۽ لکڻ پڙهڻ سان وابستگي جي ڪري، علمي ڄاڻ جي بنياد تي ڪتابي صورت ۾ پنھنجي علم کي محفوظ ڪندا رهيا. ڇو ته ائين ڪرڻ سان، ايندڙ نسلن کي علم جي ڄاڻ ملندي رهي ۽ اُهي لکندڙ پڻ واندڪائيءَ ۾ وري پنھنجي لکيل معلومات کي پڙهي لُطف اندوز ٿيندا رهيا. ائين ڪرڻ سان نه صرف ذاتي يادگيريون، پر پنھنجي حاصل ڪيل علم جي بنياد تي پنھنجي معلومات کي ڪتابي صورت ۾ آڻي، ايندڙ نسلن جي پڻ رهنمائيءَ لاءِ مفيد خيال، مشورا ۽ کوجنا جي راهه ۾ مددگار ثابت ٿيا.

 

آڳاٽي زماني جون ڳالھيون، رسم و رواج، ثقافتي طور تي ملھايل ميڙا، ملاکڙا، اُٿڻ ويھڻ جا طور طريقا، صحت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ، جڙي ٻوٽين جو علم، حادثاتي طور تي زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ جراحت جو علم، مطلب ته اهڙيون بيشمار روزمره زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ شين وغيره جي ترڪيبن ۽ نالن کي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري هميشه لاءِ ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪئي وئي آهي. اِنڪري ئي اهو چيو وڃي ٿو ته:

ڪتاب، انسان جا بھترين دوست هوندا آهن ۽ ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندڙ ڄڻ ڪتابن سان ڪچھري ڪندا رهندا آهن. انسان جو اڪيلائپ جو احساس ختم ٿي ويندو آهي.

ڪتاب جو لکندڙ يعني ”مصنف يا مؤلف“ يا وري ترجمي نگار يعني ”مترجم“ يقيناً اهو ڪم لائق صد احترام هجي ٿو. لکندڙ پنھنجي زندگيءَ جي تحقيق ۽ تجربي جو پورو نچوڙ، توڙي ”سائنسي“ هجي يا وري ”غير سائنسي“، ذاتي محسوسات، معلومات ”عام“ هجي يا ”خاص“، ”اِدراڪ“ ”بُري“ ۽ ”ڀلي“ ”صحيح ۽ ”غلط“ جي ”ساڃاهه“، شعور ۽ ”پروڙ“ ۽ پرک، پنھنجي پڙهندڙن سان ”ونڊ“ شيئر ڪري ٿو. پڙهندڙن کي، حڪمت ڀريون ڳالھيون، ڏاهپ ۽ عقل ڀريا ڏس ۽ گَس ٻڌائي ٿو، ڪتاب اِهڙا پارس مثل آهن، جيڪي پنھنجي پڙهندڙن کي سون مثل بڻائي، انمول ۽ املھه بڻائي ڇڏين ٿا.

ڪتاب مختلف علمن ۽ موضوعن تي مشتمل اهڙن گلن جي خوشبوءَ وانگر آهن، جيڪي انساني ذهن کي پنھنجي واس سان واسي ۽ هٻڪار سان مالامال ڪري ڇڏين ٿا.

منھنجو ذاتي تجربو آهي ته ڪتاب پڙهڻ واري ”عادت“ سان اسان جي ”دل“ ”پرسڪون“ ٿي وڃي ٿي. ننڊ به ڏاڍي سُٺي اچي ٿي. رات جو ڪتاب پڙهي سمھڻ سان انسان سويل سمھي ٿو ۽ وري صبح جو سويل ساجهر ننڊ منجهان اک کلي ٿي. وقت صحيح ۽ سولو بيحد آسان ٿي وڃي ٿو. گڏوگڏ، ذهني دٻاءُ پڻ گهٽجي وڃي ٿو. مٿين مضمون ۽ بيان منجهان ثابت ٿيو ته پنھنجي ذهني سڪون خاطر ئي ماڻھوءَ کي ڪتاب ئي دوست بڻائڻ گهرجي.

اڄ جي ”جديد سائنس“ پڻ اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته جيترو ذهن کي مصروف رکبو، اوتروئي سوچ جو وهڪرو مثبت انداز ۾ رهندو. خالي ذهن ۾ غلط قسم جا خيالات پيدا ٿيندا رهندا آهن، اِنڪري اسان جي دينِ ”اسلام“ ۾ پڻ ان ڳالھه تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو تاڪيد ٿيل آهي ته بيشڪ ذڪر الله ۾ ئي انسان لاءِ سڪون آهي ته، جڏهن قلب ۽ ذهن ٻئي هم رڪاب ٿي، ذڪرِ الله ۾ مصروف رهن ٿا ته، بيشڪ رب تعاليٰ، انسانن جي ”دلين ۽ دماغ“ کي سڪون بخشي ٿو. اهڙوئي تاڪيد الله تعاليٰ جي موڪليل آسماني ڪتابن ۾ پڻ فرمايل آهي.

”ڪتاب“ انساني سماج ۾ هزارين سالن کان استعمال ۾ رهيا آهن، پر اِها به حقيقت آهي ته پراڻن وقتن ۾ ڪتابن تي ڪجهه خاص ماڻھوءَ جي پھچ هوندي هئي. هاڻي ائين ناهي رهيو. اڄ هر گهر ۾ ڪتاب موجود هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪتابن جي تاريخ هزارن سالن تي ٻڌل آهي. انڪري ڪنھن خاص سال يا ڏهاڪي کي ظاهر نٿو ڪري سگهجي. البت ڪتاب زمان ۽ ڪجهه قدر مڪان کي ظاهر ڪري ٿو.

 

خسانه پريت

 

 

 

عورتن جو عالمي ڏينھن

(۽ سنڌ جي دانھيندڙ عورت)

 

سوچيندي ته سگھاري ٿيندي،

نيٺ  سکي  سوڀاري  ٿيندي.

اٺين مارچ، ھونئن ته عالمي طور تي، انھن جدوجھد ڪندڙ عورتن جو ڏينھن آھي، جن بي انتھا قربانيون ڏئي، ھڪ سياسي تحريڪ ھلائي، پنھنجون جانيون ڏئي، وقت جي حڪمرانن کان ووٽ سميت، ڪيترائي مطالبا مڃرايا، جنھن جي نتيجي ۾  عورتازاد تحريڪ  بعد ۾  يورپ ۽ آمريڪا واري خطي مان نڪري، ھڪ عالمي عورتن جي تحريڪ بڻجي وئي .

اَٺين مارچ جو ڏينھن لڳ ڀڳ سڄي دنيا ۾ عورتن پاران ساڳئي جوش ۽ ولولي سان ملھايو وڃي ٿو .

اَٺين مارچ جي حوالي سان، آئون ھتي چاھيان ٿي ته  سنڌ جي تناظر ۾ عورتن جي حقن جو  استحصال، سندن مٿان تشدد ظلم ۽ جنسي زيادتين متعلق ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ ڪي حقيقتون بيان ڪريان.

توڙي جو ھن ملڪ ۽  سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ سندس تحفظ لاءِ جدوجھد، ھر دور ۾ ٿيندي رھي آھي، پوءِ اھو انتھائي ڪارو مارشلائي دور ھجي يا وري چونڊيل حڪومتن جو جمھوري دور، جنھن جي نتيجي ۾ مختلف وقتن تي ڪجهه بھتر قانون سازي پڻ عمل ۾ آئي آھي جھڙوڪ:  عورتن جا الڳ ٿاڻا، وومين پروٽيڪشن سيل، قومي ۽ صوبائي ڪميشن فار اسٽيٽس آف وومين ۽ سرڪاري نوڪري ڪندڙ عورتن لاءِ نھايت اھم بل  سيڪشوئل ھراسمينٽ ايٽ ورڪ پليس ايڪٽ 2010ع، جنھن کي وومين پروٽيڪشن بل جو نالو پڻ ڏنو وڃي ٿو.

پر جيڪڏهن مٿئين سڄي پس منظر ۾  ڏٺو وڃي ته ايتري قانون سازيءَ، ايترين رڙين ڪوڪن، احتجاجن ريلين، مظاھرن۽ لکپڙھه باوجود، عورت خاص طور تي ٻھراڙيءَ جي عورت  جي سماجي حالت سڌرندي نظر ڪانه ٿي اچي.  ٻيا قانوني، انساني، آئيني ۽ صنفي حق ته پري جي ڳالھه ھوءَ ته  موت جي خوف مان ئي ٻاھر ناھي نڪري سگھي! اجائي شڪ ۽ ڪارو ڪاريءَ جھڙي ڀيانڪ ڪڌي رسم جي صورت ۾ اجل جا ڪارا ڪڪر، ڄڻ ته ھر وقت، ھن جي جيئري وجود مٿان گھيرو ٺاھي بيٺل آھن. مطلب ته ھوءَ اڃان جيئڻ جي جنگ ۾ جوٽي پئي آھي.

آنر ڪلنگ جھڙي قاتل ڪاروبار ۾ نه صرف ھيٺئين طبقي جا تعليم کان وانجهيل ۽ جاگيرداري نظام جي ور چڙھيل  ماڻھو ملوث آھن، پر المياتي طور تي رپورٽ ٿيندڙ واقعي ۾ ھڪ پڙھئي لکئي ۽ مقامي اين جي اوز ۾ سماج سڌارڪ طور نوڪري ڪندڙ شخص پڻ پنھنجي ڀيڻ ۽ ويجھي مائٽ کي آنر ڪلنگ ۾ ماري ڇڏيو. مطلب ته ھي مھلڪ بيماريون ھاڻي چڱن ڀلن جي سوچ کي  اڏوھي وانگر کائي رھيون آھن، ھن قسم جي صورتحال، نھايت پيچيده ھجڻ سان گڏوگڏ، ڀيانڪ پڻ آھي، جنھن ۾ عورت ھر جاءِ تي قاتلن جي چنبي ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿي  .

ھن حوالي سان، اتر سنڌ جي عورت  تمام گھڻي خوف ۽ عدم اعتماد جو شڪار آھي ۽ شديد ذھني دٻاءُ ۾ زندگي گذاري رھي آھي. جيڪڏهن روزاني جي بنياد تي مختلف اخبارن جا انگ اکر ڏسجن ته پتو پوندو ته روزانو سراسري ٻه کان ٽي عورتون مختلف سببن تحت، موت جو کاڄ بڻايون وڃن ٿيون ۽ بعد  ۾ سندن لاشن جي به تذليل ڪئي وڃي ٿي، ھو بجاءِ عزت احترام سان دفنائجڻ جي ندين نالين ۾ اڇلايون وڃن ٿيون يا وري کڏ کوٽي پوريون ٿيون وڃن. ھنن قتلن جا  ڪجهه ڀيانڪ مثال، جيڪڏهن ڏجن ته گذريل سال  فيبروري  جي مھيني ۾  ڄام شوري ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ نوجوان خوبصورت ناري وزيران ڇڇر کي پراسرار نموني تشدد ڪري ايئن ماريو ويو، جو سندس منھن سان گڏ، ڪوبه جسم جو ھڏو سلامت نه ھو. مون جڏھن وزيران جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڙھي ته سچ پچ ڊاڪٽر ھجڻ جي باوجود، سڏڪا ڀري روئي ويٺي ھئس. ساڳي صورتحال ستين جون 2020ع ۾ دادو شھر ۾ معصوم ٻن ننڍڙين نينگرين جي ماءُ  يمنا سومري کي سندس پڙھيل لکيل مڙس ڪنھن الزام تحت لوھي سريا مٿي ۽ جسم تي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ھن قتل ۾ پڻ آنر ڪلنگ جو شڪ ڏيکاريو ويو. ايئن سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جا ڪيترائي قتل ٿي رھيا آھن، جن ۾ جنسي زيادتيون پڻ شامل آھن .

ھھڙي ڳڻتيءَ جوڳي  صورتحال ۾  جتي ھڪ طرف عورتن سان  ظلم ۽ زيادتيون جاري آھن ته ٻئي طرف عورت به مڪمل طور تي خاموش ناھي ويٺل. پر پاڻ مٿان ٿيندڙ ڪِيسن  ۽ سماجي جبر خلاف، اڪيلي توڙي اجتماعي صورت ۾، تنظيمن جي شڪل ۾ آواز اٿاريندي ۽ دانھيندي رھي ٿي .

سنڌ ۾ رھندڙ عورتن جا ٻيا به انيڪ مسئلا  (Issues)آھن. مثلاً ننڍيءَ عمر ۾  شادي، سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، عورتن ۽ ننڍين ڇوڪرين کي پئسن عيوض وڪڻڻ، کين تعليم ۽  صحت جي سھولت کان محروم رکڻ، خاص طور تي توليدي صحت تي ڌيان نه ڏيڻ، کين معاشي طور تي ڪمزور رکڻ،  فيصلاسازيءَ ۾ شامل نه ڪرڻ، جنھن مان لڳي اھو ٿو ته ڄڻ پدرشاھي (مرداڻي سماج) اھو طي ڪري ڇڏيو آھي ته عورت  ڪنھن به حوالي سان، برابريءَ جو حق ئي نه ٿي رکي.

جنھن خطي ۾  مجموعي طور ئي تعليم جي صورتحال بھتر ڪانھي. سنڌ جو مجموعي لٽريسي ريٽ ئي ٽيھه پنجٽيھه سيڪڙو آهي، ان ۾ جيڪڏهن عورتن جو لٽريسي ريٽ ڏسبو ته صورتحال نھايت ڳڻتيءَ جوڳي نظر ايندي. ڇوڪرين جي تعليم ڪجهه وڏن شھرن کان سواءِ باقي ڄڻ ته ڪنھن جي ايجنڊا ۾ شامل ئي ناھي. نه سماج جي نه مائٽن جي ۽ نه ئي وري رياست جي.

عورتن جي حقن ۽ تحفظ جا بل منظور ڪرائي، قانون سازي ڪرڻ،  تيستائين اھم ۽ لاڀائتو نه ٿو بڻجي سگهي، جيستائين، ان تي عمل درآمد implementation صحيح معنيٰ ۾ نه ٿو ٿئي.

سماج، جيڪو اڳ ۾ ئي وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ، ڪمزور حڪمراني ۽ انصاف ۾ دير جھڙن انتشارن جي ور چڙھيل آھي، اھو عورت لاءِ ھيڪاري جھنم مثل بڻيل آھي. عورت، سماجي توڙي گھرو ظلم ۽ تشدد جون تمام خراب شڪليون برداشت ڪري رھي آھي، جنھن لاءِ سڀني ساڃاھه وند عورتن توڙي مردن کي گڏجي ڪي لاڀائتا ۽ نتيجا ڏيندڙ حل ڳولڻا پوندا.

ھن اٺين مارچ تي اھو عزم ڪيون ٿا ته جيستائين ھڪ به عورت جو ناحق خون وھايو ويندو کيس ذھني توڙي جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويندو يا سماج يا گهرو ليول تي سندس حقن جو استحصال ٿيندو، تيستائين انفرادي توڙي گڏيل جدوجھد جو علم اوچو رھندو، جدوجھد جاري رھندي. احتجاجي آوازن کي ايوانن تائين پھچائڻ جون ڪوششون جاري رھنديون.

عورت آزاد    

سماج آزاد

 

ساڀيان سانگي

 

ننڍپڻ، بي ترتيب اڻ پوريون يادون ۽

چوٿين اپريل جي چوٽ

 

يادون، ڪڏهن  اڌوريون، اڻ پوريون به هونديون آهن، ته ڪڏهن ڌنڌليون ڌنڌليون... پر ان ھوندي به وري ڪڏهن ڪڏهن اسان جي اندر ۾ هڪ مڪمل ڪائنات وانگر موجود پڻ هونديون آهن. جڏهن اسين ماضيءِ جي گهٽين ۾ جهاتي پائيندا آهيون، ته اهي پل، اهي چھرا ۽ اهي ڳالھيون ٻيھر جيئريون ٿي پونديون آهن. ننڍپڻ جي احساسن ۾  اهي ”اڻ پوريون يادون“، اڄ به ھُرنديون رھن ٿيون

چوٿين اپريل جي يادگيري کي سوچڻ ڪو سولو ناھي. سنڌ جي تاريخ ۾ (اسان ڪارڻ دنيا جي تاريخ ۾) چوٿين اپريل جو ڏينھن رڳو هڪ تاريخ ناهي، پر هڪ گهرو زخم ۽ هڪ اهڙي چوٽ آهي، جنھن جو درد، هر سال نئين سر محسوس ٿيندو آهي.

 هي ڏينھن اسان کي، ان ماڻھوءَ جي لاثاني قربانيءَ جي ياد ڏياري ٿو، جنھن هن خطي جي شعور کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري. هيءَ هڪ اهڙي چڻنگ هئي، جنھن وقت جي وڏن جابرن کي جلائي اجھائي رَکِ ڪري ڇڏيو ته ٻئي پاسي، عوام جي دلين ۾ مزاحمت ۽ محبت جو هڪ اڻ وسامندڙ ڏيئو پڻ ٻاري ڇڏيو.

اڄ به جڏهن چوٿين اپريل جو سج اڀري ٿو، ته اهو ساڳيو سور ۽ ساڳي پيڙا، ذهنن تي تري اچي ٿي.

آءٌ ڪيتري ھيس؟ ياد ناهي، نه ئي اھو ياد آهي ته اھو ڪھڙو سال ھو؟ پر درد جي گھڻائي ياد آھي، اميءَ ابوءَ جا سڏڪا ۽ آيا امان جا اوسارا ياد آھن.

 

ھا! يقيناً اھا چوٿين اپريل ھوندي، ڇو ته گھر ۾ ڏک جي چادر وڇايل ھئي، درد جي ڌنڌلي روشنيءَ جا اداس ڪرڻا پکڙيل ھئا.

امي ابو اداس ھئا، سندن  آليون اکيون ياد آھن، ٻاھر وڃڻ جي اجازت نه ھئي ڇو ته ٻاھر خوف ۽  هراس جو راڄ ھو، رستا ويران ھئا،پر انھن ۾ رکي رکي  ڊڪڻ جا آواز به ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھئا، ڪنھن ڪنھن وقت سمجهه نه ايندڙ ٻوليءَ ۾ رڙيون ۽ دھمان ھئا،ڪنھن کي روڪڻ لاءِ يا ڪنھن کي دٻائڻ لاءِ... ڌمڪائڻ لاءِ...

دل ڏاريندڙ، ڏڪائيندڙ، ڊيڄاريندڙ آواز، جن  اسان کي اميءَ ۾ لڪڻ تي مجبور پئي ڪيو،  ڪجهه ڦٽاڪن جا وڏا آوز،(جيڪي در حقيقت گوليون ھيون، ڪي گولين جا برسٽ ھئا)

عجيب گجندڙ آواز...

ياد ناھي ته امي ابو کان پڇيو ھيو يا نه ته ھي ڇا آهي ؟

پر جواب، وڏي ٿيڻ کان پوءِ سڀ مليا ھئا ته اھي لانگ بوٽي ھئا، جنھن ٻوليءَ کي مون نه پئي سمجهيو، ان ۾ ھو گاريون ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا ھئا، ڪو زمانو ته اھا ٻولي ۽ اھا قوم، اسان تي نفرت ۽ خوف جيئن مسلط رھي ھئي، ايئن لڳندو هو، ان قوم جو ھر فرد، ڄڻ ضياءُالحق ھجي...

ياد ٿو اچي، اوچتو اسان جي گھر جي ڳليءَ جو در بند ٿيو ھو، ڪجهه ڇوڪرا اچي ڳليءَ ۾ لڪيا ھئا (ڪي شاگرد ھئا ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جا) نئين ديري ۾ منھنجو گھر، پوسٽ آفيس جي بلڪل ڀرسان ھو، ان پاڙي ۾ اسان جو ئي اھو اڪيلو گھر ھو، جنھن کي ھڪ ڳليءَ. (اسان گھٽيءَ کي ڳلي چوندا ھئاسين) سان ٻه دروازا ھئا. ھڪ ٻاھريون، جيڪو کليل ھوندو ھو.  ننڍڙي ڳلي پوءِ ٻيو دروازو، جيڪو اندران بند ھوندو ھو، اھو گھر جي ورانڊي ۾  کلندو ھو.

 اسان جي ڳليءَ ۾ اھا خاصيت ھئي جو ڪو به ھتي اچي پناھه وٺندو هو، ڪڏھن ڪو جوڳي، ڪا فقيرياڻي ته ڪڏھن ڪو مسافر اچي ساهه پٽيندو ھو، ته ڪڏھن اسان گُڏي گُڏيءَ جي شادي به ڪرائيندا ھئاسين ان گليءِ جو اوچتو در بند ٿيو ته امي اندرين در مان ڏٺو ته ڪجهه ڇوڪرا آھن، جيڪي اچي لڪيا آھن. اميءَ سان گڏوگڏ، مون به ڏٺو ھو، انھن ھيسيل شاگردن کي، لانگ بوٽين کان لڪي اچي، ھنن پناھه ورتي ھئي، اھا چوٿين اپريل ھئي، جلسن جلوسن ۾ آيل شاگردن کي گرفتار ڪري ماريو پئي ويو.

اميءَ کين چيو، در کي اندران ڪڙو ھڻي ڇڏيو، ۽ کين چپ ڪري ويھڻ جو اشارو ڪري اندر ھلي وئي، پر مان کين ڏسندي رھيس، ھو زخمي ٿيل نوجوان ھئا، ھڪڙي جي پير مان رت وھي رھيو ھو ، ٻئي جي ھٿ ۾ ڪتاب ھو، ڪجهه رت  رڱيل پنا ھئا ، اخبار به ھئي، ھڪڙي جي ھٿ ۾ شايد پٿر به ھو، پير مٽي مٽي ھئا، بوٽ به پاتل ھين ته  پيرين اگهاڙا به ھئا، چھرا گھڻا ياد ناھن، پر ھڪڙي جا ناسي وار، ڀوريون اکيون، اڄ به ھانو ۾ کتل آھن ۽ سندس چيڪ واري برائون ۽ مرون شرٽ... ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺل ۽ ھيٺ ويٺل، اھي چھرا ياد آھن... سھڪندڙ...  ڊنل ھئا، الائي نه ياد ناھي، پر امي ڊنل ھئي، شايد جو کين چپ ڪري لڪي ويھڻ لاءِ چيو ھو.

مان بيٺي رهي ھيس. ابو اندران اچي ھنن ڇوڪرن کي پاڻي پيئاريو ۽ ملم پٽي به ڪئي ھئي، پوءِ ڇا ٿيو ياد ناھي. بس اھا تڪليفدھ گھڙي ۽ اھڙيون ٻيون به گهڻيون گھڙيون، ياد ڪري، لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ٿي اڄ به...

اوچتو رستي مان وري لانگ بوٽين جا گرجدار آواز ۽ شايد ڪجهه ماڻھن کي پڪڙي ورتئون جو اڀ ڏاريندڙ آواز گونجيا، ”جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو.“

ڀٽو!؟

ڀٽو صاحب!

ڪير ھو؟

ڏاڍو پنھنجو ھو

ڏاڍو ويجھو ھو

ڄڻ گھر جو ڀاتي

ڀٽو خاندان،

ڄڻ نئين ديري جي ھر گھر جو پنھنجو خاندان ، سڳو خاندان ھجي.

ان ڀٽي صاحب لاءِ ”جيئي ڀٽو“ جون صدائون، وفائون بڻجي جيئريون آهن. انھن جي دلين ۾ جن ڀٽي سان بي لوث محبت ڪئي، جن کي فقط ڀٽي سان عشق ھو، ڪنھن پارٽي، سيٽ طاقت يا تمغي يا نوڪريءَ جي گھرج نه ھئي.

يقيناً اھو 1979ع جو سال نه ھو، ڪو ٻيو سال ھو، پر ھئي ”اپريل جي چوٿين تاريخ“، پر ان سال کان پوءِ به ڪيئي سال، منھنجي نئين ديري ۾ ايئن ٿيندو رھيو.

منھنجي سانڀر ۾ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا، اھي ٽاڪوڙا ٿيندا رهيا ھئا، ھڙتالون ، جلسا جلوس، گوليون ڪرفيو، آھون، سڏڪا، ڳوڙھا، ڳوڙها گيس..؟

آنسو گيس ڇا ھوندي آھي؟پڇندي ھئس؟ ڦٽڪا ڪوڙا سڀ ان وقت ٻڌا ھئا، جن جو وهنوار ھلندو ھو، سنڌي ماڻھن سان، ڀٽي جي عاشقن سان، نئين ديري ڏي ايندڙن سان.

منھنجي شھر ۾ اھي انياءَ ٿيندا رھندا ھئا، ڳڙھي خدا بخش ڀٽي کان نئين ديري تائين، نوجوان، ٻڍا ٻار توڙي عورتون، ڀٽي صاحب جي لافاني محبت ۾ ھر چوٿين اپريل تي روڊن رستن تي رڙندا ۽ روئندا هئا ۽ آمرن ھٿئون گھلي گھلي گرفتار ڪري، ڀٽي سان عشق جي ڏوھه ۾ عقوبتن جي زندانن جي حوالي ڪيا ويندا ھئا.

جيڪي رڳو نئين ديري جا نه، سموري سنڌ جا نه، پر پوري پاڪستان مان ايندڙ  ڀٽي جا عاشق ھوندا ھئا.

ڀٽو صاحب...

سال..

تاريخون...

ننڍپڻ...

ڦاسي..

 ڦاسي، خبر نه ھئي ته اھا ڪھڙي بلا آهي ؟

پر يقينن ڪا بلا ھئي، جو ابو اميءَ کي روئندي ڏٺو ھو، تڙپندي ڏٺو ھو.

امي ته چپ ۾ پر ابوءَ کي اوڇنگارون ڏيئي روئندي ڏٺو ھو.

”ظالمن ڀٽي صاحب کي نيٺ ڦاسي ڏئي ڇڏي.“

نه ڦاسي جي خبر ھئي نه ڀٽي صاحب جي، پر اھا پڪ ھئي ته ابو اميءَ جي ڪنھن مائٽ کي ماريو ويو آهي، جيڪو سڀني کي پيارو ھو.

اڄ ڀليءَ ڀت ڄاڻان ٿي ته اھو نئين ديري جي ھر گھر جو ڀاتي ھو، چوٿين اپريل تي نئين ديري جي ھر گھر ۾ تڏو ھو، پٿر ھو، ھر ڪو ھڪٻئي سان پيو عذر خواهي ڪري، ھر ڪو ھڪٻئي کي ڀاڪر پائي رنو ھو. منھنجو سڄو سارو نئون ديرو ماتم ۾  ڪيئي سال رھيو.

اھو ماتم، ڪڏھن ختم نه ٿيو...

شاھنواز ڀٽي جي شھادت، مون کي ياد ناھي،پر مرتضيٰ ڀٽي جي ڪيئن وسرندي؟

مرتضيٰ جي شھادت جي خبر، صوفي تي ڍُرڪندي سڏڪا ڀريندي ابوءَ ڏني ھئي، مون کي ابوءَ جا اھي جملا ياد آھن:

”مرتضي کي به شھيد ڪري ڇڏيئون! ڀيڻ جي ئي حڪومت ۾، ان کي ڦاسائڻ لاءِ، ايڏي ڪريل راند؟؟؟“

ٻيو جملو: ”بي بيءَ تي ڇا گذرندي؟ بيگم صاحبه ھي صدمو ڪيئن سھندي؟“

پوءِ وري نئين ديري ۽ آس پاس جا سڀئي ننڍا وڏا شھر ۽ ڳوٺ صدمي جي سيلاب ھيٺ اچي ٻڏي ويا ھئا.

اسان ڪير به ھجون، ڪاٿي به ھجون، پارٽيءَ سان، پاليسين سان، سياست سان، اسان جو ڇا؟ نظرياتي اختلاف ڀلي ھجن، سھمت ھجئون نه ھجئون، پر ڀٽو صاحب ۽ بي بي ڄڻ ته اسان جا سڳا ھجن، رت جي رشتن جيئن.

ڀلي پارٽيءَ وارن وٽ ڀٽو زنده نه ھجي، پر ڀٽو صاحب، انھن سڀني ماڻھن جي دلين ۾ ھاڻي به زندھه آھي، جيڪي ھن کي پنھنجو پيارو پنھنجو ڀاتي سمجھن ٿا.

ڀٽو صاحب ۽ چوٿين اپريل اسان کان ڪڏهن به نه وسرندا.

اختلاف پنھنجي جاءِ تي، پر اھي محبتون ڪيئن مِٽجن؟ جنھن انسان  جو ذڪر، پنھنجي ابي امڙ کان ايئن ٻڌو آهي، ڄڻ ته ھن سان سوين ملاقاتون ٿيون ھجن، بي بي سان ته ملاقات ھئي، پر مان ڀٽي صاحب سان يقيناً ناھيان ملي، پر لڳندو آهي ته ملي آھيان.

منھنجي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر خالده سانگيءَ ڪنھن عيد تي ڀٽي صاحب سان ھٿ ملايو ھو، ڀٽي صاحب سندس مٿي تي شفقت وارو ھٿ رکيو هو.

ھوءَ جڏھن اھو ٻڌائيندي آهي ته مان کيس حسرت مان ڏسندي آهيان.

ابوءَ جون ڪيئي ملاقاتون ھيون ڀٽي صاحب سان، ڇو جو ھو پنھنجي ڳوٺائين جو ساٿي ھو، ابوءَ جو دوست ھو، ھُو ھر ڪنھن جو دوست هو، ڀاءُ ھو، منھنجو سڳو چاچو مامو ھو، مون جيان ھر ڪنھن جو پنھنجو رت جي رشتي ۾ ويڙهيل تعلق ھو ۽ اڄ به آھي .

ننڍپڻ جون اڻ ڳڻيون شامون، ڀٽي صاحب جي بنگلي جي آڳر ۾ ڊڪندي، کيڏندي، ڪڏندي گذريون هيون، جتي ابو امي ٻنھي سان گڏ وڃڻ ٿيندو ھو.

ڀٽي صاحب جي ڏک جو، شھادت جو، وڏي، پھرين گھر واريءَ (سڄي شھر جي بوئا شيرين، پر اسان کيس ممي سڏيندا ھئاسين) سان اھو تعزيت جو سلسلو ھو، ھڪ اڻپوري، اڌوري سنجھا ۽ ٽپھريءَ جھڙي اداس، ھيڊي ۽ ڌنڌلي روشنيءَ جھڙي ياد آهي، پيلن پاڇن جھڙي ڊگھي ۽ نه کٽندڙ ..

ڀٽي صاحب جو بنگلو...

وڏو پڌر ..

پڌر ۾ ھيٺ ڌرتيءَ تي کوڙ عورتون ويٺل...

مان اميءَ جي ڀر ۾ چپ چاپ ويٺل ۽ سامھون روئيندڙ ڪجهه عورتن کي حيرت مان ڏسڻ، مون کي ياد آهي، اھي عورتون انگريزيءِ ۾ روئي رھيون ھيون (اھو مون ان وقت سوچيو ھو ته انگريزيءَ ۾ روئڻ به سنڌيءَ وانگر ڇو ھوندو آھي؟) اھي انگريزياڻيون ھيون الائي نه، پر ھو ڏاڍيون اڇيون، گوريون ھيون، ھو سفيد رنگ جي شلوار قميص پھريل ھيون ۽ روئڻ ڪري، ھو گلابيءَ مان  وڌيڪ ڳاڙھيون ٿي ويون ھيون. ھنن جون اکيون نڪ ۽ چپ  تيز گلابي ۽ ڳاڙھا ھئا. سندن درد جي سونھن، مون کان ناھي وسري.

مان به رني ھئس يا نه؟ ياد ناھي....

پر امي  سڀني سان گڏ روئي رهي ھئي ۽ مون کي چئي رھي ھئي، ”وڃي ٻارن سان گڏ راند ڪر.“

پر مان ڪيئن پئي راند ڪري سگهيس؟ ھو، جيڪو اسان سڀني جو پنھنجو ھو ، جنھن سان جنم جنم جو رشتو جڙيل آهي

جيڪو نئين ديري جي ”ڀٽي صاحب جي بنگلي“ کان 70 ڪلفٽن تائين ڀلي ڪو ظاھري وجود رکي مٽجي ويو ھجي، پر اسان جي ابي امڙ وانگي ھيو، سندس چھري ۾ اڄ به اسان جي روح جون رڳون درد بڻجي ڌڙڪنديون آھن.

ڀٽي صاحب جي محبت منجهه چوٿين اپريل جو درد، من جي ماھتاب ۾  اڄ به اماوس جو ماتم ڪري رھيو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org